جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت اسراءَ

ٽوٽل آيتون: 111

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي.

  2. ۽ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو، جنهن کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت (جو سبب) ڪيوسون (۽ حڪم ڏنوسون) ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪارساز نه بڻايو.

  3. اي انهن جي اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙهيو. بيشڪ نوح شڪر گذار عبد هو.

  4. ۽ اسان بني اسرائيلن کي انهيءَ ڪتاب (توريت) ۾ کولي بيان ڪيو هو ته اوهين ماڻهو ضرور روءِ زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ وڏي سرڪشي ڪندو.

  5. پوءِ جڏهن انهن ٻنهي (ڀيرن) مان پهرين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا بندا (بخت النصر ۽ سندس فوج) توهان تي مسلط ڪيا پوءِ اهي اوهان جي گهرن ۾ گهڙي ۽ چڱي طرح قتل ۽ غارت ڪيائون ۽ خدا (جي عذاب) جو وعدو پورو ٿيو.

  6. وري اوهان کي انهن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد ۾ وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون.

  7. جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو پر جيڪڏهن برائي ڪندو ته (به) پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو (ته اسان طيطوس رومي کي اوهان تي مسلط ڪيو) ته جيئن اهي ماڻهو اوهان کي (ماري ماري) شڪل ڦيرائي ڇڏين (جو سڃاڻڻ ۾ به نه اچو) ۽ جيئن پهرين ڀيري مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙيا هئا وري گهڙن. جا شي هٿ لڳين سا چڱي طرح برباد ڪن.

  8. (هاڻي به جيڪڏهن آرام سان رهو ته) اميد آهي ته اوهان جو پروردگار (اوهان تي ترس ڪري ۽ جيڪڏهن (وري) اها ئي (شرارت) ڪندو ته اسين به (عذاب سان) موٽينداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيل خانو بنائي رکيو آهي.

  9. بيشڪ هيءُ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بلڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر (موجود) آهي.

  10. ۽ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.

  11. ۽ ڪڏهن انسان (لاچار ٿي پاڻ لاءِ) برائي (عذاب وغيره) لاءِ به ائين دعا گهري ٿو جيئن ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي.

  12. ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت جون) ٻه نشانيون ڪريون، وري رات جي نشاني (چنڊ) کي ڌنڌلو بڻايو ۽ ڏينهن جي نشاني (سج) کي روشن بڻايوسون ته (سڀ شيون ڏسڻ ۾ اچن) جيئن اوهين ماڻهو پنهنجي پروردگار جو فضل (روزگار) ڳوليو ڦرو ۽ جيئن اوهين ورهين جو ڳاڻاٽو ۽ حساب سمجهو (سوچيو). سڀ ڪنهن شي کي اسان کولي بيان ڪيو آهي.

  13. ۽ اسان سڀ ڪنهن ماڻهو جي ڳچي ۾ سندن عمل نامو لٽڪايو اٿئون (ته سندس قسمت ساڻ هجيس) ۽ قيامت جي ڏينهن ان کي سندس سامهون رکنداسون جو هو تنهن کي هڪ کليل ڪتاب ڏسندو.

  14. (۽ اسين کيس چونداسون) ته پنهنجو اعمال نامو پڙھ اڃ پنهنجو حساب وٺڻ لاءِ تون پاڻ ئي بس آهين.

  15. جنهن سڌي واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ ڪو به بار کڻندڙ ٻئي (جي گناھ) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب نٿا ڪريون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (حجت تمام ڪرڻ لاءِ) نه موڪليون.

  16. ۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن کي اطاعت ڪرڻ جو حڪم ڪيو سون ٿي، ته اهي نافرماني ڪرڻ لڳا. جڏهن اهو (ڳوٺ) عذاب جو مستحق ٿيو ته اسان ان کي چڱي طرح برباد ڪيو.

  17. ۽ نوح کان پوءِ (هن وقت تائين) اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪيون ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بس آهي. (۽ شاهد جي ضرورت نه آهي)

  18. جيڪو شخص دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گهرون (۽) جنهن لاءِ گهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ جهنم مقرر ڪريون ٿا، جنهن ۾ خوار ٿي داخل ٿيندو.

  19. جيڪو (آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ سڀ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي.

  20. (اي رسول) اسين هنن ۽ هنن سڀني جي پنهنجي پالڻهار جي ڏات سان مدد ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پالڻهار جي بخشش ته عام آهي ڪنهن تي بند نه آهي.

  21. (اي رسول) ڏس ته ڪيئن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ آخرت ۾ ته اڃا به وڏا درجا ۽ وڏي فضيلت آهي.

  22. ۽ ڏسو خدا سان گڏ ٻئي کي (سندس) شريڪ نه بنائجو! نه ته اوهين خوار، ذليل ويٺي جا ويٺا رهجي ويندو.

  23. ۽ تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن انهن مان هڪ يا اهي ٻئي تنهنجي سامهون ٻڍاپڻ کي پهچن (ڪنهن ڳالھ تي خفا ٿين) ته (خبردار انهن جي جواب ۾) اف به نه چئو ۽ نه انهن کي ڇڙٻ ڏيو ۽ (جيڪي چوڻو ٻڌڻو هجي ته) تمام ادب سان ڳالهايو.

  24. ۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نمائي ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! انهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهي مون کي ننڍي هوندي رحم ڪيو.

  25. ۽ اوهان جي دل جي ڳالھ اوهان جو پروردگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن اوهين (واقعي) نيڪ ٿيندو (ڀل سان انهن جي خطا ڪئي) ته بيشڪ اهو اوهان کي معاف ڪندو (ڇو ته) اهو ته توبه ڪرڻ وارن جو وڏو بخشڻ وارو آهي.

  26. ۽ قرابتدارن ۽ محتاج ۽ پرديسيءَ کي سندس حق ڏيو ۽ (خبردار) فضول خرچي نه ڪريو.

  27. ڇو ته فضول خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پالڻهار جو ناشڪري ڪندڙ آهي.

  28. ۽ جيڪڏهن تو کي پنهنجي پروردگار جي فضل (۽ ڪرم) جي انتظار ۾ جنهن جي تو کي اميد هجي (لاچار) انهن غريبن کان منهن موڙين ته نرميءَ سان کين سمجهائي.

  29. ۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري) پنهنجيءَ ڳچيءَ سان نه ٻڌ (يعني خرچ ڪرڻ کان هٿ نه روڪ) ۽ نه ان کي بلڪل کول جو سڀ ڪجھ ڏئي ڇڏين! نه ته ملامت ڪيل پشيمان ٿيو ويهي رهين.

  30. بيشڪ تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ گهري ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ جنهن جي چاهي ٿو تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.

  31. ۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناھ آهي.

  32. ۽ ياد رکو زنا جي ويجهو به نه وڃجو ڇو ته اهو بي حيائي جو ڪم آهي ۽ تمام بري عادت آهي.

  33. ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي قتل نه ڪريو جنهن جو (قتل ڪرڻ) خدا حرام ڪيو آهي. مگر جائز طو تي (شريعت جي فتوى سان) ۽ جو شخص ناحق ماريو وڃي تنهنجي وارث کي اسان (بدلي وٺڻ جو) اختيار ڏنو آهي. ان کي گهرجي ته (مقتول جي بدلي وٺڻ) ۾ زيادتي نه ڪري. بيشڪ کيس مدد ڏني ويندي (ته قتل ڪري معاف نه ڪري)

  34. ۽ يتيم جيستائين جوانيءَ کي پهچي سندس مال جي ويجهو به نه وڃو. پر هاءُ! هن ريت جو (يتيم جي حق ۾) چڱو هجي. ۽ انجام (اقرار) کي پورو ڪريو ڇو ته (قيامت ۾) انجام بابت ضرور پڇا ٿيندي.

  35. ۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو ۽ سنئين ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي (به) گهڻي چڱي آهي.

  36. ۽ جنهن (ڳالھ) جي توهان کي خبر نه آهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (ڇو ته) ڪن ۽ اکين ۽ دل انهن سڀني بابت (قيامت ۾) ضرور پڇا ٿيندي.

  37. ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هلو، ڇو ته اوهين (پنهنجي اهڙي چال سان) زمين کي هرگز ڦاڙي نه سگهندو ۽ نه (وري سيٽجي هلڻ ڪري) ڊگهائيءَ ۾ جبلن کي پهچي سگهندو.

  38. (اي رسول) انهن سڀني ڳالهين مان جا ڳالھ بڇڙي آهي سا تنهنجي پروردگار وٽ ناپسند آهي.

  39. اهي ڳالهيون حڪمت جي انهن ڳالهين مان آهن جيڪا تنهنجي پالڻهار تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه ٺهرائي. نه ته ملامت ڪري تڙي تو کي دوزخ ۾ وڌو ويندو.

  40. (اي مڪي جا مشرڪو!) ڇا پوءِ اوهان جي پالڻهار اوهان کي (ته) پٽن لاءِ چونڊيو آهي ۽ ملائڪن مان (پاڻ لاءِ وري) ڌيئرون ورتيون اٿس؟ بيشڪ اوهين تمام (سخت) ڳالھ ڪريو ٿا.

  41. ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح سمجهايو آهي ته جيئن اهي ڌيان ڪن. هوڏانهن انهيءَ ڳالھ کان سندن نفرت وڌي ٿي.

  42. (اي پيغمبر) چئو ته سندن چوڻ موجب ان سان گڏ ٻيا معبود به هجن ها ته ان ئي وقت اهي عرش جي مالڪ تائين پهچڻ جو رستو ڳولين ها.

  43. جيڪي بيهوده ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا جي نسبت) چوندا آهن، اهو انهن کان گهڻو بلند ۽ پاڪ آهي.

  44. ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجھ به انهن ۾ آهي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ (سموري جهان ۾) ڪا به شي اهڙي نه آهي جيڪا سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان نٿي ڪري پر اوهين انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نٿا سمجهو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي.

  45. ۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهن جي وچ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ هڪ پردو وجهي ڇڏيون ٿا.

  46. ۽ (ڄڻ ته) اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته ان کي نه سمجهن ۽ ڄڻ ته سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا) ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي پروردگار جو اڪيلو ذڪر ڪرين ٿو ته نفرت سان پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا.

  47. جڏهن اهي تنهنجي ڳالھ ڪن لائي ٻڌن ٿا ته جنهن (ارادي) سان ٻڌن ٿا تنهن کي اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ۽ جڏهن اهي پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا ته ان وقت اهي ظالم (ايماندارن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙي شخص جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيل آهي.

  48. (اي رسول) ڏس ته انهن (ڪمبختن) تو لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪيا اٿن پوءِ اهڙا گمراھ ٿيا آهن جو رستو لهي نه ٿا سگهندا.

  49. ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان جون مرڻ کان پوءِ (ڳري سڙي) هڏيون بچنديون ۽ ذرا ذرا ٿي وينديون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسون؟

  50. (اي رسول) چوين ته اوهين (مرڻ کان پوءِ) چاهي پٿر ڇو نه بڻجو يا لوھ.

  51. يا ٻي ڪا شي جيڪا اوهان جي خيال ۾ (سخت ۾) سخت هجي (۽ ان جو جيئرو هجڻ ڏکيو هجي اها به ضرور جيئري ٿيندي) ته پوءِ اهي ماڻهو تو کان پڇندا ته (ڀلا) اسان کي ٻيو ڀيرو ڪير جيئرو ڪندو. تون کين چئو ته اهو خدا جنهن اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو (جڏهن اوهين ڪجھ به نه هئا) پوءِ تنهنجي اڳيان ڪنڌ لوڏيندا! ۽ چوندا ته اهو ڪڏهن ٿيندو؟ تون چوين ته اميد آهي ته جلد ئي ٿيندو.

  52. جنهن ڏينهن اوهان کي خدا (اسرافيل جي ذريعي) سڏيندو ته سندس حمد ۽ ثنا ڪندي ان جي تعميل ڪندو (۽ قبرن مان نڪرندو) ۽ اوهين خيال ڪندو ته (مرڻ کان پوءِ قبرن ۾) تمام ٿورو ترسياسون.

  53. ۽ (اي رسول) منهنجي (سچن) ٻانهن (مومنن) کي چئو ته اهي (ڪافرن سان) ڳالهائين ته چڱي نموني ۾ (سخت ڪلامي نه ڪن) ڇو ته شيطان ته (اهڙين ئي) ڳالهين سان فساد وجهائيندو آهي. ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي.

  54. اوهان جو پروردگار اوهان جي حال کان چڱي طرح واقف آهي. جي گهرندو ته اوهان تي عذاب ڪندو. ۽ (اي رسول) اسان تو کي ڪو انهن ماڻهن جو ذمه دار (ته) بنائي ڪو نه موڪليوو آهي.

  55. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين تي آهن (سڀ ڪنهن کي) تنهنجو پروردگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اسان پڪ هڪڙن نبين کي ٻين (نبين) تي فضيلت ڏني ۽ اسان ئي دائود کي زبور عطا ڪيو.

  56. (اي رسول) تون کين چئو ته خدا کان سواءِ ٻين جن کي به اوهين معبود سمجهو ٿا تن کي (وقت پوڻ تي) سڏي ته ڏسو جي نه ته اوهان کان اوهان جي تڪليف ئي پري ڪري سگهن ٿا ۽ نه ان کي بدلائي سگهن ٿا.

  57. اهي ماڻهو مشرڪ جنهن جي (پنهنجو خدا سمجهي) پوڄا ڪن ٿا اهي خود پنهنجي پروردگار جي قرب جا ذريعا ڳوليندا وتن ٿا (ڏسون) هنن مان ڪير وڌيل قرب رکي ٿو پڻ سندس رحمت جي اميد ڪري ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجي پروردگار جو عذاب ڊڄڻ جي شي آهي.

  58. ۽ ڪا به بستي اهڙي نه آهي پر ڏينهن قيامت کان اڳ اسين ان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏينداسون (يا نافرمانيءَ جي سزا ۾) ان تي وڏي کان وڏو عذاب ڪنداسون، ۽ اها ڳالھ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکجي چڪي آهي.

  59. ۽ اسان فقط ان ڪري معجزا نه ٿا موڪليون جو اڳين (امتن) انهن کي ڪوڙو ڪيو (نه مڃائون) ۽ اسان ثمود کي (معجزي سان) ڏاچي عطا ڪئي (جيڪا اسان جي قدرت) ڏيکارڻ واري هئي ته انهن ماڻهن ان تي ظلم ڪيو (تان جو کيس ماري ڇڏيائون) ۽ اسين ته معجزا رڳو ڊيڄارڻ لاءِ (ئي) موڪليندا آهيون.

  60. ۽ (اي رسول) اهو وقت به ياد ڪر جڏهن تو کي اسان چيو هو ته تنهنجي پروردگار ماڻهن کي (هر طرف کان) روڪي ڇڏيو هو (جو تنهنجو ڪجھ به نقصان ڪري نه سگهندا) ۽ اسان جيڪو خواب تو کي ڏيکاريو هو ته رڳو ان کي ماڻهن (جي ايمان) جي امتحان (جو ذريعو ڪيو) هو ۽ (اهڙي طرح) اهو وڻ جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي ۽ جيتوڻيڪ انهن ماڻهن کي اسين (هر طرح سان) ڊيڄاريون ٿا پر اسان جو ڊيڄاريو سندن سخت سرڪشي کي اڃا به وڌائي ٿو.

  61. ۽ جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي هو (غرور سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙي شخص کي سجدو ڪريان جنهن کي تو مٽي مان پيدا ڪيو.

  62. ۽ (وڏائيءَ مان) چيائين، ڀلا ڏس ته سهي! هي اهو شخص آهي جنهن کي تو مون تي فضيلت ڏني آهي، جيڪڏهن تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏين ته آءُ (وڏي واڪي چوان ٿو ته) ٿورڙن کان سواءِ هن جي نسل جي پاڙ پٽيندو رهندس.

  63. خدا فرمايو ته وڃ! (نڪر) انهن مان جو شخص تنهنجي تابعداري ڪندو ته (ياد رهي ته) اوهان سڀني جي سزا دوزخ آهي ۽ اها به پوري پوري سزا آهي.

  64. ۽ انهن مان جنهن تي پنهنجي (چاپلوسيءَ) سان قابض ٿئين تنهنجا پير اکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙن سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ (سندن) مالن ۽ اولادن ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان (ڪوڙا) انجام ڪر ۽ شيطان ڌوڪي کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نه ٿو ڪري.

  65. بيشڪ جي منهنجا (خاص) عبد آهن تن تي تنهنجو زور (هلي) نه ٿو (سگهي) ۽ ڪارسازيءَ ۾ تنهنجو پروردگار ڪافي آهي.

  66. (انسانو) اوهان جو پروردگار (اهو قادر مطلق آهي) جيڪو سمنڊ ۾ اوهان جي لاءِ جهازن کي هلائي ٿو ته جيئن اوهين سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪريو. ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو توهان تي وڏو مهربان آهي.

  67. ۽ جڏهن سمنڊ ۾ ڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ته جن جي اوهين پوڄا ڪندا هئا غائب ٿي ويا رڳو اهو ئي (هڪ خدا ياد رهي ٿو) ۽ جڏهن خدا توهان کي چوٽڪارو ڏئي خشڪيءَ تائين پهچايو ته وري اوهان ان کان منهن موڙ ڪئي. ۽ انسان وڏو ناشڪرو آهي.

  68. ته ڇا اوهان کي اهو به يقين ٿي ويو ته اهو، اوهان کي خشڪيءَ ڏي آڻي (قارون وانگر) زمين ۾ ڏسي ڇڏي يا اوهان تي (لوط جي قوم وانگر) پٿرن جو مينهن وسائي پوءِ ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه لهندو.

  69. يا اوهان کي هن (ڳالھ) جي خاطري ٿي وئي آهي ته خدا وري اوهان کي ٻيو ڀيرو ان سمنڊ ڏي وٺي وڃي جنهن کان پوءِ هوا جو سخت طوفان موڪلي جيڪو (جهاز کي) ٽڪرا ٽڪرا ڇڏي پوءِ اوهان جي ڪفر جي سزا ۾ ٻوڙي ڇڏي پوءِ اوهين ڪنهين کي (اهڙو حمايتي) نه لهندو جيڪو اسان کان بدلو وٺڻ وارو هجي. (۽ اوهان کي ڇڏائي)

  70. ۽ اسان پڪ آدم جي اولاد کي عزت ڏني جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ انهن کي (جانورن ۽ ٻيڙين جي ذريعي) کڻي ڦرن ۽ کين سٺيو سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ۽ پنهنجي گهڻي مخلوقات کي انهن کي چڱي خاصي فضيلت ڏني.

  71. ان ڏينهن (کي ياد ڪريو) جڏهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن پيشوائن سان گڏ سڏاينداسون. ته جنهن جو نامه اعمال سندن سڄي هٿن ۾ ڏنو ويندو ته اهي ماڻهو (خوشي سان پنهنجو اعمال نامو پڙهڻ لڳندا ۽ مٿن تر جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.

  72. ۽ جو شخص هن دنيا ۾ (ڄاڻي واڻي) انڌو بڻيو رهيو ته اهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ (ڇوٽڪاري جي) رسي کان پري ڀٽڪيل هوندو.

  73. ۽ پڪ اهي ماڻهو گهرن پيا ته تو کي هن ڪلام کان هٽائين جيڪو اسان تو تي وحيءَ جي ذريعي نازل ڪيو هو ته جيئن (قرآني حڪم) کان سواءِ ٻي ڳالھ ڪڍين جيڪا حق نه هجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تو کي پنهنجو دوست بنائين ها.

  74. ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو مون تو کي ثابت قدم رکيو آهي ته تون انهن ڏي ڪجھ نه ڪجھ مائل ٿي پوين ها.

  75. ان وقت اسان تو کي زندگي ۽ موت ٻنهي جي عذاب جو مزو چکايون ها پوءِ تون پنهنجي لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو به مددگار نه لهين ها.

  76. ۽ اهي (مڪي جي) زمين مان تنهنجا پير اکيڙڻ لڳا ٿي هن لاءِ ته تو کي (شام ڏي) ڪڍن ۽ ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تنهنجي پٺيان ٿورن ڏينهن کان سواءِ ترسن به نه ها.

  77. تو کان اڳ جيترا (به) اسان رسول موڪليا آهن تن جو اهو ئي دستور رهيو آهي ۽ جيڪي دستور اسان جا (مقرر ڪيل) آهن تن ۾ تون ڪا ڦير گهير نه پائيندين.

  78. (اي رسول) سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ ٿيڻ تائين (ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا) نماز پڙهندو رھ! ۽ صبح جي نماز (به) ڇو ته صبح جي نماز تي (ڏينهن ۽ رات ٻنهي جي فرشتن جي) شاهدي ٿيندي آهي.

  79. ۽ رات جي خاص حصي ۾ نماز تهجد پڙهندا ڪريو اها سنت اوهان جي (خاص) فضيلت آهي. اميد آهي ته (قيامت جي ڏينهن) خدا تو کي مقام محود تائين پهچائي.

  80. ۽ هي دعا گهرندا ڪريو: اي پروردگار مون کي (جتي به) پهچائين چڱيءَ طرح پهچائي! ۽ مون کي (جتان به) ڪڍين ته چڱي طرح ڪڍ! ۽ مون کي خاص پنهنجي بارگاھ مان هڪ طاقتور مددگار ڏي.

  81. ۽ (اي رسول) چوين ته (دين) حق اچي ويو ۽ باطل (دين) نيست ۽ نابود ٿيو. ان ۾ شڪ نه آهي ته باطل ميٽجڻ وارو ئي آهي.

  82. ۽ اسين قرآن ۾ اها ئي ڳالھ نازل ڪندا آهيون جا مومنن جي لاءِ سراسر شفا ۽ رحمت آهي، پر نافرمانن کي ته نقصان کان سواءِ ڪجھ وڌائي ئي نٿو.

  83. ۽ جڏهن اسان انسان کي نعمت عطا ڪئي ته (الٽو) هن (اسان کان) منهن ڦيريو ۽ پاسيرو ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن کيس ڪا تڪليف به پهتي ته مايوس ٿي ويٺو.

  84. (اي رسول) چوين ته هر هڪ پنهنجي (پنهنجي) نموني تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ اوهان مان جنهن شخص جو به بلڪل سڌو رستو آهي، تنهنجو پروردگار (تنهن کان) چڱيءَ طرح واقف آهي.

  85. اي رسول! تو کان ماڻهو ”روح“ بابت پڇن ٿا. تون (کين) چئو ته ”روح“ منهنجي رب جي حڪم مان آهي. ۽ اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (جنهن جي حقيقت سمجهي نه سگهندو).

  86. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ته جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي سو (دنيا مان) کڻي وٺون. پوءِ ان جي ڪري تو کي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪو به ڀر جهلو نه ملندو.

  87. پر اها رڳو تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو هن ائين نه ڪيو) بيشڪ سندس تو تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي.

  88. (اي رسول! کين) چئو جيڪڏهن سموري دنيا جا) آدمي ۽ جن، هن ڳالھ لاءِ گڏ ٿين ته هن قرآن جهڙو مثال آڻيون ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ (ان ڪوشش ۾) انهن مان هڪڙا ٻين جا مددگار به ٿين.

  89. ۽ اسان ته ماڻهن جي (سمجهائڻ لاءِ) هن قرآن ۾ هر طرح جا مٿال ڦيرائي گهيرائي بيان ڪيا آهن. پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا.

  90. ۽ (اي رسول) مڪي جي ڪافرن تو کي چيو ته اسين تنهنجو چوڻ نه مڃينداسون جيستائين تون اسان لاءِ زمين مان هڪ چشمو نه وهائين!

  91. يا (اهو ته) تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو ڪو باغ هجي، جنهن وچ ۾ واھ وهائي.

  92. يا جيئن گمان رکو ٿا اسان تي آسمان کي ٽڪر (ٽڪر) ڪري ڪيرائي (ڏيکار) يا خدا ۽ فرشتن کي (پنهنجي ڳالھ جي سچائيءَ ۾ اسان جي اڳيان) شاهديءَ ۾ اچي بيهار،

  93. يا (وري) تنهنجي (رهڻ جي) لاءِ ڪو سونو محل هجي يا تون آسمان ۾ چڙهي وڃين، ۽ اسين تنهنجي چڙهڻ کي (تيسين) ڪڏهن به نه مڃينداسون جيسين اسان تي اهڙو ڪتاب (نه) لاهين جنهن کي اسين پاڻ پڙهيون. (اي رسول! کين) چئو ته سبحان الله! آءُ هڪ آدمي (خدا جي) رسول کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان (جو اهي بيهوديون ڳالهيون ڪريو ٿا.

  94. ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ کان رڳو هن ڳالھ روڪيو جو چيائون ته ڇا پيغام پهچائيندڙ هڪ ماڻهو (کي) موڪليو آهي.

  95. (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن زمين تي ملائڪ (رهيل هجن) ها ته جو اطمينان سان گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان فرشتي کي رسول بنائي موڪليون ها.

  96. (اي رسول) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ رڳو خدا ئي بس آهي. بيشڪ اهو پنهنجن بندن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.

  97. ۽ جنهن کي خدا هدايت ڪري سو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ته (ياد رکو!) پوءِ ان کانسواءِ ڪنهن کي سندس سرپرست نه لهندو! ۽ قيامت جي ڏينهن اسين انهن ماڻهن کي منهن ڀر اونڌا، انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا قبرن مان اٿارينداسون، انهن جي جاءِ جهنم آهي. جا جڏهن اجهائڻ لڳندي ته اسين انهن ماڻهن تي (کيس) وري ڀڙڪائي ڇڏينداسون.

  98. اها سزا سندن هن ڪري آهي جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته جڏهن اسين (مرڻ کان پوءِ ڳري سڙي) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسون ته ڇا اسين وري نئين سر بڻائي اٿاريا وينداسون.

  99. ڇا انهن ماڻهن هن تي به غور نه ڪيو ته اهو خدا جنهن سڀ آسمان ۽ زمين بنايا، ان تي بيشڪ قادر آهي ته انهن جهڙا وري ماڻهو ٻيهر پيدا ڪري ۽ هن سندن موت جو وقت مقرر ڪيو آهي. جنهن ۾ ذرو به شڪ (شبهو) نه آهي تڏهين به اهي ظالم انڪار ڪرڻ کان نه رهيا.

  100. (اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي رحمت جا خزانا به اوهان جي اختيار ۾ هجن ها تڏهن به اوهين خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان (کين) بند رکو ها. ۽ آدمي وڏو تنگدل آهي.

  101. ۽ اسان يقينا موسى کي ظاهر نو معجزا عطا ڪيا ته (اي رسول) بني اسرائيلن کان (اهو ئي) پڇي ڏس ته جڏهن موسى انهن وٽ آيو ته فرعون کيس چيو ته اي موسى! آءُ ته سمجهان ٿو ته تو تي ڪنهن جادو ڪري چريو ڪري ڇڏيو آهي.

  102. موسى چين! اوهين ايترو ته ضرور ڄاڻو ٿا ته هي معجزا آسمانن ۽ زمين جي پروردگار نازل ڪيا آهن (جيڪي ماڻهن جي) سمجهڻ جهڙا آهن. ۽ اي ...

  103. پوءِ فرعون هي پڪو ارادو ڪيو ته بني اسرئيلن کي سرزمين (مصر) مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته اسان فرعون ۽ جيڪي ماڻهو ان سان گڏ هئا، سڀني کي ٻوڙي ماريو.

  104. ۽ تنهن کان پوءِ اسان بني اسرائيلن کي چيو ته (هاڻي اوهان ئي) هن ملڪ ۾ (چڱي طرح مزيءَ سان) رهو ڪريو. پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو اچي پهچندو ته اسين اوهان سڀني کي گڏ ڪري آڻينداسون.

  105. ۽ (اي رسول) اسان هن قرآن کي برحق نازل ڪيو ۽ بلڪل حق سچ سان نازل ٿيو. ۽ تو کي اسان (جنت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو رسول بنائي موڪليو آهي.

  106. ۽ اسان قرآن کي هن لاءِ ٿورو ٿرور ڪري نازل ڪيو جو تون ماڻهن جي اڳيان (ضرورت آهر) مهلت ڏئي ان کي پڙهندو ڪر ۽ (ان ڪري ئي) اسان هن کي آهستي آهستي ڪري نازل ڪيو.

  107. تون چوين ته ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، بيشڪ جن کي ان کان اڳ (آسماني ڪتابن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کي اهو جڏهين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي کاڏين (منهن) ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا.

  108. ۽ چون ٿا ته اسان جو پالڻهار (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي. بيشڪ اسان جي پروردگار جو وعدو پورو ٿيڻو ئي هو.

  109. ۽ اهي ماڻهو (سجدي ڪرڻ لاءِ) رئندي کاڏين (منهن) ڀر ڪرن ٿا (۽ قرآن) سندن عاجزي وڌائي ٿو.

  110. (اي رسول! کين) چئو ته (اوهان جي مرضي) چاهي کيس الله (چئي) سڏيو يا رحمان (چئي) سڏيو هن جا ته سڀ نالا سٺي (کان سٺا) آهن. ۽ (اي رسول) پنهنجي نماز نه زور سان پڙھ ۽ نه بلڪل آهستي پڙھ، پر وچولي درجي جو طريقو اختيار ڪر.

  111. ۽ چئو ته سڀ ساراھ ان خدا جي لائق آهي جو پنهنجي لاءِ نه ته ڪا اولاد رکي ٿو ۽ نه ان جو (ساري جهان جي) بادشاهيءَ ۾ ڪو شريڪ ئي آهي ۽ نه ڪمزوريءَ جي ڪري سندس ڪو سرپرست آهي. ۽ ان جي چڱيءَ طرح وڏائي بيان ڪندا رهو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found