جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت نحل

ٽوٽل آيتون: 128

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي مڪي جا ڪافرو) خدا جو حڪم (قيامت ڄڻ ته) اچي پهتو ته (اي ڪافرو! بي فائدو) اوهين جن جي جلد اچڻ جي گهر نه ڪريو. الله پاڪ آهي ۽ انهن کان گهڻو مٿي آهي جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا.

  2. اهو پنهنجي حڪم سان پنهنجن عبدن مان جنهن ڏي گهري وحي سان ملائڪن کي موڪلي ٿو ته ماڻهن کي هن ڳالھ کان واقف ڪريو ته مون کان سواءِ ڪو به لائق عبادت نه آهي ته (مون کان ئي ڊڄندا رهو.

  3. انهيءَ سڀ آسمان ۽ زمين مصلحت ۽ حڪمت سان پيدا ڪيا. ته هي ماڻهو جنهن کي سندس شريڪ بنائين ٿا ان کان گهڻو بلند آهي.

  4. انهيءَ ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ هو، اجهو ظاهر جهڳڙالو ٿي پيو.

  5. ۽ هن چوپائي مال کي پيدا ڪيو اٿس، جن ۾ اوهان لاءِ (جسم کي) گرم رکڻ جو سامان ۽ (ٻيا ڪيئي) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.

  6. ۽ انهن ۾ اوهان جي (سونهن ۽) رونق آهي جنهن وقت (کين شام جو) وٿاڻ تي آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا.

  7. ۽ جن ڳوٺن تائين سواءِ وڏي تڪليف جي پهچي نه سگهو انهن تائي اهي چوپايا اوهان جو بار کڻي هلن ٿا. بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.

  8. ۽ ان گهوڙن، خچرن ۽ گڏهن کي به _پيدا ڪيو) ته جيئن اوهين انهن تي سوار ٿيو. ۽ ان ۾ زينت (به) آهي. (انهن کان سواءِ) ٻين شين کي به پيدا ڪندو جن کي اوهين نٿا ڄاڻو.

  9. ۽ (خشڪ ۽ تر ۾) سڌي راھ (جي هدايت) ته فقط خدا جي ذمي آهي ۽ ڪي رستا ڏنگا آهن. ۽ جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي.

  10. هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو جنهن مان پيو ٿا ۽ ان مان درخت سرسبز ٿين ٿا، جنهن ۾ (مال) چاريو ٿا.

  11. ان سان اوهان لاءِ پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جي ميون کي ڦٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ سوچيندڙن لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.

  12. ۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيو اٿس، ۽ تارا سندس حڪم سان (توهان جا) فرمانبردار آهن. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  13. ۽ جيڪي جدا جدا رنگن واريون شيون اوهان لاءِ زمين ۾ توهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيون اٿس ان م به نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.

  14. ۽ هو اهو آهي جنهن دريا کي (به اوهان جي) قبضي ۾ ڪيو ته جيئن اوهين ان مان (مڇن جو) تازو تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيورن (جون شيون جيئن موتي وغيره) ڪڍو جن کي اوهين پهريو ٿا ۽ تون ٻيڙيون ڏسين ٿو جي دريا ۾ پاڻي تي هلن ٿيون ۽ (دريا کي اوهان جي قبضي ۾) هن ڪري ڪيو ويو ته اوهين ماڻهو سندس فضل (واپار جي نفعي) جي تلاش ڪريو ۽ پڻ اوهين شڪر ڪريو.

  15. ۽ زمين ۾ (تمام ڳرا) جبل وڌا اٿس ته (ائين نه ٿئي جو) زمين اوهان سميت ڪنهن پاسي نه جهڪي (۽ اوهان ڏڪو) پڻ (ان) نديون ۽ رستا پيدا ڪيا ته جيئن اوهين واٽ لهو.

  16. (تنهن کان سواءِ رستن ۾) ڪيئي نشانيون (پيدا ڪيل) آهن. ۽ ڪيترائي ماڻهو ستارن (سان به) رستو سڃاڻن ٿا.

  17. ته ڇا! جيڪو (خدا ايترين شين کي) پيدا ڪري ٿو سو انهن (بتن) جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. ته ڇا اوهين (ايتري ڳالھ به) نٿا سمجهو؟

  18. ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي نعمتن کي ڳڻڻ گهرو (ايتريون ته آهن جو) انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. (جو اوهان جي نافرماني تي به نعمتون ڏئي ٿو).

  19. ۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا (مطلب ته) خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.

  20. ۽ (اهي ڪافر) خدا کي ڇڏي جن (بتن) کي (حاجت وقت) سڏين ٿا اهي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن (پر) اهي پاڻ (ٻين جا) بنايل آهن.

  21. اهي مئل بي جان آهن ۽ ايتري به خبر نه اٿن ته ڪڏهن قيامت ٿيندي ۽ مئل ڪڏهين (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا. (پوءِ اهي ڪهڙي ڪم جا ٿيا؟

  22. اوهان جو خدا هڪڙو ئي معبود آهي ته جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن تن جون دليون ئي (اهڙي قسم جون آهن جيڪي هر ڳالھ جو) انڪار ڪن ٿيون ۽ اهي وڏا مغرور آهن.

  23. اهي ماڻهو جيڪي لڪائي ڪن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا ضرور ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ڪڏهن به وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.

  24. ۽ جيڪڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اوهان جي پالڻهار ڇا نازل ڪيو آهي؟ ته چون ٿا ته (ڪجھ به نه بس رڳو) اڳين جا قصا آهن. (کين بڪڻ ڏي)

  25. ته جيئن قيامت جي ڏينهن، پنهنجي (گناهن جا) سمورا بار ۽ جن ماڻهن کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي گمراھ ڪيو آهي تن جي (گناهن جو) بار به کين ئي کڻڻو پوندو. ٿورو ڏسو ته اهي ماڻهو ڪهڙو نه بڇڙو بار پاڻ تي کنيون ٿا وتن.

  26. بيشڪ جيڪي انهن کان اڳي هئا (تن به وڏيون) مڪاريون ڪيون پوءِ خدا (جو حڪم) سندن بنايل (مڪارين جي نياد تي پيو. (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهيءَ (خيالي عمارت جي) ڇت انهن جي مٿان ڌو ڪري پئجي رهي (ته سڀئي خيال اڏامي وين (۽ جنهن پاسي مٿن عذاب آيو تنهن جي کين خبر به نه هئي.

  27. (نه رڳو ايترو پر) تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن خدا کين خوار ڪندو ۽ فرمائيندو ته (هاڻي ٻڌايو) جنهن کي اوهان منهنجو شريڪ بنايو هو ۽ جن جي باري ۾ اوهين) ايماندارن سان جهڳڙو ڪندا هئا! سي ڪٿي آهن؟ (اي ڇا جواب ڏيندا! پر) جن ماڻهن کي (خدا جي طرفان) علم ڏنو ويو آهي، چوندا ته اڄوڪي ڏينهن خواري ۽ خرابي (سڀ ڪجھ) ڪافرن تي ئي آهي.

  28. هي اهي آهن جو جڏهن فرشتا سندن روح قبض ڪرڻ لڳندا آهن (۽) اهي (ڪفر ڪري ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا ته اطاعت تي آماده ٿيندڙ نظر اچن ٿا (۽ چون ٿا) اسين ته (پنهنجي خيال ۾) ڪا به برائي ڪين ڪندا هئاسون (ته فرشتا کين چون ٿا) هاءُ! جيڪي اوهان جا ڪڌا ڪرتوت هئا، خدا تن کان بلڪل ڇڱيءَ ريت واقف آهي.

  29. (چڱو! هاڻي هلو) دوزخ جي دروازن ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ان ۾ هميشه رهندو! نيٺ وڏائي ڪندڙن جو ڪهڙو (نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي.

  30. ۽ جڏهن پرهيزگارن کان پڇيو ويو ته توهان جي پروردگار ڇا نازل ڪيو آهي؟ چون ٿا ته سڀ سٺي کان سٺو. جن ماڻهن نيڪي ڪئي تن لاءِ هن دنيا ۾ (به) ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي ۽ آخرت جو گهر ته (تن لاءِ) چڱو ئي آهي. ۽ پرهيزگارن جو (آخرت وارو) گهر ڪهڙو (نه) سٺو آهي.

  31. اهي سدا بهار (ساوا ساوا) باغ آهن جن ۾ (يڪدم) وڃي پهچندا جن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ اهي جيڪي چاهيندا تن لاءِ موجود آهي. اهڙي طرح خدا پرهيزگارن کي (سندن نيڪ ڪمن) جي جزا عطا فرمائييندو.

  32. هي اهي ماڻهو آهن جن جا روح فرشتا اهڙي حالت ۾ قبض ڪن ٿا جو اهي (ڪفر جي نجاست کان) پاڪ صاف هوندا آهن ته فرشتا کين (تمام خوشيءَ مان) چون ٿا سلام عليڪم جيڪي (نيڪيون دنيا ۾) اوهين ڪندا هئا تنهن جي عوض جنت ۾ (بي ڌڙڪ) هليا وڃو.

  33. (اي رسول) ڇا هي (اهل مڪه) هن ڳالھ جا منتظر آهن ته انهن ڏي (روح قبض ڪرڻ لاءِ) فرشتا اچي رسن يا (هلاڪ ڪرڻ جو) تنهنجي پروردگار جو عذاب ئي اچي وڃين. جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن سي اهڙيون ڳاليهون ڪري چڪا آهن ۽ خدا مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو خود (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.

  34. پوءِ جي جي ڪڌا ڪرتوت سندن هئا تن جي سزا ۾ برا نتيجا کين مليا ۽ جنهن (عذاب تي) ٽوڪ ڪندا هئا تنهن کين (چئني پاسن کان) اچي ورتو.

  35. ۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه ئي اسين ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه اسين سندس (مرضي) کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام ڪريون ها، اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن اهي به اهڙا (حيلا بهانا) ڪري چڪا آهن ته (ڀلي چون) پيغمبرن تي هن کان سواءِ ته (اهي) احڪام کي صاف صاف ٻڌائين، ٻيو ڪجھ به (بار) نه آهي.

  36. ۽ اسان هر امت ۾ هڪ (نه هڪ) رسول ضرور موڪليو (ته اهي ماڻهن کي چوي) ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ بتن جي (پوڄا پاٽ) کان بڇندا رهو. مطلب ته انهن مان ڪن جي ته خدا هدايت ڪئي ۽ ڪن (جي سر) تي گمراهي سوار ٿي ويئي. ته ٿورو اوهين روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (خدا جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.

  37. (اي رسول) جيڪڏهن تو کي انهن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي تمنا آهي (ته اجائي آهي ڇو ته) خدا ڪڏهين به ان شخص جي هدايت نه ڪندو جنهن کي (نا اهل هئڻ سبب) گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ نه انهن جو ڪو به مددگار آهي. (جو عذاب کان بچائين)

  38. ۽ اهي ڪافر خدا جا (جيترا) قسم کڻي سگهن ٿا ته جو شخص مري وڃي ٿو ان کي خدا ٻيهر جيئرو نه ڪندو. (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ ضرور جيئرو ڪندو) هن تي پنهنجي وعدي (جي وفا ڪرڻ) لازمي ۽ ضروري آهي پر ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن.

  39. ته (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪرڻ هن ڪري ضروري آهي جو) جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو (پاڻ ۾) اختلاف ڪندا آهن تن کي سندن سامهون صاف صاف کوليندو ۽ جيئن ڪافر ڄاڻن ته اهي (دنيا ۾) ڪوڙا ڪاذب هئا.

  40. اسين جڏهن ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪريون ٿا ته اسان جو چوڻ ان لاءِ هي هوندو آهي ته اسين چوندا آهيون ته ٿي ته يڪدم ٿي پوندي آهي. (ته مئلن کي جيارڻ به ڪا ڳالھ آهي!)

  41. ۽ جن ماڻهن (ڪافرن جا) ظلمن تي ظلم سهڻ کان پوءِ خدا جي خوشيءَ لاءِ (گهر بار ڇڏي) هجرت ڪئي اسين انهن کي ضرور دنيا ۾ به سٺي جاءِ تي وهارينداسون ۽ آخرت جي جزا ته ان کان گهڻو سٺي آهي. ڪاش! اهي ماڻهو (آخرت جو ثواب) ڄاڻن ها.

  42. جن (خدا جي راھ ۾ سختين تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ئي ڀروسو رکن ٿا.

  43. ۽ (اي رسول) تو کان اڳ ۾ آدمين کي ئي پيغمبر بڻائي (بڻائي) موڪليوسين ته (تون مڪي وارن کي چئو ته) جيڪڏهن اوهين پاڻ نٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر (عالمن کان) پڇو.

  44. (۽ انهن پيغمبرن کي موڪليوسين به ته) روشن دليلن ۽ ڪتابن سان ۽ تو ڏي قرآن نازل ڪيل آهي ته جيئن جيڪي حڪم ماڻهن لاءِ نازل ڪيا ويا آهن تون انهن کي کولي بيان ڪر ته جيئن اهي پاڻ غور فڪر ڪن.

  45. ته ڇا جيڪي ماڻهو وڏيون وڏيون مڪاريون (شرڪ وغيره) ڪندا هئا تن کي هن ڳالھ جي دلجاءِ ٿي وئي آهي (۽ ڪو ڊپ نه آهي) ته خدا کين زمين ۾ ڌٻي ڇڏي يا اهڙي پاسي کان مٿن عذاب اچي جنهن جي کين خبر نه پوي.

  46. يا سندن گهمندي ڦرندي (خدا جو عذاب) کين پڪڙي ته اهي ماڻهو ان کي زير ڪري نٿا سگهن.

  47. يا اهي عذاب کان ڊڄندا هجن ته (ان حالت ۾ کين پڪڙ ڪري. بيشڪ تنهنجو پروردگار گهڻي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  48. ڇا انهن ماڻهن خدا جي مخلوقات مان ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺي آهي جنهن جو پاڇو ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي پاسي ٿيندو آهي جو (ڄڻ ته) خدا جي اڳيان سر بسجود آهن ۽ سڀيئي اطاعت جو اظهار ڪن ٿا.

  49. جيتريون شيون (سج، چنڊ ۽ ستارا وغيره) آسمانن ۾ آهن ۽ جيترا ساھ وارا زمين ۾ آهن، سي سڀ خدا جي ئي اڳيان سر نوايل آهن ۽ فرشتا ته (آهن ئي) ۽ اهي (خدا جي حڪم سان) سرڪشي نٿا ڪن.

  50. (۽) پنهنجي پروردگار سان جو انهن کان (گهڻو) برتر ۽ اعلى آهي ڊڄن ٿا ۽ جو حڪم (کين) ڏنو وڃي ٿو يڪدم پورو ڪن ٿا.

  51. پڻ خدا فرمايو هون ته ٻه معبود نه بڻايو. معبود ته اهو ئي اڪيلو (خدا) آهي ته فقط مون کان ئي ڊڄندا رهو.

  52. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ (جيڪي) زمين ۾ آهي (مطلب ته) سڀ ڪجھ انهيءَ جو ئي آهي ۽ خالص فرمانبرداري (سدائين) ان جي (لازم) آهي ته ڇا اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان ڊڄندا آهيو؟

  53. ۽ جيتريون نعمتون اوهان سان آهن سي (سڀئي) خدا جي طرف کان ئي آهن. پوءِ جڏهن اوهان کي (ڪا به) تڪليف وٺي ٿي ته اوهين ان جي اڳيان فرياد ڪرڻ لڳو ٿا.

  54. وري جڏهن اهو اوهان کان تڪليف پري ڪري ٿو ته يڪدم اوهان مان ڪجھ ماڻهو پنهنجي پروردگار جو شريڪ بنائين ٿا.

  55. ته جيئن (جيڪي نعمتون) اسان کين ڏنيون آهن تن جي ناشڪري ڪن، ته خير دنيا جا (ٻه تي ڏينهن) مزا وٺو. پوءِ ته جلد اوهان کي خبر پئجي ويندي.

  56. ۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي ان مان هي ماڻهو (انهن بتن جو) حصو به مقرر ڪن ٿا تنهن جي حقيقت کي به نٿا ڄاڻن. ته خدا جو (پنهنجو) قسم ته اوهين جيڪي ٺاھ ٺاهيو پيا تنهن بابت (قيامت ۾) اوهان کان ضرور پڇيو ويندو.

  57. ۽ اهي ماڻهو خدا جي لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا، (سبحان الله) اهو ان کان بلڪل پاڪ صاف آهي ۽ پنهنجي لاءِ (وري پٽ!) جي وڻندڙ آهن.

  58. ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائجي ته ڏک مان سندس منهن ڪارو ٿو وڃي ٿو. ۽ اهو ڄڻ زهر جهڙو ڍڪ پي ڍڪر ۾ اچي ٿو.

  59. (ڌي جي) عار کان جنهن جي کيس خوشي خبري ڏني ويئي آهي، قوم جي ماڻهن کان پيو لڪندو ڇپندو. (۽ پيو سوچيندو) ته ڇا ڪري! خواري (سر تي) کڻي کيس جيئرو ڇڏي يا کيس (جيئرو ئي) زمين ۾ پوري ڇڏي. (ڏسو ته! اهي ڪهڙو نه بڇڙو حڪم لڳائين ٿا.

  60. بڇڙيون ڳالهيون ته انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ مناسب آهن جي آخرت جو يقين نٿا رکن. ۽ خدا جي شان جي لائق ته اعلى صفتون آهن (الوهيت ربوبيت) ۽ اهو ئي ته غالب (۽) حڪيم آهي.

  61. پر جيڪڏهن خدا پنهنجي ٻانهن جي نافرمانين (۽ بي ادبين) جي پڪڙ ڪري ها ته هوند! روءِ زمين تي ڪنهن هڪ ساھ واري کي به نه ڇڏي ها. مگر هو ته هڪ مقرر وقت تائين انهن سڀني کي مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته هڪ گهڙي پٺتي ويندا ۽ نه اڳتي وڌي سگهندا.

  62. ۽ اهي خدا جي لاءِ هي شيون مقرر ڪن ٿا جن کي پاڻ (به) پسند نٿا ڪن. پڻ پنهنجي زبان سان هيءَ ڪوڙي دعوى ته (آخرت ۾ به) انهن لاءِ چڱائي آهي (چڱائي ته نه آهي پر) هاءُ هنن جي لاءِ دوزخ جي باھ ضرور آهي ۽ اهي ئي سڀني کان اول (ان ۾ اڇليا ويندا.

  63. (اي رسول) خدا جو (پنهنجو) قسم تو کان اڳ اڳين امتن ڏي ڪيئي پيغمبر ويا ته شيطان سندن ڪرتوت سٺا ڪري ڏيکاريا، ته اهو ئي اڄ به سندن سرپرست بڻيل آهي. جيتوڻيڪ هنن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  64. ۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) ته هن ڪري نازل ڪيو ته جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو پاڻ ۾ اختلاف (وڙهن) ڪن ٿا تنهن کي کولي صاف صاف بيان ڪرين ۽ (تنهن کان سواءِ هي ڪتاب) ايماندارن جي لاءِ ته (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي.

  65. ۽ خدا ئي ته آسمان مان پاڻي وسايو ته ان سان زمين کي مرده (پيل) هئڻ کان پوءِ جيئرو (سائو) ڪيو. بيشڪ هن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ جي ٻڌن ٿا (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.

  66. ۽ بيشڪ چوپائي (مال) ۾ به اوهان لاءِ عبرت (جي ڳالھ) آهي، جو انهن جي پيٽ ۾ (ڌوڙ بلا) ڇيڻو ۽ رت (جو ڪجھ آهي) تنهن مان اسين اوهان کي خالص کير پيارون ٿا جيڪو پيئڻ وارن جي لاءِ مزيدار آهي.

  67. ۽ (اهڙي طرح اسين اوهان کي) کجور ۽ انگورن جي ميون مان (رس پياريون ٿا) جنهن مان (ڪڏهين ته) اوهين شراب بنائيندا آهيو ۽ (ڪڏهن) چڱي روزي (سرڪو وغيره) بيشڪ ان ۾ به سمجهڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.

  68. ۽ (اي رسول) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالھ وڌي ته تون جبلن ۽ وڻن ۽ ماڻهن جي مٿاهين (بنايل) ڇتن گهر بنائي!

  69. پوءِ هر قسم جي ميون (جي ٻور) مان (ان جو عرق) چوس پوءِ پنهنجي پالڻهار جي راھ ۾ اطاعت سان هل. انهن مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي (بيمارين جي) شفا (به آهي) بيشڪ ان ۾ (غور ۽) فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.

  70. ۽ خدا ئي ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي اوهان کي (دنيا مان) کڻندو. ۽ اوهان مان ڪي اهڙا به (ته) آهن جيڪي ذليل زندگي (تمام پوڙهائپ) ڏي موٽايا وڃن ٿا، جي (گهڻو ڪجھ) ڄاڻڻ کان پوءِ (به اهڙا سڪي ويا جو) ڪجھ به نه ٿا سمجهن. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ (هر قسم جي) قدرت رکندڙ آهي.

  71. ۽ خدا ئي اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ رزق (۽ دولت) ۾ ترجيح ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سي پنهنجي روزيءَ مان انهن کي جن تي سندن پهچ آهي (غلام يا ٻانهيون ۽ نوڪرن کي) نه ٿا ڏين. (هوڏانهن) ان مان ۾ ته سڀئي (مالڪ ۽ غلام وغيره) برابر آهن. ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي نعمت جا منڪر آهن؟

  72. ۽ خدا ئي اوهان لاءِ اوهان جون زالون اوهان مان (اوهان جهڙيون انسان) بنايون ۽ ان ئي اوهان جي لاءِ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا ۽ اوهان کي پاڪ پاڪيزه روزي کائڻ لاءِ ڏني ته ڇا اهي ماڻهو بلڪل باطل (شيطان بت وغيره) تي ئي ايمان رکن ٿا ۽ خدا جي نعمت (۽ وحدانيت وغيره) کان انڪار ڪن ٿا.

  73. ۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شي کي پوڄين ٿا جي آسمانن ۽ زمين مان کين رزق ڏيڻ جو ڪجھ به اختيار نٿا رکن ۽ نه طاقت حاصل ڪري سگهن ٿا.

  74. ته اوهين (دنيا جي ماڻهن وانگر) خدا جا مثال نه گهڙيو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.

  75. هڪ مثال خدا ٻڌايو آهي ته هڪ غلام آهي جو ٻئي جي ملڪ آهي (۽ اهو) ڪجھ اختيار نه ٿو رکي ۽ هڪ شخص اهو آهي جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان چڱي (ڀلي) روزي عطا ڪئي آهي ته اهو ان مان لڪائي ۽ ڏيکاري (مطلب ته هر طرح خدا جي راھ ۾) ڏئي ٿو. ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه) الحمد لله (جو اهي ان ڳالھ جا اقراري آهن) پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نٿا ڄاڻن.

  76. ۽ خدا هڪ (ٻيو) مثال بيان فرمائي ٿو: ٻه آدمي آهن جن مان هڪ بلڪل گونگو (۽ ٻيو وري غلام آهي) جيڪو ڪنهن به (ڳالھ ڪرڻ) جي طاقت نٿو رکي ۽ (ان ڪري) اهو پنهنجي مالڪ لاءِ بار ٿي پيو آهي جو کيس جيڏانهن موڪلي ٿو (خير سان) ڪڏهين به چڱائي نٿو آڻي. ڇا اهڙو (غلام) ۽ اهو شخص جو ماڻهن کي عدل (۽ شرافت) جو حڪم ڪري ٿو ۽ اهي پاڻ به بلڪل سڌي راھ تي قائم آهي (ٻئي) برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن نه)

  77. ۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي غيب جون ڳالهيون خدا جي لاءِ ئي خاص آهن. قيامت جو برپا ٿيڻ ته ائين آهي جيئن اک جو ڇنبڻ بلڪه ان کان به جلدي بيشڪ خدا هر شي تي ڪامل قدرت رکي ٿو.

  78. ۽ خدا ئي اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ مان ڪڍيو (جڏهن) اوهان صفا بي سمجھ هئو! ۽ اوهان کي ڪن ڏنائين ۽ اکيون (عطا ڪيون) دليون (عنايت ڪيائين) ته جيئن اوهين شڪر ڪريو.

  79. ڇا انهن ماڻهن پکين ڏي غور نه ڪيو جيڪي آسمان جي هيٺان هوا ۾ گهريل (اڏندا رهندا) آهن. کين ته فقط خدا ئي (ڪِرڻ کان) جهلي ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ به (خدا جي قدرت جون) ايماندارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.

  80. ۽ خدا ئي اوهان جي گهرن کي اوهان جي ٽڪڻ جون جايون بنايون آهن ۽ اوهان لاءِ ڍورن جي کلن مان (خيما) بنايا اٿس جي هلڪا هئڻ سبب سفر ۽ حضر ۾ ڪم آڻيو ٿا ۽ (رڍن) جي ان ۽ (آٺن) جي ملس ۽ (ٻڪرين) جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت خاص (قيامت) تائين اوهان جا ڪيئي اسباب ۽ ڪارآمد شيون (بنايون).

  81. ۽ جيڪي شيون الله پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانو آرام لاءِ بنائي اٿس، ان ئي اوهان لاءِ (لڪي وهڻ) لاءِ پهاڙن ۾ گهروندا (غار وغيره بنايا) ۽ ان اوهان لاءِ ڪپڙا بنايا جيڪي اوهان کي (سردي ۽) گرميءَ کان محفوظ رکن ۽ (لوھ جا) چولا جيڪي اوهان کي هٿيارن جي ڌڪ کان بچائين ٿا، اهڙي طرح خدا توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ٿو ته جيئن اوهين سندس فرمان برداري ڪريو.

  82. تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي ماڻهو (ايمان کان) منهن موڙين ته (اي رسول) تنهنجو فرض فقط (احڪام جو) صاف صاف پهچائڻ (ئي) آهي.

  83. اهي ماڻهو خدا جي نعمت کي سڃاڻن ٿا تڏهن به (ڄاڻي واڻي) تنهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا بيشڪرا آهن.

  84. ۽ جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان (سندن پيغمبر کي) شاهد (بنائي) قبرن مان اٿاري کڙا ڪنداسون پوءِ ته ڪافرن کي نه (ڳالهائڻ) جي اجازت ڏني ويندي ۽ نه سندن عذر ئي ٻڌو ويندو.

  85. ۽ جن ماڻهن (دنيا ۾) شرارتون ڪيون هيون، جڏهن اهي عذاب کي ڏسندا ته، نه انهن جي عذاب ۾ گهٽائي ڪئي ويندي ۽ نه کين مهلت ئي ملندي.

  86. ۽ جن ماڻهن (دنيا ۾ خدا جو) شريڪ بنايو هو جڏهن پنهنجن (انهن) شريڪن کي (قيامت ۾) ڏسندا ته چوندا اي اسان جا پروردگار! هي ته اسان جا اهي شريڪ آهن جن کي اسين (مصيبت جي وقت) تو کي ڇڏي، سڏيندا هئاسون. ته اهي شريڪ (ڦيرائي) سندن ڳالھ انهن تي هڻندا ته اوهين ته وڏا ڪوڙا آهيو.

  87. ۽ ان ڏينهن خدا جي اڳيان (پنهنجي) فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ جيڪي دنيا ۾ شرارتون ڪندا هئا سي انهن کان ڀلجي وينديون.

  88. جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيو، تن جي فساد ڦهلائڻ جي عوض مٿن عذاب تي عذاب وڌائندا رهنداسون.

  89. ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين هر گروھ ۾ انهن ئي مان مٿن هڪ شاهد کڙو ڪنداسون ۽ (اي رسول) تو کي وري انهن (سڀني) ماڻهن تي (سندن) سامهون شاهد بڻائي کڙو ڪنداسون ۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو جنهن ۾ هر شي جو (شافي) ذڪر آهي ۽ مسلمانن جي لاءِ (سموري) هدايت ۽ رحمت ۽ خوش خبري آهي.

  90. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ کي ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ قرابتدارن کي (ڪجھ ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ بڇڙي ڪمن ۽ سرڪشي ڪرڻ جي منع ڪري ٿو، اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيئن اوهين سبق پرايو.

  91. ۽ جڏهن پاڻ ۾ انجام ڪريو ته الله جي انجام کي پورو ڪيو، ۽ قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي نه ڀڃو. ڇو ته اوهان الله کي پنهنجو ضامن بڻائي چڪا آهيو. جيڪي اوهان ڪريو ٿا خدا تنهن کي ضرور ڄاڻي ٿو.

  92. ۽ اوهين (قسمن ٽوڙڻ ۾) ان زال جهڙو نه ٿيو جنهن پنهنجي ڪتيل پشم کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. (متان ائين) اوهين پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو ٺهرايو، هن لاءِ ته هڪ ٽولو ٻئي ٽولي کان وڌي وڃي. الله رڳو ان سان (يعني هڪٻئي کان وڌڻ سان) اوهان کي آزمائي ٿو. ۽ جنهن ڳالھ ۾ اوهان اختلاف پيا ڪريو سا ضرور قيامت جي ڏينهن اوهان تي ظاهر ڪندو.

  93. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي هڪ (ئي) جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ته هدايت ڪري ٿو ۽ جيڪي اوهين (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن بابت اوهان کان ضرور پڇيو ويندو.

  94. ۽ پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو نه ٺهرايو، متان (ماڻهن جا) قدم ڄمي وڃڻ کان پوءِ (اسلام کان) ترڪي وڃن. ۽ (پوءِ نيٺ قيامت ۾) اوهين االله جي راھ کان روڪڻ ڪري سزا چکيو. ۽ اوهان کي وڏو عذاب ٿئي.

  95. ۽ الله جي انجام جي بدلي ۾ ٿورو ملھ (دنيوي فائدو) نه وٺو. جيڪڏهن اوهين سمجهدار آهيو ته (ياد رکو!) جيڪي خدا وٽ آهي سو هن کان گهڻو چڱو آهي.

  96. (ڇو ته دنيا جو مال) جيڪي اوهان وٽ آهي (هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو) ۽ جيڪي (اجورو) خدا وٽ آهي سو سدائين هوندو. ۽ جن ماڻهن دنيا ۾ صبر ڪيو هو تن کي (قيامت ۾) انهن نيڪين جو اسان چڱي کان چڱو اجر (۽ ثواب) عطا ڪنداسون.

  97. مرد هجي يا عورت جيڪو به نيڪ ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو اسين تنهن کي (دنيا ۾ به) پاڪ صاف زندگي ڏيئي جيارينداسون، ۽ (آخرت ۾ به) جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو چڱي کان چڱو اجر ۽ ثواب عطا ڪنداسون.

  98. ۽ جڏهن اوهين قرآن پڙهڻ لڳو ته شيطان مردود (جي وسوسن) کان خدا جي پناھ طلب ڪندا ڪريو.

  99. بيشڪ جيڪي ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا تن تي ان جو ڪو زور نه آهي.

  100. ان جو زور ته رڳو انهن تي آهي جيڪي ان سان دوستي رکن ٿا ۽ جيڪي ان کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندڙ آهن.

  101. ۽ (اي رسول) اسين جڏهن هڪ آيت جي بدلي ٻي آيت نازل ڪندا آهيون ته به خدا (جا ڳالھ) نازل ڪندو آهي تنهن (جي مصلحتن) کي خوب ڄاڻي ٿو (پر) اهي ماڻهو (تو کي) چون ٿا ته تون ته رڳو ڪوڙ ٻڌندڙ آهين. بلڪه خود انهن مان گهڻا (مصلحت کي) نٿا ڄاڻن ٿا.

  102. (اي رسول کين صاف) چئو ته هن (قرآن) کي ته روح القدس (جبرائيل) اوهان جي پروردگار جي طرفان حق (سچ) نازل ڪيو آهي ته جيئن جيڪي ماڻهو ايمان آڻي چڪا آهن تن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ ته (سمورو) هدايت ۽ خوش خبري آهي.

  103. ۽ (اي رسول) بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي (ڪافر) چون ٿا ته ان (رسول) کي ڪو ماڻهو قرآن سيکاري ٿو، (اهو بلڪل غلط آهي) جنهن ڏي اها نسبت ڏين ٿا تنهن جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف عربي ۾ آهي.

  104. هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته جي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين تن کي الله توڙ تائين نه پهچائيندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  105. ڪوڙو بهتان ته رڳو اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي خدا جي آيتن تي ايمان نه ٿا رکن ۽ (سچ ته) اهي ئي ماڻهو ڪوڙا (ڪاذب) آهن.

  106. ان شخص کان سواءِ جو (ڪفر جي ڪلمي تي) مجبور ڪيو وڃي، پر سندس دل ايمان تي برقرار هجي، جيڪو به ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪندو بلڪه دل کولي ڪفر ڪري تن تي خدا جو ڏمر آهي پڻ انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي.

  107. اهو هن ڪري جو انهن ماڻهن دنيا جي فاني حياتيءَ کي آخرت کان زياده پسند ڪيو. ۽ انهيءَ ڪري خدا ڪافرن کي ڪڏهين به توڙ تي ڪين پهچائيندو آهي.

  108. هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي ۽ سندن ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي خدا هڪ هڪ نشاني مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته اهي ايمان نه آڻيندا) ۽ اهي ئي ماڻهو (بلڪل) بي خبر آهن.

  109. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ نقصان پائڻ وارا آهن.

  110. وري (هن ۾ شڪ نه آهي) ته تنهنجو پرودگار انهن انسانن کي جن مصيبت سهڻ کان پوءِ پنهنجو وطن ڇڏيو وري (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو، بيشڪ تنهنجو پروردگار انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  111. ۽ (ان ڏينهن کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجي جان جي باري ۾ جهڳڙو ڪندو ايندو، ۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو کيس پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو.

  112. ۽ خدا هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي جو امن ۽ اطمينان سان هو، ان کي سڀ ڪنهن هنڌان ڪشادگيءَ سان سندن روزي پهچندي هئي. پوءِ انهن ماڻهن خدا جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي ته خدا به سندن (ڪڌن) ڪرتوتن ڪري کين مزو چکائي ڇڏيو جو بک ۽ خوف کي اوڍڻ (اوڇڻ) بنائي ڇڏيو.

  113. ۽ منجهائن هڪ رسول وٽن آيو ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو، پوءِ کين (خدائي) عذاب اچي گهيرو ڪيو ۽ اهي ظالم (ته) هئا ئي.

  114. پوءِ خدا جيڪا اوهان کي پاڪ حلال روزي ڏني آهي تنهن مان (مزي سان) کائو، ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي ئي عبادت (جي دعوى) ڪريو ٿا ته سندس نعمت جو شڪر ادا ڪندو ڪريو.

  115. اوهان تي رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيل آهي. پوءِ جيڪو (بک کان) لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ئي حد کان لگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  116. ۽ ڪوڙ بدوڙ جيڪو اوهان جي زبان تي اچي (بنا سوچ جي) نه چئي وهندا ڪريو ته هي حلال آهي ۽ هي حرام آهي، ائين ڪرڻ سان اوهين الله تي ڪوڙي تهمت لڳائيندو. ۽ بيشڪ جيڪي خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌن ٿا سي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا.

  117. (دنيا جو) فائدو ته ٿورڙو آهي ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي.

  118. ۽ يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون هيون جي تو کي هن کان اڳي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ اسان ته (ان ڪري) مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا.

  119. پوءِ بيشڪ جن نادانيءَ سان برائي ڪئي تنهن کان پوءِ (سچي دل سان) توبه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون ته (اي رسول) ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار ان (توبه) کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رهم وارو آهي.

  120. بيشڪ ابراهيم هڪ رهنما، خدا جو فرمان بردار ۽ باطل (مذهبن) کان بلڪل بيزار هو ۽ مشرڪن مان (هرگز) نه هو.

  121. سندس نعمتن جو شڪرگذار، کيس خدا چونڊيو هو ۽ (پنهنجي) سڌي راھ جي کيس هدايت ڪئي هئي.

  122. ۽ اسان کيس دنيا ۾ به (هر طرح جي) بهتري (۽ برتري) عطا ڪئي هئي. ۽ اهو آخرت ۾ به بيشڪ نيڪ ماڻهن مان آهي.

  123. (اي رسول) وري اسان تو ڏي وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.

  124. (اي رسول) ڇنڇر (جي ڏينهن) جي تعظيم ته رڳو انهن (يهود ۽ نصارى) تي لازم ڪئي ويئي جن ان ۾ اختلاف ڪيو هو بيشڪ تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا فيصلو ڪندو.

  125. (اي رسول) تون (ماڻهن کي) پنهنجي پروردگار جي راھ تي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ بحث (مباحثو) ڪر به، ته اهڙي طريقي سان جيڪو، (ماڻهن ۾) سڀ کان سٺو هجي. بيشڪ جيڪي خدا جي راھ کان ٿڙيل آهن تن کي تنهنجو پروردگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ هدايت حاصل ڪيل کي به چڱي طرح سڃاڻي ٿو.

  126. پر جيڪڏهن (مخالفن) سان سختي ڪريو به ته اهڙي ئي سختي ڪريو جهڙي سختي انهن ماڻهن اوهان تي ڪئي هئي. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ بهتر آهي.

  127. ۽ (اي رسول) تون صبر ئي ڪر. ۽ خدا جي (مدد کان) سواءِ تون صبر ڪري به نه سگهندين ۽ انهن مخالفن جي حال تي ڏک نه ڪر ۽ جيڪي چالاڪيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، تنهن کان تون دل ننڍي نه ڪر.

  128. بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار آهن ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found