جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت حجر

ٽوٽل آيتون: 99

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الرا. هي ڪتاب (خدا) ۽ واضح قرآن جون آيتون آهن.

  2. (هڪ ڏينهن اهڙو به اچڻو آهي جو) جو ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا آهن گهڻا دل سان خواهش ڪندا ته جيڪر اسين به مسلمان هجون ها.

  3. (اي رسول!) کيس سندن حال تي ڇڏي ڏي ته کائي (پي) وٺن ۽ (دنيا ۾ ڪجھ ڏينهن) مزو وٺن پڻ (سندن) خواهشن کين کيل تماشي ۾ رکن. جلد ئي (ان جو) نتيجو کين معلوم ٿيندو.

  4. ۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ کي برباد نه ڪيو پر هن حالت ۾ جو ان لاءِ (اڳي ئي) هڪ مقرر ڪيل وقت لکيل هو.

  5. ڪا به قوم پنهنجي وقت کان اڳ نه اڳيان وڌي سگهي ٿي ۽ نه پٺتي وڃي سگهي ٿي.

  6. (اي رسول مڪي جا ڪافر تو کي) چون ٿا ته اي شخص! (جنهن کي هي سواد آهي) ته مٿس (وحي ۽ ڪتاب) ٿو نازل ٿئي، ضرور تون چريو آهين.

  7. جيڪڏهن تون پنهنجي دعوى ۾ سچيو آهين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نٿو آڻين.

  8. (هوڏانهن) اسين ملائڪن کي (ظاهر رڳو عذاب سان) فيصلي جي لاءِ ئي موڪليندا آهيون. پوءِ جيڪڏهن (ملائڪ نازل) ٿين ته وري کين (جان بچائڻ جي) مهلت ئي نه ملي.

  9. بيشڪ اسان ئي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ۽ اسان ئي ته سندس نگهبان به آهيون.

  10. ۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ ۾ به اڳين امتن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) رسول موڪليا.

  11. (۽ انهن جي به اها ئي عادت هئي ته) انهن ڏي جيڪو به رسول آيو تنهن تي ضرور مسخريون ڪندا هئا.

  12. اهڙي طرح اسين اڳ (گمراهيءَ) کي (انهن) ڏوهارين جي دلين ۾ وجهي ڇڏيون ٿا.

  13. اهي ڪافر هن (قرآن) تي ايمان نه آڻيندا ۽ (اها ڪا نئين ڳالھ نه آهي) بيشڪ اڳين جو دستور به اهڙو ئي هو.

  14. ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قدرت سان) آسمان جوهڪ دروازو به مٿن کوليون ۽ اهي ان ۾ مٿي چڙهندا وڃن.

  15. ته به (اهو ئي) چوندا ته اسان جي نظر بندي ڪيل آهي (يا نه ته) اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.

  16. ۽ اسان آسمان ۾ برج پيدا ڪيا ۽ ڏسڻ وارن لاءِ اسان ان کي (ستارن سان) سينگاريو.

  17. ۽ سڀ ڪنهن تڙيل شيطان (جي آمد رفت) کان ان جي نگهباني ڪئي اٿئون.

  18. پر جيڪو لڪي (اتي جي ڪا ڳالھ) ٻڌي ٿو ته شهاب جي دکندڙ آماڙي (ٻارڻ لاءِ) ان تي پوي ٿي.

  19. ۽ زمين کي (به پنهنجي مخلوقات جي رهڻ سهڻ لاءِ) اسان ئي پکڙيو ۽ ان ۾ (ميخن وانگر) جبل وڌا ۽ ان ۾ اسان هر قسم جي مناسب شي ڦٽائي اٿئون.

  20. ۽ اسان ئي ان ۾ اوهان جي لاءِ حياتيءَ جا سامان بنايا پڻ (انهن جانورن جي لاءِ به) جن کي اوهين روزي نه ٿا ڏيو.

  21. ۽ اسان وٽ ته هر شي جا (بيشمار) خزانا (ڀريا) پيا آهن، ۽ اسين (ان مان) مقرر اندازي سان موڪليندا رهندا آهيون.

  22. ۽ اسين اهي هوائون موڪليون جيڪي ڪڪرن کي مينهن سان ڀريندڙ آهن. پوءِ اسان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان ئي اوهان کي اهو پاڻي پياريو ۽ اوهان ته ڪو ان کي ڪٺو ڪري ڪين رکيو هو.

  23. ۽ بيشڪ اسين ئي (اوهان کي) جياريون ٿا ۽ اسين ئي ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀ جا والي ۽) وارث آهيون.

  24. ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳين کي به ڄاڻون ٿا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.

  25. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن سڀني کي (قيامت ۾ قبرن) مان اٿاريندو بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي.

  26. ۽ بيشڪ اسان ئي انسان چيڪيءَ مٽي مان جا سڙي (سڪي) ٽڪريءَ (وانگر) کڙڪڻ لڳي، پيدا ڪيو.

  27. ۽ اسان ئي جنن کي (آدمي کان) اڳ ۾ باھ مان جا لڪ (جهڙي) هوا مان هئي پيدا ڪيوسون.

  28. ۽ (اي رسول!، اهو وقت به ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پروردگار ملائڪن کي چيو ته پڪ آءُ هڪ ماڻهو چيڪيءَ مٽي مان جا خمير ٿي (۽ سڪل) ٽڪري جيان کڙڪندي هجي پيدا ڪرڻ وارو آهيان.

  29. پوءِ جڏهن ان کي چڱي طرح ٺاهيان ۽ ان ۾ پنهنجي (طرف کان) روح ڦوڪيان، ته ان جي اڳيان سڀئي سجدي ۾ ڪري پئجو.

  30. پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

  31. سواءِ ابليس (ملعون) جي جنهن سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ هئڻ کان انڪار ڪيو.

  32. (تنهن تي) خدا فرمايو او شيطان! آخر تو کي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان شامل نه ٿئين؟

  33. هو (وڏائي سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙو ويل ته نه آهيان جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي سجدو ڪري وهان جنهن کي تو سڙيل (ٺڪري جيان) کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي!

  34. (خدا) فرمايو ته پوءِ تون هتان (جنت مان) نڪري وڃ! ڇو ته تون تڙيل آهين.

  35. ۽ پڪ تو تي ڏينهن قيامت تائين ڦٽڪار وسندي رهندي.

  36. (شيطان) چيو، اي منهنجا پالڻهار چڱو! مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ (ماڻهن کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.

  37. خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويئي.

  38. مقرر ٿيل وقت جي ڏينهن تائين.

  39. شيطان چيو اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته تون مون کي رستي کان الڳ ڪيو، آءُ به انهن لاءِ دنيا ۾ (گناهن کي) سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراھ ڪندس.

  40. تنهنجن انهن عبدن کان سواءِ جي انهن مان تنهنجا مخلص (بندا) آهن.

  41. خدا فرمايو ته اها ئي راھ سڌي آهي جا مون تائين _(پهچي) ٿي.

  42. بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) بندا آهن ان تي تو کي ڪنهن طرح جي حڪومت نه آهي، سواءِ انهن گمراهن جي جن تنهنجي پيروي ڪئي (انهن تي تنهنجو زور هلندو)

  43. ۽ (هاءُ! هي به ياد رهي ته) انهن سڀني جي لاءِ (آخري) وعدو بس جهنم ئي آهي.

  44. جنهن جا ست دروازا هوندا. هر دروازي (۾ وڃڻ) لاءِ انهن گمراهن جي لاءِ جدا جدا ٽوليون آهن.

  45. ۽ پرهيزگار ته (بهشت جي) باغن ۽ چشمن ۾ ئي پڪ هوندا.

  46. (داخل ٿيڻ وقت فرشتا کين چوندا ته) بي فڪر ٿي سلامتي سان انهن ۾ داخل ٿيو.

  47. ۽ (دنيا جي تڪليفن جو) جيڪو سندن دلين ۾ رنج هوندو تنهن کي به اسان ڪڍي ڇڏينداسون ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هر هڪ تخت تي اهڙي طرح ويٺا هوندا جهڙا پاڻ ۾ ڀائر.

  48. کين جنت ۾ ڪا تڪليف ويجهو به نه ايندي ۽ نه ڪڏهن ان مان ڪڍيا ويندا.

  49. (اي رسول) منهنجن ٻانهن کي آگاھ ڪر ته بيشڪ آءُ وڏو بخشڻهار مهربان آهيان.

  50. پر (تنهن سان گڏ هي به ياد رهي) ته منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب آهي.

  51. ۽ کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌائي.

  52. ته جڏهن اهي ابراهيم وٽ آيا ته (اول) انهن سلام ڪيو ابراهيم (سلام جو جواب ڏئي) چيو اسان کي ته اوهان کان ڊپ ٿو لڳي.

  53. هنن چيو بلڪل نه ڊڄ! (ڇو ته) اسين ته تو کي هڪ دانا (۽ بينا) فرزند (جي پيدائش) جي خوش خبري ڏيون ٿا.

  54. ابراهيم چيو ته ڇا اوهين مون کي (پٽ ٿيڻ جي) خوش خبري ڏيو ٿا جو مون کي پير سني پهتي آهي، پوءِ ڇا جي خوش خبري ڏيو ٿا؟

  55. انهن فرشتن چيو اسان تو کي بلڪل سچي خوش خبري ڏني آهي ته تون (خدا جي بارگاھ مان) نااميد نه ٿي.

  56. ابراهيم چيو ته پنهنجي پالڻهار جي رحمت کان گمراهن کان سواءِ (ٻيو) ڪير نا اميد ٿيندو.

  57. (وري) ابراهيم چيو اي (خدا جا موڪليل (ملائڪ!) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي؟

  58. انهن چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط جي) گنهگار قوم ڏي (عذاب نازل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.

  59. سواءِ لوط جي گهروارن جي بيشڪ اسين انهن سڀني کي ضرور بچائينداسون.

  60. پر سندس زال جنهن کي اسان مقرر ڪيو آهي ته اها ضرور (پنهنجن ٻارن کان) پٺتي (عذاب ۾) رهجي ويندي.

  61. مطلب ته جڏهن (اهي خدا جا) موڪليل (فرشتا) لوط جي گهر وارن وٽ آيا.

  62. تڏهن لوط چيو اوهين ته (ڪي) اجنبي ماڻهو (ٿا معلوم) ٿيو.

  63. انهن چيو ته (ائين نه آهي) پر اسان تو وٽ (تنهنجي گنهگار قوم لاءِ) اهو (عذاب) آندو آهي. جنهن ۾ اهي شڪ ڪندا هئا.

  64. ۽ اسان تو وٽ (عذاب جو) قطعي حڪم وٺي آيا آهيون ۽ اسين بلڪل سچ ٿا چئون.

  65. ته پوءِ تون پنهنجي گهر وارن کي رات ئي رات وٺي هليو وڃ ۽ تون انهن جي پٺيان هل ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري به ڏسي ۽ جتي اوهان کي حڪم ڏنل آهي (شام ڏي) اوڏانهن سڌا هليا وڃو.

  66. ۽ لوط تائين اسان هيءُ قطعي خبر پهچائي ته صبح ٿيندي ۽ انهن جي پاڙ پٽي ويندي.

  67. ۽ (اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته) شهر جا ماڻهو (مهمانن جي خبر ٻڌي بد نيت سان) خوشيون ڪندا آيا.

  68. (لوط کين) چيو ته هي ماڻهو منهنجا مهمان آهن، اوهين (کين تنگ ڪري) مون کي خوار نه ڪريو.

  69. ۽ خدا کان ڊڄو مون کي ذليل نه ڪريو.

  70. هنن چيو ته ڇا، اسان تو کي (ٻين) قومن جي (ٽڪائڻ) کان نه روڪيو هو.

  71. لوط چيو جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو ئي آهي ته منهنجي (قوم جون) ڌيئرون موجود آهن (تن سان نڪاح ڪريو)

  72. (اي رسول) تنهنجي سر جو قسم ته اهي پنهنجي مستيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي ڦري رهيا هئا.

  73. (لوط جي ڪٿي ٿا ٻڌن) نيٺ سج اڀرڻ جي وقت کين دهشت ناڪ آواز ورائي ويو.

  74. پوءِ انهن (شهرن) جي مٿئين پاسي کي انهن جو هيٺيون پاسو (يعني اونڌو) ڪيوسون، ۽ مٿن چنهبن وارا پٿر وسايوسون.

  75. بيشڪ (هن ڳالھ ۾) تھ تائين پهچڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  76. پڻ اهو اونڌو ٿيل شهر (هميشه هلندڙ) عام رستي تي آهي.

  77. بيشڪ هن ۾ ايمان وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.

  78. ۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي وارا) وڏا سرڪش هئا.

  79. ته انهن کان به اسان (نافرماني جو) بدلو ورتو. ۽ اهي ٻئي شهر (قوم لوط ۽ شعيب جا) هڪ کليل شاهراھ تي (اڃا تائين) موجود آهن.

  80. ۽ اهڙي طرح حجر جي رهڻ وارن ۽ (قوم صالح) به پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو

  81. ۽ (جيتوڻيڪ) اسان کين پنهنجون نشانيون ڏنيون تڏهن به انهن کان منهن موڙ ڪيائون.

  82. ۽ بي فڪر ٿي جبلن کي ٽاڪي گهر ٺاهيندا هئا.

  83. نيٺ صبح ٿيندي ئي کين دهشت ناڪ آواز نابود ڪيو.

  84. پوءِ جيڪي اهي حفاظت جون تدبيرون ڪندا هئا (خدا جي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڪجھ به ڪم نه آين.

  85. ۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي. ته تون (اي رسول! انهن جي بي ادبي کي) چڱي نموني درگذر ڪر!

  86. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  87. ۽ اسان تو کي سبع مثاني (سورت الحمد) ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي.

  88. ۽ اسان جو انهن ڪافرن مان ڪجھ ماڻهن کي (دنيا جي مال دولت سان) نهال ڪري ڇڏيو آهي تون (ان ڳالھ) ڏي نهار به نه ۽ نه سندن (بي دينيءَ) تي ڪجھ افسوس ڪر ۽ ايماندارن سان (اگرچه) غريب هجن نوڙي ملندو ڪر.

  89. ۽ چوين ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.

  90. (اي رسول اسين انهن ڪافرن تي اهڙي طرح عذاب نازل ڪنداسون) جيئن اسان انهن ماڻهن تي نازل ڪيو.

  91. جن قرآن کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (ڪن کي مڃيئون ڪن کي ڪين).

  92. ته (اي رسول!) تنهنجي رب جو (پنهنجو قسم ته اسين انهن سڀني کان (تمام سختي سان) پڇنداسون.

  93. جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪندا هئا.

  94. پوءِ جيڪو تو کي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ.

  95. بيشڪ تنهنجي لاءِ اسين انهن مسخري ڪندڙن لاءِ ڪافي آهيون.

  96. جي الله سان گڏ ٻيو معبود مقرر ڪن ٿا، پوءِ کين جلد ئي خبر پئجي ويندي.

  97. ۽ تون جو انهن (ڪافرن ۽ منافقن) جي ڳالهين کي دل تنگ ٿئين ٿو، اسين ان کي پڪ ڄاڻون ٿا.

  98. ته تون پنهنجي پروردگار جي حمد (۽ ثنا) سان سندس تسبيح ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ٿي وڃ!

  99. ۽ جيستائين تو وٽ يقيني (موت) اچي پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ لڳو رھ.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found