آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت ابراهيم

ٽوٽل آيتون: 52

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الرا. (اي رسول! هي قرآن اهو) ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشني جي رستي تي آڻ جو زبردست (۽) ساراهيل ۽ حمد جو لائق آهي.

  2. اهو الله جنهن جو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوس ناڪ آهي.

  3. اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتي کي آخرت تي جيڪا (ان کٽ نعمت آهي) پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ تي هلڻ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ بيڪار ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ئي ماڻهو وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.

  4. ۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين (اسان جا حڪم) سمجهائي. پوءِ خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سڀ تي غالب حڪمت وارو آهي.

  5. ۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏسوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشني ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  6. ۽ (اهو وقت ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي فرعون جي ماڻهن (جي ظلم) کان نجات ڏياري، اهي اوهان کي بڇڙا عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر جو) وڏو امتحان هو.

  7. ۽ (اهو وقت به ياد رهي) جڏهن اوهان جي پروردگار (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجو شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ نعمتون ڏيندس پر جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته ياد رکو! پڪ منهنجو عذاب سخت آهي.

  8. ۽ موسى (پنهنجي قوم کي) چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اوهين ۽ (اوهان سان) جيترا ماڻهو سموري زمين تي آهن سڀئي (گڏجي خدا جي) ناشڪري ڪندو ته خدا (کي ذرو به پرواھ نه آهي، ڇو ته اهو بلڪل) بي نياز ساراهيل آهي.

  9. ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه آهي پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ (ٻيا ماڻهو) جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا (ڪيئن خبر پوِي؟) انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي! انهن وٽ سندن (وقت جا) پيغمبر معجزا کڻي آيا ۽ (کين سمجهايائون ته) انهن پيغمبر جي هٿن کي الٽو سنڌن واتن ۾ هنيو ۽ چوڻ لڳا ته جيڪو خدا کان اوهان (حڪم) آندو آهي اسين ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن (دين) ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان وڏي شڪ ۾ آهيون.

  10. (تڏهن) سندن پيغمبرن (کين) چيو ته ڇا اوهان کي خدا جي باري ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين (دنيا ۾ آرام سان) رهڻ ڏئي. انهن چيو اوهين به رڳو اسان جهڙا آدمي آهيو! (ها اسان سمجهيو) اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن. (چڱو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته) ڪو به صاف کليل ظاهر معجزو اسان کي آڻي ڏيکار.

  11. سندن پيغمبرن کين جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسين به اوهان جهڙا ئي آدمي آهيون پر خدا پنهنجن بندن مان جنهن تي چاهي پنهنجو فضل (۽ ڪرم) ڪري ٿو (۽ پيغمبري عطا ڪري ٿو) ۽ اسان جي اختيار ۾ اها ڳالھ نه آهي جو خدا جي حڪم کانسواءِ (اوهان جي چوڻ موجب) اسين ڪو به معجزو اوهان جي اڳيان آڻي سگهون. ۽ خدا تي سڀني ايماندارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.

  12. ۽ اسان کي (آخر) ڇا آهي جو اسين مٿس ڀروسو نه ڪريون هوڏانهن اسان کي (نجات جا) بيشڪ ان رستا ڏيکاريا ۽ جي جي ايذائون اوهان اسان کي رسايون (تن تي اسان صبر ڪيو ۽) آينده به صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي خدا تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

  13. ۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي سرزمين مان ضرور باهر ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. ته سندس پروردگار انهن ڏي وحي موڪليو ته (گهٻرايو نه) اسين انهن سرڪش ماڻهن کي ضرور هلاڪ ڪنداسون.

  14. ۽ سندن (هلاڪت کان) پوءِ ضرور اوهان کي ان سرزمين ۾ رهائنداسون. اهو وعدو رڳو ان شخص سان آهي جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ اعمال جي پڇا ۾) بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي عذاب کان خوف کائي.

  15. ۽ انهن (نبين) فتح ٿيڻ جي اسان کان دعا گهري (نيٺ اها پوري ٿي) ۽ هر هڪ سرڪش عداوت رکڻ وارو هلاڪ ٿيو.

  16. (اها ته سندن سزا هئي) ۽ ان جي پٺيان ئي پٺيان جهنم آهي) ۽ (ان ۾) کيس رت پونءِ ڀريل پاڻي پياريو ويندو.

  17. (زوريءَ) کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيڻو پوندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙي مان نه ڳهي سگهندو ۽ اهڙي مصيبت (آهي جو) کيس هر هڪ پاسي موت ئي موت نظر ايندو، حالانڪه هو مارڻ سان به نه مرندو. ۽ پوءِ ان جي بلڪل پٺيان سخت عذاب هوندو.

  18. جن پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو تن جو حال هيءَ آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار جو ڍڳ آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ طوفان اڏائي کڻي ويو. جيڪي انهن (دنيا ۾) ڪمايائون سو سندن هٿ وس نه هوندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي.

  19. ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ تدبير سان پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن گهري ته سڀ کي فنا ڪري هڪ نئين پيدائش (واري بستي) آڻي وسائي.

  20. ۽ اهو (ڪرڻ) خدا تي ڪو به مشڪل نه آهي.

  21. ۽ قيامت جي ڏينهن سڀئي خدا جي اڳيان حاضر ٿيندا. پوءِ جي ماڻهو (دنيا ۾) ڪمزور هئا سي وڏي عزت وارن کي (تنهن وقت) چوندا، اسين ته رڳو اوهان جي پيروي ڪندا هئاسون ته ڇا (اڄ) اوهين خدا جي عذاب کي اسان کان ٽاري سگهندو؟ اهي جواب ڏيندا، افسوس! خدا (جيڪڏهن) اسان جي هدايت ڪري ها ته اسين به اوهان جي هدايت ڪريون ها، هاڻي اسين چاهي گهٻرايون يا صبر ڪريون (ها ڳالھ هاڻي) هڪجهڙي آهي (ڇو ته) عذاب کان) اسان کي ته بچاءُ ڪونهي.

  22. ۽ جڏهن ماڻهن جو (آخري) فيصلو ٿي ويندو (۽ ماڻهو شيطان کي الزام ڏيندا ته شيطان چوندو، خدا توهان سان سچو وعدو ڪيو هو (سو ته پورو ٿيو) ۽ مون به ته وعدو ڪيو هو پر مون وعدو نه پاريو هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو، هن کان سواءِ ته مون اوهان کي (بڇڙن ڪمن طرف) سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالھ مڃي. ته هاڻي اوهين مون کي بڇڙو نه چئو پر پنهنجي نفس کي بڇڙو چئو. (اڄ) آءُ نه اوهان جي فرياد کي پهچي سگهان ٿو ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪري سگهو ٿا. آءُ ان کان اڳ ئي بيزار آهيان جو اوهان مون کي (خدا جو) شريڪ بنايو. بيشڪ جي ماڻهو نافرمان آهن تن لاءِ تمام وڏو دردناڪ عذاب آهي.

  23. ۽ جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اهي بهشت جي انهن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تنهن ۾ هميشه رهندا. اتي سندن ملاقات جو تحفو سلام هوندو.

  24. (اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو ته خدا چڱي ڳالھ (جيئن توحيد جو ڪلمو) جو ڪهڙو نه (سٺو) مثال بيان ڪيو آهي ته (سٺي ڳالھ) ڄڻ ته هڪ پاڪيزه وڻ آهي جو جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ (لڳل) هجن.

  25. پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت پنهنو ميوو ڏيندو رهي ٿو ۽ خدا ماڻهن لاءِ (ان ڪري) مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ماڻهو نصيحت ۽ (سبق) حاصل ڪن.

  26. ۽ بڇڙي ڳالھ (جيئن شرڪ جو ڪلمو) جو مثال هڪ خراب وڻ وانگر آهي (جنهن جي پاڙ اهڙي ڪمزور هجي) جو زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي ڦٽي ڪجي (ڇو ته) کيس قرار ته آهي ڪين!

  27. جي ماڻهو ڪي پختي ڳالھ (توحيد جي ڪلمي) تي (سچي دل سان) ايمان آڻي چڪا تن کي خدا دنيا جي زندگي ۾ (به) ثابت قدم رکندو. ۽ کين (سوال جواب ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي) ۽ الله سرڪش کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو. ۽ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.

  28. (اي پيغمبر) ڇا تون انهن ماڻهن جي حال تي غور نه ڪيو جن منهنجي احسان جي بدلي ناشڪري ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي هلاڪت جي کڏ ۾ اڇليائون.

  29. (جيڪي) سڀئي جهنم واصل ٿيندا ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.

  30. ۽ اهي ماڻهو ٻين کي خدا جو شريڪ بنائڻ لڳا ته جيئن (ماڻهن کي) سندس راھ کان ٿيڙين. (اي رسول) چوين ته (خير ٻه ٽي ڏينهن ته) مزو وٺو پوءِ ته اوهان کي دوزخ ڏي موٽي وڃڻو آهي.

  31. (اي رسول) منهنجا اهي بندا جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته نماز قائم ڪن ۽ جو ڪجھ کين روزي ڏنل آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) لڪائي يا ڏيکاري ڏين. ان ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ته (ڏيتي) ليتي ئي (ڪم ايندي ۽) نه دوستي ۽ محبت.

  32. خدا ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين پيدا ڪري ڇڏيا، پڻ آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان جي ذريعي سان (جدا جدا وڻن مان) اوهان جي روزيءَ جي لاءِ (هر قسم جا) ميوا پيدا ڪيا ۽ اوهان جي لاءِ ٻيڙيون اوهان جي وس ۾ ڪري ڇڏيون ته جيئن سندس حڪم سان دريا ۾ هلن ۽ اوهان جي لاءِ نديون نالا اختيار ۾ ڪري ڇڏيا.

  33. ۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جو تابعدار ڪيو جيڪي سدائين پيا (گهمن ۽) ڦرن ۽ رات ڏينهن کي اوهان جي قبضي ۾ ڪيائين (ته هميشه حاضر رهن ٿا)

  34. ۽ (پنهنجي ضرورت موجب) اوهان جو ڪجھ ان کان گهريو ان مان ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن خدا جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. هن ۽ ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان وڏو بي انصاف نا شڪرو آهي.

  35. ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن امان جي جاءِ بنائي ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچائي.

  36. اي منهنجا پروردگار! پڪ هنن بتن ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراھ ڪيو آهي. پوءِ جو شخص منهنجي پيروي ڪري سو مون مان آهي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي (ته تو کي اختيار آهي) تون ته وڏو بخشڻ وارو مهربان آهين.

  37. اي اسان جا پالڻهار! مون تنهنجي عزت واري گهر (ڪعبه) وٽ غير آباد ميدان ۾ پنهنجو ڪجھ اولاد رهايو آهي. اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن. تون ته پوءِ ڪجھ ماڻهن جي دلين ۾ انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! (اهي هتي اچي آباد ٿين) ۽ کين هر قسم جي ميون مان روزي ڏي! ته جيئن اهي (تنهنجو) شڪر ڪن.

  38. اي اسان جا پالڻهار! جيڪي اسين لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسين ظاهر ڪريون ٿا تون (سڀ کان) چڱي طرح واقف آهين. ۽ خدا کان ڪا به شي لڪل نه آهي (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾.

  39. ان خدا جا (لک لک) شڪر آهن جنهن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه) فرزند عطا فرمايا بيشڪ منهنجو پروردگار دعا جي ٻڌڻ وارو آهي.

  40. اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي (به) نماز جو پابند بنائي! اي منهنجا پروردگار! منهنجي دعا قبول فرمائي.

  41. اي اسان جا پالڻهار! جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ٿئي، مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايماندارن کي معاف ڪر!

  42. ۽ جيڪي هي ظالم (مڪي جا ڪافر) ڪن ٿا تنهن کان خدا کي غافل نه سمجهو (پر مٿن يڪدم عذاب نه ڪرڻ جو سبب هي آهي جو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ڏينهن ماڻهن جي اکين جا ڏوڏا (خوف کان) نڪري ايندا.

  43. پڻ پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. (جتي نظر پوندين اتي ئي کتل هوندين) ۽ سندن دليون بدحواس هونديون.

  44. ۽ (اي رسول) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار (جنهن ڏينهن) مٿن عذاب نازل ٿيندو ته جن ماڻهن نافرماني ڪئي هئي (بيزاري سان) عرض ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿوري ٻي مهلت ڏي (هاڻي) اسين تنهنجي سڏڻ تي (ضرور) اٿي کڙا ٿينداسون (ته کين جواب ملندو) ڇا اوهين اهي ماڻهو نه آهيو جيڪي هن کان اڳ ۾ به (ان ڳالھ تي) قسم کائيندا هئا ته توهان کي ڪنهن قسم جو زوال نه آهي.

  45. ۽ (ڇا اوهين اهي نه آهيو جو) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، انهن جي گهرن ۾ اوهين به رهيا، هوڏانهن اوهان تي هي به ظاهر ٿي چڪو هو ته اسان انهن سان ڪهڙو برتاءُ رکيو ۽ اسان اوهان جي (سمجهائڻ) لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.

  46. ۽ اهي ماڻهو پنهنجون چالون هلندا رهيا. ۽ اهي ڪڏهن نه مڙيا هوڏانهن سندن سڀ حالتون خدا جي نظر ۾ هيون ۽ جيتوڻيڪ سندن مڪاريون ايتري قدر ته هيون جو جن کان جبل پنهنجي جاءِ کان هٽي وڃن.

  47. (پر اهي ڪجھ نه هيون) ته تون اهو خيال (به) نه ڪج ته خدا تعالى پنهنجي پيغمبرن سان وعدي خلافي ڪندو، بيشڪ خدا (سڀ کان) زبردست بدلو وٺڻ وارو آهي.

  48. (پر ڪڏهن؟) جنهن ڏينهن هيءَ زمين بدلائي ٻي ڪئي ويندي ۽ (اهڙي طرح) آسمان (به بدلايا ويندا) ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي قهار خدا جي سامهون (پنهنجي پنهنجي جڳھ مان نڪري) کڙا ٿيندا.

  49. ۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا.

  50. سندن (بدن جا) ڪپڙا قطران جا هوندا ۽ سند منهن کي باھ (چوڌاري) وڪوڙيل هوندي.

  51. ته جيئن خدا هر شخص کي سندس ڪئيءَ جو بدلو ڏئي، (چڱي جو چڱو بڇڙي جو بڇڙو) بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.

  52. هي (قرآن) اهڙن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو اطلاع آهي ته جيئن ماڻهو ان جي ذريعي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريا وڃن ۽ جيئن هن ڳالھ جي پڪ ٿئين ته فقط اهو خدا هڪ ئي معبود آهي پڻ هن ڪري ته جيڪي عقل وارا آهن (سي) نصيحت (۽ عبرت) حاصل ڪن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found