جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت رعد

ٽوٽل آيتون: 43

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. المرا. هي ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. ۽ اوهان جي پروردگار جي طرف کان جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، بلڪل حق آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين.

  2. الله اهو آهي جنهن ٿنبن کان سواءِ آسمانن کي بلند ڪيو جن کي اوهين ڏسو ٿا. پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو پڻ سج ۽ چنڊ کي (پنهنجو) تابعدار ڪيو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي (دنيا جي) هر هڪ ڪم جو انتظام ڪري ٿو ۽ هن غرض سان ته اوهين ماڻهين پنهنجي پالڻهار جو يقين ڪريو (پنهنجيون) آيتون کولي بيان ڪري ٿو.

  3. ۽ هو اهو آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ (وڏا وڏا) جبل ۽ نديون پيدا ڪيائين ۽ هن هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم (جيئن کٽا مٺا) بنايا، اهو رات (جي پردي) سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو. بيشڪ جيڪي ماڻهو غور فڪر ڪن ٿا تن لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  4. ۽ خود زمين کي (ڏسو!) ڪيئي ٽڪر پاڻ ۾ مليل آهن. پڻ انگور جا باغ ۽ پوک ۽ کجيءَ جا وڻ ڪي هڪ پاڙ ۽ ٻن شاخن (يا ٿڙن سان) ۽ ڪي اڪيلا (هڪ ئي ٿڙ وارا) جيتوڻيڪ سڀ هڪ ئي پاڻيءَ سان اپاريا وڃن ٿا. ۽ ميون ۾ هڪڙن کي بين تي ترجيح ڏيون ٿا. بيشڪ جيڪي ماڻهو عقل وارا آهن تن جي لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  5. ۽ جيڪڏهن اوهان کي (ڪنهن ڳالھ تي) تعجب ٿو ٿئي ته ڪافرن جي هن چوڻ تي عجب آهي ته: جڏهن اسين (سڙي ڳري) مٽي ٿي وينداسون ته ڇا اسين (وري ٻيو ڀيرو) هڪ نئون جنم وٺي اينداسون؟ هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار سان ڪفر ڪيو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي گردنن ۾ (قيامت جي ڏينهن) طوق پيل هوندا ۽ اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن، جو ان ۾ هميشه رهندا.

  6. ۽ (اي رسول!) اهي ماڻهو تو کان ڀلائي کان اڳ ۾ ئي برائيءَ (عذاب) جي جلدي مچائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن کان اڳ (ڪيترن ئي ماڻهن جون) سزائون ٿي چڪيون آهن. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن شرارتن هوندي به ماڻهن لاءِ وڏو بخشش (۽ ڪرم) وارو آهي ۽ هن ۾ شبه نه آهي ته تنهنجو پروردگار تمام سخت عذاب (ڏيڻ) وارو آهي.

  7. ۽ ڪافر چون ٿا ته هن شخص (محمد) تي سندس پروردگار کان ڪا به نشاني (اسان جي مرضيءَ موافق) ڇو ڪين نازل ٿي ٿئي! (اي رسول!) تون ته (فقط خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين ۽ هر قوم جي لاءِ (وري) هڪ هدايت ڪرڻ وارو آهي.

  8. ۽ سڀ ڪا مادي جيڪو (پنهنجي پيٽ ۾) حمل جهلي ٿي تنهن کي خدا ئي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي ڳڀيرڻيون گهٽائين وڌائين ٿيون تن (سڀني) کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ ان وٽ سڀ ڪنهن شي جو اندازو آهي.

  9. (اهو) ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، (سڀ کان) وڏو (۽) عاليشان آهي.

  10. جيڪو اوهان مان آهستي ڳالھ ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍيان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪندڙ ۽ ڏينهن جو هلندڙ آهي (سي سڀئي ان وٽ) برابر آهن.

  11. (انسان ڪهڙي به حالت ۾ هجي تڏهن به) ان لاءِ سندس اڳيان ۽ سندس پويان پهريدار (فرشتا) آهن، اهي الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين پنهنجي نفسي حالت پاڻ نه بدلائين. ۽ جڏهن خدا ڪنهن قوم سان برائيءَ جو ارادو ڪري ٿو ان برائيءَ کي ڪو به ڦيرڻ وارو نه آهي، ۽ سندس ان کان سواءِ ڪو والي (۽ وارث) آهي.

  12. هو اهو آهي جيڪو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي (وڄ) ٿو ڏيکاري ۽ (پاڻي سان ڀريل) ڳرا ڪڪر ٿو اٿاري.

  13. ۽ گجگوڙ ڪندڙ (ڪڪر) ۽ ملائڪ سندس ڊپ کان سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ اهو ئي (آسمان مان) وڄون ٿو موڪلي پوءِ جنهن تي گهري تنهن تي اهي ڪيرائي ٿو. ۽ اهي (ڪافر) الله جي ڳالھ ۾ (خواھ مخواھ) جهڳڙو ڪن ٿا، هوڏانهن هو زبردست طاقت وارو آهي.

  14. (مصيبت جي وقت) ان کي ئي سڏڻ حق آهي ۽ جيڪي الله کان سواءِ (ٻين کي) سڏين ٿا سي کين ڪجھ به جواب نٿا ڏين مگر جيئن ڪو (اڱرين ملائڻ کان سواءِ) پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏي ڊگها ڪري ته (پاڻي از خود) ان جي وات تائين پهچي هوڏانهن اهو پاڻي تائين نه پهچندو ۽ ڪافرن جو سڏڻ به بيڪار آهي.

  15. ۽ جيڪي آسمانن زمين ۾ (مخلوقات مان) جيڪي به آهن سي خوشيءَ ۽ زبردستي سان انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام جو الله کي (سندس قانون مطابق) سر بسجود آهن (سر نوڙائن ٿا)

  16. (اي رسول! کين) چئو ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار ڪير آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا؟ تون ئي) چوين ته الله آهي (اهو به) چوين ته ڇا اوهان ان کان سواءِ ٻيا اهڙا سرپرست ڪري ورتا آهن جي پاڻ کي به ڪنهن فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نه ٿا رکن! (۽ هي به) چوين ته ڇا انڌو ۽ سٺو (ٻئي) برابر آهن؟ (هرگز نه) يا ڀلا اوندھ ۽ سوجهرو (پن پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ (هر گز نه) انهن الله سان اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن ڇا جن خدا جي پيدا ڪرڻ وانگر ڪجھ پيدا ڪيو هجي جنهن ڪري مخلوقات مٿن مشتبه ٿي هجي (۽ سندن خدائيءَ جي قائل ٿي هجي) تون چوين ته خدا ئي هرشيءَ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو (۽) زبردست آهي.

  17. هن، آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واھ وهي هليا، پوءِ وهندڙ پاڻيءَ جي ريلي تي (خوش کائي) گجي (ڦيڻ آئي) ۽ ان شيءِ (معدنيات) سان به جنهن کي اهي زيور يا ٻه ڪا شيءِ بنائڻ لاءِ باھ ۾ تپائين ٿا ته اهڙي گجي اچي ٿي (پوءِ جدا ٿي وڃي ٿي) اهڙيءَ طرح خدا حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو (جو پاڻي حق جو مثال ۽ گجي باطل جو) غرض ته سڪي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن شي مان ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو (پاڻي) سو زمين ۾ باقي رهي ٿو. خدا (ماڻهن جي سمجھ واسطي اهڙيءَ طرح مثال بيان ڪري ٿو.

  18. جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو چيو قبول ڪيو تن لاءِ ته ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي. ۽ جن ماڻهن سندس چيو قبول نه ڪيو (قيامت ۾ تن جي حالت هيءَ هوندي) جو جيڪڏهن کين سموري زمين جا سڀ خزانا بلڪه ان سان گڏ اوترو ٻيو (خزانو) به ملي وڃن ته پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ان کي خوشيءَ سان ڏين (تڏهن به ڪو فائدو نه ٿيندن) اهي ماڻهو اهي آهن جن کان بري طرح حساب ورتو ويندو ۽ آخر سندن ٺڪاڻو دوزخ (ئي) آهي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.

  19. (اي رسول) ڀلا اهو شخص جيڪو هي ڄاڻي ٿو ته جيڪي تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو (بلڪل) سچ آهي، ڪڏهن ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪو صفا انڌو آهي (ڪڏهن نه! هن مان ته) فقط سمجهدار ماڻهو ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.

  20. (اهي) اهي ماڻهو آهن جن خدا سان جيڪو (به) وعدو ڪيو ان کي پاڙين ٿا ۽ پنهنجي انجام کي نه ٿا ٽوڙين.

  21. (هي) اهي شخص آهن جو، جن (تعلقات) قائم رکڻ جو خدا (کين) حڪم ڪيو تن کي برقرار رکن ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا پڻ (قيامت جي ڏينهن) بري طرح حساب جي وٺڻ کان خوف رکن ٿا.

  22. ۽ (هي) اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ (جيڪا به مٿن مصيبت آئي ٿي تنهن کي) سٺائون ۽ پابندي سان نماز قائم ڪئي، ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪيائون ۽ ڀلائيءَ سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا. هي اهي آهن جن جي لاءِ آخرت جي (چڱائي خاص) آهي.

  23. (يعني) هميشه رهڻ وارا باغ جن ۾ اهي، پاڻ ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولادن مان جي نيڪ هوندا، سي داخل ٿيندا ۽ وٽن (جنت جي) سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ انهن وٽ ايندا.

  24. (۽) سلام عليڪم (کان پوءِ کين چوندا) ته (دنيا ۾ جيڪو) اوهان صبر ڪيو هو (هي تنهنجو بدلو ڏسو) ته آخرت جو گهر ڪهڙو (نه) مزي جهڙو آهي؟

  25. ۽ جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ جنهن (ڀائپيءَ) کي ڳنڍڻ جو خدا حڪم ڪيو آهي تنهن کي ٽوڙين ٿا، ۽ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا رهن ٿا، تن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (جهنم) آهي.

  26. (۽) الله جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو. (جنهن لاءِ گهري ته) تنگ ڪري ۽ اهي ماڻهو دنيا (فاني) جي حياتيءَ تي نهال آهن! هوڏانهن دنيا جي زندگي (نعيم) آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪا شي نه آهي.

  27. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي چون ٿا ته هن تي (تو تي اسان جي مرضي موجب) ڪو معجزو سندس پروردگار طرفان ڇو ڪين ٿو نازل ٿئي؟ تون چوين ته بيشڪ خدا جنهن کي گهري گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي ۽ جيڪو ان ڏي رجوع ٿيو تنهن کي پاڻ تائين (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.

  28. هي اهي شخص آهن جن ايمان آندو ۽ انهن جي دلين کي خدا جي ياد سان تسلي ٿئي ٿي. ياد رکو! ته خدا جي يادگيريءَ سان ئي دلين کي تسلي ٿئي ٿي.

  29. جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (بهشت ۾) طوبى ۽ خوشحالي ۽ انجام بخير آهي.

  30. (اي حبيب) جيئن اسان ٻيا رسول موڪليا) تئين اسان تو کي هن امت ڏي موڪليو آهي، جنهن کان اڳ ٻيون به ڪيتريون ئي امتون گذري چڪيون آهن ته جيئن اهو قرآن جيڪو اسان تو تي وحي جي ذريعي موڪليو آهي کين پڙهي ٻڌائي، اهي ماڻهو نه رڳو تنهنجا (پر ماڳهين) خدا جا به انڪاري آهن. کين چئو ته اهو ئي منهنجو پروردگار آهي، ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، مٿس ئي ڀروسو رکان. ان ڏي ئي رجوع ڪريان ٿو.

  31. ۽ جيڪڏهن اهڙو قرآن (به نازل ٿيل) هجي ها پنهنجي برڪت سان جبلن کي هلائجي يا ان جي ڪري زمين (جو پنڌ يڪدم) پورو ڪجي يا ان جي ذريعي سان مئل اٿي ڳالهائين (تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا) پر (حقيقت هي آهي ته) سمورو ڪم الله جي وس ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارن نه سمجهيو ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته سڀني ماڻهن جي هدايت ڪري ها ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن تي سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ ڪا (نه ڪا) مصيبت پهچندي رهندي يا (مٿن نه پئي) ته سندن گهرن جي ويجهو (ضرور) پئي لهندي جيستائين خدا جو وعدو (فتح مڪه) اچي پورو ٿئي. بيشڪ خدا پنهنجي وعدي خلافي نٿو ڪري.

  32. ۽ (اي حبيب) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن تي مسخري ڪئي وئي آهي ته مون (ڪجھ وقت) ڪافرن کي ڍر ڏنيم پوءِ کين پڪڙيم (پوءِ) منهنجي سزا ڪيئن هئي؟

  33. ته ڇا جو (خدا) هر شخص جي ڪرتوتن جي خبر رکي ٿو (تن کي ائين ئي ڇڏي ڏيندو؟ ڪڏهين نه! پڻ انهن ماڻهن خدا جا (ڪيترائي شريڪ بنائي ڇڏيا. (اي پيغمبر) کين چئو ته آخر اوهان انهن جا نالا ته ٻڌايو يا اوهين خدا کي اهڙن شريڪن جي خبر ڏيو ٿا جن کي اهو ڄاڻي به نه ٿو ته اهي زمين ۾ (ڪي) آهن يا (فقط مٿاڇري) ڳالھ ڪريو ٿا (پر اصل هئين آهي ته) ڪافرن کي سندن مڪاريون سهڻيون ڪري ڏيکاريون ويون آهن ۽ هي (ڄڻ ته) سڌي گس کان روڪيا ويا آهن. پڻ الله جنهن شخص کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان جي هدايت ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي.

  34. انهن لاءِ دنيا جي زندگي ۾ (به) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته پڪ اڃا به سخت ظاهر ٿيندو. ۽ انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪو به بچائڻ وارو نه آهي.

  35. جنهن باغ (بهشت) جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي (تنهن جي صفت هيءَ آهي) ته ان جي هيٺان نهرون جاري هونديون، ان جا ميوا سدا بهار ۽ ان جي ڇانوَ به، اهو پرهيزگارن جو بدلو آهي، ۽ ڪافرن جو بدلو (دوزخ جي) باھ آهي.

  36. ۽ (اي حبيب) جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي ته جيڪي (حڪم) تو تي نازل ڪيل آهن، سڀني سان خوش آهن ۽ ڪي فرقا ان جي ڪن ڳالهين کان انڪاري آهن تون (کين) فرماءِ ته اوهين (مڃو يا نه مڃو) مون کي ته هي حڪم مليل آهي ته آءُ خدا جي عبادت ڪريان، ڪنهين کي سندس شريڪ نه بنايان آءُ (سڀني کي) ان ڏي سڏيان ٿو ۽ هر شخص کي نيٺ ان ڏي هلڻو آهي.

  37. ۽ ائين اسان هن قرآن کي عربي (زبان) جو فرمان نازل فرمايو ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن ان کان پوءِ جو تو ڏي علم (قرآن) اچي چڪو، سندن نفساني خواهشن جي پيروي ڪئي ته ياد رک ته پوءِ خدا جي طرف کان نه ڪو تنهنجو سرپرست هوندو (۽) نه ڪو ئي بچائڻ وارو.

  38. ۽ اسان تو کان اڳ ۾ (به) ڪيترائي پيغمر موڪليا پڻ اسان کين زالون به ڏنيون ۽ اولاد (به عطا ڪيا) ۽ ڪنهن پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو ڪو به معجزو خدا جي اجازت کان سواءِ آڻي ڏيکاري. هر هڪ (وعدي ڪيل) وقت جي لاءِ (اسان وٽ) هڪ (قسم جي) تحرير (هوندي) آهي.

  39. (پوءِ ان مان) جنهن کي خدا گهري ٿو سو مٽائي ٿو ۽ (جيڪي گهري ٿو سو) باقي رکي ٿو. ۽ وٽس اصل ڪتاب (لوح محفوظ موجود) آهي.

  40. ۽ جيڪي وعدا (عذاب وغيره جا) اسين انهن ڪافرن سان ڪريون ٿا، چاهي انهن مان ڪي تنهنجي هوندي پورا ڪريون يا تو کي انهن کان اڳ ۾ ئي کڻي وٺون (ٻنهي صورتن ۾) تو تي رڳو پيغام پهچائڻ فرض آهي ۽ انهن کان حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي.

  41. ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين زمين کي (فتوحات اسلام سان) سندس سڀني پاسن کان (ڪفر جي اثر ۾) گهٽائيندا ٿا اچون ۽ خدا جيڪي (گهري ٿو) حڪم ڪري ٿو. سندس حڪم کي ڪو به رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ هو تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.

  42. ۽ جي ماڻهو انهن کان اڳ هئا انهن پڪ ڪيئي تدبيرون ڪيون مگر تدبيرن جو بدلو ڏيڻ ته خدا جو حڪم آهي. سڀ ڪو نفس جيڪي ڪري ٿو تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ جلد ڪافر به ڄاڻندا ته آخرت جي بهتري ڪنهن جي لاءِ آهي.

  43. ۽ (اي حبيب) ڪافر ماڻهو چون ٿا ته تون پيغمبر نه آهين ته تون (کين) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (منهنجي رسول هئڻ بابت) شاهديءَ لاءِ خدا ۽ اهو شخص ڪافي آهي، جنهن وٽ (آسماني) ڪتاب جو علم آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found