آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت يوسف

ٽوٽل آيتون: 111

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الرا. هي ظاهر روشن ڪتاب جون آيتون آهن.

  2. اسان هن (ڪتاب) قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهين سمجهو.

  3. (اي رسول!) اسين تو تي هي قرآن نازل ڪري تو سان هڪ تمام سٺو قصو بيان ڪريون ٿا، توڙي جو تون هن کان اڳ (هن قصي کان) صفا بيپرواھ هئين.

  4. (اهو ياد ڪريو) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو اي بابا! مون ٻارنهن ستارن ۽ سج ۽ چند کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.

  5. يعقوب چيو اي پٽ! (خبردار) پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج! (نه ته) اهي تنهنجي لاءِ ڪا مڪاري رٿيندا. پڪ ڄاڻ ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي.

  6. ۽ جيڪي (تو ڏٺو آهي) ائين ئي ٿيندو جو تنهنجو پالڻهار تو کي برگزيده ڪندو ۽ تو کي خوابن جي تعبير جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري چڪو آهي اهڙي ريت تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  7. (اي رسول!) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ پڇڻ واري (يهودا) لاءِ (تنهنجي نبوت جون) پڪ ڪيئي نشانيون آهن.

  8. جڏهن (يوسف جي ڀائرن) چيو ته جيتوڻيڪ اسين گهنار آهيون تڏهن به يوسف ۽ سندس سڳو ڀاءُ (بنيامين) اسانجي پيءُ وٽ تمام گهڻو پيارو آهي. تحقيق اسان جو بابو ظاهر غلطي تي آهي.

  9. (خير) ته هاڻي مناسب هئين آهي ته يا ته يوسف کي ماري ڇڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) کيس ڪنهن هنڌ (هلي) اڇلي اچو ته پوءِ توهان جي والد جو پيار اوهان ڏي ٿيندو، ۽ تنهن کان (نيٺ) اوهين سڀئي (بابي جي توجه سان) چڱا مڙس ٿي ويندا.

  10. هنن مان هڪ چوڻ واري چيو ته يوسف کي قتل ته نه ڪريو باقي جيڪڏهن اوهان کي ائين ئي ڪرڻو آهي ته کيس ڪنهن ٻٽي کوھ ۾ اڇليو. ڪوئي مسافر کيس ڪڍي ويندو (۽ اوهان جو مطلب حاصل ٿي ويندو)

  11. سڀني (يعقوب کي) چيو اي بابا! نيٺ ان جو ڇا سبب آهي جو اوهين يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿا ڪريو؟ هوڏانهن اسين ته سندس سڄڻ آهيون.

  12. اوهين سڀاڻي کيس اسان سان ڇڏيو ته (جهنگ) جا ميوا خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگهبان آهيون.

  13. يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڄڻ مون کي (ڏاڍو) ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءُ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو.

  14. اهي چوڻ لڳا ته جڏهين اسين پاڻ ۾ گهڻا (به) آهيون (پوءِ به) جيڪڏهن کيس بگهڙ کاڌو ته (پوءِ) پڪ اسين (نڪما) گهاٽي کڻڻ وارا ٿينداسون.

  15. نيٺ يوسف کي جڏهن اهي وٺي ويا ۽ هن ڳالھ تي ٻڌي ڪيائون ته کيس انڌي کوھ ۾ اڇليون ۽ (نيٺ انهن ائين ڪيو) ته اسان يوسف کي وحي ڪيو ته (نه ڊڄ) اسين جلد تو کي وڏي رتبي تي رسائينداسون، (۽ تون) کين ان ڪم (خراب بابت) ٽوڪيندين جڏهن انهن کي ان طرف ڌيان به نه هوندو.

  16. ۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (مڪر ڪري) رئيندا پٽيندا آيا.

  17. ۽ چوڻ لڳا اي بابا! اسين ته گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ايتري ۾ بگهڙ اچي کيس کاڌو ۽ اسين اگرچه سچا به هجون پر اوهان کي اسان جي ڳالھ تي پڪ ئي ڪين ايندي.

  18. ۽ اهي ماڻهو يوسف جي قميصن تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفس بچاءَ جي لاءِ هي ڳالھ ٺاهي آهي (نه ته قميص ضرور ڦاٽل هجي ها) پوءِ صبر ۽ شڪر آهي ۽ جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن تي خدا کان ئي مدد گهرڻي آهي.

  19. ۽ (خدا جي قدرت جو) هڪ قافلو (اتي) اچي لٿو ته هنن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو ۽ ان پنهنجو ڏول (کوھ ۾) وڌو ئي ته (يوسف منجهس ويهي رهيو ته هن ڇڪي ڪڍيو) چيائين واھ! هي ته ڇوڪرو آهي! ۽ قافلي وارن کيس قيمتي سوعات سمجهي لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪري رهيا هئا تنهن کان خدا چڱي طرح واقف هو.

  20. (جڏهن سندس ڀائرن کي خبر پئي ته اچي کيس غلام سڏيو) ۽ انهن، يوسف کي ٿورڙن کوٽن ٽڪن تي وڪيو ۽ اهي (يوسف) کان بيزار ئي هئا.

  21. اهي (يوسف کي وٺي مصر پهتا ۽ اتي وڏي فائدي سان کين وڪيائون) ۽ مصر جي ماڻهن مان (عزيز مصر) جنهن کيس خريد ڪيو هيو پنهنجي زال (زليخا) کي چيو ته هن کي عزت ۽ آبرو سان رک! عجب نه آهي ته جو هن مان فائدو پهچي يا (وري) کيس پنهنجو پٽ ئي بنايون ۽ ائين اسان يوسف کي ملڪ (مصر) ۾ (جڳھ ڏئي) قابض بڻايو ۽ مطلب هي هئو ته اسين کيس خواب جي ڳالهين جو تعبير سيکاريون. ۽ خدا ته پنهنجي ڪم تي (هر طرح) غالب (۽ قادر) آهي پر گهڻا ماڻهو (ان کي) نٿا ڄاڻن.

  22. ۽ يوسف جڏهن جواني کي پهتو ته اسان کيس حڪم (نبوت) ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسين اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون.

  23. ۽ جنهن عورت (زليخا) جي گهر ۾ يوسف رهندو هو، تنهن پنهنجي (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ خود سندس آرزو ڪئي، ۽ هن سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ (بي خود ٿي) چوڻ لڳي آءُ!(هلي آءُ) يوسف چيو معاذ الله! اهو (تنهنجو مڙس) منهنجو مالڪ آهي، جنهن مون کي سٺي طرح رکيو آهي (آءُ اهڙو ظلم ڪيئن ڪندس) بيشڪ اهڙو ظلم ڪرڻ وارا ڪامياب نه آهن.

  24. زليخا ته هن سان (بڇڙو) ارادو ڪري ئي چڪي هئي. پر جيڪڏهن هي پنهنجي پروردگار جو دليل نه ڏسي چڪو هجي ها ته ارادو ڪري وهي ها (اسان کيس اهڙي طرح بچايو) ته جيئن هن کان برائيءَ ۽ بدڪاريءَ کي پري رکون. بيشڪ هو اسان جي خالص عبدن مان هو.

  25. ۽ ٻئي ڄڻا دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ زليخا سندس قميص کي پٺيءَ کان ڇڪي ڦاڙيو ۽ انهن ٻنهي دروازي وٽ زليخا جي مڙس کي ڏٺو زليخا يڪدم (پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته جيڪو تنهنجي زال سان بدڪاري جو ارادو ڪري تنهن جي سزا هن کانسواءِ ٻي نه آهي جو يا ته کيس قيد ڪيو وڃي يا (وري مٿس) دردناڪ عذاب ڪيو وڃي.

  26. يوسف چيو هن ئي مون کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ زليخا جي ئي قبيلي وارن مان هڪ شاهدي ڏيڻ واري (کير پياڪ ٻار) شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان جي قميص اڳ کان ڦاٽي آهي ته اها سچي آهي ۽ هي ڪوڙن مان آهي.

  27. پر جيڪڏهن ان جي قميص پٺ کان ڦاٽي آهي ته هي ڪوڙي آهي ۽ هو سچن مان آهي.

  28. پوءِ جڏهن عزيز مصر سندس قميص پٺيان ڦاٽل ڏٺي ته (زال کي) چوڻ لڳو ته اهو اوهان (زالن) جي مڪرن مان (هڪ مڪر) آهي. بيشڪ اوهان (زالن) جو مڪر تمام وڏو آهي.

  29. ۽ (يوسف کي چيائين) اي يوسف: هن کي ڇڏي ڏي ۽ (زال کي چيائين ته) تون پنهنجي گناھ جي معافي گهر ڇو ته تون ئي پڪ ڏوهارين مان آهين.

  30. ۽ (مصر) شهر ۾ زالون چرچو ڪرڻ لڳيون ته عزيز (مصر) جي زال پنهنجي غلام سان (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ جي هوس رکي ٿي. بيشڪ (غلام لاءِ) محبت سندس دل ۾ ڄمي وئي آهي. اسين ته پڪ کيس ظاهر غلطي ۾ (ورتل) ڏسون ٿيون.

  31. پوءِ جڏهن زليخا سندن ٽوڪيون ٻڌيون ته هن، انهن عورتن کي سڏائي ۽ انهن جي لاءِ هڪ خاص مجلس تيار ڪيائين. ۽ انهن مان هر هڪ کي چاقو (۽ هڪ هڪ نارنج ڏئي ۽ چيائين ته جڏهن اوهان جي اڳيان اچي ته وڍي هڪ ڦار کيس ڏجو) ۽ يوسف کي چيائين ته هاڻي هنن اڳيان ته نڪري وڃ! ته جڏهن انهن عورتن کيس ڏٺو ته ان کي تمام حسن وارو ڏسي سڀني (بي خودي مان) پنهنجا پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا ۽ چوڻ لڳا ته خدا پاڪ آهي، هي آدمي ته نه آهي! هي ته ڪو عزت وارو فرشتو آهي.

  32. (تڏهن زليخا انهن کي) چيو ته بس! هي اهو ته آهي جنهن لاءِ اوهان سڀني مون کي ٽوڪيو ٿي ۽ هاءُ هن کان آءُ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ واري هيس پر هن پاڻ کي بچايو. ۽ جيڪو حڪم ان کي ڪريان ٿي سو جيڪڏهن نه ڪندو ته ضرور کيس قيد ڪيو ويندو ۽ ذليل به ٿيندو.

  33. (اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي يوسف منهنجي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، اي منهنجا پالڻهار! جنهن ڪم ڏي هي عورتون مون کي سڏين ٿيون ان کان مون کي قيد خانو وڌيڪ وڻي ٿو. جيڪڏهن تون سندن مڪر کي دفع نه ڪندين ته (شايد) آءُ انهن ڏي مائل ٿي وڃان ۽ آءُ جاهلن ۾ ڳڻيو ويندس.

  34. پوءِ سندس پالڻهار هن جي ٻڌي. پوءِ ان کان زالن جي مڪر کي دفع ڪيائين. بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  35. پوءِ (عزيز مصر ۽ سندن ماڻهن) توڙي جو (يوسف جي پاڪدامنيءَ جون) نشانيون ڏٺيون هئائون پوءِ به کين مناسب معلوم ٿيو ته ڪجھ ميعاد لاءِ کيس قيد ۾ رکجي.

  36. ۽ يوسف سان گڏ ٻيا به ٻه جوان ماڻهو (قيد خاني ۾) داخل ڪيا ويا. (ڪجھ ڏينهن کان پوءِ) انهن مان هڪ چيو ته مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته آءُ شراب (بنائڻ لاءِ انگور) نپوڙي رهيو آهيان ۽ ٻئي چيو، مون (خواب ۾) پاڻ کي ڏٺو ته منهنجي مٿي تي مانيون آهن ۽ تن مان پکي ٿا کائن (يوسف) اسان کي ان جو تعبير ٻڌاءِ ڇو ته اسين تو کي نيڪن مان سمجهون ٿا.

  37. يوسف چيو جو کاڌو اوهان کي (قيد خاني ۾) ڏنو وڃي ٿو اهو ايندو به نه ته آءُ توهان کي ان جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي تعبير ٻڌائندس. ۽ خواب جو تعبير به انهن ڳالهين مان آهي جيڪي منهنجي پورودگار مون کي سيکاريون آهن مون انهن ماڻهن جو مذهب ترڪ ڪري ڇڏيو آهي جيڪي خدا تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ اهي ماڻهو آخرت جا به انڪاري آهن.

  38. ۽ آءُ ته پنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي مذهب جو تابعدار آهيان. اسان کي مناسب نه آهي جو اسين خدا (جي ذات) سان ڪنهن کي (سندس شريڪ ڪريون، اها به خدا جي هڪ مهرباني آهي اسان تي به ۽ سڀني ماڻهن تي پر ڪيترائي ماڻهو سندس شڪر (به) ادا نه ٿا ڪن.

  39. اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (ڪجھ سوچيو ته) ڀلا جدا جدا (ڪيئي) معبود چڱا آهن يا اڪيلو زبردست الله؟

  40. (افسوس) اوهين ته خدا واحد کي ڇڏي رڳو انهن ڪجھ نالن جي پوڄا ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن من گهڙت ٺاهيو آهي. خدا تعالى ته هنن لاءِ ڪو به دليل نازل نه فرمايو (آهي) حڪومت ته فقط خاص الله جي لاءِ ئي آهي. ان ته حڪم ڪيو آهي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. اهو ئي سڌو دين آهي (افسوس جو) گهڻا ماڻهو نه ٿا سمجهن.

  41. اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (چڱو هاڻي تعبير ٻڌو) توهان مان هڪ جنهن انگور ڏٺا (آزاد ٿي) پنهنجي مالڪ کي شراب پيارڻ جو ڪم ڪندو ۽ ٻيو (جنهن پنهنجي سر تي مانيون ڏٺيون آهن) سو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي سندس سر کي (چکي چکي) کائيندا. جنهن امر کي اوهين پڇو ٿا اهو (اهو ئي آهي) ۽ طي ٿي چڪو آهي.

  42. ۽ هنن ٻن مان جنهن بابت يوسف سمجهيو هو ته هي آزاد ٿيندو تنهن کي چيائين ته پنهنجي مالڪ وٽ منهنجي ڳالھ به ڪج! (ته آءُ بي ڏوهو قيد ۾ آهيان) ته شيطان ان کان سندس مربيءَ وث ڳالھ ڪرڻ ڀلائي ڇڏي ته يوسف قيد خاني ۾ ڪيئي سال رهيو.

  43. ۽ تڏهين بادشاھ (به خواب ڏٺو ۽) چيائين: مون ڏٺو آهي ته ست ٿلهيون ڍڳيون آهن تن کي ست ڏٻريون ڍڳيون کائين ٿيون ۽ ستن ساون سنگن کي ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) کي به (ڏسان ٿو) اي (منهنجي) درٻار جا سردارو! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي خواب جو تعبير اچي ٿو ته منهنجي (هن) خواب جو تعبير ٻڌايو.

  44. هنن عرض ڪيو هي ته پريشان خواب ئي آهن. ۽ اسين اهڙي (پريشان) خواب جو تعبير ٻڌايو...

  45. ۽ جيڪو هنن ٻن مان آزاد ٿيو هئو (ساقي) ۽ کيس هڪ زماني کان پوءِ يوسف جي ڳالھ) ياد آئي، چيائين ته مون کي (قيد خاني تائين) وڃڻ ڏيو ته آءُ هن (خواب) جو تعبير ٻڌائيندس.

  46. (مطلب ته هو ويو ۽ يوسف کي چيائين ته) اي يوسف اي وڏا سچا! ٿورو اسان کي هي ته ٻڌائي ته ست متاريون ۽ تازيون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) جو تعبير (ڇا آهي؟) ته آءُ ماڻهن ڏي موٽي وڃان (۽ ٻڌايان) ته انهن کي به تنهنجو قدر) معلوم ٿئي.

  47. يوسف چيو (ان جو تعبير هي آهي ته) اوهين سانده ست سال پوک ڪندا رهندو ته جيڪو (فصل) اوهين لڻو تنهن کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (ان) جي جيڪو اوهين پاڻ کائو.

  48. تنهن کان پوءِ سخت (ڏڪر جا) ست سال ايندا جن ۾ اوهان ماڻهن انهن ستن سالن لاءِ اڳ ۾ ئي ڪٺو ڪري رکيو هوندو تنهن کي کائي ڇڏيندا، سواءِ ٿوري (ان) جي جنهن کي (اوهان ٻج لاءِ) رکيو هوندو.

  49. وري تنهن کان پوءِ هڪ سال (اهڙو ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ مينهن وسندو ۽ ان ۾ رس نپوڙيندا.

  50. (اهو تعبير ٻڌندي ئي) بادشاھ حڪم ڪيو ته يوسف کي مون ڏي ته وٺي اچو. پوءِ جڏهن (سرڪاري) چوبدار (اهو حڪم کڻي) يوسف وٽ آيو ته يوسف فرمايو ته تون پنهنجي آقا وٽ وڃي کيس چئو ته (تو کي) انهن عورتن جو حال به معلوم آهي! جن (مون کي ڏسي) پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا هئا. ڇا! آءُ سندن طالب هئس يا اهي (منهنجون؟) بيشڪ منهنجو خدا سندن مڪرن کان چڱيءَ طرح آگاھ هو.

  51. (آخر بادشاھ انهن عورتن کي سڏايو ۽) پڇيو ته جڏهن اوهان يوسف کان پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي ته اوهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو؟ چوڻ لڳيون، الله پاڪ آهي! اسان کي ان جي ڪا برائي معلوم نه ٿي. (تڏهن) عزيز (مصر) جي زال (زليخا) چوڻ لڳي هاڻي ته سچي پچي ڳالھ سڀني تي ظاهر ٿي ته (اصل ڳالھ هيءَ آهي ته مون خود ان کان پنهنجو) مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي. بيشڪ اهو پڪ سچو آهي (اها ڳالھ چوبدار يوسف کي اچي ٻڌائي ته چيائين).

  52. اها ڳالھ مون ان لاءِ کولي ته جيئن بادشاھ کي معلوم ٿئي ته مون عزيز جي پر پٺ سندس امانت ۾ خيانت ڪا نه ڪئي ۽ خدا خيانت ڪرڻ وارن جي مڪاري ڪڏهن هلڻ نه ٿو ڏئي.

  53. ۽ (هوئن ته) آءُ به پاڻ کي (ترڪ اولى کان) ... نه ٿو چوان ڇو ته (بظاهر بشر آهيان) ۽ نفس ته سدائين برائيءَ ڏي ڇڪيندو ئي رهي ٿو پر جنهن تي منهنجو پروردگار رحم فرمائي (۽ گناھ کان بچائي) بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  54. ۽ بادشاھ حڪم ڏنو ته يوسف کي مون ڏانهن وٺي اچو ته آءُ کيس پنهنجو ذاتي ڪم لاءِ خاص (ماڻهو) ڪندس پوءِ جڏهن هن يوسف سان ڳالهيون ڪيون (ته يوسف جي عاليشان قابليت ثابت ٿي) هن حڪم ڏنو ته اڄ (کان) اسان جي سرڪار ۾ بلڪل باوقار ۽ معتبر آهين.

  55. يوسف فرمايو، (جيئن توهان منهنجي قدرداني ڪئي آهي ته) مون کي ملڪي خزاني تي مقررڪريو. ڇو ته آءُ ان جو امانت دار خزانچي (۽ ان جي حساب ڪتاب جو به) واقف آهيان.

  56. (نيٺ يوسف شاهي خزانن جو آفيسر مقرر ٿيو) ۽ اسان اهڙيءَ طرح يوسف کي مصر ملڪ جو قابض بنايو جو ان ۾ جتي چاهي (ته) رهي. اسين جنهن کي گهرون ٿا ته ان تي فضل (۽ احسان) ڪريون ٿا ۽ اسين نيڪ ماڻهن جو اجر اڪارت نه ٿا ڪريون.

  57. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا انهن لاءِ آخرت جو اجر ان کان (وري) گهڻو سٺو آهي.

  58. (۽ جيئن ته ڪنعان ۾ ڏڪر هئو تنهن ڪري) يوسف جا (پيئتا) ڀائر (اناج) خريدڻ لاءِ مصر ۾ آيا ۽ يوسف وٽ ويا ته ان کين يڪدم سڃاتو پر هنن کيس نه سڃاتو.

  59. ۽ جڏهن (يوسف سندن اناج) جو سامان ٺيڪ ڪيو ۽ (انهن موڪلايو) ته يوسف (انهن کي) چيو ته (هاڻي جو اچو ته) پنهنجي پيئتي ڀاءُ کي (جنهن کي گهر ڇڏي آيا آهيو مون وٽ آڻجو. ڇا اوهين نٿا ڏسو ته آءُ ماپ به بلڪل پوري ٿو ڏيان آءُ تمام سٺو مهمان نواز آهيان.

  60. پوءِ جيڪڏهن اوهان مون وٽ هن کي نه آندو ته اوهان لاءِ مون وٽ نه ڪجھ (اناج وغيره) هوندو (۽ نه وري) مون وٽ پهچي سگهندو.

  61. هنن چيو ته اسين سندن والد سان ان باري ۾ وڃڻ سان ئي عرض ڪنداسون ۽ اسين ضرور اهو ڪم ڪنداسون.

  62. ۽ يوسف پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته سندن (سڀ) رقم سندن ٻورين ۾ (لڪائي رکو) ته جيئن جڏهن اهي پنهنجي اهل (عيال) وٽ موٽي وڃن ته پنهنجي پونجيءَ کي سڃاڻن (۽ ان طمع تي) شايد وري موٽي اچن.

  63. مطلب ته جڏهن اهي پنهنجي والد وٽ موٽي آيا ته سڀني گڏجي عرض ڪيس ته اي بابا! (اسان کي وري) اناج ملڻ کان انڪار ڪيل آهي ته پوءِ اوهين اسان سان گڏ اسان جي ڀا۽ بنيامين کي موڪل ڏي ته جيئن اسان وري (به) اناج آڻيون ۽ ان جي چڱي طرح حفاظت ڪنداسون.

  64. يعقوب چيو ته آءُ هن جي باري ۾ اوهان جو اعتبار نه ٿو ڪريان پر ائين ئي جيئن هن کان اڳ هن جي ماءُ ڄائي ڀاءُ جي باري ۾ ڪيو هو. ته خدا هن جو سڀ کان وڌيڪ حفاظت ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي.

  65. ۽ جڏهن انهن پنهنجا پنهنجا اسباب کوليا ته پنهنجي پنهنجي پونجي کي ڏٺائون ته ساڳي واپس ڪيل آهي ته (پنهنجي پيءُ کي) چوڻ لڳا اي بابا! اسان کي (ٻيو) ڇا گهرجي! (ڏس ته) هيءَ اسان جي رقم به ته اسان کي واپس ڏني ويئي آهي ۽ (اناج مفت ۾ مليو هاڻي بنيامين کي اسان سان ڇڏ ته) اسين پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ اناج آڻيون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پوري حفاظت (به) ڪريون ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ اناج آڻيون (هي جو هينئر آندوسين) ٿورو اناج هو)

  66. يعقوب چيو ته جيستائين اوهين منهنجي روبرو خدا سان وعدو نه ڪندو ته اوهين هن کي مون وٽ سلامت وٺي ايندو پر هاءُ جڏهن اوهان خود گهيري ۾ اچي وڃو (ته ٻي ڳالھ آهي نه ته) آءُ اوهان سان گڏ هن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. جڏهن انهن سندس سامهون وعدو ڪيو ته يعقوب چيو ته اسين جيڪي چئون ٿا خدا ان جو ضامن آهي.

  67. ۽ يعقوب (پٽن کي هلڻ مهل نصيحت ڪندي) چيو ته اي پٽو! ڏسجو سڀئي گڏ) هڪ در مان داخل نه ٿجو (متان نظر نه لڳيو) پر جدا جدا درن مان داخل ٿجو آءُ اوهان کان ان (مصيبت) کي ٽاري نه ٿو سگهان جا خدا جي طرفان (اچي). حڪم ته (دراصل) الله جي لاءِ ئي آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو آهي ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

  68. ۽ جڏهن اهي سڀ ڀائر جيئن سندن والد حڪم ڏنو هون تئين (مصر ۾) داخل ٿيا. پر جو خدا جي طرف کان اچڻو هو تنهن کي يعقوب ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگهيو پر (هاءُ) يعقوب جي دل ۾ هڪ آرزو هئي جنهن کي هن اهڙي طرح پورو ڪيو ڇو ته هن ۾ ته شڪ نه آهي جو جيئن ته کيس اسان تعليم ڏني هئي علم وارو (ته) هئو ئي مگر گهڻا ماڻهو (ان کان به واقف نه آهن.

  69. ۽ جڏهن اهي يوسف وٽ پهتا ته يوسف پنهنجي سڳي ڀاءُ کي پاڻ وٽ (بغل ۾) جاءِ ڏني ۽ (آهستي) هن (بنيامين) کي چيائين ته آءُ تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان، ته پوءِ جيڪي (بدسلوڪيون) هي تو سان ڪن ٿا ان جو تون ڪجھ ڏک نه ڪر.

  70. پوءِ جڏهن يوسف انهن جي سفر جو سامان (اناج وغيره) ٺيڪ ڪرايو ته پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ پاڻيءَ جو پيالو (سندس اشاري سان) رکايو ويو. وري هڪ منادي واري وڏي آواز چيو ته اي قافلي وارو! (هجي نه هجي) پڪ اوهين ماڻهو چور آهيو.

  71. (اهو ٻڌي) سڏڻ واري ڏي موٽيا ۽ چيائون (آخر) اوهان جي ڪهڙيءَ شيءَ گم ٿي وئي آهي؟

  72. انهن چيو ته اسان کي بادشاھ جو پيالو نه ٿو لي. ۽ آءُ ضامن آهيان ته جيڪو ماڻهو ان کي آڻيندو تنهن کي هڪ اٺ جي ٻار (جو اناج) انعام ۾ ملندو.

  73. هنن چيو خدا جو قسم اوهين ته ڄاڻو ٿا ته (اوهان جي ملڪ) ۾ اسين (ڪو) فساد ڪرڻ لاءِ (ته) نه آيا هئاسين ۽ نه وري اسين (ڪي) چور آهيون.

  74. تڏهن انهن نوڪرن چيو جيڪڏهن اوهين ڪوڙا نڪتا ته پوءِ چور جي ڪهڙي سزا ٿيندي؟

  75. هنن (بي ڌڙڪ) چئي ڏنو ته ان جي سزا هوءَ آهي ته جنهن جي ٻوريءَ مان اهو پيالو نڪتو ته اهو ئي خود ان جو بدلو آهي، ته اهو مال جي بدلي ۾ غلام بنايو وڃي اسين ته پاڻ وٽ ظالمن (چورن) کي اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون.

  76. پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ ۾ انهن جي ٻورين جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي. پوءِ ان جي (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف جي ڀاءُ کي روڪڻ لاءِ اها تدبير ٻڌائي. (ڇو ته) بادشاهُ (مصر) جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر هاءُ جنهن کي خدا گهري. اسين جنهن کي چاهيون ٿا ان جا درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا. ۽ (دنيا ۾) هر صاحب علم کان وڌيڪ هڪ ٻيو عالم آهي.

  77. (نيٺ بنيامين روڪيو ويو ته اهي چوڻ لڳا جيڪڏهن ان چوري ڪئي ته (ڪهڙو تعجب) ان جي ڀاءُ (يوسف) به هن کان اڳ چوري ڪئي هئي ته يوسف (ان جو جواب نه ڏنو) ان کي دل ۾ لڪايو (پر) هي چيائين ته اوهين ماڻهو وڏا خانه خراب (برا ماڻهو) آهيو ۽ جيڪي (سندس ڀاءُ ڀاءُ جي چوري بابت) بيان ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱي طرح واقف آهي.

  78. (تنهن تي) هنن چيو اي عزيز! هن (بنيامين) جو والد تمام پوڙهو (آدمي) آهي (۽ هن کي گهڻو چاهيندو آهي) ته تون اسان مان ڪنهن هڪ کي وٺ (پر هن کي ڇڏ) ڇو ته اسين اوهان کي ڏاڍو نيڪ ماڻهو سمجهون ٿا.

  79. يوسف چيو معاذالله! (اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) اسان جنهن وٽان پنهنجي شيءَ لڌي آهي ان کي ڇڏي ٻئي کي پڪڙيون (جيڪڏهن ائين ڪيون) ته اسين بلڪل بي انصاف ٿينداسون.

  80. پوءِ جڏهن ان کان ناميد ٿيا ته اڪيلا ٿي مشورا ڪرڻ لڳا. انهن جي وڏي (ڀاءُ يهودا) چيو ته اوهان کي معلوم نه آهي ته اوهان جي پيءُ اوهان کان الله جو عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان قصوروار آهيو. ته (ڀائرو) جيستائين منهنجو والد مون کي اجازت (نه) ڏئي يا خود خدا مون کي ڪو حڪم (نه) ڏئي آءُ هن سرزمين تان هرگز نه هٽيندس. ۽ خدا ته سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي.

  81. اوهين پنهنجي والد ڏي واپس وڃو ۽ ان سان وڃي عرض ڪيو ته اي بابا! اوهان جي صاحبزادي چوري ڪئي ۽ اسان ته پنهنجي سمجھ مطابق (کيس واپس آڻڻ جو) انجام ڪيو هئو ۽ اسين ڪو غيبي (آفت) جا واقف ته ڪين هئاسين.

  82. ۽ اوهين ان شخص (مصر) جي ماڻهن کان جتي اسين هئاسين معلوم ڪريو پڻ ان قافلي (وارن کان) به جنهن ۾ اسين آيا آهيون (پڇو) ۽ اسين بلڪل سچا آهيون.

  83. (نيٺ) جڏهن انهن وڃي ڳالھ ڪئي ته) يعقوب چيو (هن چوري ڪا نه ڪئي آهي) پر اها ڳالھ اوهان پاڻ بڻائي آهي ته (خير!) صبر سٺو آهي. (مون کي) خدا ۾ اميد آهي ته سڀني (پٽن) کي مون وٽ رسائي. بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  84. ۽ يعقوب انهن کان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ (روئي) چوڻ لڳو هاءِ افسوس يوسف تي ۽ (ايترو ته رنو جو) اکيون ان غم کان اڇيون ٿي پيس، اهو وڏو ڏک سهڻ وارو هو.

  85. (اهو ڏسي سندس پٽ) چوڻ لڳا، اوهين ته هميشه يوسف کي ايستائين ياد ڪندا رهندو جو يا ته بيمار ٿيو يا جان تان هٿ کڻندو.

  86. يعقوب چيو (آءُ اوهان کي ڪجھ نه ٿو چوان) آءُ ته پنهنجي بيقراري ۽ ڏک جي شڪايت خدا سان ئي ڪريان ٿو ۽ خدا جي پاسي کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نه ٿا ڄاڻو.

  87. اي منهنجا پٽو! هڪ دفعو وري مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ کي (جيئن پوءِ تئين) ڳولي وٺي اچو ۽ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان سواءِ ڪافرن جي ٻيو ڪو به نااميد نه ٿيندو آهي.

  88. پوءِ جڏهن اهي (ٻيون دفعو) يوسف وٽ آيا ته (ڏاڍين آزين سان) عرض ڪيائون ته اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي (سموري) قبيلي کي (ڏڪر ڪري) وڏي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اسين ٿوري موڙي کڻي آيا آهيون ته اسان کي ان جي عوض) پورو اناج ڏي ۽ فقط قيمت تي نه پر اسان کي پنهنجو) صدقو خيرات به ڏي! بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏئي ٿو.

  89. (هاڻي ته يوسف کان نه رهيو ٿيو) چيائين ته ڇا اوهان کي معلوم آهي جيڪي اوهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو تڏهين اوهين جاهل هئا؟

  90. (تڏهن اهي ڪن هڻن لڳا) چوڻ لڳا ته ڇا! تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو هاءُ! آءُ ئي يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. بيشڪ مون تي خدا پنهنجو (فضل ۽ ڪرم) ڪيو ان ۾ شڪ نه آهي جو جيڪو شخص (هن کان) ڊڄي ٿو ۽ مصيبت ۾ صبر ڪري ته خدا ڪڏهين به اهڙن نيڪ بندن جو اجر نٿو وڃائي.

  91. هنن چيو خدا جو قسم، خدا تو کي اسان تي پڪ فضيلت عطا فرمائي آهي ۽ بيشڪ اسين پڪ ئي (پيرن کان چوٽيءَ تائين) خطا وارا آهيون.

  92. يوسف چيو هاڻي اڄ کان اوهان تي ڪا به ميار نه آهي. خدا توهان جا گناھ معاف فرمائي. اهو ته سڀ کان وڌيڪ رحيم آهي.

  93. هي منهنجي قميص کڻي وڃو ۽ وڃي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوندو. ۽ اوهين سڀئي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي مون ڏي اچو.

  94. ۽ جيئن ئي قافلو مصر کان هليو ته انهن جي والد (يعقوب) چيو هئو ته اوهين جيڪڏهن مون کي ڀورڙو نه سمجهو ته (هڪ ڳالھ چوان؟ اها هيءَ ته) مون کي يوسف جي بوءِ اچي ٿي.

  95. (اهي (قبيلي وارا، پوٽا ۽ ٻيا) چوڻ لڳا ته خدا جو قسم آهي ته بيشڪ تون پنهنجي پراڻي (خيال) محبت ۾ مبتلا آهين.

  96. پوءِ جڏهن يوسف جي خوشخبري ڏيڻ وارو آيو تڏهن ان اها قميص سندس منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. تڏهن يعقوب (پٽن کي) چيو ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪا ڳالھ اوهين نه ٿا ڄاڻو سا آءُ خدا جي طرفان ڄاڻان ٿو.

  97. انهن عرض ڪيو ته اي بابا! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي (خدا جي بارگاھ مان) معافي گهر! بيشڪ اسين (ڏاڍا) گنهگار آهيون.

  98. يعقوب چين ته آءُ اوهان لاءِ جلد ئي پنهنجي پروردگار کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  99. (نيٺ) جڏهن وري اهي ماڻهو (يعقوب سميت) هليا ۽ يوسف (کين) شهر کان ٻاهر وٺڻ آيو ته جڏهن اهي ماڻهو يوسف وٽ پهتا يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان وٺي (کين) چيو ته هاڻي انشاءَ الله وڏيءَ دلجاءِ سان مصر هلو.

  100. آخر (اتي پهچي) يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي تخت تي وهاريو ۽ سڀئي يوسف جي ادب جي لاءِ سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پيا. (تنهن وقت) يوسف چيو اي بابا! هي تعبير آهي انهيءَ پهرين خواب جو، منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. بيشڪ هن مون تي احسان ڪيو جڏهن مون کي هن قيد مان ڪڍيو ۽ جيتوڻيڪ مون ۾ ۽ منهنجي ڀائرن ۾ شيطان ٻيائي وڌي هئي، تنهن کان پوءِ به اوهان ماڻهن کي ڳوٺ (ڪنعان) مان (مصر شهر) ۾ آندو ۽ مون سان (ملايو) بيشڪ منهنجو پرودگار جيڪو ڪرڻ چاهي ٿو تنهنجي تدبير چڱي طرح ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  101. (تنهن کان پوءِ يوسف دعا گهري ته) پالڻهار! تون مون کي ملڪ به عطا فرمايو ۽ مون کي خواب جو تعبير به سيکاريو. (اي) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪندڙ! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو سرپرست ۽ مالڪ آهين. مون کي (دنيا مان) اسلام تي کڻ ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر.

  102. (اي رسول) اهو قصو غيب جي خبرن مان آهي جنهن کي اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (تو کي معلوم ٿئي ٿو نه ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر پاڻ ۾ پنهنجي ڳالھ جي صلاح ڪري رهيا هئا ۽ (کيس مارڻ جو) مشورو ڪري رهيا هئا تون انهن وٽ موجود ڪين هئين.

  103. ۽ ڪيترو به گهرين پر گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا آهن ئي ڪين.

  104. هوڏانهن تون انهن کان (تبليغ رسالت جو) ڪو به اجورو نٿو گهرين ۽ هي (قرآن) ته سموري جهان جي لاءِ نصيحت (ئي نصيحت) آهي.

  105. پڻ آسمانن ۽ زمينن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن کي اهي ماڻهو (رات ڏينهن) ڏسندا رهندا آهن ۽ (وري) ان کان منهن ڦيريندا رهندا اهن.

  106. ۽ گهڻن جي ته هيءَ حالت آهي جو اهي خدا تي ته ايمان نه ٿا آڻين پر شرڪ ڪندا رهن ٿا.

  107. ته ڇا کين ان ڳالھ جو ڊپ ڪونهي ته ڪو الله جو عذاب مٿن اچي پوي جو کين وڪوڙي وڃي يا مٿن اوچتو قيامت ئي اچي وڃي ۽ کين خبر به نه پوي.

  108. (اي رسول) انهن کي چئو! ته منهنجو طريقو ته هي آهي جو آءُ (ماڻهن کي) خدا جي پاسي سڏيان ٿو. (آءُ ۽ منهنجو تابع (ٻئي ڄڻا) پڪي (پختي) دليل تي آهيون. ۽ خدا (هر عيب ۽ نقص کان پاڪ صاف آهي ۽ آءُ مشرڪن مان نه آهيان.

  109. (اي رسول) تو کان اڳ ۾ به اسان ڳوٺن ۾ رهڻ وارن ڪجھ مردن کي (پيغمبر بنائي) پئي موڪليو آهي جو اسان مٿن وحي نازل ڪندا هئاسون. ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن؟ جو غور ڪن ها ته جي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي تن لاءِ آخرت جو گهر (دنيا کان) پڪ (ڪيئي) درجا وڌيڪ آهي ڇا اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن؟

  110. (اڳين نبين رسالت جي تبليغ) ايتري قدر ڪئي جو جڏهن (قوم جي ايمان آڻڻ کان) مايوس ٿيا ۽ انهن ڄاتو ته کين ڪوڙو ڪيو ويو ته انهن وٽ اسان جي (خاص) مدد اچي پهتي. پوءِ اسان جنهن کي چاهيو ته نجات ڏني ۽ اسان جو عذاب گنهگار ماڻهن جي سرن کان ٽاريو نه ٿو وڃي.

  111. هن ۾ شڪ نه آهي ته انهن ماڻهن جي ڳالهين ۾ عقلمندن جي لاءِ (کليل) عبرت (۽ نصيحت) آهي. هي (قرآن) ڪا اهڙي تهڙي ڳالھ نه آهي جو (اجايو سجايو) ٺاهي وٺجي بلڪه (جي آسماني ڪتاب) هن کان اڳ ۾ موجود آهن تن جي تصديق آهي ۽ هر ڳالھ جو تفصيل پڻ ايماندارن لاءِ (ته سموري) هدايت ۽ رحمت آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found