سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

سورت هود

ٽوٽل آيتون: 123

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الرا. هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون هڪ واقفڪار حڪيم جي طرف کان (دليلن سان) بلڪل پختيون ڪيون ويون. پڻ تفصيل وار بيان ڪيل آهن.

  2. هي ته خدا کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو. آءُ ته انهيءَ جي طرف کان اوهان کي (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ (بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو (رسول) آهيان.

  3. ۽ هي به ته پنهنجي پورودگار کان مغفرت جي دعا گهرو، پوءِ سندس بارگاھ ۾ (گناهن کان) توبه ڪريو ته اهو ئي اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين زندگيءَ جو چڱو سامان ڏئي ۽ سڀ ڪنهن ڀلائيءَ واري کي سندن ڀلائي جو بدلو ڏئي. ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم کان) منهن موڙيندو ته مون کي اوهان جي باري ۾ عذاب جو ڊپ آهي.

  4. (ياد رکو!) اوهان سڀني کي (نيٺ) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  5. (اي رسول!) ڏس! هي ڪافر (تنهنجي دشمني ۾) پنهنجن سينن کي ڄڻ ته ٻيڻو ٿا ڪن ته جيئن خدا کان (پنهنجين ڳالهين کي) لڪائي ڇڏين (پر) ڏس! جڏهن اهي ماڻهو پنهنجن ڪپڙڻ ۾ (پاڻ کي لڪائي) چڱي طرح ويڙهين ٿا (تڏهن به ته) خدا (سندن ڳالهين کي) ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائي ڪندا آهن يا ظاهر. هن ۾ شڪ ئي نه آهي جو اهو سينن جي ڀيدن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  6. ۽ زمين تي هلڻ وارن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي روزي خدا جي ذمي نه هجي. ۽ خدا سندس رهڻ جي جاءِ ۽ (مرڻ کان پوءِ) کيس سونپيل جاءِ (قبر) کي به ڄاڻي ٿو، سڀ ڪجھ روشن ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.

  7. ۽ هو ته اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ (تنهن وقت) سندس عرش (نائون آسمان) پاڻي تي هو (هن آسمان ۽ زمين کي هن لاءِ بڻايو) ته جيئن اوهان ماڻهن کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جو عمل وڌيڪ چڱو آهي. ۽ (اي رسولٰ) جيڪڏهن تون (کين) چوندين ته اوهان سڀني کي مرڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو (قبرن مان) اثاريو ويندو ته ڪافر ضرور چوندا هي ته پڪ ظاهر جادو آهي.

  8. ۽ جيڪڏهن اسين ڳاڻيٽي جي ڪجھ ڏينهن تائين مٿن عذاب ڪرڻ ۾ دير به ڪريون ته اهي ماڻهو (پنهنجي شرارت سبب) يڪدم ضرور چئي ڏيندا ته (ڀلا) عذاب کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو آهي؟ چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو ته (پوءِ) اهي کيس ٽاري به نه سگهندا جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪندو.

  9. ۽ جيڪڏهن اسين انهن کي پنهنجي رحمت جو ذائقو چکايون ۽ وري ان کان کسيون ته (تنهن وقت) اهو بيشڪ نا اميد (۽) بي شڪرو ٿئي ٿو. (۽ اسان جي شڪايت ڪرڻ لڳي ٿو.)

  10. ۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا هن کي پهچي ٿي ڪنهن نعمت جو مزو چکايو ته ضرور چوندو ته مون تان تڪليفون ٽري ويون. بيشڪ اهو (جلد ئي) خوش ٿيندڙ، پاڻ ٻڌائيندڙ آهي.

  11. مگر جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.

  12. پوءِ جا ڳالھ تو ڏي وحي جي ذريعي موڪلي وڃي ٿي ان مان متان (ٻڌائڻ وقت) شايد تون فقط هن خيال ڪري ڇڏي ڏين ۽ تون تنگ دل ٿئين ته متان هي ماڻهو چون ته هن تي خزانو ڇو ڪين نازل ڪيو ويو يا (سندس شاهدي لاءِ) هن مان ڪو فرشتو ڇو ڪين آهي. تون ته فقط (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهين (تو کي سندن اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي) ۽ خدا هر ڳالھ جو ذمه دار آهي.

  13. ڇا، هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص (تو) هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي. ته تون (کين صاف کولي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته (وڌيڪ نه فقط) اهڙيون سورتون ته ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جن کي اوهين مدد لاءِ سڏائي سگهو سڏيو.

  14. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته هي (قرآن) فقط خدا جي علم سان نازل ڪيل آهي. ۽ (هي به) ته خدا کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ته ڇا اوهين اڃا اسلام به آڻيندا (يا نه؟).

  15. جيڪي دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرن ٿا تن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو بدلو ڏيون ٿا ۽ اهي ان دينا ۾ نقصان ۾ نه هوندا.

  16. پر (ها) هي اهي آهن جن لاءِ آخرت ۾ (دوزخ جي) باھ کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ دنيا ۾ ڪيو هوندائون سو آخرت ۾ برباد ٿيندو ۽ جيڪي پيا ڪن سو برباد ٿيندن.

  17. ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان روشن دليل تي هجي ۽ سندس قدم بقدم پٺيان ان جو هڪ شاهد هجي ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (توريت) جيڪو (ماڻهن لاءِ) پيشوا ۽ رحمت هو (سو به سندس تصديق ڪندو هجي اهو بهتر آهي يا ڪو ٻيو؟) اهي ماڻهو سچا ايماندار آهن ۽ سڀني فرقن مان جيڪو شخص ان جو انڪار ڪري ته ان جو ٺڪاڻو بس (دوزخ جي) باھ آهي. ته تون ڪو هن جي پاسي کان شڪ ۾ نه رهج! بيشڪ هي قرآن تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين.

  18. ۽ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌي، ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا پڻ شاهد چوندا ته اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌو. ياد رکو! ظالمن تي خدا جي ڦٽڪار آهي.

  19. جيڪي خدا جي راھ کان ماڻهن کي جهلين ٿا ۽ ان ۾ وڏ ڪڍڻ گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو آخرت جا منڪر آهن.

  20. اهي ماڻهو روءِ زمين ۾ خدا کي عاجز ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه (وري) خدا کان سواءِ ڪو سندن سرپرست ئي ٿيندو. انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. اهي ماڻهو (ساڙ کان) نه ته (حق جي ڳالھ) ٻڌي سگهندا هئا ۽ نه ئي ڏسي سگهندا هئا.

  21. اهي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجو پاڻ ئي نقصان ڪيو ۽ جيڪي افترا پردازيون ڪندا هئا سي (سڀ قيامت ۾ کين ڇڏي گم ٿي وينديون.

  22. هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان وارا آهن.

  23. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ پنهنجي پالڻهار جي اڳيان عاجزي سان جهڪيا سي بهشتي آهن جيڪي ان ۾ هميشه رهندا.

  24. (ڪافر، مسلمان) انهن ٻنهي ڌرين جو مثال انڌي ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو آهي. ڇا ٻنهي جو مثال برابر آهي ۽ پوءِ اوهين سوچيو ڇو ڪين ٿا.

  25. ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندن قوم ڏي موڪليو (کين چيائين ته) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ (خدائي عذاب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

  26. ته خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان کي دردناڪ ڏينهن (قيامت جي) عذاب کان ڊيڄاريان ٿو.

  27. پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين تو کي رڳو پاڻ جهڙو سمجهون ٿا ۽ اسين ته ڏسون ٿا ته اهي پيروي ڪندڙ ٿيا به آهن ته بس اسان جا ڪي رذيل ماڻهو (سي به سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي) ۽ اسين ته پاڻ تي اوهان جي ڪا به فضيلت نه ٿا ڏسون. بلڪه اوهان کي (بلڪل) ڪوڙو سمجهون.

  28. (نوح) چيو ته اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) ڏني هجيس، جيڪا اوهان کي سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي (زبردستي) ان جي مڃڻ تي مجبور ڪري سگهان ٿو ۽ اوهين ان کي ناپسند ڪندا رهو.

  29. ۽ اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان سلي ۾ ڪھ مال (ته) نه ٿو گهران منهنجي مزدوري ته فقط خدا کان سواءِ ٻئي تي نه آهي ۽ آءُ (اوهان جي چوڻ تي) ايمان وارن کي ته تڙيندس ڪين (ڇو ته) اهي به ضرور پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. پر آءُ اوهان کي جاهل قوم ڏسان ٿو.

  30. ۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءُ انهن (ويچارن غريب ايماندارن) کي ڪڍي ڇڏيان ته خدا (جي عذاب) کان (بچائڻ) ۾ منهنجي مدد ڪير ڪندو؟ ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا سوچيو؟

  31. ۽ آءُ ته اوهان کي اهو نه ٿو چوان ته مون وٽ خدائي خزانا آهن ۽ نه (وري چوان ٿو ته) غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان ۽ جيڪي ماڻهو اوهان جي نظرن ۾ ذليل آهن تن لاءِ آءُ هي نٿو چوان ته خدا هنن سان ڪڏهن به ڀلائي نه ڪندو. انهن ماڻهن جي دلين جي ڳالھ ته خدائي وڌيڪ ڄاڻي ٿو. (۽ جيڪڏهن ائين چوندس ته) بيشڪ آءُ پڪ ظالمن مان ٿيندس.

  32. (انهن) چيو ته اي نوح! بيشڪ تون اسان سان رهيو آهين ۽ اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو اٿئي پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن (عذاب) جي تون ڌمڪي ڏيندو آهين سو اسان تي آڻ.

  33. نوح چيو ته اوهان وٽ رڳو الله ئي عذاب آڻيندو جيڪڏهن ان گهريو ۽ توهين الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهو.

  34. نوح چيو ته آءُ گهران ته اوهان جي (ڪيتري به) خيرخواهي ڪريان پر جيڪڏهن خدا کي اوهان جو برغلائڻ منظور آهي ته منهنجي سڃاڻپ ڪجھ به اوهان جي ڪم نه ٿي اچي سگهي. اهو اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏي اوهان کي موٽي وڃڻو آهي.

  35. (اي رسول) ڇا (مڪي جا ڪافر به) چون ٿا ته قرآن کي هن (تو) ٺاهيو آهي (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوھ مون تي آهي ۽ جيڪي اوهين (ڏوھ ڪري) ڏوهاري ٿي رهيا آهيو تنهن جي ذمه کان آءُ آزاد آهيان.

  36. ۽ نوح ڏي وحي موڪليو ويو هو ته جنهن ايمان آندو (تنهن آندو) انهن کان سواءِ تنهنجي قوم مان هز گز ايمان نه آڻيندو ته پوءِ اهي جيڪي چالاڪيون پيا ڪن تنهن تي (ڪو به) غم نه ڪر.

  37. (۽ بسم الله ڪري) اسان جي روبرو ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي بنائي ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي باري ۾ مون کي سفارش نه ڪر! (ڇو ته) انهن کي ضرور ٻوڙيو ويندو.

  38. ۽ نوح ٻيڙي بنائڻ لڳو ۽ جڏهن به سندس قوم جا ڪي سردار وٽائنس لنگهيا ٿي ته مٿس چٿرون ٿي ڪيائون. نوح (جواب ۾) چين ٿي ته جيڪڏهن هاڻي اوهين اسان تي مسخريون ڪريو ٿا ته جيئن توهين (اسان تي) کلو ٿا تئين اسين (اوهان تي ڪنهن وقت) کلنداسون.

  39. ۽ اوهان کي جلد خبر پوندي ته ڪنهن تي ٿو عذاب نازل ٿئي. جيڪو (دنيا ۾) کين خوار ڪري ۽ ڪنهن تي (قيامت ۾) دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي؟.

  40. نيٺ جڏهن اسان جو حڪم (عذاب) پهتو ۽ تنور اڀاميو ته اسان حڪم ڪيو ته (اي نوح!) هر قسم جي جانورن مان (نر مادي جو) جوڙو (يعني) ٻه کڻ ۽ جنهن جي (هلاڪت) جو حڪم شروع ۾ ٿي چڪو آهي انهن کان سواءِ تنهنجا سڀ ٻار ٻچا ۽ جن ايمان آندو آهي انهن سڀني کي ٻيڙي ۾ وهار. ۽ ان سان ايمان به ٿورن ماڻهن ئي آندو.

  41. ۽ نوح (پنهنجي ساٿين کي) چيو ته ان ۾ سوار ٿيو. ان جو هلڻ ان جو بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  42. ۽ اها جبلن جهڙين لهرين ۾ انهي کي کڻي هلي ۽ نوح پنهنجي پٽ کي سڏيو ۽ اهو هن کان جدا هڪ ڪناري ۾ هو فرمايو ته اي منهنجا پٽڙا (هيڏانهن اچ!) اسان سان سواري ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿي.

  43. هن چيو (مون کي معاف ڪر!) آءُ ته هاڻي ڪنهن جبل جو سهارو وٺان ٿو جيڪو مون کي پاڻي (۾ ٻڏڻ) کان بچائيندو. نوح کيس چيو (اڙي بدبخت) اڄ خدا جي عذاب کان ڪوئي بچائڻ وارو نه آهي پر جنهن تي خدا رحم فرمائي ۽ (اها ڳالھ ٿي رهي هئي ته) ايتري ۾ ٻنهي پيءُ پٽ وچ ۾ لهر اچي ويئي پوءِ ٻڏندڙن مان ٿيو.

  44. ۽ جڏهن (خدا جي طرفان) حڪم ڏنو ويو ته اي زمين پنهنجي پاڻي کي ڳهي ڇڏ ۽ اي آسمان (وسڻ کان) رڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪي ويو ۽ (ماڻهن جو) ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جودي جبل تي وڃي بيٺي ۽ هر (چئني) طرف پڪاريو ويو ته ظالم ماڻهو (خدا جي رحمت) کان پري آهن.

  45. ( ۽ جڏهن نوح جو پٽ ٻڏڻ تي هو ته) نوح پنهنجي پروردگار کي سڏيو ۽ عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهروارن مان آهي (تو وعدو ڪيو هو ته تنهنجي گهروارن کي بچائيندس) ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين. (تون منهنجي پٽ کي بچائي)

  46. (خدا فرمايو) ته اي نوح (تون ڇا ٿو چوين) پڪ اهو تنهنجي گهروارن مان نه آهي، بيشڪ ان جا ڪم خراب آهن ته (ڏس) جنهن جو تو کي علم نه آهي تنهن جي باري ۾ مون کي درخواست نه ڪندو ڪر، نادانن جهڙيون ڳالهيون نه ڪر.

  47. نوح عرض ڪيو ته پروردگار آءُ تو کان پناھ ٿو گهران جنهن جو مون کي علم نه آهي تنهن لاءِ درخواست ڪريان جيڪڏهن تون (منهنجا قصور) معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءُ نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس.

  48. (۽ جڏهن طوفان ويو ته) حڪم ڏنوسين اي نوح! اسان جي طرفان سلامتيءَ سان ۽ برڪتن سان ٻيڙي مان لھ! جي (برڪتون) تو تي آهن ۽ انهن مان ڪجھ ماڻهن تي ۽ (تو کان پوءِ) ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جن کي اسين ٿورن ڏينهن کان پوءِ آسودو ڪنداسين. پوءِ (وري) اسان جي طرفان سندن نافرماني سبب مٿن دردناڪ عذاب پهچندو.

  49. (اي رسول!) هي غيب جون ڪي خبرون آهن جن کي اسين تو ڏي وحيءَ جي ذريعي پهچايون ٿا (جن کي) هن کان اڳ نه تون ڄانندو هئين ۽ نه وري تنهنجي قوم ئي (ڄاڻندي هئي) تون صبر ڪر، هن ۾ شڪ نه آهي ته آخرت (جون خوبيون) پرهيزگارن لاءِ ئي آهن.

  50. ۽ (اسان) عاد قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (پيغمبر بنائي موڪليو ۽ هن کين) چيو اي منهنجي قوم! فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪوئي معبود نه آهي. اوهين رڳو ڪوڙ گهڙيندڙ آهيو.

  51. اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) جي ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري فقط ان تي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ توهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟

  52. اي منهنجي قوم! پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ (پنهنجن گناهن بابت) توبه ڪريو ته هو اوهان تي گهڻو مينهن وسائي، ۽ اوهان جي طاقت ۾ وڌيڪ قوت عطا ڪندو ۽ اوهين گنهگار ٿي منهن نه موڙيو.

  53. انهن چيو ته اي هود! تو اسان وٽ ظاهر ثابتي نه آندي آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ تي پنهنجن ٺاڪرن (معبودن) کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه اسين تو کي مڃن وارا آهيون.

  54. ۽ اسين ائين ئي چئون ٿا ته اسان جي ٺاڪرن مان ڪنهن تو کي ضرر پهچايو (مجنون ڪيو) آهي. (ان ڪري) تون اهڙيون ڳاليهون ٿو ڪرين. هود چين ته بيشڪ آءُ خدا کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهين به شاهد رهو ته اوهين الله کان سواءِ (جن کي) سندس شريڪ بنايو ٿا انهن کان آءُ بيزار آهيان.

  55. ۽ اوهين سڀئي مون سان مڪاري ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ جي) مهلت به نه ڏيو (مون کي پرواھ نه آهي)

  56. ڇو ته آءُ فقط خدا تي ڀروسو رکان ٿو جيڪو منهنجو به پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي. ۽ روءِ زمين تي جيترا به هلندڙ آهن تن جي چوٽي سندس هٿ ۾ آهي. هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته منهنجو پروردگار (انصاف جي) سڌي راھ تي آهي.

  57. تڏهين به جيڪڏهن اوهين سندس حڪم کان منهن موڙيو ته جيڪو حڪم ڏئي آءُ اوهان ڏي موڪليو ويو آهيان سو ته مون به پهچايو ۽ منهنجو پروردگار (اوهان جي نافرماني تي اوهان کي هلاڪ ڪري) اوهان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوهان جو جانشنين ڪندو ۽ اوهين کيس ڪجھ به نصقان پهچائي نه سگهندو. بيشڪ منهنجو پالڻهار سڀ ڪنهن شيءَ جي نگهباني ڪندڙ آهي.

  58. ۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته هود کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي رحمت سان بچايو ۽ کين سخت عذاب کان بچايوسون.

  59. (اي رسول!) ۽ اها عاد (جي قوم) آهي جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪئي پڻ هر سرڪش (خدا جي) دشمن جي حڪم تي هلندا رهيا.

  60. ۽ هن دنيا ۾ به سندن پويان لعنت ٿاڦي ويئي ۽ آخرت جي ڏينهن به (لڳي رهندن) ڏسو! عاد قوم پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو. ڏسو! هود جي قوم عاد (اسان جي بارگاھ مان) تڙيل پيئي آهي.

  61. ۽ (اسان) ثمود قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ان اوهان کي زمين (جي مٽيءَ) مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي رهايائين سو ان کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو. بيشڪ منهنجو پروردگار (هر شخص جي) ويجهو (پڻ سڀ جي) ٻڌي ۽ دعا قبول ڪندو آهي.

  62. اهي چوڻ لڳا، اي صالح! هن کان اڳ ته قوم ۾ اسان کي اميدون هيون. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت کان روڪين ٿو جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا آيا آهن ۽ جنهن دين ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي.

  63. صالح چين ته اي منهنجي قوم! مون کي هي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پالڻهار جي طرفان ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) عطا ڪئي هجيس ته پوءِ ڪير مون کي خدا (جي عذاب) کان ڇڏائيندو جيڪڏهن آءُ سندس نافرماني ڪندس، پوءِ اوهين نقصان پهچائڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪو به زياده ڪم نه ٿا ڪريو.

  64. ۽ اي منهنجي قوم! هي خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا اوهان لاءِ (منهنجي نبوت جو) هڪ معجزو آهي ته ان کي (سندس حال تي) ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين مان (جتان چاهي) کائي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه پهچايو (نه ته) اوهان کي جلد (خدا جو) عذاب اچي وٺندو.

  65. تڏهين به هنن ماڻهن ان جا پير وڍي کيس (ماري) ڇڏيو، تڏهن صالح چين ته اوهين پنهنجن گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ڪري وٺو! اهو خدا جو وعدو آهي. جيڪو ڪڏهن ڪوڙو نه ٿو ٿئي.

  66. پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تنهن کي اسان پنهنجي مهربانيءَ سان بچايوسون بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.

  67. ۽ انهن ظالمن کي سخت (هيبتناڪ) آواز اچي ويرو جو اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا.

  68. ۽ اهڙا ميٽجي ويا جو ڄڻ ته انهن ۾ هئا ئي ڪين ته ڏسو! قوم ثمود پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪئي (کيس سزا ڏئي ويئي) خبردار ٿيو! ته ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ مان) ڌڪاريل آهي.

  69. ۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا ۽ هنن سلام ڪيو. ۽ ابراهيم بنا دير جي گابي جو ڀڳل گوشت آندو (۽ گڏجي کائڻ ويٺو.

  70. پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ ان (گوشت) ڏي نٿا وڌن ته کين ڌاريون سمجهيائين ۽ انهن کان ڊپ ٿيس انهن چيو ته ڊڄ نه! اسين ته لوط جي قوم ڏي (سندن سزا لاءِ) موڪليا ويا آهيون.

  71. ۽ ابراهيم جي زال (ساره) بيٺي هئي اها (هي خبر ٻڌي) کلي ته اسان (انهن فرشتن جي ذريعي) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ ان اسحاق کان پوءِ يعقوب جي.

  72. ان چيو ته اڙي هاءِ ڇا آءُ (ٻار) ڄڻينديس، آءُ ٻڍي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس (به) ٻڍو آهي. هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي.

  73. انهن فرشتن چيو ته ڇا تون الله جي حڪم (قدرت) تي عجب ٿي ڪرين. اي اهل بيت (نبوت) اوهان تي خدا جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن. بيشڪ اهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي.

  74. پوءِ جڏهن ابراهيم (جي دل) مان ڊپ ويو ۽ کيس (اولاد جي) خوشخبري به ملي ته اسان سان لوط جي قوم جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳو (ناز سان سفارش ڪرڻ لڳو)

  75. بيشڪ ابراهيم بردبار نرم دل (هر ڳالھ ۾ خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هئو.

  76. (اسان چيو ته) اي ابراهيم هن ڳالھ ۾ ضد نه ڪر (هن باري ۾) جيڪو حڪم تنهنجي پروردگار جو هئو سو قطعي اچي چڪو ۽ بيشڪ انهن تي اهڙو عذاب اچڻ وارو آهي جيڪو ڪهڙي به طرح ٽري نه ٿو سگهي.

  77. ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا (ڇوڪرن جي صورت ۾) لوط وٽ آيا ته هنن جي ڪري ڏک ٿيس ۽ سندن اچڻ ڪري تنگ دل ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي (اڄوڪو ڏينهن) وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي.

  78. ۽ سندس قوم (ڇوڪرن جو ٻڌي بري ارادي سان) وٽس ڊوڙندي آئي ۽ اهي ماڻهو هن کان اڳ به بڇڙا ڪم ڪندا هئا. لوط (جڏهن هنن کي ايندو ڏٺو ته) چيو اي منهنجي قوم! هي منهنجي قوم جون ڇوڪريون (موجود) آهن تن سان نڪاح ڪريو اهي اوهان لاءِ (جائز ۽) پاڪ صاف آهن، ته خدا کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجن مهمانن جي باري ۾ خوار نه ڪريو ڇا اوهان مان ڪو به سمجهدار آدمي نه آهي؟

  79. هنن (بدبختن) جواب ڏنو ته، تو کي ته چڱي طرح خبر آهي ته تنهنجي قوم جي ڌيئرن جي اسان کي ڪا ضرورت نه آهي جا ڳالھ اسين چاهيون ٿا سا تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو.

  80. لوط چيو ته افسوس! جيڪو مون کي اوهان جي مقابلي لاءِ ڪا طاقت هجي يا ڪنهن مضبوط قلعي ۾ پناھ وٺان ها.

  81. انهن (فرشتن) چيو اي لوط (گهٻرائي نه!) اسين تنهنجي پالڻهار جي طرفان آيل آهيون. هي ماڻهو تو وٽ ڪڏهن به نه پهچي سگهندا. پوءِ تون پنهنجي ماڻهن کي رات جو ئي وٺي نڪر! ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري هيڏي نه ڏسي سواءِ تنهنجي زال جي، ڇو ته ان تي به اهو ئي عذاب نازل ٿيندو جيڪو انهن ماڻهن تي نازل ٿيندو. ۽ ان (عذاب جو) وعدو بس صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي؟

  82. پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته اسان ان (زمين) جي مٿئين پاسي کي ان جو هيٺيون پاسو ڪيو ۽ ان تي چهنب دار پٿر تهن تي تھ وساياسون.

  83. جن تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان نشان ڪيل هئا. ۽ اها زمين انهن ظالمن (مڪي جي ڪافرن) کي پري نه آهي.

  84. ۽ اسان مدين وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو. ان (پنهنجي قوم کي) چيو اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪير به معبود نه آهي پڻ ماپ ۽ تور کي گهٽ ڪري نه ڏيو. آءُ اوهان کي آسودگي ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ بيشڪ آءُ اوهان تي ان ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جيڪو (سڀني کي) وڪوڙي ويندو.

  85. ۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فساد ٿي بگيڙو نه وجهو!

  86. جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته خدا جي بقيه اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ آءُ ته اوهان تي ڪو نگهبان ته نه آهيان.

  87. (اهي) چوڻ لڳا اي شعيب ڇا تنهنجي نماز (جا تون پڙهين ٿو سا) تو کي هي سيکاري ٿي ته جن (بتن) جي پوڄا پاٽ اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا انهن کي اسين ڇڏي ڏيون يا جو ڪجھ (واڌارو) پنهنجن مالن ۾ ڪرڻ گهرون ٿا سو ڇڏي ڏيون؟ بس تون ئي هڪ بردبار ۽ سمجھ وار (وڃي رهيو) آهين!

  88. شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا اوهين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي طرفان روشن دليل تي آهيان ۽ هن مون کي (حلال) روزي کائڻ لاءِ ڏني آهي (ته) آءُ به اوهان وانگر حرام کائڻ لڳان) ۽ آءُ ته نه ٿو گهران ته جنهن ڪم ڪرڻ کان اوهان کي منع ڪريان اوهان جي ابتڙ (وري) خود ان کي ڪريان. آءُ ته جيستائين مون کان ٿي سگهي سڌاري کان سواءِ (ڪجھ ٻيو) چاهيان ئي نه ٿو. ۽ منهنجي تائيد ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان ٿي به نٿي سگهي. ان تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي رجوع ڪريان ٿو.

  89. ۽ اي منهنجي قوم! (متان) اوهان جي مون سان دشمني اوهان کان (ائين) ڪرائي جو اوهان کي اهڙو (عذاب) پهچي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم کي پهتو. ۽ لوط جي قوم (جو زمانو) ته (ڪو اهڙو) اوهان کان پري نه آهي. (ان مان سبق سکو)

  90. ۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو وري سندس بارگاھ ۾ توبه ڪريو، بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو مهربان گهڻي محبت ڪندڙ آهي.

  91. اهي چوڻ لڳا اي شعيب! جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو انهن مان گهڻيون ته اسان جي سمجھ ۾ ئي نه ٿيون اچن ۽ پڪ اسان تو کي پنهنجن ماڻهن ۾ گهڻو ڪمزور ٿا سمجهون پر جيڪڏهن تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته تو کي (ڪڏهين جو) سنگسار ڪري ڇڏيون ها، ۽ تون ته اسان تي ڪنهن طرح به غالب اچي نٿو سگهين.

  92. شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو ڪٽنب قبيلو اوهان وٽ الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي ۽ اوهان ان (الله) کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي گهيرو ڪندڙ آهي.

  93. ۽ اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جو چاهيو) ڪم ڪريو آءُ به ڪم ڪريان ٿو. نيٺ ڄاڻندو ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪير ڪوڙو آهي ۽ اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان.

  94. ۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم آيو ته اسان شعيب ۽ انهن کي جن ان سان گڏ ايمان آندو هو رحم سان بچايو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي سخت آواز اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ڪريا پيا هئا.

  95. (اهي اهڙا نابود ٿيا) ڄڻ ته انهن گهرن ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار ٿيو! جيئن ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ) مان ڌڪاريل آهي تئين مدين وارو به ڌڪاريل آهن.

  96. ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجين نشانين ۽ ظاهر دليلن سان موڪليو.

  97. فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، ته ماڻهن فرعون جو ئي حڪم مڃيو (پر موسى جي هڪ به نه ٻڌائون) هوڏانهن فرعون جو حڪم ڪو، سوچيل سمجهيل نه هو.

  98. قيامت جي ڏينهن پنهنجي قوم جي اڳيان ٿيندو. پوءِ کين باھ تي آڻيندو ۽ بڇڙو آهي اهو گهيڙ جنهن تي اهي پهتا.

  99. ۽ (هن دنيا ۾ به) سندن پويان لعنت لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينهن به (پويان هوندن) ڪهڙو نه بڇڙو انعام آهي جيڪو کين مليو.

  100. (اي رسول) اهي (انهن) ڪن اڳين جون خبرون آهن جن جو حال تو کي ٻڌايون ٿا ڪي (اڃا تائين) انهن مان قائم آهن ۽ ڪن جي پاڙ پٽجي وئي.

  101. ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر انهن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو پوءِ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جو (عذاب جو) حڪم اچي پهتو ته نه کين سندن ٺاڪر ئي ڪم آيا جن کي خدا کي ڇڏي سڏيندا هئا ۽ نه (وري) انهن کين هلاڪ ٿيڻ کان سواءِ ڪجھ فائدو ئي پهچايو (بلڪه انهن جي پوڄا سبب مٿن عذاب آيو)

  102. ۽ (اي رسول) اڳوٽن ماڻهن جي سرڪشي سبب جڏهن تنهنجو پروردگار عذاب ۾ پڪڙي ٿو ته ان جي پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي. بيشڪ سندس پڪڙ ته تمام دردناڪ (۽) سخت هوندي آهي.

  103. ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو هن ۾ ان شخص لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب کان ڊڄي ٿو. (اسان جي قدرت جي) نشاني آهي. هي اهو ڏينهن هوندو جو سموري (جهان جا) ماڻهو ڪٺا ڪيا ويندا. ۽ اهو ئي اهو ڏينهن هوندو جو (اسان جي بارگاھ ۾) سڀ حاضر ڪيا ويندا.

  104. ۽ اسين ان کي هڪ مقرر مدت لاءِ ئي ان ۾ دير ڪري رهيا آهيون.

  105. جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته خدا جي حڪم کان سواءِ ڪو به ماڻهو ڳالهائي به نه سگهندو پوءِ ڪجھ ماڻهو انهن مان بدبخت هوندا ۽ ڪجھ نيڪ بخت.

  106. ته جيڪي ماڻهو بدبخت آهن. اهي دوزخ ۾ هوندا ۽ انهيءَ ۾ سندن هاءِ گهوڙا ۽ دانهون هونديون.

  107. اهي ماڻهو جيستائين آسمان ۽ زمين آهن هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار (نجات ڏيڻ) گهري، بيشڪ تنهنجو پورودگار جيڪي گهري ٿو. سو ئي ڪري ڇڏي ٿو.

  108. ۽ جي ماڻهو نيڪ بخت آهن اهي ته بهشت ۾ هوندا (۽) جيستائين آسمان ۽ زمين (باقي) آهن اهي هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار گهري هيءَ اها عنايت آهي جا ڪڏهين به قطع نه ٿيندي.

  109. ته اهي ماڻهو (خدا کانسواءِ) جنهن جي عبادت ڪن ٿا تنهن کان تون شڪ ۾ نه ٿيءُ. جيئن سندن ابا ڏاڏا هن کان اڳ پوڄا ڪن ٿا. ۽ اسين ضرور (قيامت جي ڏينهن) انهن کي (عذاب جو) پورو پورو حصو جنهن مان ڪو به گهٽ ڪيل نه هوندو ڏينداسون.

  110. ۽ اسان موسى کي (توريت) ڪتاب عطا ڪيو ته ان ۾ (به) اختلاف ڪيو ويو. پر جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان (عذاب ۾ دير ڪرڻ جو) قطعي حڪم شروع کان نه ٿيل هجي ها ته انهن ۾ پڪ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي به وڃي ها. ۽ هي ماڻهو (مڪي جا ڪافر) به هن (قرآن) جي باري ۾ تمام اونهي شڪ ۾ پيل آهن.

  111. بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن ڪرتوتن جو بدلو ڀرپور ڏيندو (ڇو ته) جيڪي سندن ڪم آهن انهن کان اهو چڱي طرح واقف آهي.

  112. ته (اي رسول) جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي تئين تون ۽ اهي جن تو سان (ڪفر کان توبه) ڪئي آهي بلڪل ثابت قدم رھ ۽ سرڪشي نه ڪريو.بيشڪ اوهين جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي.

  113. ۽ (مسلمانو!) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪيو اهي انهن ڏي مائل نه ٿجو نه ته اوهان کي به (دوزخ جي) باھ اچي لڳندي. ۽ خدا کان سواءِ ٻيا ڪي به اوهان جا سرپرست نه آهن ۽ نه وري ڪو مدد ئي ڪندو.

  114. ۽ (اي رسول) ڏينهن جي ٻنهي ڪنارن ۽ رات جي ڪجھ گهڙين ۾ نماز قائم ڪر (ڇو ته) نيڪيون پڪ گناهن کي پري ڪن ٿيون ۽ اسان کي ياد ڪرڻ وارن لاءِ اهي ڳاليهون نصيحت ۽ سبق آموز آهن.

  115. ۽ (اي رسول!) تون صبر ڪر! ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر وڃائي نه ٿو.

  116. پوءِ جيڪي تو کان اڳ ٿي گذريا آهن انهن مان ڪجھ ماڻهو اهڙا عقل وارا ڇو ڪين ٿيا جيڪي ماڻهن کي روءِ زمين تي فساد پيدا ڪرڻ کان منع ڪن ٿا. (اهڙا ماڻهو هئا) پر ٿورڙا ۽ هي اهي هئا جن کي اسان (عذاب کان) بچائي ورتو، پڻ جن ماڻهن نافرماين ڪئي هئي انهن (لذتن) جي پٺيان پيل هئا جيڪي کين ڏنل هيون ۽ اهي ڏوهاري ته هئا ئي.

  117. ۽ تنهنجو پالڻهار اهڙو (بي انصاف) نه آهي جو ڳوٺن کي ظلم سان برباد ڪري ۽ اتي جا رهاڪو چڱا ڪم ڪندا هجن.

  118. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار گهري ها ته بيشڪ سڀ ماڻهو هڪ ئي (قسم جي) امت بنائي ڇڏي ها (پر هنن ائين نه چاهيو تنهن ڪري) ماڻهو هميشه پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهندا.

  119. پر جنهن تي تنهنجو پروردگار رحم فرمائي. ۽ ان لاءِ ته هن انهن کي پيدا ڪيو. ۽ (تنهن ڪري ئي) تنهنجي پالڻهار جو حڪم قطعي پورو ٿيو جو اسين پڪ جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني مان ڀرينداسين.

  120. ۽ (اي رسول) اڳين نبين جي ڳالهين مان اسين انهن سڀني ڳالهين کي تو سان ذڪر ڪريون ٿا جن سان اسين تنهنجيءَ دل کي مضبوط ڪري ڇڏينداسون. ۽ ان ئي ڳالهين ۾ تو وٽ حق (قرآن) ۽ مومنن جي لاءِ نصيحت ۽ ياداشت به آئي.

  121. ۽ (اي رسول!) جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن کي چئو ته اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو. اسين به (بجاءِ خود) ڪم ڪندڙ آهيون.

  122. ۽ (نتيجي جو) اوهين به انتظار ڪريو اسين به منتظر آهيون.

  123. ۽ آسمانن ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم خاص خدا کي ئي آهي. ۽ ان ڏي ئي هر ڳالھ ڦري گهري موٽي ٿي. اوهين به سندس عبادت ڪريو ۽ انهيءَ تي ڀروسو رکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان بي خبر نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found