اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت يونس

ٽوٽل آيتون: 109

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. آلرا، اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.

  2. ڇا انهن ماڻهن لاءِ هيءَ اچرج جي ڳالھ آهي جو اسان انهن مان هڪ مرد کي وحي ڪيو ته تون (بي ايمان ماڻهن) کي ڊيڄار ۽ ايماندارن کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ سچائيءَ جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. (پر) ڪافر (هنن آيتن کي ٻڌي) چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته پڪ پڌرو جادوگر آهي.

  3. هن ۾ ڪهڙو شڪ (آهي) جو اوهان جو پالڻهار اهو ئي خدا آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري هن عرش کي بلند ڪيو. اهو ئي هر ڪم جو انتظام ڪري ٿو. (هن وٽ) ڪو به (ڪنهين جو) سفارشي نه آهي، پر سندس اجازت (حاصل) ڪرڻ کان پوءِ. اهو ئي خدا ته توهان جو پاليندڙ آهي ته ان جي عبادت ڪريو ته ڇا اوهين اڃا به نه ٿا سوچيو؟

  4. اوهان سڀني کي (نيٺ) ان ڏي موٽڻو آهي. خدا جو وعدو سچو آهي. پڪ اهو ئي مخلوق کي پهرين ڀيري پيدا ڪري ٿو وري (مرڻ کان پوءِ) اهو ئي ٻيهر جياريندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان نيڪ اجر عطا ڪري. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ سندن ڪفر جي سزا ۾ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ درددناڪ عذاب هوندو.

  5. اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون اٿس هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽ حساب کي ڄاڻو. خدا انهن کي پوريءَ تدبير ۽ مصلحت سان ئي بنايو آهي. اهو (پنهنجي) آيتن کي عقلمند ماڻهن کي تفصيل وار ٻڌائي ٿو.

  6. بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ خدا جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (تنهن ۾) پرهيزگارن لاءِ نشانيون آهن.

  7. بيشڪ جيڪي (قيامت ۾ اسان جي بارگاھ جي) حضوري جو انديشو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي (فاني) زندگيءَ کان نهال آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن پڻ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن.

  8. اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جو ٺڪاڻو سندن ڪرتوتن سبب دوزخ آهي.

  9. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن ايمان جي ڪري منزل مقصود تي پهچائيندو جي آرام ۽ آسائش وارن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان واھ وهندڙ هوندا.

  10. انهن باغن ۾ سندن قول هيءُ هوندو ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي، ۽ سندن پڇاڙي جو قول هيءُ هوندو ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي.

  11. ۽ جيئن ماڻهو پنهنجي ڀلائي لاءِ تڪڙ ڪن ٿا، تئين جيڪڏهن خدا سندن شرارتن (جي سزا) برائيءَ ۾ جلدي وٺ پڪڙ ڪري وهي ها ته هوند، سندن موت مٿن ڪڏهين جو اچي ڪڙڪي ها. پر اسين ته انهن ماڻهن کي جن وٽ (مرڻ کان پوءِ) اسان جي بارگاھ ۾ اچڻ جو کٽڪو نه آهي (تن کي) ڊگهو رسو ڇڏي ڇڏيون ٿا ته اهي پنهنجي انڌ ۾ رلندا ڦرندا رهن.

  12. ۽ جڏهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي (مطلب ته هر حالت ۾) اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته اهڙو (آهستي) کسڪي وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن تڪليف جي (لاهڻ) لاءِ جيڪا کيس پهتي هئي، ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. جيڪي ماڻهو زيادتي ڪن ٿا تن کي سندن ڪڌا ڪرتوت ائين ئي چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن.

  13. ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ وارن گروهن کي، جڏهين هنن شرارت ڪئي ته اسان کين ضرور هلاڪ ڪيو. حالانڪه ان (وقت جا) رسول، ظاهر (ظهور) روشن نشانيون کڻي آيا هئا. ۽ انهن ماڻهن (ايمان نه آڻي) نه آندو. اسين ته ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا آهيون.

  14. وري اسان انهن کان پوءِ اوهان کي زمين ۾ (سندن) قائم مقام ڪيو ته جيئن ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.

  15. ۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر (۽ کليل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن کي (مرڻ کان پوءِ) اسان جي حضوريءَ جو کٽڪو نه آهي. اهي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلائي! (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو اختيار نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدليان، آءُ رڳو، جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو، تنهن جي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ ته پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪرڻ ۾ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

  16. (اي رسول!) چوين ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته، نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه هو اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها. ڇو ته آءُ (آخر) اوهان وٽ ان کان اڳ (ڪيتري) عمر رهيو آهيان (۽ ڪڏهين مون وحي جو نالو به نه کنيو) ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا ڄاڻو.

  17. پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ مڙهي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان ۾ ڪو شڪ نه (آهي) ته (اهڙا) ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا.

  18. ۽ اهي خدا کي ڇڏي اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي خدا وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهين خدا کي اهڙي ڳالھ ٻڌايو ٿا جنهن کي اهو نه ته آسمانن ۾ (ڪٿي) ڏسي ٿو ۽ نه زمين ۾. اهي ماڻهو جنهن شي کي سندس شريڪ بنائين ٿا تنهن کان هو پاڪ صاف ۽ بلند آهي.

  19. ۽ سڀ ماڻهو (پهرين) هڪ ئي امت هئي. پوءِ الڳ الڳ ٿيا. ۽ (اي رسول!) جي تنهنجي رب جي طرف کان هڪ ڳالھ (قيامت جي وعدي واري) اڳ ٿيل نه هجي ها ته جي اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي وڃي ها.

  20. ۽ چون ٿا ته هن (نبي) تي ڪو اهڙو معجزو (اسان جي مرضيءَ موجب) ڇو ڪين نازل ٿيو؟ ته (اي رسول! کين) چئو ته غيب (داني) ته رڳو خدا جي لاءِ آهي، ته پوءِ انتظار ڪريو. بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان.

  21. ۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کين پهتي، پنهنجي رحمت جو مزو چکايو ته يڪدم انهن اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون شروع ڪري ڏنيون (اي رسول! کين) چئو ته خدا رٿ رٿڻ ۾ سڀني کان تيز آهي. تن کي پڪ! اسان جا موڪليل (فرشتا) لکندا رهن ٿا.

  22. هو اهو (پروردگار) آهي جو اوهان کي خشڪيءَ ۽ دريا ۾ سير ڪرائيندو وتي ٿو، ايتري تائين جو (جڏهن) اوهين ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اهي سڻائي واءُ سان ماڻهن کي وٺي هلن ٿا ته (اوچتو) انهيءَ ٻيڙيءَ تي سخت اچي (وڌي) ٿي ۽ جتان ڪٿان مٿن لهرون (وڌنديون) اچن ٿيون ۽ خيال ڪندا آهن ته هاڻي گهيري ۾ اچي وياسون (جان نه بچندي) تڏهن پنهنجي سچي عقيدي سان خدا کي سڏيندا آهن ته (يا الله) جيڪڏهن تو اسان کي هن (مصيبت) کان بچايو ته اسين ضرور وڏا شڪر گذار ٿينداسون.

  23. پوءِ جڏهن خدا کين ڇوٽڪارو ڏنو ته اهي زمين تي (قدم رکندي ئي) يڪدم ناحق سرڪشي ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانو! توهان جي سرڪشيءَ (جو وبال ته) توهان جي سر تي آهي. (اهو به) دنيا جي (فاني) زندگي جو فائدو آهي. پوءِ نيٺ اسان ڏي (ئي) موٽي اچڻو آهي. پوءِ (تڏهن اسين جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا، ٻڌائينداسون.

  24. دنيا جي حياتي جو مٿال ائين آهي جيئن پاڻيءَ کي اسان آسمان مان وسايو، پوءِ زمين جا اوڀڙ ان سان رلي ملي نڪتا جن کي ماڻهو ۽ وهٽ کائن ٿا، تان جو جڏهن زمين پنهنجي ساوڪ ورتي ۽ سونهن واري ٿي ۽ زميندارن کي پڪ ٿي ته هاڻي (فصل) اسان جي قبضي ۾ آهي (جڏهن گهرون لابارو ڪريون ته) اوچتو اسان جو حڪم (عذاب) رات يا ڏينهن جو اهڙو ته آيو جو اسان ان کي لڻيل (ڍير) ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته ڪالھ اتي ڪا آبادي ئي ڪا نه هئي. جيڪي ماڻهو سوچين ٿا تن لاءِ اسين آيتن کي اهڙي طرح کولي بيان ڪريون ٿا.

  25. ۽ خدا ته آرام جي گهر (بهشت) ڏي سڏي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سڌي رستي جي هدايت ڪري ٿو.

  26. جن ماڻهن (دنيا ۾) نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) ڀلائي آهي (پڻ اڃا به وڌيڪ ۽ سندن چهرن تي (ڏوهارين وانگر (ته ڪارنهن ۽ نه خواري ڇانيل هوندي آهي. جنتي آهن جو هميشه ان ۾ رهندا.

  27. ۽ جن ڪڌا ڪم ڪيا تن لاءِ گناهن جي برابر سزا آهي انهن تي خواري ڇاينل هوندي جن کي ڪو به (خدا جي عذاب کان) بچائڻ وارو نه هوندو. سندن (منهن اهڙا ته ڪارا هوندا جو) ڄڻ ته اونداهيءَ رات جي حصن سان ڍڪيل آهن. اهي ئي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا.

  28. (اي رسول! ان ڏينهن کان ڊڄ) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي ڪٺو ڪنداسون، پوءِ مشرڪن کي چونداسون ته اوهين ۽ اوهان جا (بنايل خدا جا) شريڪ ٿورو اتي ترسو. پوءِ اسان انهن ۾ جدائي وجهنداسون ۽ انهن جا (اهي) شريڪ چوندا ته اوهين اسان جي بندگي نه ڪندا هئا.

  29. ته (هاڻي) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهديءَ لاءِ خدا ڪافي آهي. بيشڪ اسين اوهان جي بندگيءَ کان بي خبر هئاسون.

  30. (مطلب ته) اتي هرشخص جيڪي اڳي (دنيا ۾) ڪيو آهي. تنهن کي جاچي وٺندو ۽ کين سندن حقيقي مالڪ الله ڏانهن موٽايو ويندو ۽ (دنيا ۾ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا.

  31. (اي رسول! تون هنن کان) پڇ ته اوهان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير ٿو روزي ڏي؟ يا (اوهان جا) ڪن ۽ (اوهان جي) اکين جو مالڪ ڪير آهي ۽ ڪير جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو؟ ۽ هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو؟ ته يڪدم چوندا ته خدا، (اي رسول) تون چوين! ته ڇا، پوءِ به (ان کان) نه ٿا ڊڄو.

  32. پوءِ اهو ئي ته اوهان جو سچو مربي آهي. ۽ حق ڳالھ کان پوءِ گمراهي کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ پوءِ اوهين ڪيڏانهن ابتا وڃو ٿا؟

  33. اهڙيءَ طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم بدڪارن تي ثابت ٿيو ته اهي هرگز ايمان نه آڻيندا.

  34. (اي رسول! هنن کان) پڇو ته ڇا اوهان جي شريڪ ڪيل (خدائن) مان ڪو اهڙو آهي جو مخلوقات کي پهرين ڀيري پيدا ڪري. پوءِ کين (مرڻ بعد) ٻيهر جياري؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا) تون ئي چوين ته خدا ئي پهرين پيدا ڪري ٿو ۽ ٻيهر جياري ٿو. پوءِ ڇو ابتا وڃون ٿا؟

  35. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهان جي (بنايل شريڪن) مان ڪو اهڙو آهي جو صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟ چوين ته الله ئي (دين جو) صحيح رستو ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو صحيح رستو ڏيکاري سو هن ڳالھ جو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي يا اهو شخص جيڪو (ٻين کي رستو ڏيکارڻ ته ٺهيو پر) کيس، جڏهن ڪو ٻيو دڳ لاهي، راھ نه ٿو ڏسي! ته پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو آهي اوهين ڪهڙا حڪم ڪريو ٿا؟

  36. ۽ هنن مان گهڻا ته رڳو پنهنجي (وهم ۽) گمان تي هلن ٿا. (حالانڪه) گمان، يقين جي مقابلي ۾ ڪڏهن ڪجھ به ڪم اچي نٿو سگهي. بيشڪ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي.

  37. ۽ هي قرآن اهڙو نه آهي جو خدا کان سواءِ ڪو به ٻيو پنهنجي طرف کان ڪوڙ بدوڙ بنائي وجهي. پر (هي ته) جي ڪتاب سندس سامهون آهن تن جي تصديق ڪندڙ ۽ (انهن) ڪتابن جو تفصيل آهي. بيشڪ هيءُ جهانن جي پالڻهار جي طرف کان آهي.

  38. (اي رسول!) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو (محمد) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين! جيڪڏهن پنهنجي (دعوى ۾) سچا آهيو ته (ڀلا) ان جهڙي هڪ سورت ئي ان جي برابر ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جنهن کي (به مدد لاءِ سڏي سگهو) تنهن کي سڏيو.

  39. (اهي ماڻهو آڻيندا ته ڇا) مرڳو (ابتو) جنهن کي سمجهڻ سندن وس کان باهر آهي تنهن کي لڳا ڪوڙو ڪرڻ هوڏانهن اڃان تائين کين ان جي معنى به سمجهڻ ۾ آئي آهي اهڙي طرح انهن ماڻهن به ڪوڙ ڪيو جي هنن کان اڳ هئا. پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

  40. ۽ هنن مان ڪي اهڙا آهن جي قرآن تي آئنده ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ايمان آڻيندا ئي ڪين. ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار ته فسادين کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  41. ۽ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون چوين! ته مون لاءِ منهنجو ڪم آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تنهن کان اوهين ڇٽيل آهيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ آزاد آهيان.

  42. ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن جا ڪن تنهنجين ڳالهين ڏي لڳل آهن ته (ڇا اهي تنهنجي ٻڌندا! هر گز نه) تون ڪو (دل جي) ٻوڙن کي ڪجھ ٻڌائي سگهندين! توڙي جي اهي ڪجھ سمجهي به نه سگهندا هجن.

  43. ۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي توڏي (چتائي) ڏسن ٿا، ته (ڇا اهي ايمان آڻيندا، هرگز نه) ڇا پوءِ تون (دل جي) انڌن کي رستو ڏيکاريندين جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن.

  44. خدا ته ڪڏهين به ماڻهن تي ظلم نه ٿو ڪري پر ماڻهو پاڻ تي (پنهنجن ڪرتوتن ڪري) ظلم ڪندا رهندا آهن.

  45. ۽ جنهن ڏينهن خدا انهن ماڻهن کي (پنهنجي بارگاھ ۾) ڪٺو ڪندو ته اهي ماڻهو (سمجهندا ته دنيا ۾) ڄڻ ته رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي (پهر) رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. جن ماڻهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر هجڻ کي ڪوڙ سمجهيو آهي. ضرور گهاٽي ۾ ٿيا ۽ (اهي) هدايت وارا به نه هئا.

  46. (اي رسول!) اسان جنهن جنهن (عذاب) جو هنن سان وعدو ڪري چڪا آهيون، انهن مان اگر ڪجھ تو کي ڏيکاريون يا تو کي (اڳ ۾ ئي دنيا مان) کڻي وٺون تڏهن به (آخر) ته انهن سڀني کي اسان ڏي موٽڻو ئي آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي ڪري رهيا آهن خدا ته تنهن تي شاهد آهي ئي.

  47. ۽ هر امت جو خاص (هڪ) هڪ رسول ٿيو آهي. پوءِ جڏهن سندن رسول (اسان جي بارگاھ ۾) ايندو ته هنن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.

  48. اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) ان (عذاب جو وعدو) ڪڏهن پورو ٿيندو.

  49. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ خود پنهنجي لاءِ نه نقصان تي قادر آهيان نه فائدي تي جيڪي خدا گهري. هر امت (جي رهڻ) جو (سندس علم ۾ هڪ وقت مقرر آهي جڏهن سندن وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو.

  50. (اي رسول! کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس عذاب اوهان تي رات يا ڏينهن جو اچي پوندو ته (پوءِ) ڏوهاري ان لاءِ ڇو جلدي ڪري رهيا آهن؟

  51. ڇا وري جڏهن (عذاب جي) اچي پهچندو تڏهن ان تي ايمان آڻيندا ڇا هاڻ (ايمان آڻيندا!) هوڏانهن ان جو جلد اچڻ گهرندا هئا.

  52. وري (قيامت جي ڏينهن) ظالمن کي چيو ويندو ته هميشه جي عذاب جو مزو چکيو، جيڪي اوهين ڪندا هئا. رڳو ان جو ئي اوهان کي عوض ڏنو ويندو.

  53. ۽ (اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته ڇا (جو ڪجھ چوين ٿو) اهو سڀ ڪجھ سچ آهي. تون کين چئو ته هائو مون کي پنهنجي پالڻهار جو قسم آهي ته بيشڪ اهو سچ آهي ۽ اوهين (خدا کي) عاجز نه ٿا ڪري سگهو.

  54. ۽ (دنيا ۾) جنهن جنهن (اسان جي نافرماني ڪري) ظلم ڪيو (قيامت جي ڏينهن) جيڪي به خزانه زمين ۾ آهن سي سڀ کيس ملي وڃن ته اهي ضرور پنهنجي گناھ جي بدلي ۾ ڏئي نڪري. ۽ اهي جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيماني ظاهر ڪندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو.

  55. خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سو سڀ) خدا جو ئي آهي. خبردار! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.

  56. اهو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

  57. اي انسانو! اوهان جي پالڻهار جي طرفان اوهان وٽ نصيحت (قرآن) اچي ويو جو دلين جي وڳ (شرڪ وغيره) جي شفا آهي ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

  58. (اي رسول! کين) چئو ته (هي قرآن) خدا جي فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس رحمت سان اوهان کي مليو (آهي) ته انهن ماڻهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. (پڻ) جيڪي اهي گڏ ڪري رهيا آهن، تنهن کان هي گهڻو چڱو آهي.

  59. (اي رسول! کين) چئو ته اوهان جو ڇا خيال آهي. جا روزي خدا توهان تي نازل ڪئي آهي. پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪرڻ لڳا. (اي رسول!) چوين ته ڇا الله اوهان کي (ان ڳالھ جي) اجازت ڏني آهي يا الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟

  60. جيڪي خدا تي ڪوڙ گهڙين ٿا، تن جو قيامت جي ڏينهن بابت ڇا خيال آهي؟ بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي. پر گهڻا هنن مان شڪر نه ٿا ڪن.

  61. ۽ (اي رسول!) تون (چاهي) ڪهڙي به حالت ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪهڙي به آيت تلاوت ڪرين ٿو ۽ (انسانو) اوهين ڪهڙو به عمل ڪري رهيا هجو اسين (هر وقت) جڏهن اوهين ان ۾ لڳو ٿا ته اوهان کي ڏسندا رهون ٿا ۽ اوهان جي پروردگار کان ذري جيتري ڳالھ به ڳجهي رهي نٿي سگهي. نه زمين ۾ ئي نه آسمان ۾ ۽ نه ڪا شي ننڊي هجي يا ان کان وڏي شي، پر اوهان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ضرور (لکيل) آهي.

  62. ياد رکو! ته خدا جي دوستن تي (قيامت ۾) نه ته ڪو به خوف هوندو ۽ نه (وري اهي) غمگين ئي ٿيندا.

  63. هي اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ (دنيا ۾ خدا کان) ڊڄندا هئا.

  64. انهن لاءِ ئي دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ (به) خوش خبري آهي. خدا جا ڪلمات نٿا بدلجن، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.

  65. ۽ (اي رسول!) انهن (ڪافرن) جي ڳالهين تي تون ڏک نه ڪندو ڪر! بيشڪ سڀ زور الله کي ئي آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  66. ياد رکو! ته بيشڪ جيڪا مخلوق آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن (مطلب ته سڀئي) الله جا آهن. ۽ جيڪي خدا کي ڇڏي (ٻين کي) سڏن ٿا، اهي ته (خدا جي بنايل) شريڪن جي رستي تي به نٿا هلن پر اهي فقط پنهنجي اٽڪل (بازي) تي هلن ٿا ۽ اهي فقط وهمي ۽ خيالي ڳالهيون ڪندا آهن.

  67. هو، اهو ئي (الله) آهي جنهن اوهان جي فائدي لاءِ رات کي پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن (بڻايو) ته سندس روشني ۾ سڏو وائسو. بيشڪ جن ماڻهن کي ٻڌڻ جا ڪن آهن انهن لاءِ ان ۾ (قدرت جو تمام سٺيون) نشانيون آهن.

  68. ماڻهن ته چئي ڏنو ته خدا (پنهنجي لاءِ) اولاد بنائي ڇڏيو آهي (اها ڳالھ محض لغو آهي) اهو (سڀني نقصن کان) پاڪ صاف آهي. اهو (هر طرح) بيپرواھ آهي. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس آهي. (جيڪي اوهين چئو ٿا) ان جو ڪو به دليل ته اوهان وٽ آهي ڪو نه، ڇا اوهين خدا تي (ائين ئي) بنا ڄاڻڻ جي ڪوڙ هڻو ٿا.

  69. (اي رسول!) چوين ته بيشڪ جي ماڻهو خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌن ٿا اهي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا.

  70. (اهي دنيا) جي ٿورن ڏينهن جا فائدا آهن، پوءِ نيٺ ته اسان ڏي ئي اچڻو اٿن، پوءِ ڪفر جي سزا ۾ اسين کين سخت عذاب جا مزا چکائينداسون.

  71. (اي پيغمبر! کين) نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ! جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو رهڻ ۽ خدا جي آيتن سان منهنجي نصيحت ڪرڻ اوهان کي ڏکي ٿي لڳي ته آءُ فقط الله تي ئي ڀروسو رکان ٿو. پوءِ اوهين ۽ اوهان جي شريڪ سڀئي گڏجي پنهنجو ڪم درست ڪريو جو توهان جي ڳالھ (جيئن توهان جي دل گهري) مون سان ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ) جي به مهلت نه ڏيو.

  72. پوءِ به جيڪڏهن اوهان (منهنجي نصيحت کان) منهن موڙيو ته مون اوهان کان به مزوري ته گهري ڪين هئي. منهنجي مزوري ته فقط خدا تي ئي آهي ۽ (ان کان ئي) مون کي حڪم مليل آهي ته آءُ سندس فرمانبردار بندن مان ٿيان.

  73. تنهن تي هنن کيس ڪوڙو ڪيو ته اسان کيس ۽ ساڻس گڏ جيڪي به ٻيڙي ۾ (سوار) هئا (تن کي) نجات ڏني ۽ کين (اڳين جو) جانشين ڪيو ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو تن کي ٻوڙي ماريوسين پوءِ ٿورو غور ڪريو ته جيڪي (عذاب کان) ڊيڄاريا ويا هئا تن جي ڪهڙي نه (بڃڙي) پڇاڙي ٿي.

  74. وري! اسان نوح کان پوءِ ٻين رسولن کي پنهنجي (پنهنجي) قوم ڏي موڪليوسين اهي پيغمبر وٽن ظاهر معجزا وٺي آيا تڏهن به جنهن ڳالھ کي اهي شروع ۾ ڪوڙو ڪري چڪا هئا تنهن تي ايمان (نه آڻڻو هون سو) نه آندائون. اسين اهڙي طرح حد کان لنگهندڙن جي دل تي (ڄڻ ته پاڻ) مهر هڻون ٿا.

  75. وري انهن پيغمبرن کانپوءِ موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس (قوم) جي سردارن ڏي پنهنجن نشانين (معجزن) سان موڪليوسون، ته هنن وڏائي ڪئي ۽ اهي ماڻهو هئا ئي ڏوهاري.

  76. پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان سچي ڳالھ (معجزا) آيا چوڻ لڳا ته پڪ هي ته ظاهر ظهور جادو آهي.

  77. موسى چيو: ڇا جڏهن حق (دين) اوهان ڏي آيو ته ان جي باري ۾ چئو ٿا ته ڇا! هي جادو آهي. ۽ جادوگر ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

  78. اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته (اي موسى!) ڇا اوهين اسان وٽ ان لاءِ آيا آهيو ته جنهن دين تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ان کان اوهين اسان کي ٿيڙيو ۽ سموري زمين ۾ بس (رڳو) اوهان ٻنهي کي سرداري هجي. ۽ اسين ته اوهان ٻنهي تي ايمان نه آڻينداسون.

  79. ۽ فرعون حڪم ڏنو ته اسان جي حضور ۾ سڀ (هوشيار) واقفڪار جادوگرن کي ته آڻيو!

  80. جڏهن جادوگر ماڻهو (ميدان ۾) اچي موجود ٿيا ته موسى کين چيو، اوهان کي جيڪي اڇلائڻو آهي سو اڇلايو.

  81. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (رسين کي نانگ بڻائي) اڇلي چڪا ته موسى چين، جيڪي اوهان (بنائي آندو آهي (اهو ته سڀ) جادو آهي. خدا ان کي ضرور ناس ڪندو. (ڇو ته خدا ڪڏهن به فسادين جي ڪم کي نٿو درست ٿيڻ ڏي.

  82. ۽ خدا سچي ڳالھ کي پنهنجي ڪلمات (جي برڪت) سان ثابت ڪري ڏيکاريندو آهي توڙي گنهگار ناپسند ڪن.

  83. مطلب ته موسى تي رڳو سندس قوم جي نسل مان ڪجھ ماڻهن کان سواءِ فرعون ۽ سندس سردارن جي هن خوف کان ته (متان) مٿن ڪا مصيبت وجهي، ڪنهن به ايمان نه آندو، ۽ بيشڪ فرعون روءِ زمين ۾ سرڪش هو ۽ بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن مان هو.

  84. ۽ موسى چيو اي منهنجي قوم! جڏهن اوهان (سچي دل سان) خدا تي ايمان آندو آهي! ته مٿس ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين فرمانبردار آهيو.

  85. تڏهن انهن عرض ڪيو، اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو آهي (پڻ دعا گهري آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ظالم ماڻهن جي امتحان جو (ذريعو) نه بنائي.

  86. ۽ پنهنجي رحمت سان اسان کي هنن ڪافرن (جي چنبي) کان آزاد ڪر.

  87. ۽ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ (هارون) ڏي حڪم موڪيلو ته مصر ۾پنهنجي قوم جي (رهڻ سهڻ) لاءِ گهر جوڙيو ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن کي ئي مسجدون ڪري پابندي سان نماز پڙهو ۽ مومنن کي (نجات جي) خوش خبري ٻڌائي ڇڏيو.

  88. ۽ موسى عرض ڪيو اي اسان جا پالڻهار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي حياتي ۾ (وڏي) آرائش ۽ گهڻا مال ڏنا آهن (ڇا تو اهو سامان هن لاءِ عطا ڪيو اٿن) ته جيئن اهي تنهنجي راھ کان ماڻهن کي گمراھ ڪن. پروردگار! تون سندس مال! (دولت) کي برباد ڪر ۽ سندن دلين تي سختي ڪر (ڇو ته) جيستائين اهي ماڻهو تڪليف ڏيندڙ عذاب نه ڏسندا ايمان نه آڻيندا.

  89. خدا فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ اوهين ثابت قدم رهو ۽ نادانن جي راھ تي نه هلو .

  90. ۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا کان پار لنگهايو. پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي سان انهن جي پٺيان پيا. نيٺ جڏهن ٻڏڻ لڳو ته چيائين ته جنهن خدا تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي آءُ به ان تي ايمان آڻيان ٿو. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ آءُ فرمانبردارن مان آهيان.

  91. هاڻي (مرڻ وقت ٿو ايمان آڻين هوڏانهن هن کان اڳ تو نافرماني ڪئي تون ته فسادين مان هئين.

  92. ته اڄ اسين (تنهنجي روح کي ته نه پر) تنهنجي بدن کي (تري ۾ رهڻ کان) بچائينداسون ته جيئن تون پنهنجي بعد وارن جي لاءِ عبرت (جو سبب) ٿئين. ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو اسان جي نشانين کان يقينا بي خبر آهن.

  93. ۽ اسان بني اسرائيلن کي (شام ملڪ) ۾ تمام چڱي جڳھ تي رهايو ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ته انهن وٽ جيستائين علم (نه) اچي چڪو هنن اختلاف نه ڪيو. بيشڪ جن ڳالهين ۾ اهي (دنيا ۾) پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت جي ڏينهن تنهنجو پالڻهار ان ۾ فيصلو ڪندو.

  94. پوءِ جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي نازل ڪيو آهي تنهن جي لاءِ جيڪڏهن تو کي شڪ آهي ته جيڪي ماڻهو تو کان اڳ (خدا جي) ڪتاب ۾پڙهن ٿا تن کان پڇ، بيشڪ تو وٽ تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق ڪتاب اچي چڪو، پوءِ هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿي.

  95. ۽ نڪي هرگز انهن مان ٿيءُ جن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو (نه ته) تون به نقصان کڻن وارن مان ٿيندي.

  96. (اي رسول!) بيشڪ جن ماڻهن جي واسطي تنهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون لهي چڪيون آهن (ته اهي عذاب ڪرڻ جا مستحق آهن) اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا.

  97. جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا، توڙي انهن اڳيان (ساري خدائي جا) معجزا اچي موجود ٿين.

  98. پوءِ ڇا لاءِ ٻيو ڪو اهڙو نه ٿيو جو آڻي ها ته سندس ايمان فائدي مند ٿئي ها. هاءُ يونس جي قوم جڏهن (عذاب ڏسي) ايمان آندو ته اسان دينا (فاني) جي حياتيءَ ۾ مٿن خواريءَ جو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ خاص وقت تائين آسودو ڪيوسين.

  99. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ها ته جيڪي ماڻهو روءِ زمين تي آهن اهي سڀئي ايمان آڻين ها، ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي سڀ ايماندار ٿين.

  100. هوڏانهن ڪنهن شخص کي اهو اختيار نه آهي جو الله جي حڪم کان سواءِ ايمان آڻي. ۽ جيڪي (دين جي اصول ۾) عقل کان ڪم نٿا وٺن، انهن کي ئي خدا (ڪفر جي) پليتي وجهي ٿو.

  101. (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ (خدا جون نشانيون) ڪهڙيون به آهن؟ (پر سچ ته هي آهي) ۽ جيڪي ايمان قبول نه ٿا ڪن انهن کي اسان جون نشانيون ۽ ڊيڄارڻ ڪو فائدو نه ڏيندو.

  102. ته پوءِ اهي ماڻهو به انهن ئي (سزائن) جا منتظر آهن جيڪي هنن کان اڳين تي گذري چڪا آهن. (اي رسول! کين) چئو ته چڱو اوهين به انتظار ڪريو بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان.

  103. وري (عذاب نازل ٿيڻ وقت) اسين پنهنجن رسولن ۽ ايمان وارن کي (عذاب کان) صاف بچائيندا آهيون. اهو ئي اسان تي الزام آهي ته اسين ايمان آڻڻ وارن کي به بچايون.

  104. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين منهنجي دين جي باري ۾ شڪ ۾ پيا آهيو ته (آءُ به اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو ته) خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا مون کي ته انهن جي عبادت ڪرڻي ڪانهي پر (هاءُ) آءُ ان خدا جي عبادت ڪريان ٿو جيڪو اوهان کي (پنهنجي قدرت سان دنيا مان اٿاريندو ۽ مون کي حڪم ڏنل آهي ته آءُ مومن آهيان.

  105. ۽ (مون کي) هي به (حڪم آهي) ته مان (باطل کان) پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏي قائم رک ۽ مشرڪن مان هرگز نه ٿج!

  106. ۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شي کي نه سڏ جيڪا تو کي نه فائدو پهچائي ۽ نه تو کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. پوءِ جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته ان وقت تون به ظالمن مان ٿيندي.

  107. ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا جي طرفان تو کي ڪا تڪليف پهچي به ته پوءِ ان کان سواءِ ڪو به ان جي ٽارڻ وارو نه آهي. پر جيڪڏهن اهو تو کي ڀلائي پهچائڻ گهري ته سندس فضل (۽ ڪرم) کي ڪو ٿيڙڻ وارو نه آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي فائدو پهچائي ٿو ۽ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  108. (اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار جي طرفان حق (قرآن) آيو آهي. پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پاڻ لاءِ سڌي رستي تي اچي ٿو ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ آءُ اوهان جو ذمه دار ته آهيان ڪين!

  109. ۽ (اي رسول!) تون فقط ان جي پيروي ڪر جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ صبر ڪر جيستائين خدا (تنهنجي ۽ ڪافرن جي وچ ۾) فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني کان سٺو فيصلو ڪندڙ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found