آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت توبه

ٽوٽل آيتون: 129

  1. (اي مسلمانو!) جن مشرڪن سان اوهان ماڻهن (صلح جو) انجام اقرار ڪيو هو، هاڻي خدا ۽ سندس رسول جي طرفان انهن کان (يڪدم) بيزاري آهي.

  2. ته (اي مشرڪو!) اوهين بس چار مهينا (ذيقعد، ذوالحج، محرم ۽ رجب) ته سک سان بغير خطري جي روءِ زمين تي سير ۽ سياحت (ڀلي) ڪريو ۽ ياد رکو ته اوهين (ڪنهن به طرح سان) خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو ۽ هي (ڳالھ) به ته خدا ڪافرن کي ضرور خوار ڪري ڇڏيندو.

  3. ۽ خدا ۽ سندس رسول جي طرفان حج اڪبر جي ڏينهن (اوهان) ماڻهن کي آگاھ ڪجي ٿو ته خدا ۽ ان جو رسول مشرڪن کان بيزار (۽ الڳ) آهي، ته (مشرڪو!) اوهان ماڻهن جيڪڏهن (هاڻي به) توبه ڪئي ته توهان جي حق ۾ سٺو آهي. پر جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ کان به) منهن موڙ ڪئي ته سمجهو، اوهين خدا کي ڪڏهين به عاجز نه ڪري سگهندو! جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ڏئي ڇڏ.

  4. پر (هاءُ) جن مشرڪن سان تو معاهدو ڪيو هو پوءِ انهن ڪڏهن به اوهان سان (ان انجام اقرار ۾) گهٽتائي نه ڪئي ۽ نه اوهان جي خلاف ڪنهن جي انهن مدد ڪئي ته هنن جي معاهدي کي جيتري مدت لاءِ مقرر ڪيل آهي پورو ڪريو. خدا پرهيزگارن کي پڪ چاهي ٿو.

  5. پوءِ جڏهن حرمت جا (چارئي) مهينا گذري وڄن ته پوءِ مشرڪن کي جٿي لهو (بيڌڙڪ) قتل ڪريو ۽ کين گرفتار ڪريو ۽ انهن کي قيد ڪريو ۽ (سندن) هر گهات جي جاءِ تي تاڪ ۾ وهو پوءِ جيڪڏهن اهي (شرڪ کان) باز اچن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ته ۽ زڪوات ڏين ته سندن گس ڇڏي ڏيو (نه وڙهو) بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  6. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو تو کان پناھ گهري ته ان کي پناھ ڏي! ايستائين جو اهو خدا جو ڪلام ٻڌي پوءِ کيس امن واري جاءِ تي پهچائي ڏي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو نادان آهن.

  7. (جڏهن) مشرڪن (خود انجام شڪني ڪئي ته انهن) جو عهد اقرار خدا وٽ ۽ ان جي رسول وٽ ڪيئن (قائم) رهي سگهي ٿو. پر جن ماڻهن سان تو ڪعبي وٽ معاهدو ڪيو هو ۽ اهي ماڻهو (به) (پنهنجو معاهدو) تو سان قائم رکن ته تون به هنن سان (پنهنجو انجام) قائم رک. بيشڪ خدا (بدعهدي کان) پرهيز ڪرڻ وارن کي پسند ٿو ڪري.

  8. ڪيئن (انهن لاءِ انجام باقي رهندو) هوڏانهن جيڪڏهن اوهان تي غالب ٿيندا ته اوهان جي حق ۾ ڪنهن مائٽيءَ ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪندا. اوهان کي پنهنجي زبان جي (لٻاڙ) سان خوش ڪن ٿا. حالانڪه سندن دليون نٿيون مڃين. ۽ انهن مان گهڻا ئي بدڪار آهن.

  9. هنن خدا جي عوض ٿورو ملھ (دنيا جو فائدو) وٺي (ماڻهن کي) پوءِ سندس راءِ کان روڪيو، بيشڪ هنن جا عمل بڇڙا آهن.

  10. اهي ماڻهو ڪنهين مومن جي باري ۾ نه ته مٽيءَ مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ٿا ۽ نه (ڪيل) انجام اقرار جو ۽ (جائي) اهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.

  11. ته جيڪڏهن (هاڻي به شرڪ کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اوهان جا ديني ڀائر آهن. ۽ اسين سمجھ رکندڙن لاءِ پنهنجون آيتون کولي (کولي) بيان ڪريون ٿا.

  12. ۽ جيڪڏهن پنهنجي انجام کان پوءِ (به) پنهنجا قسم ڀڃن ۽ اوهان جي دين تي عيب لڳائين ته سندن ڪافر سردارن سان جنگ ڪريو. ڇو ته انهن جي قسمن جو ڪو اعتبار ڪونهي. ته جيئن اهي (پنهنجي شرارت کان) باز اچن.

  13. (مسلمانو!) اوهين ڀلا انهن سان ڇو نٿا جنگ ڪريو جن ماڻهن پنهنجا قسم ڀڳا ۽ رسول کي (مڪي کان) ڪڍي ٻاهر ڪرڻ (دل ۾) رٿي ڇڏيو هو ۽ اوهان سان اڳ ۾ ڇيڙ ڇاڙ به انهن ئي شروع ڪئي هئي، ته ڇا اوهين سچا ايماندار آهيو ته هنن کان گهڻو وڌيڪ الله حقدار آهي ته اوهين ان کان ڊڄو.

  14. انهن سان (بي خوف ٿي) وڙهو. ته خدا کين اوهان جي هٿان سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ ايمان وارن جا جگر ٺاريندو.

  15. ۽ انهن مومنن جي غصي کي، جيڪو (ڪافرن کان پهتل اٿن) لاهيندو. ۽ خدا جي مرضي جنهن جي توبه قبول ڪري. ۽ خدا وڏو واقفڪار (۽) حڪمت وارو آهي.

  16. ڀلا اوهان جو اهو خيال آهي ڇا ته اوهان کي (ائين ئي) ڇڏيو ويندو؟ هوڏانهن الله اڃا انهن کي جدا نه ڪيو آهي جن اوهان مان جهاد ڪيو هجي. ۽ خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجو رازدار دوست نه ڪري ورتو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي.

  17. مشرڪن جو اهو ڪم نه آهي جو جڏهن اهي پنهنجي ڪفر جو خود اقرار (به) ڪن ته (وري) خدا جي مسجدن کي (وڃي) آباد ڪن. اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جو ڪيو ڪرتيو (سڀ) برباد ٿي ويو ۽ اهي سدائين دوزخ ۾ ويا سڙندا.

  18. خدا جي مسجدن کي بس فقط اهو ئي شخص (وڃي) آباد ڪري سگهي ٿو جيڪو خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ نماز پڙهي ۽ زڪوات ڏئي ۽ خدا کانسواءِ (ٻئي) ڪنهين کان نه ڊڄي. پوءِ اميد آهي ته اهي ماڻهو هدايت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي ويندا.

  19. ڇا حاجين کي پاڻي رسائڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) کي آباد ڪرڻ ان شخص جي (اعمال) جهڙو ڪيو آهي! جنهن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾جهاد ڪيو. خدا وٽ ته اهي ماڻهو هڪجهڙا نه آهن. ۽ الله ظالم ماڻهن جي هدايت نه ٿو ڪري.

  20. جن ايمان آندو ۽ (خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪيو، تن جو درجو خدا وٽ گهڻو وڏو آهي. ۽ اهي ئي ماڻهو (اعلى درجي تي) رسڻ وارا آهن.

  21. سندن پالڻهار کين پنهنجي عنايت ۽ خوشنودي ۽ اهڙن (چهچ ساون) باغن جي بشارت ڏئي ٿو جنهن ۾ انهن لاءِ هميشه جو عيش (۽ آرام) هوندو.

  22. ۽ اهي انسان سدائين ابد الآباد تائين انهن باغن ۾ رهندا. بيشڪ خدا وٽ ته تمام وڏو اجورو (۽ ثواب) آهي.

  23. اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهان جا پيءُ (ماءُ) ۽ اوهان جا ڀائر (ڀينرون) ايمان جي بجاءِ ڪفر کي ٿا چاهين ته اوهين کين پنهنجو سڄڻ نه سمجهو. ۽ اوهان مان جيڪو شخص انهن سان الفت رکندو ته اهي ئي ماڻهو ظالم آهن.

  24. (اي رسول! کين) چئو ته اوهان جا پيءُ ڏاڏا ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جا مٽ مائٽ ۽ اوهان جون زالون ۽ اوهان جي قبيلي وارا ۽ اهو مال اسباب جيڪو اوهان ڪمائي رکي ڇڏيو آهي ۽ اهو واپار (وڙو) جنهن جي (بازار) ٿڌي ٿيڻ جو اوهان کي انديشو آهي ۽ (محل) ماڙيون جن کي اوهين پسند ڪريو ٿا. اهي جيڪڏهن اوهان کي خدا کان ۽ سندس رسول کان ۽ سندس راھ ۾ جهاد کان ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته اوهين ٿورو ترسو جيستائين خدا پنهنجو حڪم (عذاب) آڻي. ۽ خدا نافرمان ماڻهن جي هدايت نه ٿو ڪري.

  25. (مسلمانو!) خدا اوهان جي ڪيترن ئي جاين تي (غيبي) مدد ڪئي ۽ (خاص ڪري) حنين واري جنگ جي ڏينهن، جڏهن اوهان کي پنهنجي (تعداد جي) گهڻائي مغرور ڪري ڇڏيو هو، پوءِ اها گهڻائي اوهان کي ڪجھ به ڪم نه آئي ۽ (اوهان اهڙو ته گهٻرايو جو) زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي (به) اوهان تي تنگ هئي. پوءِ اوهان پٺ ڏئي ڀڳا هئا.

  26. تڏهن خدا پنهنجي رسول تي ۽ مومنن تي پنهنجي (طرفان) تسڪين نازل فرمائي ۽ (رسول جي مهابي ڪري) فرشتن جا لشڪر موڪليائين جن کي اوهين ڏسي به نه پيا سگهو ۽ ڪافرن تي عذاب نازل ڪيو. ۽ ڪافرن کي اها ئي سزا آهي.

  27. پوءِ خدا جنهن جي چاهي توبه قبول فرمائي. ۽ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  28. اي ايمان وارو! مشرڪ تي بلڪل پليت آهن. ته پوءِ اهي هن سال کان پوءِ مسجد الحرام (ڪعبي) جي ويجهو به نه اچن. ۽ جيڪڏهن اوهين (هنن کان الڳ ٿيڻ ۾) سڃائي کان ڊڄو ٿا ته جيڪڏهن خدا گهريو ته جلد ئي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان اوهان کي آسودو ڪندو. بيشڪ خدا وڏو دانا ۽ حڪمت وارو آهي.

  29. اهل ڪتاب وارن مان جيڪي نه ته (دل سان) خدا تي ايمان رکن ٿا ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي ۽ نه (وري) خدا ۽ ان جي رسول جي حرام ڪيل شين کي حرام ڪري سمجهن ٿا ۽ نه سچي دين کي اختيار ڪن ٿا، انهن سان وڙهندا رهو ايستائين جو اهي ماڻهو ذليل ٿي (پنهنجي) هٿ سان جزيو ڏين.

  30. يهودي ته هئين چون ٿا ته عزيز خدا جو پٽ آهي ۽ (وري) نصارى چون ٿا مسيح (عيسى) خدا جو پٽ آهي. اها ته انهن جي ڳالھ آهي ۽ (اها به خود) سندن زباني. هي ماڻهو به انهن ڪافرن وانگر ئي ڳالهيون ٺاهڻ لڳا جيڪي انهن کي به برباد ڪري (ڏسو ته) ڪيئن ابتا وڃن ٿا.

  31. انهن ماڻهن پنهنجي خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن کي ۽ پنهنجن زاهدن کي ۽ مريم جي پٽ مسيح کي پنهنجو پروردگار بڻائي ڇڏيو، هوڏانهن کين اهو ئي حڪم ڏنو ويو هو ته اڪيلي خدا جي عبادت ڪن جنهن کان سواءِ (ٻيو) ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. جنهن ڳالھ کي اهو ماڻهو سندس شريڪ ٿا بنائين اهو ان کان پاڪ پاڪيزه آهي.

  32. اهي ماڻهو گهرن ٿا ته پنهنجن واتن (ڦوڪن) سان خدا جي نور کي وسائن پر الله پنهنجي نور کي ڪامل ڪرڻ کانسواءِ ٻئي ڳالھ قبول نٿو ڪري جيتوڻيڪ ڪافر ناپسند ڪن.

  33. هو اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجي رسول (محمد) کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي مشرڪ ناپسند ڪن.

  34. اي ايمان وارو! (انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هو ته يهودين ۽ نصرانين) جي عالمن ۽ درويشن مان گهڻا ناحق ماڻهن جا مال کائن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ کان روڪين ٿا. ۽ جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي الله جي راھ ۾ خرچ نٿا ڪن (اي رسول) تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.

  35. جنهن ڏينهن ان (سون ۽ چاندي) کي دوزخ جي باھ ۾ تپايو ويندو. پوءِ ان سان سندس پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين تي داغ ڏنا ويندا (۽ کين چيو ويندو ته) هي اهو ئي (خزانو) آهي جنهن کي اوهين پاڻ لاءِ گڏ ڪري رکندا هئا، تنهن جو مزو چکو.

  36. بيشڪ مهينن جو شمار خدا وٽ، خدا جي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو اٿس (تڏهن کان) ٻارنهن مهينا آهي، جن مان چار مهينا ادب (۽ عزت) جا آهن. اهو ئي دين سڌي راھ آهي، ته انهن چئن مهينن ۾ اوهين پاڻ تي (خون خرابي ڪري) ظلم نه ڪريو ۽ جيئن مشرڪ سڀ ملي ڪري اوهان سان وڙهن تئين اوهين به انهن سان وڙهو. ۽ ياد رکو ته خدا پڪ پرهيزگارن سان آهي.

  37. مهينن کي اڳتي پٺتي ڪرڻ به ڪفر جو واڌارو آهي. جو ان ڪري ڪافر ڀٽڪي وڃن ٿا، هڪ سال ته ان ساڳي مهيني کي حلال ٿا ڄاڻن ته وري ٻي سال انهيءَ مهيني کي حرام چون ٿا ته جيئن خدا جيڪي (چار مهينا حرام) ڪيا آهن. انهن جي ڳاڻيٽي کي پورو ڪن ۽ خدا جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪن. انهن کي سندن بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. ۽ خدا ڪافر کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.

  38. اي ايمان وارو! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن (به) اوهان کي چيو وڃي ٿو ته خدا جي راھ ۾ (جهاد جي لاءِ نڪرو) ته اوهين زمين تي ڳرا ٿي پئو ٿا. ڇا اوهان دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪريو ٿا؟ ته (ياد رکو!) دنيا جي زندگي جو ساز سامان، آخرت جي (عيش آرام جي) مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي.

  39. جيڪڏهن هاڻي به نه نڪرندو ته خدا توهان تي دردناڪ عذاب نازل ڪندو ۽ (خدا ڪو مجبور ته آهي ڪين) اوهان جي بدلي ڪنهن ٻي قوم کي آڻيندو ۽ اوهان سندس ڪجھ به بگاڙي نه ٿا سگهو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي.

  40. جيڪڏهن اوهين هن رسول جي مدد نه ڪندو ته (ڪا پرواھ نه آهي، خدا مددگار آهي) هن ته پنهنجي رسول جي تڏهن به مدد ڪئي جڏهن کيس (مڪي جي) ڪافرن (گهر کان) ٻاهر ڪڍيو هو (تنهن وقت فقط ٻه آدمي هئا ۽) ٻيو پاڻ (رسول) هو جڏهن پنهنجي ساٿي کي (سندس روڄ راڙي تي) سمجهائي رهيو هو ته گهٻرائي نه! بيشڪ الله اسان ساڻ آهي. پوءِ خدا پنهنجي طرفان مٿس تسڪين نازل فرمائي ۽ (فرشتن جي) اهڙي لشڪر سان مدد ڪئي جن کي اوهان ماڻهن ڏٺو به نه ۽ خدا ڪافرن جي ڳالھ کي ڪيرائي ڇڏيو. ۽ خدا جي ڳالھ (هميشه) مٿي آهي. ۽ خدا ته غالب حڪمت وارو آهي.

  41. (مسلمانو!) (هر حال ۾) نڪري پئو. هلڪا (بنا هٿيارن) هجو يا ڳرا (هٿيارن سان) ۽ پنهنجي جان سان خدا جي راھ ۾ جنگ ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي عقل آهي ته (ڄاڻو ته) اها ئي ڳالھ اوهان جي لاءِ چڱي آهي.

  42. (اي رسول!) جيڪڏهن زبردست فائدو ۽ سولو سفر هجي ها ته ضرور تنهنجي پٺيان هلن ها پر انهن کي پنڌ پري معلوم ٿيو. پر (جيڪڏهن پٺتي رهجي وڃڻ جو هنن کان سبب پڇندين ته) اهي ماڻهو يڪدم خدا جا قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان ۾ طاقت هجي ها ته اسين به ضرور اوهان سان نڪري پئون ها. (اهي ماڻهو ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي برباد ڪن ٿا. ۽ خدا ته ڄاڻي ٿو (اهي ماڻهو بلڪل ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي برباد ڪن ٿا. ۽ خدا ته ڄاڻي ٿو ته اهي ماڻهو بلڪل ڪوڙا آهن.

  43. (اي رسول) خدا تو کي معاف ڪري تو کين (پٺتي رهڻ جي) ڇو اجازت ڏني! (تون جيڪڏهن ائين نه ڪرين ها ته) تو تي سچ ڳالهائڻ وارا (ته) ظاهر ٿين ها (۽) وري ڪوڙن کي به جدا سڃاڻين ها.

  44. (اي رسول) جيڪي ماڻهو (دل سان) خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، اهي ته پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان جهاد (نه) ڪرڻ جي اجازت گهرڻ وارا نه آهن. (پر اهي از خود ويندا) ۽ خدا پرهيزگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  45. (پٺتي رهڻ جي) اجازت ته فقط اهي ئي ماڻهو وٺندا جيڪي خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن، پڻ سندن دليون (هر قسم جا) شڪ شبها ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي شڪ شبهات ۾ ڊاوان ڊول ٿي رهيا آهن (ته ڇا ڪريون ۽ ڇا نه ڪريون)

  46. ۽ جيڪڏهن اهي (گهرن کان) نڪرڻ جو پڪو ارادو ڪن ها ته (ڪجھ نه ڪجھ ته) تياري ڪن ها، مگر (ڳالھ هئين آهي ته) خدا هنن سان گڏ موڪلڻ کي پسند نه ڪيو ته کين ڪاهل ڪري ڇڏيائين ۽ (ڄڻ ته) کين چيل آهي ته اوهين رهجي وڃڻ وارن سان ويٺا (مکيون ماريندا) رهو.

  47. جيڪڏهن اهي ماڻهو تو سان گڏجي نڪرن به ها ته اوهان ۾ فساد پيدا ڪن ها ۽ اوهان لاءِ فتني ڪرڻ واسطي اوهان ۾ (هيڏانهن هوڏانهن) گهوڙا ڊوڙائيندا ڦرن ها ۽ اوهان مان (ئي) سندن جاسوس به آهن (جيڪي اوهان جي ڳالھ هنن کي ٻڌائين ٿا) ۽ خدا شرارت ڪرڻ وارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  48. (اي رسول) انهن ماڻهن پڪ اڳ ۾ ئي فساد وجهڻ چاهيو ٿي ۽ تنهنجون ڪيئي ڳالهيون ڦيرايون تان جو حق آيو ۽ خدا جو ئي حڪم غالب رهيو ۽ کين ناپسند ٿيندو رهيو.

  49. ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي صاف لفظن ۾ چون ٿا ته مون کي ته (پٺ تي رهڻ جي) اجازت ڏيو. ۽ مون کي مصيبت ۾ نه ڦاسايو. (اي رسول) ڄاڻ ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ مصيبت ۾ (اندوهي منهن) وڃي پيا. ۽ پڪ دوزخ ته ڪافرن کي گهيرو ڪيل ئي آهي.

  50. تو کي فائدو رسيو ته کين ساڙ ٿو ٿئي. پر جيڪڏهن تو تي ڪا تڪليف اچي ٿي ته اهي چون ٿا ته (ان ڪري ئي) اسان پنهنجو ڪم اڳ ۾ ئي ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ (هئين چئي) خوش ٿي (تو وٽان اٿي) واپس ٿي وڃن ٿا.

  51. (اي رسول! کين) چئو ته اسان تي ڪڏهين به ڪا مصيبت اچي نٿي سگهي پر اها ئي جيڪا خدا اسان جي لاءِ (اسان جي تقدير ۾) لکي ڇڏي آهي. اهو ئي اسان جو مالڪ (مختيار) آهي. ۽ ايمان وارن کي گهرجي به (ائين ته آهي). خدا تي ئي ڀرسو رکن.

  52. (اي رسول) تون (منافقن کي) چئو اوهين ته اسان جي لاءِ (فتح يا شهادت) ٻن ڀلاين مان هڪ جو انتظار ڪريو ٿا ۽ اسين اوهان لاءِ هن ڳالھ جو انتظار ڪريون ٿا ته الله پنهنجي طرفان يا اسان جي هٿان اوهان کي ڪو عذاب پهچائي. ته پوءِ (چڱو!) اوهين به انتظار ڪريو، اسين به اوهان سان (گڏ) گڏ انتظار ڪريون ٿا.

  53. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين ماڻهو خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان، اوهان جي خيرات ته هرگز قبول نه ڪئي ويندي، ڇو ته اوهين پڪ بدڪار ماڻهو آهيو.

  54. ۽ سندن خيرات جي قبول ٿيڻ کي ٻي ڪا ڳالھ آڏو نه آهي هن کان سواءِ جو هنن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو ۽ نماز لاءِ اچن به ٿا ته سست بڻجي ۽ خدا جي راھ ۾ ڏين ٿا ته به بددليءَ سان.

  55. (اي رسول!) پوءِ تو کي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد حيرت ۾ وجهي، الله ته فقط هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي (هڻڻ) ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ کين سزا ڏئي پڻ جڏهين سندن ساھ نڪرن ته اهي ڪافر (جا ڪافر ئي) رهن.

  56. ۽ (مسلمانو!) اهي ته خدا جا قسم کڻندا ته بيشڪ اهي اوهان مان ئي آهن. هوڏانهن اهي اوهان مان نه آهن، پر اهي آهن ڊڄڻا.

  57. جو جيڪڏهن اهي پناھ جي جاءِ يا ڪي غار (پاڻ کي لڪائڻ لاءِ) ڪو گهڙڻ جو هنڌ لهن ها ته رسيون ٽوڙائي ڀڄن ها.

  58. (اي رسول!) انهن مان ڪي ته اهڙا به آهن جو تو کي خيرات جي (ورهائڻ) ۾ (بي واجبي) الزام ڏين ٿا پوءِ جيڪڏهن کين ڪجھ (چڱو حصو) مليو ته خوش ٿين ٿا، پر جيڪڏهن (سندن مرضي موجب) ان مان نٿو ملي ته پوءِ يڪدم بگڙن ٿا.

  59. ۽ جيڪي به خدا ۽ سندس رسول کين عطا فرمايو هو، جيڪڏهن اهي ان تي خوش ٿين ها ۽ چون ها ته اسان جي لاءِ خدا ڪافي آهي (هينئر نه سهي ته) جلد ئي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ۽ سندس رسول اسان کي ضرور ڏيندو. اسين ته بيشڪ خدا سان لنئو لڳايون ويٺا آهيون. (ڪهڙو نه چڱو ٿين ها!)

  60. صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اڳياڙي ڪندڙن ۽ جن کي ورهائڻ منظور آهي تن لاءِ ۽ جن جي ڳيچن ۾ ( غلامي جو ڳٽ پيل آهي تن جي) آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ قرضدارن لاءِ (جيڪي پاڻ لاهي نٿا سگهن) ۽ خدا جي راھ ( جهاد) ۾ ۽ مسافرن لاءِ آهن. (اهي حق) خدا جي طرف کان فرض ڪيل آهن. ۽ خدا سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي.

  61. ۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي (اسان جي) رسول کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته هي ڪن (هي ڪن) آهن (کين) چئو ته اهي ڪن اوهان جي ڀلي ٻڌڻ لاءِ آهن جي خدا تي ايمان رکن ٿا ۽ مومنن جي ڳالھ تي يقين رکي ٿو ۽ اوهان مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي انهن لاءِ رحمت ۽ جيڪي خدا جي رسول کي ستائن ٿا. تن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  62. (مسلمانوٰ) اهي اوهان جي اڳي الله جا قسم کڻن ٿا ته (جيئن) اوهان کي راضي ڪن حالانڪه جڏهن سچا ايماندار آهن ته الله ۽ ان جو رسول وڌيڪ حقدار آهن جو انهن کي راضي ڪن.

  63. ڇا، اهي ماڻهو ايترو به نٿا ڄاڻن ته جنهن شخص خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ته ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي جو ان لاءِ دوزخ جي باھ (تيار ڪيل) آهي جنهن ۾ اهو هميشه (سڙندو ٻرندو) رهندو. اها ئي ته وڏي _(۾ وڏي) خواري آهي.

  64. منافق هن کان ڊڄن ٿا ته متان ڪا مسلمانن جي (رسول جي معرفت) ڪا سورت نازل ٿئي جا، جيڪي (منافقن جي) دلين ۾ آهن تنهن جي مسلمانن کي خبر ڏي. (اي رسول!کين) چئو ته ڀلي مسخريون ڪريو. جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کي خدا ضرور ظاهر ڪندو.

  65. ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته ضرو چوندا ته اسان خوش طبعي ۽ مذاق ٿي ڪئي. تون چوين ته ڇا اوهان الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول تي ٺٺولي ٿي ڪئي؟.

  66. هاڻي بهانو نه ڪريو، حق هي آهي ته اوهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويا. جيڪڏهن اوهان مان ڪن کي معاف به ڪريون تڏهن به ڪن کي سزا ضرور ڏينداسون. ڇو ته اهي پڪ ڏوهاري آهن.

  67. منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀني جي هڪ چال آهي. جي بڇڙي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ چڱي ڪم کان جهلين ٿا. ۽ پنهنجا هٿ (خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان) بند رکن ٿا. خدا کي وساريو اٿن پوءِ خدا کين (ڄڻ ته) وساريو آهي. بيشڪ منافق نافرمان آهن.

  68. خدا منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان دوزخ جي باھ جو واعدو ڪيو آهي. ان ۾ سدائين پيا رهندا. کين اها بس آهي ۽ خدا مٿن لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.

  69. (منافقو!) انهن وانگر آهيو جي اوهان کان اڳ هئا، اهي اوهان کان (به) وڌيڪ طاقت وار هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ به گهڻو زياده هئن. پوءِ انهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو وري اوهان به پنهنجي حصي مان فائدو ورتو. جيئن اوهان کان اڳين پنهنجي حصي مان فائدو ورتو ۽ اوهان بيهودا ڪم ڪيا جيئن انهن بيهودا ڪم ڪيا. هي اهي ماڻهو آهن جن جو سڀ ڪجھ ڪيو ڪرتيو دنيا ۽ آخرت (ٻنهن ۾) اڪارت ويو. ۽ اهي ئي ماڻهو گهاٽي ۾ آهن.

  70. ڇا کين، انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي جيڪي کائن اڳ هئا. (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ ابرهيم جي قوم ۽ مدين وارا ۽ اونڌن ٿيل ڳوٺن وارا جن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي آيا ته (اهي عذاب ۾ آيا ۽) خدا مٿن ڏاڍ نه ڪيو پر اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.

  71. ۽ اي ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا رفيق آهن، چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا، ۽ بڇڙي ڪم کان جهلن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏيندا رهن ٿا، پڻ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. هي اهي آهن جي تي خدا جلد ئي رحم ڪندو. بيشڪ خدا غالب حڪمت وارو آهي.

  72. الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن سان (بهشت جي) اهڙن باغن جو واعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (بهشت) عدن ۽ باغن جي سٺن سٺن محلن جو (به واعدو فرمايو آهي. ۽ خدا جو راضپو ته انهن سڀني کان اتاهون آهي. اها ئي ته وڏي (اعلى درجي جي) ڪاميابي آهي.

  73. اي رسول! ڪافرن سان (تلوار سان) ۽ منافقن سان (زبان جي ذريعي) جهاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر. ۽ سندن ٺڪاڻو ته دوزخ ئي آهي. ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي.

  74. اهي منافق خدا جا قسم کڻن ٿا ته اسان (ڪا به بڇڙي ڳالھ) نه چئي، هوڏانهن انهن پڪ ڪفر جو ڪلمو چيو ۽ پنهنجي اسلام کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ان ڳالھ جو ارادو ڪيائون جنهن ۾ ناڪامياب رهيا ۽ (مسلمانن سان) رڳو هن ڳالھ سبب عداوت ڪيائون جو الله ۽ سندس رسول کين پنهنجي فضل سان شاهوڪار ڪيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته خدا کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ ساري دنيا ۾ سندن نڪو حامي ٿيندو ۽ نه مددگار.

  75. ۽ انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي خدا سان قول ۽ اقرار ڪري چڪا هئا ته جيڪڏهن پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان (ڪجھ مال) ڏيندو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسون ۽ نيڪ ٿينداسون.

  76. پوءِ جڏهن خدا پنهنجي فضل ۽ (ڪرم) سان کين عطا فرمايو ته لڳا ان ۾ ڪنجوسي ڪرڻ ۽ منهن موڙي ڦيرڻ.

  77. پوءِ ان جي خميازي ۾ پنهنجي ملاقات جي ڏينهن (قيامت) تائين سندن دلين ۾ ڄڻ ته نفاق وجهي ڇڏيو. هن ڪري جو انهن ماڻهن جيڪو واعدو خدا سان ڪيو هو تنهن جي خلاف ڪيائون. ۽ هن ڪري جو اهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.

  78. ڇا اهي ايترو به نه ڄاڻندا هئا ته خدا سندن (سڀني) ڀيدن ۽ سندن لڪل صلاحون ڄاڻي ٿو. ۽ خدا سڀ ڳجهيون ڳالهيون ڄاڻي ٿو.

  79. (هي اهي آهن) جيڪي ايمان وارن مان دل کولي خيرات ڪندڙن جي خيرات ڏيڻ ۾ عيب ڪڍن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي محنت کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نٿا لهن تن جو به (عيب ڪڍن ٿا) پوءِ انهن تان ٺٺوليون ڪن ٿا ته خدا انهن تان ٺٺوليون ڪري ٿو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  80. (اي رسول!) انهن لاءِ معاف گهرين يا معافي نه گهرين (انهن لاءِ هڪجهڙو آهي) تون هنن جي لاءِ ستر ڀيرا به مغفرت جي دعا گهرين ته به خدا کين هرگز معاف نه ڪندو. اها (سزا) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.

  81. (جنگ تبوڪ ۾) خدا جي رسول کان پري رهندڙ، پنهنجي وهڻ (جهاد ۾ نه وڃڻ) تي خوش ٿيا ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان خدا جي راھ ۾ جنگ ڪرڻ کي ناپسند ڪيائون، ۽ چيائون ته (هن) گرمي ۾ (جنگ لاءِ) نه نڪرو (اي رسول!) تون چوين ته دوزخ جي باھ (جنهن ۾ اوهين سڙندو) انهي کان گهڻو گرم آهي، جيڪڏهن اهي ڄاڻن.

  82. پوءِ جيڪي اهي ڪرتب ڪندا هئا. ان جي عوض کين گهرجي ته تمام گهٽ کلن ۽ گهڻو روئن.

  83. ته (اي رسول!) جيڪڏهن خدا تو کي انهن منافقن جي ٽولي ڏي (جهاد کان صحيح سالم) واپس آڻي، پوءِ تو کان (جهاد لاءِ) نڪرڻ جي اجازت گهرن ته تون صاف چوين ته اوهين مون سان (جهاد لاءِ) هرگز نه نڪرندو ۽ نه وري مون سان گڏ دشمن سان وڙهندو. جڏهن اوهان پهرين ڀيري (گهر ۾) وهڻ پسند ڪيو ته (گهرن ۾) ويٺا هجو.

  84. ۽ (اي رسول!) هنن منافقن مان جيڪو به مري (ته) ان جي جنازي جي نماز نه پڙهج! ۽ نه ان جي قبر تي وڃي بيهج. هنن بيشڪ خدا ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو ۽ بدڪاري جي حالت ۾ مري (به) ويا.

  85. ۽ سندن مال ۽ انهن جي اولاد (جي گهڻائي) تو کي تعجب ۾ نه وجهي (ڇو ته) خدا جي مرضي ته اها آهي ته دنيا ۾ به سندن مال ۽ اولاد جي ڪري کين عذاب ۾ وجهي ۽ انهن جي موت وقت به اهي ڪافر (جا ڪافر ٿي) رهن.

  86. ۽ جڏهن (به) ڪا سورت هن لاءِ نازل ٿي ته خدا کي مڃو ۽ سندس رسول سان گڏجي (وڃي) جهاد ڪريو ته جيڪي انهن مان مالدار آهن اهي اوهان کان اجازت وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي (اتي ئي ڇڏي ڏيو ته اسين به (گهر ۾) وهڻ وارن سان گڏ (ويٺا) رهون.

  87. اهي ان ڳالھ ۾ خوش آهن ته پٺتي رهڻ وارن (عورتن ٻارن ۽ بيمارن) سان گڏ (ويٺا) رهو ۽ (ڄڻ ته) سندن دلين تي مهر ڪيل آهي جو اهي ڪجھ نٿا ڄاڻن.

  88. پر سول ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو آهي انهن پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو. هي اهي ئي آهن جن لاءِ (هر قسم جي) ڀلايون آهن. ۽ اهي ماڻهو ڪامياب هئڻ وارا آهن.

  89. خدا انهن لاءِ (بهشت جا) اهي (ته چهچ ساوا) باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن (جن جي وڻن) هيٺان واھ جاري آهن (۽) اهي ان ۾ (هميشه) رهندا. اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.

  90. ۽ تو وٽ ڪجھ بهاني ڪرڻ وارا ڳنوار ڳوٺاڻا (به) اچي ڪٺا ٿيا ته جيئن انهن کي به (پٺتي رهڻ جي) موڪل ڏني وڃي ۽ جن ماڻهن خدا ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڪيو هو اهي (گهرن ۾) ويهي رهيا، (آيا به نه) انهن ماڻهن جن ڪفر اختيار ڪيو جلد ئي انهن تي دردناڪ عذاب نازل ٿيندو.

  91. (اي رسول! جهاد ۾ نه وڃڻ جو) نه ته ڪمزورن تي ڪجھ گناھ آهي نه ته بيمارن تي ۽ نه ته انهن ماڻهن تي جيڪي ويلي جي ورءُ به نٿا لهن. بشرطيڪه اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول جي خير خواهي ڪن. نيڪي ڪرڻ وارن تي الزام جي ڪا راھ نه آهي. ۽ خدا وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي.

  92. نه انهن ماڻهن تي ميار آهي جيڪي تو وٽ آيا تون انهن لاءِ سواري پيدا ڪرين ۽ تو چيو ته مون وٽ (ته ڪا به سواري) ڪانهي جو اوهان کي ان تي سوار ڪريان ته اهي (ويچارا لاچار) موٽي ويا ۽ حسرت (۽ افسوس) سان ان ڏک ۾ ته کين خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجھ نه هو. سندن اکين مان نيڻ جاري هئا.

  93. الزام رڳو انهن تي آهي جن مالدار هوندي به تو کان (جهاد ۾ نه وڃڻ جي موڪل) گهري ۽ کين پٺتي رهڻ وارن (عورتن ۽ ٻارن) سان رهڻ پسند ٿيو. ۽ خدا سندن دلين تي (ڄڻ ته) مهر ڪئي آهي جو اهي ماڻهو ڪجھ نه ٿا سمجهن.

  94. جڏهن اوهين جنگ کان موٽندو ته اهي (منافق) اوهان سان (هر قسم) جا بهانا ڪندا. (اي رسول! کين) چئج ته بهانا نه ڪريو. اسين اوهان جي ڳالھ ڪڏهن به نه مڃينداسون (ڇو ته) اسان کي الله اوهان جي حالت جي خبر ڏني آهي، ۽ الله ۽ سندس رسول اوهان جي ڪم کي ڏسندا. پوءِ اوهين ظاهر ۽ ڳجھ جي ڄاڻڻ واري (خدا) جي حضور ۾ موٽايا ويندو! پوءِ جيڪي اوهين (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي (ذري ذري جي) اوهان کي خبر ڏيندو.

  95. جڏهن اوهان انهن ڏي (جهاد کان) موٽندو ته اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻندا ته اوهين انهيءَ کي درگذر ڪريو. ته اوهين انهن کان منهن موڙ ڪري ڇڏيو. بيشڪ اهي پليت آهن ۽ سندن ٺڪاڻو جهنم آهي. اها ان (ڳالھ جي) سزا آهي جيڪي اهي دنيا ۾ ڪندا هئا.

  96. اوهان جي اڳيان اهي قسم ٿا کڻن ته جيئن اوهين انهن کان راضي ٿيو. پوءِ جيڪڏهن انهن کان راضي ٿيندو ته (به) خدا نافرمان ماڻهن کان هرگز راضي نه ٿيندو.

  97. ٻاهراڙيءَ وارا گنوار (اهي) عرب ڪفر ۽ نفاق ۾ تمام سخت آهن. ۽ هن لائق آهن ته جيڪي ڪتاب خدا پنهنجي رسول تي نازل فرمايو آهي ان جا حڪم نه مڃين ۽ خدا ته سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  98. ۽ باهراڙيءَ وارن ڳنوارن ما ڪي اهڙا به آهن جي، (خدا جي واٽ ۾) جيڪي ڏين ٿا تنهن کي چٽي ڪري سمجهن ٿا. ۽ اوهان تي (زماني جي) گردش جا منتظر آهن انهن تي (ئي زماني جي) بري گردش پوي. ۽ خدا ته سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  99. ۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي اهڙا (به) آهن جيڪي خدا ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا تنهن کي خدا جي (بارگاھ ۾) ويجهو ٿيڻ ۽ رسول جي دعائن جو وسيلو ڄاڻن ٿا. خبردار ٿيو! بيشڪ اهو انهن لاءِ ويجهي ٿيڻ جو سبب آهي. انهن کي الله جلد ئي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  100. ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان (ايمان طرف) اڳرائي ڪرڻ وارا جن (ايمان قبول ڪرڻ ۾ سندن پيروي ڪئي تن کان الله راضي ٿيو ۽ اهو خدا کان خوش ۽ خدا انهن لاءِ باغ تيار ڪيا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي.

  101. ۽ (مسلمانو!) ڪي اوهان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ وارن مان ۽ ڪي مديني وارن مان منافق آهن. منافقي جي عادت ٿي پئي اٿن. (اي رسول!) تون کين نٿو ڄاڻي، (پر) اسين انهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا. کين (دنيا ۾ ئي) ٻيڻي سزا ڏينداسون، وري اهو (قيامت ۾) هڪ وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا.

  102. ۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن پنهنجي گناهن جو اقرار (ته) ڪيو (پر) انهن چڱن ڪمن کي ٻين ڪجھ بڇڙن سان گڏي سڏي ڪيا اٿن. اميد آهي ته خدا سندن توبه قبول فرمائي. (ڇو ته) خدا پڪ وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  103. (اي رسول! تون سندن مالن مان زڪوات وٺ جنهن سان تون کين (گناهن کان) پاڪ صاف ڪري ڇڏ ۽ انهن لاءِ خير جي دعا ڪر! ڇو ته تنهنجي دعا انهن لاءِ دلجاءِ (جو سبب آهي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  104. ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه سمجهيو ته بيشڪ خدا ئي پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪندو آهي ۽ اهو ئي خيراتون (به) وٺندو آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو ئي توبه جو وڏو قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.

  105. ۽ (اي رسول!کين) چئو ته اوهين پنهنجا پنهنجا ڪم ڪندا رهو. اڃا ته خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن اوهان جي ڪمن کي ڏسندا ۽ وري جلد ئي (قيامت ۾) ظاهر ڳجهين (ڳالهين کي) ڄاڻڻ واري (خدا) ڏي موٽايا ويندو. پوءِ اوهين جيڪي ڪندا هئا سو (اوهان کي ٻڌائيندو.

  106. ۽ ڪي ٻيا آهن جن کي خدا جي حڪم لاءِ اميدوار ڇڏيل آهن (هن کي وس آهي) يا ته کين سزا ڏي يا مٿن مهرباني ڪري. ۽ خدا (ته) وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  107. ۽ (اهي ماڻهو به منافق آهن) جن (مسلمانن کي) نقصان پهچائڻ ۽ ڪافر ڪرڻ ۽ مومنن ۾ ٻيائي وجهڻ لاءِ، ۽ جن خدا ۽ سندس رسول سان هن کان اڳ جنگ ڪئي تنهن جي گهاٽ ٺاهڻ لاءِ مسجد ٺاهي. (۽ مزو اهو) ته ضرور اهي قسم کڻندا ته اسان مسجد بنائڻ ۾ رڳو ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي ۽ خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.

  108. (سو اي رسول!) تون ان (مسجد) ۾ ڪڏهن (به) نه بيھ. (پر) اها مسجد جنهن جو بنياد پهرئين ڏينهن کان پرهيزرگاري تي رکيو ويو آهي تنهن ۾ تو کي بيهڻ زياده لائق آهي. ان ۾ اهڙا مرد آهن، جي پاڪ رهڻ کي پسند ڪن ٿا. ۽ خدا (به) پاڪ پاڪيزه رهڻ وارن کي پسند ڪندو آهي.

  109. ڇا پوءِ جنهن خدا جي عوض ۽ خوشنودي تي پنهنجي عمارت جو بنياد رکيو آهي اهو وڌيڪ چڱو آهي يا جنهن شخص پنهنجي عمارت جو بنياد ئي جي کاڌل ڪناري تي رکيو آهي جنهن ۾ ڌراڙون پئجي چڪيون آهن ۽ ڊهڻ تي آهي، پوءِ اها (پنهنجي) اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري پيئي. ۽ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين ڪين ٿو پهچائي.

  110. سندن (عمارت) جنهن کي بنايو اٿن سا هميشه سندن دلين ۾ کٽڪندي رهندي جيستائين سندن دليون وڊجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پون ۽ خدا ته سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  111. بيشڪ خدا ايمان وارن کان سندن جانيون ۽ سندن مال خريد ڪيا آهن، هن جي بدلي ۾ (ان جي قيمت) انهن لاءِ جنت آهي (جنهن ڪري ئي) اهو الله جي راھ ۾ وڙهن ٿا ته (ڪافرن کي) قتل ڪن ٿا ۽ (پاڻ به) قتل ڪيا وڃن ٿا. (اهو) پڪو وعدو آهي جو (توريت ۽ انجيل ۽ قرآن (سڀني) ۾ (لکيل) آهي. ۽ خدا کان وڌيڪ پنهنجي وعدي کي پورو ڪندڙ ڪير آهي؟ اوهين ته پنهنجي سودي تي جيڪو توهان خدا سان ڪيو آهي، خوشيون ڪريو. اها ئي ته وڏي (۾ وڏي) ڪاميابي آهي.

  112. (اهي انسان) توبه ڪندڙ، عبادت گذار، (خدا جو) حمد و ثنا ڪرڻ وارا، سندس راھ ۾ سفر ڪندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجدي ڪندڙ، نيڪي جو حڪم ڪندڙ، بڇڙاين کان منع ڪندڙ ۽ خدا جي (مقرر ڪيل) حدن (قاعدن) جي حفاظت ڪندڙ آهن. ۽ (اي رسول!) انهن مومنن کي (تون بهشت برين جي) خوشبخري ٻڌائي!

  113. نبي ۽ مومنن تي جڏهن ظاهر ٿي چڪو ته مشرڪ دوزخي آهن ته پوءِ مناسب نه آهي جو انهن لاءِ بخشش جي دعا گهرن. اگرچه اهي مشرڪ سندن مائٽ ئي (ڇو نه) هجن.

  114. ۽ ابراهيم جي پنهنجي چاچي (آذر) جي لاءِ معافيءَ جي دعا گهرڻ، سا فقط (سندس) انجام ڪري هئي، جنهنجو (هن) پيءُ سان واعدو ڪيو هو. پوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته هو خدا جو دشمن آهي ته ان کان بي خبر ٿيو بيشڪ ابراهيم وڏو نرم دل (۽) بردبار هو.

  115. خدا جو اهو شان نه آهي جو جڏهن قوم جي هدايت ڪري چڪو هجي، تنهن کان پوءِ انهن کي گمراھ ڪري، تان جو اهو انهن ڳالهين کي به ٻڌائي جن کان هو پرهيز ڪن. بيشڪ خدا هر ڳالھ کان واقف آهي.

  116. بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت خدا لاءِ ئي خاص آهي اهو ئي (جنهن کي چاهي ته) جياري ٿو ۽ (جنهن کي گهري ته) ماري ٿو. ۽ اوهان ماڻهن جو خدا کان سواءِ نه ته ڪو سرپرست آهي (۽) نه مددگار.

  117. خدا نبيءَ تي مهرباني ڪئي ۽ انهن مهاجرن ۽ انصارن تي به جن تنگي جي وقت نبيءَ جي تابعداري ڪئي هن کان پوءِ جو انهن مان ڪن ماڻهن جون دليون ڦرڻ تي هيون پر خدا مٿن مهرباني ڪئي بيشڪ هو انهن تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  118. ۽ انهن ٽن تي ( به فضل ڪيو) جيڪي (جهاد کان) پٺتي رهيا هئا (۽ مٿن سختي ڪئي وئي هئي) تان جو زمين باجود ويڪري هئڻ جي مٿن تنگ ٿي پئي ۽ اهي سمجهي ويا ته الله کان سواءِ ٻي ڪا به پناھ جي جاءِ نه آهي، پوءِ خدا کين توبه جي توفيق ڏني ته جيئن اهي (خدا ڏي) رجوع ڪن. بيشڪ خدا ئي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.

  119. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿيو.

  120. مديني وارن ۽ انهن جي آس پاس ٻهراڙيءَ وارن لاءِ الله جي رسول کان (جنگ ۾) پٺتي رهڻ ۽ سندس جان کان پنهنجي جان کي پسند ڪرڻ مناسب نه هو. اهو حڪم ان ڪري هو هو ته انهن (جهاد ڪرڻ وارن) ۽ خدا جي راھ ۾ جيڪا تڪليف اڃ جي يا محنت يا بک جي سختيءَ جي پهچي ٿي يا برو گس هلن ٿا جيڪو ڪافرن کي ڪاوڙائي ٿو ۽ اهي نه ڪڏهن دشمن کان ڪا شي حاصل ڪن ٿا پر (هن لاءِ جو) ان جي بدلي ۾ انهن لاءِ چڱو عمل لکيو وڃي ٿو. بيشڪ خدا نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر ضايع نه ٿو ڪري.

  121. ۽ اهي ماڻهو (خدا جي راھ ۾) ٿورو يا گهڻو مال نه ٿا خرچ ڪن، پڻ نه ڪو ميدان پار ڪن ٿا پر اهو به انهن لاءِ لکيو وڃي ٿو هن لاءِ ته جيڪو چڱي کان چڱو ڪم پيا ڪن تنهن جو کين چڱو بدلو ڏي.

  122. ۽ هي (به) مناسب نه آهي ته سڀيئي (پنهنجي گهرن مان) نڪري پون. پوءِ انهن تي سڀ ڪنهن جماعت مان هڪ هڪ ٽولي ڇو نه ٿي نڪري ته پاڻ ۾ دين جي سمجھ پيدا ڪن ۽ جڏهن پنهنجي قوم ڏي موٽن ته انهن کي (آخرت جي عذاب کان) ڊيڄارين ته من اهي ڊڄن.

  123. اي ايمان وارو! جيڪي ڪافر اوهان جي آس پاس آهن، تن سان جنگ ڪريو ۽ (اهڙي طرح جو اهي اوهان ۾ سختي ڏسن. ۽ پڪ ڄاڻو ته خدا پرهيزگارن سان آهي.

  124. ۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته انهن منافقن مان هڪ (ٻئي کان) پڇن ٿا ته هن (سورت) اوهان مان ڪنهن جو ايمان زياده ڪيو؟ پوءِ جن ايمان آندو تن جو ايمان وڌيو ۽ اهي (ان جون) خوشيون منائين ٿا.

  125. ۽ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي، تن لاءِ سندن پليتيءَ تي پليتي ان (سورت) وڌائي ۽ اهي ماڻهو ڪافر ٿي مئا.

  126. ڇا اهي (ايترو به) نه ٿا ڏسن ته انهن تي سڀ ڪنهن سال هڪ دفعو يا ٻه دفعا مصيبت ۾ مبتلا ٿين ئي ٿا. تڏهن به نه توبه ڪن ٿا ۽ نه نصيحت ٿا وٺن.

  127. ۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته انهن (منافقن) مان هڪڙا ٻين ڏي (شرم کان) ڏسن ٿا ۽ (هئين ٻئي ته) اوهان کي ڪو مسلمان ڏسي ته نه ٿو! پوءِ (پنهنجي گهر) موٽي وڃن ٿا (اهي ٿا موٽندا ڃڻ ته) خدا سندن دلين کي ڦيرايو آهي هن لاءِ جو اهي صفا بي سمجھ آهن.

  128. انسانو! اوهان وٽ اوهان مان هڪ اهڙو رسول آيو آهي (جنهن جي مهرباني جي هيءَ حالت آهي جو) اوهان جو تڪليف ۾ ڦاسڻ کيس ڏکوئيندڙ آهي جو توهان تڪليف ۾ اچو ۽ کيس اوهان جي بهبوديءَ جو اونو آهي (پڻ) ايمان وارن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  129. (اي رسول!) جيڪڏهن وري به اهي منهن ڦيرين ته تون چئين ته منهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي ان کان سواءِ ڪوئي معبود نه آهي. مون ان تي ڀروسو رکيو آهي. اهو ئي عرش (جهڙي) بزرگ (مخلوق) جو مالڪ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found