اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

سورت انفال

ٽوٽل آيتون: 75

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان

  1. (اي رسول!) تو کان ماڻهو انفال (غنيمت جي مال) بابت پڇندا رهن ٿا. (کين) چئو ته انفال خاص خدا ۽ رسول جي لاءِ آهي ته (پوءِ) خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهين (سچا) ايماندار آهيو ته خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو.

  2. سچا ايماندار ته فقط اهي آهن جو جڏهين (انهن جي اڳيان) خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن اڳيان سندس آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان اڃا به وڌيڪ ٿئي ٿو پڻ اهي پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکن ٿا.

  3. نماز کي پابنديءَ سان پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.

  4. اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، جن لاءِ سندن پالڻهار وٽ (تمام وڏا) درجا آهن پڻ معافي ۽ عزت آبرو سان چڱي روزي آهي.

  5. (اهو غنيمت جي مال جو جهڳڙو ائين ئي آهي) جيئن اوهان جي پالڻهار توهان کي پوري پوري (مصلحت سان) توهان جي گهر مان (جنگ بدر ۾) ڪڍيو هو ۽ مومنن جو هڪ ٽولو (هن ڳالھ مان) ناخوش هو.

  6. جيڪي حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان (اجايو سجايو) سچي ڳالھ ۾ وڙهن ٿا ۽ اهڙي طرح (جهڳڙو) ڪرڻ لڳا جو ڄڻ ته (زبردستي سان کين) موت جي منهن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو.

  7. ۽ ان کي (پنهنجن اکين سان) ڏسي رهيا آهن ۽ (هي اهو وقت هو جڏهن خدا اوهان سان واعدو ڪري رهيو هو ته (مڪي جي ڪافرن مان) ٻن گروهن مان هڪ اوهان لاءِ ضروري آهي. ۽ اوهان وري جي اها مرضي هئي ته توهان جي چنبي ۾ ڪمزور گروھ اچي (جيئن جنگ بدر کانسواءِ غنميت جو مال هٿ لڳي) پر خدا جي مرضي هئي ته پنهنجين ڳالهين سان حق سچ کي ثابت (قائم) ڪري ڪافرن جي پاڙ پٽي.

  8. ته جيئن حق کي (سچ) ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (ڪافر) ان مان ناراض ئي ڇو نه هجن.

  9. (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين پنهنجي پروردگار وٽ فرياد ڪري رهيا هئا ته هن توهان جي ٻڌي ۽ جواب ڏنو ته: آءُ اوهان جي مدد اڳ ايندڙ هڪ هزار ملائڪن سان ڪندس.

  10. ۽ (غيبي مدد) خدا رڳو اوهان جي خوشي جي لاءِ ڪئي هئي ته ان سان اوهان دلين کي خاطري ٿئي. ۽ (ياد رکو ته) فتح رڳو خدا وٽان آهي. بيشڪ خدا زبردست ۽ حڪمت وارو آهي.

  11. هي اهو وقت هو جڏهين پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪي سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ صاف ڪري اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي.

  12. (اي رسول! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجو پروردگار فرشتن کي فرمائي رهيو ته آءُ پڪ اوهان سان آهيان. اوهين ايمان وارن کي ثابت قدم رکو (همٿايو). آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس. پوءِ سندن ڪنڌ ڪپيو ۽ سندن سنڌن تي ڌڪ هڻو.

  13. هي (سزا هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالف ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڪرڻ وارو آهي.

  14. (ڪافرو! دنيا ۾ ته) وٺو پوءِ ان (سزا) جو مزو چکيو پر (پوءِ آخرت ۾ ته) ڪافرن لاءِ دوزخ جو عذاب ته آهي (ئي)

  15. اي ايمان وارو! جڏهن ڪافرن سان ميدان جنگ ۾ آمهون سامهون ٿيو ته (ياد رکو! انهن کان پٺيون نه ڦيرجو.

  16. ۽ (خبردار) لڙائي جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناھ وٺندڙ کانسواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيرندو سو بيشڪ خدا جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اهو (ڪهڙو بڇڙو ٺڪاڻو آهي.

  17. ۽ (مسلمانو!) هنن ڪافرن کي اوهان ته ڪين قتل ڪيو پر کين خدا قتل ڪيو ۽ (اي رسول!) جڏهن تو تير ماريو ۽ جيئن ئي پنهنجي طرف کان مومنن تي چڱي طرح احسان ڪري بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.

  18. هي ته اهو خدا ته ڪافرن جي مڪاري کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي.

  19. (ڪافرو!) جيڪڏهن توهان اهو گهرو پيا ته (جيڪو حق تي هوندو تنهن جي) فتح ٿئي ته (مسلمانن جي فتح ته اوهان جي اڳيان اچي پهتي (هاڻي باقي ڪهڙو عذر اٿو!) ۽ جيڪڏهن (اڃا به اسلام جي مخالفت کان) باز اچو ته اوهان لاءِ سٺو آهي پر جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندو ته اسين به اهو ئي ڪم ڪنداسون (۽ اوهان کي برباد ڪري ڇڏينداسون) ۽ اوهان جي جماعت جيتوڻيڪ تمام گهڻي به هجي تڏهن به ڪجھ ڪم نه ايندي ۽ خدا ته پڪ مومنن سان آهي.

  20. اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ ان (ڳالھ کان منهن نه موڙيو جڏهن اوهين ٻڌي رهيا آهيو.

  21. ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي وات سان ته چوندا هئا ته اسين ٻڌي رهيا آهيون پر اهي نه ٻڌندا هئا.

  22. بيشڪ سڀني جانورن مان زياده بڇڙا اهي ٻوڙا گونگا (ڪافر) آهن جيڪي ڪجھ به نٿا سمجهن.

  23. پر جيڪڏهن خدا هنن ۾ نيڪيءَ (جي بوءِ به) ڏسي ها ته هوند، انهن ۾ ٻڌندڙ جي قابليت عطا ڪري ها (مگر هي اهڙا ڍيڍا آهن جو) جيڪڏهن انهن ۾ ٻڌڻ جي قابليت به ڏجي ها تڏهن به منهن موڙ ڪري ڀڄن ها.

  24. اي ايمان وارو! جڏهن اوهان کي (اسان جو) رسول (محمد) اهڙي ڪم لاءِ سڏي جيڪو اوهان جي (روحاني زندگي جو سبب هجي ته اوهين خدا ۽ رسول جو حڪم دل سان قبول ڪريو. پڻ ياد رکو ته خدا (اهو قادر مطلق آهي جو) آدمي ۽ سندس دل (ارادي) جي وچ ۾ اهڙي طرح اچي ٿو ۽ هي به (ياد رکو) ته اوهين سڀئي سندس اڳيان ظاهر ڪيا ويندو.

  25. ۽ ان فتني (فساد) کان ڊڄندا رهو جيڪو خاص انهن ماڻهن تي نه پوندو جن توهان مان ظلم ڪيو (پر اوهين سڀئي ان ۾ پئجي ويندو). ۽ هي پڪ سمجهو ته خدا تمام  سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.

  26. (مسلمانو اهو وقت) ياد ڪريو جڏهن اوهين سرزمين (مڪي ۾) بلڪل ٿورا (۽) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، اوهين ڊنا ٿي ته متان اوهان کي ماڻهو امالڪ کڻي وڃن، پوءِ خدا توهان کي (مديني ۾) پناھ ڏني ۽ خاص پنهنجي مدد سان اوهان جي تائيد ڪئي پڻ اوهان کي پاڪ پاڪيزه شيون کائڻ لاءِ عطا ڪيون ته من اوهين شڪر ڪريو.

  27. اي ايمان وارو! نه ته خدا ۽ رسول جي (امانت ۾) خيانت ڪريو ۽ نه پنهنجن امانتن ۾ خيانت ڪريو جڏهن اوهين ڄاڻو ٿا.

  28. ۽ پڪ سمجهو ته اوهان جا مال اوهان جا اولاد (رڳو) امتحان آهن (ته جيڪو انهن جي محبت ۾ خدا کي نه وساري اهو ئي دين دار آهي) ۽ يقينن الله وٽ وڏو اجر آهي.

  29. اي ايمان وارو جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندا رهندو ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جي طرفان اوهان جي گناهن جو ڪفارو بنائيندو پڻ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ خدا وڏي فضل (۽ ڪرم) وارو آهي.

  30. (اي رسول اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن تو سان فريب ٿي ڪيو ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (ملڪ مان) ڪڍي ڇڏن. ۽ انهن جي خلاف رٿ رٿي ٿي. ۽ الله سڀني رٿ رٿيندڙن کان بهتر آهي.

  31. ۽ جڏهن انهن جي اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوڻ لڳن ٿا ته اسان ٻڌو ته سهي (پر) جيڪڏهن اسين گهرون ته پڪ اهڙو ئي (قرآن) اسين به چئي سگهون ٿا، هي ته رڳو اڳين جا قصا (ڪهاڻيون) آهن.

  32. ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن انهن ڪافرن دعائون گهريون هيون ته خداوندا جيڪڏهن هي (دين اسلام) حق (سچ) آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي ڪو ٻيو عذاب ئي نازل فرمائي.

  33. هوڏانهن جيستائين تون هنن ۾ موجود آهين خدا مٿن عذاب نه ڪندو ۽ الله اهڙو به نه آهي جو ماڻهو ته هن کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا رهن ۽ خدا هنن تي عذاب نازل ڪري.

  34. ۽ جڏهن اهي ماڻهن کي مسجد الحرام (ڪعبي ۾ عبادت) کان منع ڪن ٿا ته پوءِ هنن لاءِ ڪهڙي ڳالھ باقي رهي جو مٿن عذاب نازل نه ٿئي. ۽ اهي ماڻهو خانه ڪعبي جا متولي به ته نه آهن (ته پوءِ ڇو ٿا جهلن). هن جا متولي ته فقط پرهيزگار ماڻهو ئي آهن. پر انهن ڪافرن مان گهڻا نٿا سمجهن.

  35. ۽ ڪعبي وٽ سندن نماز سواءِ سيٺين ۽ تاڙين وڃائڻ جي ٻي ڪهڙي ڳالھ هئي. ته (اي ڪافرو!) جڏهن اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي سزا ۾ (پيا عذاب جو مزو چکيو.

  36. هن ۾ شڪ نه آهي ته اهي ڪافر پنهنجا مال فقط هن لاءِ خرچ ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪن سو اهي (ٻيهر به) ان ۾ جلد ئي خرچ ڪندا پوءِ اهو (خرچ ڪرڻ) مٿن پشيماني ٿيندو ۽ پڇاڙي اهي ماڻهو هار کائيندا. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو (قيامت ۾) سڀئي دوزخ ڏي ڌڪيا ويندا.

  37. ته جيئن خدا پليت کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ پليت ماڻهن کي هڪ ٻئي تي رکي ڍير بڻائي. ۽ وري (انهن) سڀني کي دوزخ ۾ وجهي. اهي ئي نقصان وارا آهن.

  38. (اي رسولٰ) تون ڪافرن کي چئو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو (اڃا به پنهنجي شرارتن کان) باز رهن ته سندن اڳيان ڏوھ معاف ڪيا وڃن پر جيڪڏهن وري اهو ڪم ڪندا ته اڳين تي جاري ٿيل قاعدو گذري چڪو آهي (اهو عذاب انهن تي به جاري رهندو)

  39. مسلمانو! هنن ڪافرن سان جنگ ڪندا رهو تان جو ڪو به فساد (باقي) نه رهي ۽ (بلڪل ساري خدائي ۾) خدا جو دين ئي دين ٿي وڃي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (فساد کان) باز اچن ته خدا سندن ڪارواين کي چڱي طرح ڏسي ٿو.

  40. ۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ (مسلمانو) پڪ ڄاڻو ته خدا توهان جو مالڪ آهي ۽ (اهو ئي) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي.

  41. ۽ ڄاڻو ته جيڪو نفعو اوهين ڪنهن شي مان حاصل ڪريو ته تنهن جو پنجون حصو خدا ۽ رسول (۽ رسول جي) قرابتدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پرديسين جو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين خدا تي ۽ ان (غيبي مدد) تي ايمان آندو آهي جيڪا اسان پنهنجي عبد (محمد) تي فيصلي جي ڏينهن (جنگ بدر ۾) نازل ڪئي هئي جڏهن (مسلمان ۽ ڪافرن جا) لشڪر آمهون سامهون ٿيا. ۽ خدا ته سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  42. (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين (جنگ جي ميدان ۾ مديني جي) ويجهو هئا ۽ اهي ڪافر پوئين پاسي هئا ۽ (قافلي وارا) اوهان کان گهڻو هيٺ هئا ۽ جيڪڏهن (وقت مقرر ڪرڻ جو) پاڻ ۾ اوهين وعدو ڪريو ها ته ضرور وعدي ۾ اختلاف ڪريو ها پر (خدا توهان کي اوچتو گڏ ڪيو) هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي خدا پورو ڪري ڏيکاري ته جيئن جو شخص هلاڪ (گمراھ) هجي اهو (حق جي) حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ هلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو رهي (سو به) هدايت جي حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئرو رهي. ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  43. (هي اهو وقت هو) جڏهن خدا توهان کي خواب ۾ ڪافر گهٽ ڪري ڏيکاريا هئا پر جيڪڏهن توهان کي زياده ڪري ڏيکاري ها ته ضرور اوهين بي همت ٿيو ها ۽ لڙائيءَ بابت ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها. مگر خدا ان (بدنامي) کان بچايو. هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو دلين جي رازن کان واقف آهي.

  44. ۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهان هڪ ٻئي جي سامهون (جنگ ۾) ٿيا هئا ته خدا توهان جي دين ۾ ڪافرن کي گهڻو گهٽ ڪري ڏيکاريو ۽ سندن اکين ۾ اوهان کي (به) ٿورو ڪيو ته جيئن جيڪي خدا کي ڪرڻو منظور هو سو پورو ٿئي ۽ سڀني ڳالهين جو دارو مدار ته خدا تي ئي آهي.

  45. اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ڪنهن لشڪر سان (جنگ ۾) آمهون سامهون ٿيوو ته ثابت قدم رهو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪريو ته اوهين ڪامياب ٿيو.

  46. ۽ خدا جي ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ نه وڙهو (نه ته) اوهين همت هاري وهندو ۽ اوهان جي طاقت ويندي هلي ۽ جنگ جي تڪليف تي صبر ڪريو (ڇو جو) خدا ته پڪ صبر ڪرڻ وارن سان آهي.

  47. ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان آڪڙ سان ۽ ماڻهن کي ڏيکاريڻ لاءِ نڪتا ۽ الله جي رستي کان (ماڻهن) کي روڪين ٿا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تن کي الله (جو هر طرح سان) گهيرو ڪيل آهي.

  48. ۽ جڏهن شيطان سندن ڪرتوتن کي سهڻو ڪري ڏيکاريو ۽ ڪَن ڀريائين ته ماڻهن مان اڄ ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو توهان تي غالب ٿي سگهي ۽ آءُ اوهان جو مددگار آهيان. پوءِ جڏهين ٻنهين لشڪرن جو مقابلو ٿيو ته شيطان پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ چوڻ لڳو ته آءُ اوهان کان بيزار آهيان. آءُ ته اهي شيون ڏسي رهيو آهييان جيڪي اوهان کي نٿيون سجهن. آءُ ته خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا تمام سخت عذاب وارو آهي.

  49. (هي اهو وقت هو) جڏهن منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ آهي تن چيو ٿي ته هنن مسلمانن کي سندن دين ڌوڪو ڏنو آهي (جو وڏائي ڪندا گهمن ٿا) هوڏانهن جو شخص خدا تي ڀروسو ڪري ٿو (اهو غالب رهي ٿو ڇو ته) خدا بيشڪ غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

  50. ۽ (اي رسول تو کي عجب ٿئي ها) جيڪڏهن تون ڏسين ها، جنهن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساھ ڪڍن پيا ۽ سندن منهن ۽ انهن جي پٺين تي (گرز) هڻن پيا ۽ (کين چون پيا ته) ٻرندڙ باھ جو عذاب چکيو.

  51. اها (سزا) ان جي آهي جيڪي اوهان پنهنجي هٿن سان ڪيو آهي. ۽ خدا بندن تي ڪڏهين به ظلم نٿو ڪري.

  52. (هن ماڻهن جي حالت) قوم فرعون ۽ انهن ماڻهن جهڙي آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ خدا جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ته خدا به سندن گناهن جي بدلي انهن کي پڪڙيو. بيشڪ خدا زبردست ۽ تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.

  53. اها (سزا) ان ڪري (ڏني وئي) جو جڏهن ڪا به نعمت خدا ڪنهن قوم کي ڏئي ٿو، جيستائين اهي ماڻهو خود پنهنجي قلبي حالت (نه ٿا) بدلائين خدا به ان کي نه بدلائيندو ۽ خدا ته پڪ (سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.

  54. (انهن ماڻهن جي حالت) فرعوني قوم ۽ انهن وانگر آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا هئا ته اسان به سندن گناهن جي سبب انهن کي تباھ ڪيو ۽ فرعون جي قوم کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ (اهي) سڀيئي ظالم هئا.

  55. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي خدا وٽ جانورن مان ڪافر سڀني کان بڇڙا آهن ته (ان هوندي به) وري ايمان نٿا آڻين.

  56. (اي رسول) جن ماڻهن سان تو معاهدو ڪيو هو، اهي ماڻهو پنهنجو انجام سڀ ڪنهن ڀيري ڀڃن ٿا ۽ وري (خدا کان) نه ٿا ڊڄن.

  57. پوءِ جيڪڏهن اهي جنگ ۾ تو کي هٿ لڳن ته (کين اهڙي گوشمالي ڏين جو) هنن سان گڏ انهن ماڻهن کي به سزا ڏي جيڪي سندن پٺيان هجن ته جيئن اهي سبق سکن.

  58. ۽ جيڪڏهن تو کي ڪنهن قوم جي خيانت (انجام ٽوڙڻ) جو خوف هجي ته تون به انهن ڏي (سندن معاهدي کي) اڇلي ڇڏ (انجام ٽوڙڻ سان انجام ٽوڙيو). بيشڪ خدا دغابازن کي پسند نٿو ڪري.

  59. ۽ ڪافر هرگز خيال نه ڪن ته اهي (مسلمانن کان) اڳيان وڌي ويا (ڇو ته) اهي ڪڏهين به (مسلمانن کي) عاجز ڪري نه سگهندا.

  60. ۽ (مسلمانو!) جيڪي اوهان کان هٿيارن ۽ پاليل گهوڙن مان ٿي سگهي سو انهن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ تيار ڪريو. ان سان اوهين خدا جي دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن تي ڌاڪ وهاريو ۽ انهن کان سواءِ ٻين تي (به) جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، (پر) خدا جي راھ ۾ خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو.

  61. ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر صلح جو خيال ڪن ته تون به ان جو خيال ڪر. ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  62. ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر تو کي فريب ڏين ٿا ته ڪجھ پرواھ ناهي) پوءِ بيشڪ خدا تو لاءِ ڪافي آهي. (اي رسول!) اهو ئي ته اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجي خاص مدد ۽ مومنن سان تنهنجي تائيد ڪئي.

  63. ۽ انهيءَ انهن (مسلمانن) جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا ڪئي جو جيڪڏهن جيڪي زمين آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته تڏهين به انهن جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا نه ڪري سگهين ها. پر اهو خدا ئي هو جنهن پاڻ ۾ الفت پيدا ڪئي. بيشڪ اهو زبردست حڪمت وارو آهي.

  64. اي رسول! تنهنجي لاءِ بس خدا ۽ جيڪي مومن تنهنجا فرمانبردار آهن ڪافي آهن.

  65. اي رسول! تون مومنن کي جهاد لاءِ تيار ڪر (اهي گهٻرائين نه ۽ خدا هنن سان انجام ٿو ڪري ته) جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان ثابت قدم رهڻ وارا ويھ به هوندا ته، ٻه سو (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان (اهڙا) سو ڄڻا هوندا ته هزار ڪافرن تي غالب ٿيندا. اهو هن ڪري جو هي ماڻهو بي سمجھ آهن.

  66. هاڻي خدا اوهان تان (پنهنجي حڪم جي سختيءَ ۾) هلڪائي ڪئي ۽ ڏسي ڇڏيو ته پڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي، ته جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا هڪ سو هوندا ته ٻه سو (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان (اهڙا) هڪ هزار هوندا ته خدا جي حڪم سان ٻه هزار (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ (جنگ جي سختين کي) سهڻ وارن جو خدا ساٿي آهي.

  67. ڪو به نبي جيستائين روءِ زمين تي (ڪافرن جي) رت ڇاڻ نه ڪري تنهن وٽ قيدين جو رهڻ چڱو نه آهي. اوهين ماڻهو ته دنيا جي ساز و سامان جا طلبگار آهيو. پر خدا (اوهان لاءِ) آخرت (جي ڀلائي) چاهي ٿو. ۽ خدا زبردست حڪمت وارو آهي.

  68. ۽ جيڪڏهن خدا جي طرف کان اڳ ۾ ئي (ان جي معافي جو) حڪم نه اچي چڪو هجي ته تو جيڪي (بدر جي قيدين کي ڇڏي ڏيڻ جو بدلو) فديو ورتو هو تنهن جي سزا ۾ اوهان کي ضرور وڏو عذاب رسي ها.

  69. (ته خير جيڪي ٿيو سو ٿيو) هاڻي جيڪي تو غنيمت جو مال حاصل ڪيو آهي اهو کائو (اهو اوهان لاءِ) حلال پاڪ آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  70. اي رسول! جيڪي قيدي اوهان جي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته جيڪڏهن خدا توهان جي دلين ۾ نيڪي ڏسندو ته جيڪو (مال) اوهان کان کسيو ويو آهي ان کان گهڻو سٺو اوهان کي عطا ڪندو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  71. ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي دغا ڏيڻ گهرن ٿا ته خدا سان اڳ ۾ ئي دغا ڪري چڪا آهن ته (ان جي سزا ۾) خدا هنن تي تو کي قبضو ڏنو ۽ خدا ته وڏو واقفڪار حڪمت وارو آهي.

  72. جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال سان خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (هجرت ڪرڻ وارن کي) جڳھ ڏني ۽ (هر طرح) انهن جي خبر چار لڌي اهي ئي ماڻهو هڪ ٻئي جا (پاڻ ۾ سرپرست ۽ دوست آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان ته قبول ڪيو پر هجرت نه ڪئي ته اوهان ماڻهن جو سندن سرپرستيءَ سان ڪو واسطو نه آهي ايستائين جو هجرت ڪن ۽ (هاءُ پر) دين جي ڳالهين ۾ تو کان مدد چاهين ته تو تي (هنن جي مدد ڪرڻ لازمي ۽ واجب آهي پر انهن ماڻهن جي مقابلي لاءِ نه جن ۾ اوهان ۾ پاڻ ۾ (صلح جو) معاهدو آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا اهو (سڀني کي) ڏسي ٿو.

  73. ۽ جيڪي ماڻهو ڪافر آهن اهي به (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا سرپرست آهن. جيڪڏهن تون (اهڙي طرح مدد) نه ڪندين ته روءِ زمين تي فتنو پيدا ٿي پوندو ۽ وڏو فساد ٿيندو.

  74. ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ خدا جي راھ وڙهيا ڪيا ۽ جن ماڻهن (اهڙي نازڪ وقت ۾) مهاجرن کي جڳھ ڏني پڻ (سندن) هر طرح سنڀال ڪئي اهي ئي ماڻهو سچا ايماندار آهن انهن لاءِ بخشش ۽ عزت آبرو واري روزي آهي.

  75. ۽ جن ماڻهن (صلح حديبيه کان) پوءِ ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيو اهي به اوهان مان ئي آهن. ۽ قرابت وارا خدا جي ڪتاب ۾ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا (ٻين جي مقابلي ۾) زياده حقدار آهن. بيشڪ خدا هي ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found