جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت اعراف

ٽوٽل آيتون: 206

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. المص

  2. (اي رسول!) هي خدا جو ڪتاب (قرآن) تو تي هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته جئين ان جي وسيلي (ماڻهن کي خدا جي عذاب کان ڊيچارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت جو سبب ٿئي ته پوءِ هن سبب جي ڪري تنهنجي دل ۾ تنگي پيدا نه ٿئي.

  3. (اي انسانو! توهان جي پالڻهار جي طرفان جيڪي اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروري ڪريو ۽ انکانسواءِ ٻين (فرضي) سرپرستن (معبودن جي پيروي نه ڪريو. اوهين ماڻهو ته تمام ٿوري نصيحت قبول ڪريو ٿا.

  4. (اوهان کي خبر نه آهي جو) اهڙيون ڪيئي بستيون (شهر) آهن جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ته اسان جو عذاب (کين اهڙي مهل) اچي پهتو جو اهي ماڻهو يا ته (رات جو) گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا، يا وري ڏينهن جو اهي (ٻن پهرن جي) قيلوله (لوٽ پوٽ) ڪري رهيا هئا.

  5. (پوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو بيشڪ اسين ظالم هئاسون.

  6. پوءِ اسين ته ضرور (هر ڳالھ جو) انهن ماڻهن کان پڇنداسون ۽ خود پيغمبرن کان به ضرور پڇنداسون.

  7. پوءِ اسين انهن کان پوري پوري حقيقت حال پڇنداسون ۽ اسين غائب ته نه هياسين.

  8. ان ڏينهن (اعمال جو) تورڻ بلڪل سچ آهي. پوءِ جن جي (نيڪ اعمال جا) پڙ ڳرا ٿيندا سي ئي ڪامياب ٿيندا.

  9. پر جن جي (نيڪ اعمالن جا) پڙ هلڪا ٿيندا ته انهن ماڻهن اسان جي آيتن جي نافرماني ڪرڻ جي سبب پاڻ ئي پاڻ کي نقصان پهچايو.

  10. ۽ (بني آدم اسان ته يقينن اوهان کي زمين ۾ قدرت ۽ اقتداري ڏنو ۽ انهن ۾ اوهان جي لاءِ زندگي جي گذران جو سامان پيدا ڪيو (پر تڏهن به) اوهين تمام گهٽ قدر ڪريو ٿا.

  11. هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته اسان، اوهان (جي پيءُ آدم) کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته (اوهان) سڀئي جهڪيا. پر ابليس جيڪو سجدي ڪرڻ وارن ۾ (شامل) نه ٿيو.

  12. خدا (ابليس کي) فرمايو: جڏهن مون (خود) تو کي حڪم ڏنو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو؟ چوڻ لڳو ته آءُ هن کان افضل آهيان. ڇو ته تو مون کي باھ (جهڙي لطيف عنصر) مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽي (جهڙي ڪثيف عنصر) مان پيدا ڪيو.

  13. خدا فرمايو (تو کي اها ئي وڏائي آهي) ته (بهشت مان) هيٺ لهي وڃ ڇو ته تو کي اها مجال نه آهي جو هتي رهي ڪري وڏائي ڪرين، تون هتان (ٻاهر) نڪر! بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين.

  14. چڻ لڳو ته (چڱو پر) مون کي ان ڏينهن تائي (موت کان) مهلت ڏي جنهن ڏينهن سموري خدائي جا ماڻهو (ٻيو دفعو جياري) اٿاريا ويندا.

  15. فرمايو ويو (چڱو منظور) تو کي بيشڪ مهلت ڏني ويندي

  16. چوڻ لڳو ته تو منهنجو رستو روڪيو ته آءُ به تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن کي (گمراھ ڪرڻ لاءِ کين) تڪي ويهي رهندس.

  17. پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن ساڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان (مطلب ته انهن جي چوڌاري) مٿن اچي ڪرندس (۽ کين برغلائيندس) ۽ تون انهن مان گهڻن ئي ماڻهن کي شڪر گذار نه ڏسندين.

  18. خدا فرمايو ته تون هتان تڙيل (۽) ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ! جيڪو به انهن (ماڻهن) مان تنهنجو چوڻ مڃيندو ته آءُ بيشڪ تو کي (انهن) سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.

  19. ۽ (آدم کي چيو ويو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي عورت (ٻئي) بهشت ۾ رهو ۽ جتان وڻيو تتان کائو (پيئو) پر ياد رهي ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو! نه ته پاڻهين پنهنجو نقصان ڪندو.

  20. پوءِ شيطان انهن ٻنهن کي وسوسو وڌي ته جئين (نافرماني جي ڪري) سندن اگهاڙ جا انهن (جي نظر سان بهشتي پوشاڪ سبب) لڪيل هئي سان مٿن ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهن کي هن وڻ (ڦر کائڻ) کان هن ڪري منع ڪئي آهي ته (متان) اوهين ٻئي فرشتا بڻجي وڃو يا هميشه (جيئرا) رهو.

  21. ۽ هنن ٻنهن اڳيان قسم کڻي چيائين ته بيشڪ آءُ اوهان جو خير خواھ (سڄڻ) آهيان.

  22. مطلب ته ڌوڪي سان انهن ٻنهين کي هن جي (کائڻ) لاءِ مائل ڪيائين. نيٺ! جئين ئي ٻنهين ڄڻن ان وڻ (جي ڦر) کي چکيو ته (بهشتي پوشاڪ لهي پين ۽ ڄاڻ ٿين ۽) مٿن سندن اگهاڙ ظاهر ٿي، پوءِ ته بهشت جا پن (پٽي جوڙي) لڳا پاڻ کي ڍڪڻ، تڏهن سندن پروردگار کين سڏيو ته ڇا! مون اوهان ٻنهي کي هن وڻ جي ويجهو (ٿيڻ) کان منع نه ڪئي هئي؟ ۽ (ڇا!) مون هي نه ٻڌايو هو ته شيطان اوهان جو ظاهر دشمن آهي.

  23. اهي ٻئي عرض ڪرڻ لڳا، اي اسان جا پالڻهار!، اسان پاڻهين پنهنجو نقصان ڪيو پوءِ جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم نه فرمائيندين ته ضرور اسين نقصان پائڻ وارن مان ٿينداسون.

  24. حڪم ٿيو اوهين (زال مڙس ۽ شيطان) سڀ ئي بهشت مان هيٺ لهي وڃو، اوهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ هڪ (خاص) وقت تائين اوهان لاءِ زمين ۾ رهائش ۽ گذران جو سامان آهي.

  25. خدا (هي به) فرمايو ته اوهين زمين ۾ زندگي گذاريندو ۽ ان ۾ مرندو ۽ انهي مان (وري ٻيو ڀيرو) اوهان کي (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو.

  26. اي آدم جي اولاد! اسان اوهان لاءِ پوشاڪ لاٿي جا اوهان جي اگهڙن کي ڍڪي ٿي ۽ سينگار جا ڪپڙا ۽ (تنهن کانسواءِ) پرهيزگاري جو لباس ۽ اهو سڀني پوشاڪن کان بهتر آهي. اهو (لباس به) خدا جي قدرت جي نشانين مان آهي ته من ماڻهون عبرت ۽ سبق حاصل ڪن.

  27. اي آدم جي اولاد! (هوشيار رهو( جو متان اوهان کي ابليس نه ٿيڙي ڇڏي جئين هن اوهان جي پيءُ ماءُ (آدم ۽ حوا) کي بهشت مان ڪڍرايو انهيءَ ئي انهن ٻنهين کان (بهشتي) پوشاڪ لهرائي ته جئين کين سندن اگهاڙ ڏيکاري. اهو ۽ سندن قبيلو اوهان کي ضرور جئين ڏسندو رهي ٿو تئين اوهين کين نٿا ڏسو. اسان شيطانن کي انهن ماڻهن جو ساٿي ڪيو آهي جيڪي بي ايمان آهن.

  28. ۽ اهي ماڻهو جڏهين ڪو به بڇڙو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان اهڙي طريقي تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڏٺو ۽ پڻ خدا (به) اهڙو ئي حڪم ڪيو آهي. (اي رسول!) تون کولي ٻڌائين ته خدا ڪڏهين به بڇڙي ڪم جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا اوهين ماڻهو خدا تي (ڪوڙ هڻي) اهي ڳالهيون ڪريو ٿا جيڪي اوهين نٿا ڄاڻو؟

  29. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجي پروردگار ته انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ (هي به فرمايو اٿس) ته هر نماز جي وقت پنهنجا پنهنجا منهن (قبلي ڏي) سڌا ڪندا ڪيو ۽ خدا جي خالص عبادت ڪيو. ۽ خدا جي خالص عبادت ڪندڙ ٿي دعا ڪريو. جئين اوهان کي پهرين پيدا ڪيو اٿس تئين اوهين ٻيهر جيئرا ڪيو ويندو.

  30. هن ئي هڪ ٽولي جي هدايت ڪئي ۽ هڪ گروھ (جي سر تي) گمراهي سوار ٿي وئي. هنن ماڻهن خدا کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو سرپرست بنايو. ۽ تنهن هوندي به گمان ڪن ٿا ته اهي هدايت تي آهن.

  31. اي آدم جي اولاد! هر نماز جي وقت بڻجي سينگارجي ويندا ڪريو. ۽ کائو ۽ پيئو پر فضول خرچي نه ڪريو (ڇو ته) خدا اجائي خرچ ڪندڙن کي نٿو چاهي.

  32. (اي رسول! انهن کان) پڇو ته جيڪو زينت (جو اسباب) ۽ کائڻ جون (صاف سٿريون) شيون خدا پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيون آهن سي ڪنهن حرام ڪيون؟ تون پاڻ چئي ڏين ته اهي سڀئي (پاڪ پاڪيزه) شيون قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن جي لاءِ خاص آهن جن دنيا جي (فاني) زندگي ۾ ايمان آندو هو اسان اهڙي طرح پنهنجون آيتون سمجهدار ماڻهن جي لاءِ کولي بيان ڪندا آهيون.

  33. (اي رسول!) تون (کولي) ٻڌائين ته اسان جي پروردگار ته سڀ بڇڙا ڪم پوءِ ظاهر هجن يا لڪيل، گناھ کي ناحق زيادتي ڪرڻ کي حرام ڪيو آهي پڻ هن ڳالھ کي ته اوهين ڪنهين کي خدا جو شريڪ بڻايو جنهن جو هن ڪو دليل نازل نه فرمايو آهي ۽ هي به ته سواءِ سمجهڻ ٻجهڻ جي خدا تي بهتان نه ٻڌو.

  34. ۽ سڀ ڪنهن گروھ لاءِ (ناپيد هئڻ) جو هڪ خاص وقت آهي. پوءِ انهن جو وقت اچي پهچي ٿو ته نه هڪ گهڙي پٺ تي ٿيندا ۽ نه وڌي سگهندا.

  35. اي آدم جي اولاد! جڏهن اوهان مان اوهان وٽ ڪي رسول اچن ۽ اوهان کي اسان جون آيتون ٻڌائن ته (سندن چيو مڃجو ڇو ته) جيڪو شخص پرهيزگاري ۽ نيڪ ڪم ڪندو ته اهڙن ماڻهن تي نه ته (قيامت ۾) ڪو به خوف هوندو ۽ نه غمگين (ئي) ٿيندا.

  36. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشي ڪئي اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن جيڪي ان ۾ سدائين پيا رهندا.

  37. ته پوءِ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿيندو؟ اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن کي سندن (تقدير) جو لکيل حصو (رزق وغيره) ملندو رهندو. تيستائين جو جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) انهن وٽ اچي سندن روح قبض ڪندا، کائن پڇندا ته خدا کي ڇڏي جن کي سڏيندا هئا اهي هاڻي ڪٿي آهن؟ ته اهي (منڪر ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اهي سڀئي ته اسان کي ڇڏي ڪک پن ٿي ويا ۽ پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏيندا ته لاشڪ ته اسين ڪافر هياسين.

  38. (تڏهن خدا کين) فرمائيندو ته: جنن ۽ ماڻهن مان جيڪي اوهان کان اڳ هليا ويا آهن انهن ۾ ملي توهان به جهنم واصل ٿي وڃو. (۽ جهنم) وارن جو هي حال هوندو. (جو جڏهن ان ۾ هڪ گروھ داخل ٿيندو ته پنهنجي ساٿي ٻي گروھ تي لعنت ڪندو، تان جو جڏهن اهي سڀ ان ۾ پهچي ويندا ته انهن مان پوئين جماعت پاڻ کان پهرين جماعت جي لاءِ بد دعا ڪندا ته پروردگار انهن ماڻهن ئي اسان کي گمراھ ڪيو هو، تون مٿن جهنم جو ٻيڻو عذاب ڪر! (ان تي) خدا فرمائيندو ته: سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر (حيف هجيو) اوهين سمجهو نٿا.

  39. ۽ انهن مان پهرين جماعت پوئين جماعت ڏي ڏسي چوندي ته هاڻي ته اوهان کي، اسان تي ڪا به فضيلت نه رهي، پوءِ (اسان وانگر اوهين به پنهنجي ڪرتوتن ڪري عذاب (جا مزا) چکو.

  40. بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان وڏائي ڪئي تن لاءِ نه آسمان جا دروازا کوليا ويندا ۽ نڪي تيستايئن اهي بهشت ۾ داخل ئي ٿيندا جيسيتائين اٺ سئي جي پاکي ۾ داخل ٿئي. (يعني جئين اهو محال آهي تئين هنن جو بهشت ۾ داخل ٿين به محال آهي) ۽ اسين گناهگارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا رهندا آهيون.

  41. هننن لاءِ دوزخ (جي باھ جي تهن) جو وڇاڻو هوندو ۽ سندن مٿان (باھ جو ئي) اوڇڻ به. ۽ اسين ظالمن کي اهڙي سزا ڏيندا آهيون.

  42. پر جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيائون ۽ اسين ته ڪنهين کي سندس طاقت کان مٿي تڪليف ڏيندا ئي نه آهيون، اهي ئي ماڻهو جنتي آهن جيڪي هميشه جنت ۾ ئي رهيا پيا هوندا.

  43. ۽ انهن جي دلين ۾ جيڪو (بغض ۽ حسد) هوندو سو سڀ اسين ڪڍي (ٻاهر ڪري) ڇڏينداسون، (سندن محلاتن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ چوندا شڪر آهي ان خدا جو جنهن اسان کي هن (مطلب واري جاءِ) تائين پهچايو، پر جيڪڏهن خدا هتي نه رسائي ها ته اسين ڪڏهن به هتي پهچي نه سگهون ها بيشڪ اسان جي پالڻهار جي پيغمبرن برحق دين آندو هو پڻ انهن ماڻهن کي وڏي آواز سان چيو ويندو ته: هي اهو بهشت آهي جنهن جا اسان پنهنجي نيڪين جي جزا ۾ وارث (۽ مالڪ) ڪيا ويا آهيون.

  44. ۽ جئين ته انسان جهنم وارن ماڻهن کي وڏي واڪي چوندا، اسان ته پنهنجي پروردگار جيڪو اسان سان واعدو ڪيو هو تنهن کي بيشڪ سچو ڏٺو ته توهان به ڇا! جيڪو واعدو توهان جي پروردگار به اوهان سان ڪيو و پورو لڌو (يا نه؟) دوزخ وارا چوندا ته هاءُ (پورو لڌوسين) تڏهن هڪ منادي وارو سندن وچ ۾ منادي ڪندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي.

  45. جيڪي ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيندا هئا، پڻ ان ۾ (اجائي بيجائي) ٽيڙهائپ پيدا ڪندا هئا. ۽ اهي روز آخرت کان انڪار ڪندا هئا.

  46. ۽ (جنت ۽ دوزخ) جي وچ تي هڪ جدا ڪرڻ واري حد آهي. ۽ ڪي ماڻهو اعراف تي هوندا (بهشت هجي يا دوزخي) سندن پيشانن مان سڃاڻندا ۽ اهي جنت وارن کي وڏي واڪي چوندا ته اوهان تي سلام هجي. اهي (اعراف وارا) ماڻهون اڃا جنت ۾ داخل نه ٿيا آهن پر اهي تمنا ضرور رکن ٿا.

  47. ۽ جڏهن سندن نگاهون ڦري جهنم وارن ڏي پونديون ته (انهن جي خراب حالت ڏسي خدا کي) عرض ڪندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالم ماڻهن جو ساٿي به بڻائج!

  48. ۽ اعراف وارا ڪن (جهنمي) ماڻهن کي جن کي سندن چهرا ڏسي سڃاڻي وٺندا، وڏي واڪي چوندن ته هاڻي نه ته توهان جو جٿو ئي اوهان جي ڪم آيو ۽ نه اوهان جي وڏ ماڻهائپ (فائدو ڏنو) جيڪا اوهين دنيا ۾ ڪندا هئا.

  49. ڇا اهي ئي اهي انسان آهن جن جي لاءِ اوهين قسم کائي چوندا ته انهن تي خدا (پنهنجي) رحمت نه ڪندو. (ڏسو! اڄ اهي ئي انسان آهن جن کي چيو ويو ته بي ڌڙڪ) بهشت ۾ هليا وڃو، نه اوهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪڏهين غمگين ٿيندو!.

  50. ۽ دوزخ وارا بهشت وارن کي (ايلاز ڪري) وڏي واڪي چوندا ته اسان تي ٿورو پاڻي اڇلايو يا جيڪي (نعمتون) خدا توهان کي ڏنيون آهن انهن مان ڪجھ (ڏيو ته بهشت وارا جواب ۾) چوندن ته خدا تعالى ته بهشت جو کاڌو پيتو ڪافرن تي قطعي حرام ڪري ڇڏيو آهي.

  51. جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند تماشو بڻائي ڇڏيو هو ۽ دنيا جي (فاني) زندگي کين ڌوڪو ڏنو هو ته اسان به اڄ (قيامت ۾) کين (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسون جهڙي ريت اهي ماڻهو (اسان جي) اڄ جي حضوري کي وساري ويٺا هئا، ۽ اسان جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا.

  52. (هوڏانهن اسان جنن جي) رسول جي وسيلي ڪتاب به موڪليو هو جنهن کي چڱي طرح کولي ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو ايمان وارن ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

  53. ڇا! هي ماڻهو بس فقط نتيجي جا ئي منتظر آهن (حالانڪه) جنهن ڏينهن ان (ڳالھ جي) نتيجي جو وقت اچي ويندو ته جيڪي ماڻهو ان کي اڳي ئي وساري ويٺا هئا (اوچتو) چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا سڀ رسول حق (جي ڳالھ) وٺي آيا هئا ته ڇا! (هاڻي) اسان جا به ته سفارش ڪرڻ وارا آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا وري اسان (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته جيڪي جيڪي ڪم اسان ڪندا هئاسين انهن کي ڇڏي ٻيا (چڱا) ڪم ڪريون. بيشڪ هنن ماڻهن پنهنجو سخت نقصان ڪيو ۽ جيڪي ڪوڙ بدوڙ ڪندا هئا اهي سڀ گم (شم) ٿي وين.

  54. بيشڪ اوهان جو پروردگار اهو خدا آهي جنهن (فقط) ڇهن ڏينهن ۾ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. اهو ئي رات کي ڏينهن جو پوش پهرائي ٿو (ته ڄڻ) رات، ڏينهن کي پويان پويان تڪڙي ڳوليندي وتي ٿي. ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ ۽ تارن کي پيدا ڪيو. اهي سڀئي سندس حڪم جا تابعدار آهن. ڏسو! حڪومت ۾ پيدا ڪرڻ بس خاص ان جي لاءِ ئي آهي. اهو خدا جيڪو ساري جهان جو پالڻهار وڏو برڪت وارو آهي .

  55. (انسانو!) اوهين پنهنجي پالڻهار کي زاري سان ۽ ڳجهو سڏيو. اهو حد کان وڌندڙ کي هرگز نٿو چاهي.

  56. ۽ زمين ۾ اصلاح کان پوءِ فساد نه ڪندا وتو ۽ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد ڪري خدا کان دعا گهرو (ڇو ته) نيڪي ڪرڻ وارن سان خدا جي رحمت پڪ ويجهي آهي.

  57. ۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو پهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيڻ وارن هوائن کي موڪلي ٿو ايستائين جو جڏهن هوائون (پاڻيءَ ڀريل) ڳرن ڪڪرن کي کڻي اڏائن ته اسان انهن کي ڪنهن شهر ڏانهن (جيڪو پاڻي نه پوڻ ڪري ڄڻ ته) مري چڪو هو، هڪلي ڇڏيو. پوءِ اسان ان سان هر طرح (قيامت جي ڏينهن زمين مان) مئل ڪڍنداسون ، ته اوهين نصيحت ۾ سبق حاصل ڪريو.

  58. ۽ سٺي زمين جا سلا سندس پاليندڙ جي حڪم سان چڱا نڪرن ٿا ۽ خراب زمين جا سلا اڀڙ خراب ئي نڪرن ٿا. اهڙي طرح اسين شڪرگذار ماڻهن جي لاءِ پنهنجون آيتون ڦرائي گرائي بيان ڪريون ٿا.

  59. بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (رسول بنائي) موڪيلو ته هن ماڻهن کي چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي. ۽ آءُ اوهان جي باري ۾ (قيامت جهڙي) تمام وڏي (خوفناڪ) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

  60. (ته) سندس قوم جي ڪن سردارن چيو: اسين ته پڪ تو کي ڏسون ٿا ته تون ظاهر ظهور گمراهي ۾ پيل آهين.

  61. (تڏهن نوح کين) چيو: اي منهنجي قوم مون ۾ گمراهي (وغيره) ته ڪجھ نه آهي پر آءُ پرودگار عالم جي طرف کان رسول آهيان.

  62. اوهان تائين پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ۽ اوهان لاءِ اوهان جي خير خواهي ڪريان ٿو ۽ خدا جي طرف کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نٿا ڄاڻو.

  63. ڇا اوهان کي هن ڳالھ جي حيرت آهي ته اوهان وٽ اوهان مان ئي هڪ مرد (آدمي) جي واسطي سان اوهان جي پروردگار جو ذڪر (حڪم) آيو ته جئين اهو اوهان کي (عذاب) کان ڊيڄاري ۽ جئين ته اوهين پرهيزگار بڻجو ۽ جئين ته اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  64. تڏهين به ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو، بس پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي ان سان ٻيڙي ۾ هئا بچايو ۽ باقي جن به ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو سڀني کي ٻوڙي ماريوسون، اهي سڀئي ماڻهو اصل ۾ (دل جا) انڌا هئا.

  65. ۽ (اسان) عاد جي قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (رسول بڻائي) موڪليو ته ان (به ماڻهن کي) چيو ته اي منهنجي قوم فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي ته ڇا توهين (خدا کان) نٿا ڊڄو؟

  66. (ته) سندس قوم جي ڪن رئيسن جي ڪافر هئا چوڻ لڳا اسين ته تو کي بيشڪ حماقت (بي وقوفي) ۾ (ڦاٿل) ڏسون ٿا ۽ اسين پڪ تو کي ڪوڙو سمجهون ٿا.

  67. هود چيو ته اي منهنجي قوم! مون ۾ ته حماقت جي ڪا به ڳالھ ڪانهي پر آءُ ته پروردگار عالم جو رسول آهيان.

  68. آءُ اوهان ڏي اوهان جي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ٿو ۽ آءُ اوهان جو سچو خير خواھ آهيان.

  69. ڇا توهان کي هن ڳالھ تي تعجب ٿو ٿئي ته توهان جي پالڻهار جو حڪم توهان وٽ اوهان مان هڪ مرد (آدمي) جي ذريعي سان آيو ته هڪ کي (عذاب کان) ڊيڄاري پڻ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن هن (خدا) اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ خليفو( ۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان جي پيدائش ۾ به گهڻو واڌارو ڪيو ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ته جئين اوهين دل جون مرادون حاصل ڪريو.

  70. ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا، ڇا! تون اسان ڏي ان لاءِ آيو آهين ته اسين فقط الله جي ته عبادت ڪريون ۽ جن کي اسان جا پيءُ، ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، ڇڏي ڏيون، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو، اسان وٽ آڻ.

  71. هود جواب ڏنو ته(بس! سمجهو) ته اوهان جي پالڻهار جي طرفان توهان تي عذاب ۽ غضب نازل ٿي چڪو. ڇا اوهين مون سان ڪن (بتن جي ٺاهيل) نالن جي باري ۾ وڙهو ٿا جن کي توهان ۽ اوهان جي پيءُ ڏاڏن (اجايو) گهڙي رکيا آهن. حالانڪه هن لاءِ خدا ڪا به سند نازل نه فرمائي آهي. پوءِ اوهين (خدا جي عذاب جو) انتظار ڪريو، آءُ به اوهان سان گڏ منتظر آهيان.

  72. نيٺ اسان کيس ۽ جيڪي ماڻهو ان سان هئا انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو، تن جي اسان پاڙ پٽي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين.

  73. ۽ (اسان قوم) ثمود ڏي سندس ڀاءُ صالح کي (رسول بڻائي موڪليو) ته ان (هنن ماڻهن کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو، ان کانسواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي. اوهان وٽ ته اوهان جي پالڻهار وٽان کليل ۽ روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ خدا جي (موڪليل) ڏاچي اوهان لاءِ هڪ معجزو آهي، اوهين ان کي ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين ۾ جتي چاهي چرندي وتي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه ڏيو نه ته اوهين دردناڪ عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو.

  74. ۽ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي عاد قوم کان پوءِ (زمين ۾) خليفو (۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان کي زمين ۾ اهڙي طرح وسايو جو اوهين سڌي سنئين نرم زمين ۾ (وڏا وڏا) محل اڏايو ٿا پڻ جبلن کي (ٽڪي ٽڪي) گهر بڻايو ٿا ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ روءِ زمين تي فساد نه ڪندا ڦرو.

  75. ته سندن قوم جي وڏن رئيسن متڪبر ماڻهن، ويچارن مسڪينن مان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، چيو: ڇا! توهان کي معلوم آهي ته صالح (در اصل) پنهنجي پروردگار جو (سچو) رسول آهي؟ هنن (ويچارن) جواب ڏنو ته: جن ڳالهين جو هن پيغام آندو آهي اسان ته ان تي ايمان آندو آهي.

  76. تڏهن جن (ڪافر رئيسن) کي (پنهنجي دولت ۾ مال تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا، اسين ته جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي ان کي ڪين مڃينداسون.

  77. نيٺ هنن ماڻهن ڏاچي جا گوڏا ۽ پير وڍي ڇڏيا ۽ پنهنجي پروردگار سان گستاخي ڪئي ۽ (بي پرواهي سان) چوڻ لڳا، جيڪڏهن تون سچو رسول آهين ته جنهن عذاب بابت اسان ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو، ڀلي آڻ.

  78. تڏهن کين زلزلي پڪڙيو ۽ اهي ماڻهو (جئين) گوڏن تي سر رکيو ويٺا تئين ئي ويٺي جا ويٺا رهجي ويا.

  79. پوءِ صالح پاسو ڪيو ۽ (انهن سان مخاطب ٿي) کين چيو اي منهنجي قوم (افسوس) مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام توهان تائين پهچائي ڇڏيا هئا پڻ اوهان جي خير خواهي ڪئي هيم (۽ لاها چاڙها سمجهائي ڇڏيا هئا) پر (وڏي ڳالھ ته) اوهين (ڀلو ڪندڙ) سمجهائڻ وارن کي پنهنجو سڄڻ ئي نٿا سمجهو.

  80. ۽ لوط کي (اسان رسول بڻائي موڪليو ته) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو (افسوس) اوهان اهڙي بدڪاري (لونڊي بازي) ڪريو ٿا جو اوهان کان اڳ ساري خدائي ۾ ڪنهن اهڙو بڇڙو ڪم نه ڪيو هو.

  81. (هاءُ!) اوهين عورتن کي ڇڏي شهوت پرستي لاءِ مردن ڏي مائل ٿيو ٿا (توڙي جو ان ڳالھ جي ضرورت نه آهي پر اوهين ماڻهو آهيو ئي بيهودا صرف ڪرڻ وارا (جو نطفي کي وڃايو ٿا)

  82. (تنهن تي) سندس قوم وٽ ان کانسواءِ ٻيو جواب ئي ڪين هيو، جيڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هنن ماڻهن کي ڳوٺ کان ڪڍي ٻاهر ڪريو ڇو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪ صاف هجڻ چاهن ٿا.

  83. تڏهن اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي ته نجات ڏني پر (فقط) سندس زال جيڪا (پنهنجي بد اعمالي سان) پٺتي رهڻ وارن مان ٿي.

  84. ۽ اسان انهن ماڻهن جي مٿان مينهن وسايو، پوءِ ڪجھ سوچو ته سهي! ته گناهگارن جي نيٺ پڇاڙي ڪهڙي ٿي.

  85. ۽ (اسان) مدين (وارن) ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (رسول ڪري موڪليو) ته هن (انهن ماڻهن کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ بيو ڪو به اوهان جو معبود نه آهي (پڻ) اوهان ڏي ته اوهان جي پروردگار جي طرفان هڪ کليل ۽ روشن معجزو (به) آندم ته (پوءِ اوهين) ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن (خريد ڪيل) شيون گهٽ نه ڏيندا ڪريو ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري ۽ درستي کان پوءِ فساد نه ڪندا ڦرو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته اهو اوهان جي حق ۾ سٺو آهي.

  86. ۽ اوهان ماڻهو، جو رستن تي (ويهي) جنهن خدا تي ايمان آندو آهي تنهن کي ڊيڄارو ٿا ۽ خدا جي راھ کان جهليو ٿا ۽ ان جي راھ ۾ (اجايو بيجا ٽيڙهائپ ڳولي ڪڍو ٿا، هاڻي نه وهندا ڪريو. پڻ ان (ڳالھ) کي به ياد ڪريو ته جڏهن اوهين (تعداد ۾) گهٽ هئا ته خدا ئي اوهان کي وڌايو ۽ ڪجھ سوچو ته سهي ته (نيٺ) جهڳڙا پکيڙڻ وارن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.

  87. ۽ انهن ڳالهين جو آءُ پيغام وٺي آيو آهيان جيڪڏهن اوهان مان هڪ جماعت مڃيو ۽ هڪ جماعت نه مڃيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهين ماٺ ڪري ويهي (ڏسندا) رهو ايستائين جو خدا (پاڻ) اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. ۽ هو سڀني کان وڌيڪ چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي.  

  88. ته سندس قوم مان انهن (وڏن) ماڻهن جن کي پنهنجي (راڄ ۽ حشمت تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا ته، اي شعيب! اسين تو کي ۽ انهن کي جن تو تي ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ٻاهر ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهين به اسان جي مذهب ۽ ملت ۾ موٽي اچو (ته خير) شعيب چيو: اسين توڙي جو اوهان جي مذهب کان نفرت ئي ڪندا هجون؟ (تڏهين به موٽي اچون! معاذ الله)

  89. جڏهن خدا توهان جي باطل دين کان اسان کي نجات ڏني تنهن کان پوءِ به هاڻي جيڪڏهن اسين اوهان جي مذهب ۾ موٽي اچون ته پوءِ اسان خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌو (نه!) پڻ اسان لاءِ ته ڪنهن طرح جائز نه آهي جو اسين اوهان جي مذهب ڏي موٽي اچون. پر جيڪڏهن منهنجو پروردگار الله گهري (۽ اهو ڪڏهين به نه گهرندو) اسان جو پروردگار ته پنهنجي علم سان سموري (عالم جي) شين تي حاوي آهي. اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو، اي اسان جا پروردگار تون ئي اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ پورو پورو فيصلو ڪر ۽ تون ته سڀني کان وڌيڪ سٺو فيصلو ڪرڻ وارو آهين.

  90. ۽ سندس قوم مان ڪي سردار ڪافر (ماڻهن کي) چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اوهان ماڻهن شعيب جي پيروي ڪئي ته پوءِ يقينن اوهين (وڏي) نقصان وارا ٿيندو.

  91. مطلب ته انهن (ڪافر) ماڻهن کي زلزلي (اهڙو ته) ورتو جو اهي گهرن ۾ (اونڌي جا) اونڌا رهجي ويا.

  92. جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو ڪيو هو اهي (اهڙا ته ميٽجي ويا جو) ڄڻ ته سندن ڳوٺن ۾ ڪڏهن آبادي ئي ڪا نه هئي. (بيشڪ) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو سمجهو هو اهي ئي ماڻهو گهاٽي ۾ رهيا.

  93. تڏهن شعيب انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو ۽ (انهن ڏي ڏسي) چيو: اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام اوهان تائين پهچايا پڻ اوهان جو ڀلو ڪيو پوءِ (وري) هاڻي ڪافرن (جي حال) تي افسوس ڇو ڪريان.

  94. ۽ اسان ڪنهين ڳوٺ ۾ ڪو به نبي نه موڪليو پر اتاهون جي رهڻ وارن کي (چوڻ نه مڃڻ جي ڪري) بلا ۽ مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ته جئين اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾ عاجزي سان ٻاڏائين.

  95. پوءِ اسان تڪليف جي جڳھ، آرام کي بدلايو ايستائين جو اهي ماڻهو وڌي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اهڙي طرح تڪليف ۽ آرام ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به پهتو هو. تڏهن اسان کين (ان وڏائي جي سزا ۾) اوچتو (عذاب ۾) پڪڙيو جڏهن اهي صفا بي خبر هئا.

  96. پر جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين جي برڪتن (جا دروازا کولي ڇڏيون ها، پر (افسوس جو) هنن ماڻهن (اسان جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪرتوتن ڪري کين (غذاب ۾) گرفتار ڪيو.

  97. ته ڇا (انهن) ڳوٺن جا رهڻ وارا هن ڳالھ کان بي خبر آهن جو، مٿن اسان جو عذاب رات و رات اچي، جڏهن جو اهي بي گوندرا ستا پيا هجن.

  98. يا وري انهن ڳوٺن وارا ان کان بي خبر آهن ته مٿن ڏينهن ڏٺي جو اسان جو عذاب اچي پڪڙين ۽ اهي کيڏڻ ڪڏڻ ۾ ئي پورا هجن.

  99. ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي تدبير کان ڏاڍا ٿي ويا آهن؟ پوءِ (ياد رهي ته) خدا جي داو کان فقط نقصان کڻڻ وارا ئي بي خوف ٿي ويٺا آهن.

  100. ڇا جيڪي ماڻهو اهل زمين کان پوءِ زمين جا وارث (۽ مالڪ) ٿين ٿا انهن کي گهرون ها ته سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري کين مصيبت ۾ ڦاسايون ها (پر اهي ماڻهو ته اهڙا نادان آهن ڄڻ ته) سندن دلين تي اسان پاڻ مهر ڪري ٿا ڇڏيون ته اهي ماڻهو ڪجھ ٻڌن ئي نٿا.

  101. (اي رسول!) اهي ٿورا ڳوٺ آهن جن جو احوال اسين تو سان ڪريون ٿا. ۽ يشڪ سندن پيغمبر انهن ڏي تمام کليل ۽ روشن معجزا وٺي ويا پر اهي ماڻهو جنهن کي پهرين ڪوڙو ڪيو ويو، تنهن تي ڀلا ڪئين ٿا ايمان آڻن! خدا ائين ڪافرن جي دلين تي علامت مقرر ڪري ڇڏي ٿو (ته اهي ايمان نه آڻيندا)

  102. ۽ اسان ته انهن مان گهڻن جو عهد پورو نه لڌو. پر انهن ماڻهن مان گهڻن کي اسان بدڪار ئي پاتو.

  103. پوءِ اسان (انهن ذڪر ڪيل پيغمرن کان) بعد موسى کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏي معجز عطا ڪري (رسول بڻائي) موڪليو ته انهن ماڻهن انهن معجزن سان (تمام وڏيون) شرارتون ڪريون. پوءِ ڏسو ته نيٺ انهن فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.

  104. ۽ موسى (فرعون کي) چيو، اي فرعون! آءُ بيشڪ جهانن جي پالڻهار جو رسول آهيان.

  105. مون تي واجب آهي ته حق سچ کانسواءِ (هڪ حرف به ڪوڙ) نه چوان. آءُ اوهان جي پالڻهار جي طرفان کليل ۽ روشن معجزا وٺي آيو آهيان. ته بني اسرائيلن کي مون سان گڏ ڇڏي ڏي.

  106. (فرعون) چوڻ لڳو، جيڪڏهن تون سچو آهين ۽ واقعي معجزا آندا اٿئي ته اهي ڏيکار!

  107. (اهو ٻڌندي ئي موسى) پنهنجي عصا (زمين تي) اڇلي ته پوءِ اها (بلڪل) ظاهر بظاهر ازدها بڻجي پئي.

  108. ۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته ڏسن ته هر شخص جي نظر ۾ چمڪي رهيو آهي.

  109. تڏهن فرعوني قوم جي ڪن سردارن چيو، هي ته بيشڪ وڏو ماهر جادوگر آهي.

  110. هي چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته پوءِ اوهين ماڻهو هن جي باري ۾ ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟

  111. (نيٺ) سڀني هڪ آواز چيو (اي فرعون) هن کي ۽ سندن ڀاءُ (هارون) کي قيد ۾ رک!

  112. ۽ (چوگرد شهرن ۾ ڪارندا موڪلي تمام وڏا وڏا جادوگر ڪٺا ڪر.

  113. ۽ جڏهن سڀ جادوگر فرعون وٽ اچي چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان (موسى تي) فتح ڪئي ته اسان کي (تمام) وڏو انعام ضرور ملڻ گهرجي.

  114. فرعون چيو هاءُ (فقط انعام ته نه) پر اوهين ته پوءِ اسان جي دربار جا مقرب به ٿيندو .

  115. پوءِ (مقرر ڪيل وقت تي ڪٺا ٿيا ته) چوڻ لڳا ته اي موسى! يا پنهنجو منتر اڇل يا اسان ئي (پنهنجو پنهنجو) ڪرتب اڇلي ڏيکاريون.

  116. موسى چيو: (چڱو اول) اوهان ئي اڇلي (پنهنجي باھ ڪڍو) پوءِ جئين ئي انهن (پنهنجون رسيون) اڇليون ته ماڻهن جي نظر بندي ڪري ڇڏي (جو سڀ نانگ بلائون ڏسڻ ۾ آيون) جن ماڻهن کي ڏيڄاري ڇڏيو پڻ انهن تمام وڏو جادو ڏيکاريو.

  117. ۽ اسان موسى ڏي وحي ڪئي ته (ويٺو ڇو آهين) تون به پنهنجي عصا اڇل. (بس اڇلڻ سان ڇا ٿا ڏسن ته) اها عصا سندن بڻايل (ڪوڙن) نانگن کي هڪ هڪ ڪري کائي رهي آهي.

  118. مطلب ته حق جي ڳالھ ته (ٺيڪ) ويٺي ۽ سندن سڀ ڪرتب خاڪ ۾ ملي ويا.

  119. پوءِ (ته فرعون ۽ سندس طرفدار سڀيئي ان آکاڙي ۾) اتي هارائي ۽ ذليل ۽ خوار ٿي موٽيا.

  120. ۽ جادوگر سڀ (موسى جي سامهون) سجدي ۾ ڪري پيا.

  121. ۽ (عاجزي سان) چوڻ لڳا اسان ساري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو.

  122. (جيڪو) موسى ۽ هارون جو پروردگار آهي.

  123. فرعون چيو (اڙي!) توهان ماڻهن منهنجي اجازت کان سواءِ ئي ان تي ايمان آندو. اها ضرور اوهان جي مڪاري آهي جا توهان ماڻهن هن شهر ۾ ڦهلائي ڇڏي آهي ته جئين سندس رهڻ وارن کي ڪڍي ٻاهر ڪريو. ته پوءِ توهان کي جلد ئي ان شرارت جو مزو معلوم ٿي ويندو.

  124. آءُ پڪ اوهان (جي هڪ پاسي) جا هٿ ۽ ٻئي (ٻئي طرف جا) پير وڍائي ڇڏيندس ۽ وري اوهان سڀني کي سوري تي چاڙهيندس.

  125. (جادوگرن) چيو اسان کي ته (نيٺ هڪ ڏينهن) پنهنجي پالڻهار ڏي (مري) موٽي وڃڻو آهي.

  126. ۽ تون اسان سان ان کانسواءِ ٻئي ڪهڙي دشمني رکين ٿو جو جڏهن اسان وٽ خدا جون نشانيون آيون ته اسان انهن تي ايمان آندو. (پڻ هاڻي ته اسان جي هي دعا آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر (جو ته ڪو مينهن) وساءِ ۽ اسان کي پنهنجي فرمانبرداري جي حالت ۾ دنيا مان کڻي وٺ.

  127. ۽ فرعوني قوم جي ڪن سردارن (فرعون کي) چيو ته ڇا، تون موسى ۽ سندس جماعت کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيندين ته ڀلي ملڪ ۾ فساد ڪندا وتن ۽ اوهان کي اوهان جي خدائن (جي پوڄا پاٽ) کي ڇڏي ويهن، فرعون چيو (اوهين دلجاءِ ڪريو) اسان جلد ئي سندن ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏينداسون. ۽ اسين ته مٿن هر طرح قابو رکون ٿا.

  128. (اهو ٻڌي) موسى پنهنجي قوم کي چيو ته (ڀائرو!) خدا کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، ساري زمين ته خدا جي ئي آهي. اهو پنهنجن بندن مان جنهن کي چاهي ته ان جو وارث (۽ مالڪ) بڻائي. ۽ پڇاڙي نيڪ ته بس، پرهيزگارن جي ئي آهي.

  129. انهن چيس ته (اي موسى) تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به ته اسان تي ساندھ تڪليف ئي پهچندي رهي ٿي (نيٺ ڪيترو صبر ڪريون) موسى چيو جلد ئي اوهان جو پالڻهار اوهان جي (سندس جانشين ڪندو. پوءِ ڏسندو ته اوهان ڪهڙا ڪم ڪريو ٿا.

  130. ۽ بيشڪ اسان فرعون جي ماڻهن کي ڪئي سال ڏڪر ۽ ميون جي گهٽ پيداوار جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو. ته جئين اهي ماڻهو سبق حاصل ڪن.

  131. پوءِ جڏهن کين راحت پئي ملي ته پيا چون ته انهيءَ جا ته اسين لائق آهيون پر جڏهن کين ڪا مصيبت پهچي پئي ته وري موسى ۽ سندس ساٿين جي بدشگوني پيا سمجهن. ڏسو سندن بدشگوني ته خدا وٽ (لکيل ئي) هئي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.

  132. ۽ (فرعون جي ماڻهن موسى کي هڪ دفعي) چيو ته تون اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ چاهي جيتريون به نشانيون آڻين پر اسين تو تي ڪڏهن به ايمان نه آڻيداسون.

  133. تڏهن اسان انهن تي (پاڻي جو) طوفان ۽ مڪڙن جونئن ۽ ڏيڏرن ۽ رت (جو عذاب) موڪليو جن مان سڀ جدا جدا (اسان جي قدرت جون) نشانيون هيون. تنهن هوندي به اهي نٺر وڏائي ڪندا رهيا ۽ اهي ماڻهو ڏوهاري ته هئا ئي.

  134. جڏهن مٿن عذاب اچي ٿي ڪڙڪيو چون پيا ته اي موسى، تو سان جو خدا (دعا قبول ڪرڻ جو) واعدو ڪيو آهي تنهن جي اميد تي پنهنجي خدا کان دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان عذاب ٽاريو ته اسين ضرور تو تي ايمان آڻينداسين، پڻ تو ساڻ بني اسرائيلن کي به ضرور موڪلينداسون.

  135. پوءِ جڏهن اسان انهن کان جنهن وقت تائين ضرور پهچن ها عذاب کي ٽاري ٿي ڇڏيو ته وري يڪدم انجام اقرار ٽوڙي پيا ڇڏن.

  136. پوءِ (نيٺ) اسان انهن کان (سندن شرارتن جو) عوض ورتو ۽ جئين ته اهي اسان جي آيتن کي ڪوڙ سمجهندا هئا ۽ انهن کان غافل رهندا هئا ته اسان به کين دريا ۾ ٻوڙي ماريو.

  137. ۽ جن ويچارن کي اهي ماڻهو ڪمزور سمجهندا هئا انهن کي (شام ملڪ جي) زمين، جنهن ۾ اسان (زرخيز هئڻ جي) برڪت عطا ڪئي هئي، ان جي اوڀر اولھ (سڀ جو) وارث (۽ مالڪ) بڻايو. پڻ جئين ته بني اسرائيلن (فرعون جي ظلمن تي) صبر ڪيو هو تنهن ڪري تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو (جيڪو هن انهن سان ڪيو هو پورو ٿي ويو. ۽ جيڪي فرعون ۽ سندس قوم جا ماڻهو ڪندا هئا ۽ جيڪي وڏا وڏا محلات بڻائيندا هئا سڀ اسان برباد ڪري ڇڏيا.

  138. ۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا جي هن پار ٽپايو ته (اهي) اهڙن ماڻهن وٽان لنگهيا جيڪي پنهنجي (هٿن سان بڻايل) بتن (جي پوڄا پاٽ) تي ڄميل هئا (ته هنن کي ڏسي ڪري بني اسرائيلن موسى کي) چيو، اي موسى جئين هنن ماڻهن جا معبود (بت) آهن، اهڙو ئي اسان جي لاءِ به هڪ (بت) معبود بڻاءِ. موسى چين ته اوهين ته وڏا جاهل ماڻهو آهيو.

  139. (اڙي ڪم بختو!) هي ماڻهو جنهن مذهب تي آهن، اهو پڪ برباد ٿي ويندو ۽ جيڪو عمل اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ميٽجي ويندو.

  140. (وري موسى) چين، ڇا! (توهين چاهيو ٿا ته) خدا کي ڇڏي آءُ ٻين کي اوهان لاءِ معبود ڳوليان حالانڪه هن اوهان کي ساري خدائيءَ تي فضيلت ڏني آهي.

  141. (اي اسرائيلو اهو وقت به ته ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏني، جڏهن اهي اوهان کي وڏيو وڏيون تڪليفون ڏيندا هئا اوهان جي پٽن کي ته ڳولي ڳولي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. پڻ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر تي) سخت آزمايش هئا.

  142. ۽ اسان موسى سان (تورات ڏيڻ لاءِ) ٽيهن راتين جو واعدو ڪيو. ۽ اسان ان ۾ ڏھ ڏينهن (وڌائي) پورو ڪيو مطلب ته سندس پالڻهار جو واعدو چاليھ راتين ۾ پورو (چلو) ٿي ويو. ۽ (ويندي وقت موسى) پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي رھ ۽ سندن سڌارو ڪج ۽ فساد ڪرڻ وارن جي طريقي تي نه هلج.

  143. ۽ موسى اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل تي) آيو ۽ سندس پروردگار هن سان همڪلام ٿيو ته موسى عرض ڪيو: خدايا! تون مون کي پنهنجي جهلڪ  ڏيکار ته آءُ تو کي ڏسان، خدا فرمايو: تون مون کي ڪڏهين به ڏسي نٿو سگهين. پر هاءُ! هن جبل ڏي ڏس (اسين مٿس پنهنجي تجلي وجهون ٿا) پوءِ جبل جيڪڏهن پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ته جلد ئي مون کي به ڏسندين (نه ته ڪو نه). پوءِ جڏهين سندس پالڻهار جبل تي تجلي وڌي ته ان کي چڪا چور ڪري ڇڏيو ۽ موسا بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چوڻ لڳو: خداوندا تون (ڏسن ڏيکارڻ کان) پاڪ پاڪيزه آهين، مون تنهنجي بارگاھ ۾ توبه ڪئي ۽ آءُ سڀني کان پهريان ئي (تنهنجي عدم رويت جو) يقين ڪريان ٿو.

  144. خدا فرمايو، اي موسى مون تو کي سڀني ماڻهن تي پنهنجي پيغمبري ۽ همڪلامي جو درجو) ڏئي برگزيده ڪيو آهي ته پوءِ جو (ڪتاب تورات) اسان تو کي عطا ڪيو آهي ان کي وٺ ۽ شڪر گذار ٿيءُ.

  145. ۽ اسان (توريت جي) تختين ۾ موسى جي لاءِ هر قسم جي نصيحت ۽ هر قسم جو تفصيل وار بيان ڏئي ڇڏيو هو. ته (اي موسى) تون ان کي چڱي طرح وٺ (عمل ڪر) پڻ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته هن مان سٺين ڳالهين تي عمل ڪن. ۽ آءُ تمام جلد ئي اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس (ته ڪئين برباد ٿا ٿين.

  146. جيڪي ماڻهو (خدا جي) زمين تي اجايو آڪڙ جي هلن ٿا، انهن کي پنهنجي آيتن سان تمام جلد ڦيري ڇڏيندس ۽ (آءُ ڇو ڦيريان! پان سندن دليون اهڙيون ته سخت آهن جو) جيڪو هن (ساري جهان جون) سڀ نشانيون به ڏسن تڏهن به اهي انهن تي ايمان نه آڻيندا. پر جيڪڏهن سڌو رستو به ڏسن تڏهن به پنهنجو گس نه بڻائيندا. ۽ گمراهي جي راھ ڏسندا ته جهٽ پٽ ان کي پنهنجو طريقو بڻائي ڇڏيندا. اها (ٽيڙهائپ) انهي ڪري ٿين جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان غفلت ڪندا رهيا.

  147. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي حضوري کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو سڀ ڪي ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿي ويو. انهن کي بس سندن ڪرتوتن جي جزا (يا سزا) ڏني ويندي جيڪي اهي ڪندا هئا.

  148. ۽ موسى جي قوم (جبل طور تي) سندس وڃڻ کان پوءِ (پنهنجي زيورن کي ڳاري رجائي) هڪ گابي جي شڪل ٺاهي (يعني هڪ اهڙو) جسم جنهن ۾ ڍڳيءَ جهڙو آواز هو (افسوس!) ڇا انهن ماڻهو ايترو به خيال نه ڪيو جو اهو نه ته انهن سان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن قسم جي هدايت ئي ڪري سگهي پيو. (غرض) انهن هن (گابي کي پنهنجو خدا) بڻايو ۽ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.

  149. ۽ جڏهن انهن پڇتايو ۽ پاڻ کي پڪ گمراهي ۾ ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان جو پالڻهار اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان جو گناھ معاف نه ڪندو ته اسان پڪ گهاٽي کڻڻ وارن مان ٿينداسين.

  150. ۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم ڏي آيو ته (اها حالت ڏسي) رنج ۽ ڪاوڙ ۾ (پنهنجيءَ قوم کي) چوڻ لڳو ته اوهان ماڻهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ تمام وڏي حرڪت ڪئي. اوهان ماڻهن پنهنجي پروردگار جي حڪم (منهنجي اچڻ ۾) ايتري تڪڙ ڪئي پڻ (تورات جون) تختيون اڇلائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي (جي وارن) کي جهلي پاڻ ڏي گهلڻ لڳو. (تنهن تي هارون) چيس، اي منهنجي ماءُ ڄايا! آءُ ڇا ڪريان ها! قوم مون کي حقير سمجهيو (۽ منهنجي چيو ڪين مڃيائون الٽو) منهنجي مارڻ تي هئا ته مون تي دشمنن کي نه کلاءِ ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن مان نه سمجھ.

  151. (تڏهن) موسى چيو اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر جو تون سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين.

  152. بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (پنهنجو معبود بنايو انهن مٿان جلد ئي سندن پروردگار جي طرفان عذاب نازل ٿيندو ۽ دنياوي زندگي ۾ خواري، (پڻ ان کانسواءِ). ۽ اسين ڪوڙ ٺاهڻ وارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا ڪندا آهيون.

  153. ۽ جن ماڻهن بڇڙا ڪم ڪيا ۽ تنهن کان پوءِ توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ته پڪ تنهنجو پروردگار توبه کان پوءِ ضرور بخشڻ وارو مهربان آهي.

  154. ۽ جڏهن موسى جي ڪاوڙ لٿي ته (تورات جون) تختيون (زمين تان کنيائين ۽ تورات جي نسخي ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

  155. ۽ موسى پنهنجي قوم سان اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل طور تي وٺي وڃڻ لاءِ) ستر ماڻهن کي چونڊيو. پوءِ جڏهن کين زلزلي اچي پڪڙيو ته حضرت موسى عرض ڪيو پروردگارا جيڪڏهن تون گهرين ها ته مون کي ۽ انهن سڀني کي اڳ ۾ ئي هلاڪ ڪري ڇڏين ها ته ڇا اسان مان ڪن بيوقوفن جي ڪرتوتن جي سزا ۾ اسان کي هلاڪ ٿو ڪرين؟ اها ته فقط تنهنجي آزمايش هئي، تون جنهن کي چاهين ان کي هدايت ڪرين. تون ئي اسان جو مالڪ آهين تون ئي اسان جا قصور معاف ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ پڻ تون ته سڀني بخشڻ وارن کان چڱو آهين.

  156. ۽ تون ئي هن (فاني) دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جي لاءِ نيڪي لکي ڇڏ. اسين تنهنجي ئي طرف رجوع ڪريون ٿا. خدا فرمايو: جنهن کي آءُ گهران ٿو (مستحق سمجهي ڪري) پنهنجو عذاب موڪليان ٿو ۽ منهنجي رحمت هر شي تي ڇانيل آهي آءُ ته هي جلد ئي خاص انهن ماڻهن جي لاءِ لکي ڇڏيندس (جيڪي بدڪارن کان) بچندا رهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندا ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن تي ايمان رکندا هوندا.

  157. (يعني) جيڪو اسان جي موڪليل نبي امي جي قدم به قدم هلن ٿا (جنهن جي بشارت) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل لهن ٿا ۽ (اهو نبي) جيڪو چڱن ڪمن جو حڪم ڏئي ٿو ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪري ٿو ۽ (جيڪي) پاڪ پاڪيزه شيون انهن ۾ حلال ۽ گنديون شيون مٿن حرام ڪري ڇڏي ٿو. ۽ اهو (ڏکن حڪمن جو) بار جيڪي مٿن هو پڻ اهي گهوگها جيڪي انهن تي (پيل) هئا تن کي پري ڪري ٿو پوءِ (ياد رکو ته) جن ماڻهن انهيءَ (نبي محمد) تي ايمان آندو ۽ سندس مدد ڪئي پڻ ان نور جي پيروي ڪئي جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو آهي ته اهي ئي انسان پنهنجي دل جي مراد پائيندا.

  158. (اي رسول!) تون (کين) چئو ته انسانو! آءُ اوهان سڀني ماڻهن ڏي ان خدا جو موڪليل رسول آهيان جنهن جي لاءِ خاص (سمورن) آسمانن ۽ زمينن جي حڪومت آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي اهو ئي جيئرو ڪري ٿو اهو ئي ماري ڇڏي ٿو پوءِ (انسانو!) خدا ۽ سندس رسول نبي امي تي ايمان آڻيو. جيڪو (پاڻ به) خدا تي ۽ سندس ڳالهين تي (دل سان ايمان رکي ٿو ۽ ان جي قدم به قدم هلو ته جئين اوهين هدايت حاصل ڪريو.

  159. ۽ موسى جي قوم جا ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي حق ڳالھ جي هدايت به ڪندا آهن ۽ حق ئي حق (معاملن ۾) انصاف به ڪندا آهن.

  160. ۽ اسان (بني اسرائيلن) جي هڪ هڪ ڏاڏي جي اولاد کي جدا جدا ٻارنهن گروھ بنايا ۽ جڏهن موسى جي قوم ان کان پاڻي گهريوو ته اسان ان ڏي وحي کي موڪليو ته تون پنهنجي عصا پاڻي تي هڻ (پوءِ عصا جي هڻڻ سان) ان پٿر مان (پاڻي جا) ٻارنهن چشما ڦاٽي نڪتا ۽ (وري اهڙا صفا جدا جدا جو) هر هڪ قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ معلوم ڪري ڇڏيو ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي. ۽ مٿن من ۽ سلوى (جهڙي نعمت) نازل ڪئي. (انسانو!) جيڪي پاڪ ۽ پاڪيزه شيون اوهان کي ڏنل آهن انهن کي (شوق سان) کائو (پيئو) ۽ انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) اسان جو ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ ئي خراب ڪن ٿا.

  161. ۽ جڏهن کين چيوسون هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ (سندس پيدوار ميون کي) جتان اوهان جي دل گهري (مزي سان) کائو (پيئو) پر (وات سان) حطه چوندا ۽ سجدو ڪندا دروزي ۾ داخل ٿجو ته اسين اوهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسون. پڻ نيڪي ڪرڻ وارن کي ته اسين اڃا به وڌيڪ عطا ڪنداسين.

  162. ته ظالمن، جيڪا ڳالھ کين چئي وئي هئي ان کي بدلائي ڪجھ ٻيو چوڻ شروع ڪيو ته سندن شرارتن سبب مٿن آسمان مان عذاب موڪلي ڇڏيو.

  163. ۽ (اي رسول!) انهن کان ٿورو انهيءَ ڳوٺ جو حال ته پڇو جيڪو درياءُ جي ڪپ تي آباد هو. جڏهن اهي ماڻهو (پنهنجي مبارڪ) ڇنڇر جي ڏينهن زيادتي ڪرڻ لڳا جو جڏهن انهن جي (عبادت جو) ڏينهن ڇنڇر ايندو هو تڏهن ته مڇيون مڙي ڪري سندن سامهون پاڻي تي مٿان تري اينديون هيون پر جيڪڏهن سندن (عبادت جو ڏينهن) ڇنڇر نه هوندو ته وري مڇيون وٽن اينديون ئي نه هيون، جئين ته اهي ماڻهو بدچال هئا تنهنڪري اسان به اهڙي طرح سندن امتحان ٿي ورتو.

  164. ۽ جڏهن انهن مان هڪ جماعت (انهن ماڻهن مان جيڪي ڇنڇر جي ڏينهن شڪار ڪرڻ کان منع ڪندا هئا) چيو ته جن کي خدا تباھ ڪرڻ يا سخت عذاب ۾ ڦاسائن گهري ٿو انهن کي (اجايو) ڇو ٿا سمجهايو؟ ته اهي چوڻ لڳا ته فقط اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ پاڻ تان الزام لاهڻ لاءِ پڻ ان لاءِ ته شايد اهي ماڻهو پرهيزگاري اختيار ڪن.

  165. پوءِ جڏهن انهن ماڻهن جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪيل هئي سا وساري ڇڏي ته اسان انهن ماڻهن کي ته بچايو جيڪي بري ڪم کان ماڻهن کي منع ڪندا هئا تن کي سندن بدڪاري سبب وڏي عذاب ۾ پڪڙيو.

  166. پوءِ جنهن ڳالھ کان کين منع ڪيل هئي جڏهن انهن ماڻهن ان ۾ بي پرواهي ڪئي ته اسان حڪم ڪيو ته اوهين ذليل ۽ تڙيل ٿي باندر بڻجي وڃو! (ته اهي باندر بڻجي پيا)

  167. (اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏياريو) جڏهن اوهان جي پالڻهار، وڏي آواز بني اسرائيلن کي چيو ته اهو، انهن تي قيامت تائين اهڙي حاڪم کي سوار ڪندو جو کين بڇڙن کان بڇڙيون تڪليفون ڏيندو رهي (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي. ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته اهو وڏو بخشڻهار مهربان (به) آهي.

  168. ۽ اسان کين روءِ زمين ۾ ٽولا ٽولا ڪري الڳ (الڳ ڪري) ڇڏيو جن مان ڪجھ ماڻهو ته نيڪ آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ٻئي قسم جا (بدڪار) آهن، ۽ اسان کين سک ۽ ڏک (ٻنهين قسمن) سان آزمايو ته جئين اهي (شرارت کان) باز اچن.

  169. هنن کان پوءِ وري ڪجھ نا خلف جانشين جيڪي خدا جي ڪتاب توريت جا وارث ته ٿيا (پر سندن حال هي آهي جو اهي) هن ڪميني دنيا تي ڪري پيا آهن. ۽ (مزي جي ڳالھ ته وري) چون ٿا ته، اسين جلد ئي بخشيا وينداسون ۽ (جيڪي ماڻهو انهن کي ٽوڪين ٿا جيڪڏهن انهن وٽ به اهڙو ئي (ٻيو سامان اچي) ته ان کي اهي به (نه ڇڏين ۽) وٺي ڇڏيندا. ڇا هنن کان ( خدا جي) ڪتاب (توريت) جو انجام ۽ اقرار ڪين ورتو ويو هو ته خدا تي سچ کانسواءِ (ڪوڙ ڪڏهين به) نه چوندا پڻ جيڪي هن ڪتاب ۾ آهي تنهن کي هنن (چڱي طرح) پڙهيو آهي. ۽ آخرت جو گهر به خاص انهن ماڻهن لاءِ ئي آهي جيڪي پرهيزگار آهن. ته ڇا اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو؟

  170. ۽ جيڪي ماڻهو (خدا جي) ڪتاب کي مضبوط پڪڙن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا (تن کي ان جو ثواب ضرور ملندو) ڇو ته اسين ڪڏهين به نيڪ ڪم ڪندڙن جو اجر ضايع نٿا ڪريون.

  171. ته (اي رسول! يهودين کي ياد ڏيار ته) جڏهن اسان سندن (مٿان جبل کي کنيو جو ڄڻ ته (مٿن) شاميانو هو ۽ اهي ماڻهو ائين پيا سمجهن ته اجهو ٿو ڪري (اجهو ڪريو) ۽ اسان (کين حڪم ڏنو ته) جيڪو ڪتاب اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن کي مضبوط جهليو ۽ جو ڪجھ ان ۾ لکيل آهي ياد رکو ته جئين اوهين پرهيزگار بڻجو.

  172. ۽ (اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏيار ته) جڏهن اوهان جي پالڻهار، آدم جي اولاد مان يعني پٺين مان (ٻاهر) ڪڍي سندس اولاد مان خود ان جي مقابلي ۾ اقرار ڪرايو (پڇيو) ته ڇا! آءُ توهان جو پروردگار نه آهيان؟ ته سڀني چيو: هاءُ اسان ان جا شاهد آهيون (اهو اسان ان ڪري چيو ته) متان اوهين قيامت جي ڏينهن چئو ته اسين ته ان ڳالھ کان بلڪل بي خبر هئاسون.

  173. يا هي چوڻ لڳو ته (اسين ڇا ڪريون) اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ۾ ئي شرڪ ڪيو هو ۽ اسين ته سندن اولاد آهيون. (جيڪي) انهن کان پوءِ (دنيا م) آياسون، ته ڇا اسان کي انهن ماڻهن جي ڏوھ جي سزا ۾ هلاڪ ڪندو جيڪي اڳي ئي باطل ڪم ڪري چڪا.

  174. ۽ اسين اهڙي طرح پنهنجن آيتن کي کولي بيان ڪندا آهيون. ۽ ان ڪري ته من اهي ماڻهو (پنهنجن غلطين کان باز اچن.

  175. ۽ (اي رسول!) تون کين ان شخص جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون عطا ڪيون هيون پوءِ اهو انهن کان صفا ڪورو ٿي نڪتو ته شيطان سندس پٺيان پيو ۽ نيٺ اهو گمراھ ٿي ويو.

  176. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته کيس انهن آيتن جي ڪري مٿانهون درجو ڏيون ها پر اهو ته پاڻ ئي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي نفساني خواهش جو تابعدار بڻجي ويٺو. پوءِ ان جو مٿال اهڙو آهي جهڙو ڪتو. جو جيڪڏهن ان کي چچڪاريو ته به زبان ڪڍي پر جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏبو ته به زبان ٻاهر ڪڍي سهڪي. اهو مثال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. (اي رسول!) اهي ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌاءِ ته من اهي پاڻ به سوچين.

  177. جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو به ڪهڙو نه بڇڙو مثال آهي پڻ پنهنجين جاين تي ظلم ڪندا رهيا.

  178. رستي تي بس اهو ئي شخص آهي جنهن جي خدا هدايت ڪري پر جنهن کي ڇڏي ڏي ته اهڙا ئي ماڻهو وڏي نقصان ۾ آهن.

  179. ۽ ڄڻ ته اسان پاڻ ئي گهڻن جنن ۽ ماڻهن کي (خاص) جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي، جن جون دليون ته آهن (پر ڄاڻي واڻي) نٿا سمجهن، ۽ کين اکيون آهن (ڄاڻي واڻي انهن سان ڏسن ئي نٿا ۽ سندن ڪن به آهن (پر) انهن کان ٻڌڻ جو ڪم ئي نٿا وٺن (مطلب ته) اهي ماڻهو ڄڻ ته جانور آهن پر انهن کان ويل آهن. اهي ماڻهو (حق جي ڳالهين کان) بلڪل بي خبر آهن.

  180. ۽ سٺا سٺا نالا خدا جي لاءِ ئي خاص آهن ته پوءِ کيس انهن نالن سان سڏيو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڪفر ڪن ٿا تن کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيو پڻ اهي تمام جلد پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندا.

  181. ۽ اسان جي مخلوقات مان ڪي انسان اهڙا به آهن جي (دين) حق جو رستو ڏيکارين ٿا (پڻ ان جي موافق) حق ئي (حق) انصاف به ڪن ٿا.

  182. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي اسين ڍر ڏئي تمام جلد اهڙي طرح (جهنم ۾ وٺي وينداسون جو کين خبر ئي نه پوندي.

  183. ۽ آءُ کين (دنيا ۾) ڍر ڏيندس بيشڪ منهنجي تدبير تمام پڪي پختي ۽ (مضبوط آهي.

  184. ڇا هنن ماڻهن ايترو به نه سوچيو نيٺ سندن ساٿيءَ (محمد) کي ڪو جنون ته آهي ڪين، اهو ته بس ظاهر بظاهر (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهي.

  185. ڇا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي حڪومت ۽ خدا جي پيدا ڪيل شيون ۾ غور نه ڪيو ۽ نه وري انڳالھ ڏي (ڌيان ڏنو) ته متان مٿن موت ويجهو آيو هجي. (پوءِ ايترو سمجهائڻ کان بعد به ڀلا) ڪهڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا.

  186. جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏ ڏي پوءِ تنهن جو ڪو به رهبر نه آهي. پڻ انهن کي سندن سرڪشي (۽ شرارت) ۾ ڇڏي ڏيندو ته (ڀلي) سرگردان رهن.

  187. (اي رسول!) تو کان ماڻهو قيامت جي باري م پڇندا رهندا آهن ته ڪٿي سندن ڪڌي ڪنارو به آهي؟ تون (کين) چئو ان جو علم بس! فقط منهنجي پروردگار کي ئي آهي اهو ئي مقرر ڪيل وقت تي کيس ظاهر ڪندو. اهو وقت سمورن آسمانن ۽ زمين ۾ هڪ تمام سخت ڏکيو وقت هوندو. اها اوهان وٽ پوءِ اوچتو ئي اچي ويندي. توکان ماڻهو اهڙي طرح پڇن ٿا ڄڻ نه تون ان کان چڱي ريت واقف آهين. تون (کولي) چوين ته ان جو علم ته بس خدا کي ئي آهي پر ڪيترا ئي ماڻهو نٿا ڄاڻن.

  188. اي رسول! کين چئو ته آءُ خود پنهنجو پاڻ تي اختيار ئي نٿو رکان. نه فائدي جو ۽ نه نقصان (پهچائڻ) جو، پر رڳو اهو جيڪي خدا گهري. پر جيڪڏهن، (سواءِ خدا جي ٻڌائڻ جي) غيب کي ڄاڻيندو هجان ها ته پڪ آءُ پنهنجو گهڻو ڪجھ فائدو ڪري ڇڏيان ها ۽ مون کي ڪڏهين به تڪليف نه پهچي ها. آءُ ته فقط ايمان وارن کي (عذاب کان) ڊيچارڻ وارو ۽ (بهشت برين جي) خوش خبري ڏيڻ وارو آهيان.

  189. هو، اهو خدا آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ سندس (باقي بچيل مٽيءَ) مان هن جو، جوڙ به بڻايو ته جئين هن سان رهي ڪري. پوءِ جڏهن انسان پنهنجيءَ زال سان همبستري ڪري ٿو ته زال هڪ هلڪي حمل سان حامله ٿئي ٿي. پوءِ ان کي پاڻ سان کنيو گهمندي ڦرندي وتي ٿي پوءِ جڏهن اهو (بار زياده ڏينهن هئڻ ڪري) ڳرو ٿئي ٿو ته (زال مڙس) پنهنجي پالڻهار خدا کان دعا گهرڻ لڳا ته جيڪڏهن تو اسان کي نيڪ فرزند عطا فرمائين ته اسين ضرور تنهنجا شڪر گذار ٿينداسين.

  190. پوءِ جڏهن خدا کين صالح (فرزند) عطا فرمايو ته جيڪا (اولاد) خدا کين عطا فرمائي هئي ته لڳا ان ۾ خدا جو شريڪ بنائڻ ته (خدا جو) شان، شرڪ کان گهڻو مٿانهون آهي

  191. جو اهي ماڻهو خدا جو شريڪ اهڙن کي بنائن ٿا جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. جو خود (خدا جا) پيدا ڪيل آهن.

  192. ۽ نه اهي سندن مدد جي طاقت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي ئي مدد ڪري سگهن ٿا.

  193. ۽ جيڪڏهن تون هدايت ڏي کين سڏيندين به، تڏهين به تنهنجي پيروي نه ڪندا. اوهان لاءِ ساڳئي ڳالھ آهي، چاهي کين سڏيو يا خاموش ويٺا رهو.

  194. بيشڪ اهي ماڻهو جن جي اوهان خدا کي ڇڏي عبادت ڪريو ٿا (اهي به ته آخر) اوهان وانگر (خدا جا خلقيل) بندا آهن، ڀلا کين سڏي ته ڏسو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهي اوهان جي ڪجھ ٻڌن (ته سهي)

  195. ڇا انهن جا اهڙا پير به آهن جن سان گهمي ڦري سگهن يا سندن هٿ به آهن جن سان (ڪا شي) پڪڙي سگهن يا (وري) اهڙيون اکيون به اٿن جن سان ڏسي سگهن يا انهن جا اهڙا ڪن به آهن جن سان ٻڌي سگهندا هجن (اي رسول! کين) چئو ته اوهين پنهنجن بنايل شريڪن کي سڏيو پوءِ سڀئي گڏجي مون تي داو هلايو وري مون کي (ذرو به) مهلت نه ڏيو، (پوءِ ڏسان ته منهنجو ڇا ٿا ڪري سگهو)

  196. بيشڪ منهنجو مالڪ ۽ مختيار ته فقط خدا آهي جنهن ڪتاب (قرآن) کي نازل فرمايو آهي ۽ اهو ئي (پنهنجن) نيڪ بندن جو حامي آهي.

  197. ۽ اهي (بت) جن کي اوهين خدا کانسواءِ پنهنجي مدد لاءِ سڏيو ٿا نه ته اهي اوهان جي مدد جي قدرت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي پاڻ ئي مدد ڪري سگهن ٿا.

  198. پر جيڪڏهن تون کين هدايت ڏي سڏيندين به ته اهي ٻڌاندا ئي ڪين ۽ تون سمجهندين ته اهي تو کي (اکيون پٽي) ڏسي رهيا آهن حالانڪه اهي ڏسن ڪين ٿا.

  199. (اي رسول!) تون درگذر ڪرڻ کي اختيار ڪر ۽ نيڪ ڪمن جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ ڪري ڇڏ.

  200. ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان تنهنجي (امت جي) دلين ۾ ڪنهن طرح جو دغدغو پيدا ٿئي ته تون خدا کان پناھ گهر (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو وڏو ٻڌڻ وارو واقفڪار آهي.

  201. بيشڪ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن کي جڏهن به کڻي شيطان جي خيال ڇهبو ته هوشيار ٿا ٿين پوءِ يڪدم سندن اکيون کلي ٿيون پون.

  202. انهن ڪافرن جا ڀائي بند شيطان کين (پڪڙي سوگهو ڪري) گمراهي ۾ گهلن ٿا پوءِ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي (به) ڪين ٿا ڪن.

  203. ۽ جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪو (خاص) معجزو نٿو آڻين ته چون ٿا، تو ان کي ڇو ڪين بڻايو. (اي رسول!) چئو ته آءُ ته فقط ان وحي جو پابند آهيان جيڪو منهنجي پروردگار جي طرفان مون تي نازل ٿئي ٿي. هيءُ (قرآن) اوهان جي پالڻهار جي طرف کان (سچائي جو دليل آهي) ۽ ايماندارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

  204. (انسانو!) جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته ڪن لائي ٻڌو ۽ چپ چاپ رهو ته جئين (ان بهاني) اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  205. ۽ پنهنجي پالڻهار کي پنهنجي دل ئي (دل) ۾ زاري ڪندي ۽ ڊڄي (ڊڄي) ۽ تمام ڏاڍيان نه (پر هيٺاهين) آواز سان صبح ۽ شام ياد ڪندا ڪريو پڻ (سندس ياد کان) بلڪل غافل نه ٿي وڃو.

  206. بيشڪ جيڪي (فرشتا وغيره) اوهان جي پالڻهار وٽ مقرب آهن ۽ اهي سندس عبادت کان وڏائي نٿا ڪن ۽ سندس تسبيح ڪندا آهن ۽ انهيءَ جو سجدو ڪندا آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found