آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت انعام

ٽوٽل آيتون: 165

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. سڀ ساراھ الله ئي کي جڳائي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ جدا جدا نمونن جون اونداهيون ۽ روشني بڻائي. پوءِ (تنهن هوندي به) ڪافر (ٻين کي) پنهنجي پروردگار جي برابر ڪن ٿا.

  2. هو اهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري (اوهان جي) مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ (توڙي جو توهان کي خيال نه آهي پر) هن وٽ (قيامت جو) هڪ وقت مقرر آهي. تڏهن (به) اوهين شڪ ڪريو ٿا.

  3. ۽ اهو ئي ته آسمانن ۾ (به) ۽ زمين ۾ (به) خدا آهي. اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل (ڳالهين) کان (به) خبردار آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا (سڀ ڪي) ڄاڻي ٿو.

  4. ۽ (انهن ماڻهن جي عجيب حالت آهي جو) جڏهن به انهن وٽ خدا جي آيتن مان ڪا آيت آئي ته پوءِ اهي ضرور ان کان منهن ڦيرين ٿا.

  5. جئين، جڏهن انهن وٽ (قرآن بر) حق آيو ته ان کي به هنن ڪوڙو ڪيو ته پوءِ اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا. تنهن جي حقيقت کين جلد ئي معلوم ٿي ويندي.

  6. ڇا انهن کي سجهي ڪين ٿو ته اسان هنن کان اڳ ڪيترائي گروهن (جا گروھ) تباھ ڪيا جن کي اسان روءِ زمين ۾ اها طاقت ۽ قدرت عطا ڪئي هئي جا اڃا تائين اوهان کي ڪانه ڏني. ۽ اسان مٿن آسمان تان ته گهڻو مينهن وسايو ۽ سندن (گهرن) هيٺان واھ جاري ڪيا. پر تڏهن به گناهن سبب کين فنا ڪري ڇڏيوسون ۽ انهن کان پوءِ وري ٻئي گروھ کي پيدا ڪيوسون.

  7. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين ڪاغذ تي (لکيل( ڪتاب (به کڻي) تو تي نازل ڪريون ۽ اهي ماڻهو پنهنجي هٿن سان (کيس) مس به ڪن ها تڏهن به ڪافر (ڪين مڃين ها ۽) چون ها ته هي ته ڏٺو وائٺو جادو آهي.

  8. ۽ (هي به) چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو ڪين نازل ٿيو (جيڪو ساڻس گڏ رهي ها) پر جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته (سندن) ڪم تمام ٿي وڃي ها (۽) پوءِ کيس مهلت به نه ملي ها.

  9. پر جيڪڏهن اسين فرشتي کي نبي بنايون ها ته (آخر) تنهن کي به مرد جي صورت ڏيون (ها) جيڪي شڪ شبها ڪري رهيا آهن اهي ئي اسين خود مٿس (ان وقت به) ڍڪايون ها.

  10. ۽ (اي رسول!) تون دل تنگ نه ٿي) تو کان اڳ ۾ (به) پيغمبرن سان ٺٺوليون ٿيون آهن. پوءِ جيڪي ماڻهو ٺٺويلون ڪن ٿا تن کي تنهن عذاب، جنهن تان اهي ماڻهو کلندا هئا پڪڙيو.

  11. (اي رسول هنن کي) چئو ته ٿورو زمين تي گهمي ڦري سير ڪري ڏسو ته (نبين) کي ڪوڙي ڪندڙن جو ڪهڙو نه (بڇڙو) نتيجو ٿيو.

  12. (اي رسول!) هنن کان پڇين ته (ڀلا اهو ته ٻڌايو ته) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏئي سگهندا تون خود) چوين ته خاص خدا جو ئي آهي. هن پنهنجي وجود تي رحمت واجب ڪري ڇڏي آهي. اهو اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ضرور ڪٺو ڪندو. (پر) جن ماڻهن پنهنجو نقصان ڪيو آهي (قيامت تي) ايمان نه آڻيندا.

  13. هوڏانهن (اهو نٿا سمجهين ته) جيڪي رات جو ۽ ڏينهن جو (سموري زمين تي) رهي (سهي) ٿو (سڀ) خاص سندس ئي آهي ۽ اهو ئي سڀني جي) ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.

  14. (اي رسول!) تون چوين ته ڇا! خدا کي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي آءُ پنيهنجو سرپرست بنايان ۽ اهو ئي (سڀني کي) روزي ٿو ڏئي ۽ کيس ڪو به روزي نٿو ڏئي. (اي رسول!) چوين ته، مون کي حڪم ڏنل آهي ته سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آءُ ئي آهيان ۽ (هي به ته ياد رک!) مشرڪن مان نه ٿج!

  15. (اي رسول!) تون چوين ته جيڪڏهن آءُ نافرماني ڪريان ته ضرور هڪ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

  16. ان ڏينهنن جنهن (جي سر) تان عذاب ٽري ويو ته (سمجھ ته) خدا مٿس (وڏو) رحم ڪيو. ۽ اها ئي ته کليل ڪاميابي آهي.

  17. ۽ جيڪڏهن خدا توهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ڏئي ته انهي کان سواءِ تنهن جي ٽارڻ وارو ڪو به نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسائي تڏهن به (کيس ڪو به جهلي نٿو سگهي ڇو ته) اهو هر ڳالھ تي قادر آهي.

  18. ۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.

  19. (اي رسول!) تون پڇين ته ڪهڙيءَ شي جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي. (تون پاڻ ئي) چئين ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ خدا شاهد آهي. ۽ مون ڏي هي قرآن وحي جي نموني سان ان ڪري نازل ڪيل آهي ته جئين آءُ اوهان کي ۽ جنهن کي (هن جي) خبر پهچي، هن جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا اوهين پڪ سان اها شاهدي ڏئي سگهندو ته الله کانسواءِ ٻيا به معبود آهن؟ (اي رسول!) تون چئين ته آءُ ته اهڙي شاهدي ڪو نه ٿو ڏيان (اوهين چئپ ته چئو) تون هنن کي چئو ته بس هڪ ئي الله آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.

  20. جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي (يهودي نصارى) اهي ته جئين پنهنجي ٻارن ٻچن کي سڃاڻن ٿا تئين هن نبي (محمد مصطفي) کي به سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ نقصان ڪيو سي ته (ڪنهن طرح) ايمان نه آڻيندا.

  21. ۽ جنهن شخص خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تنهن کان مٿي (ڀلا ٻيو) ڪير ظالم ٿيندو. ۽ ظالمن کي ڪڏهن به نجات نه ملندي.

  22. ۽ (تنهن ڏينهن کي ياد ڪريو جنهن ڏينهن انهن سڀني کي ڪٺو ڪنداسون پوءِ جن شرڪ ڪيو تن کان پڇنداسون ته جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ سمجهندا هئا، ڪٿي آهن.

  23. پوءِ انهن جي ڪا به شرارت (باقي) نه رهندي، پاڻ اهي چوندا ته قسم آهي ان خدا جو جيڪو اسان جو پالڻهار آهي، اسان ته ڪنهن کي به سندس شريڪ ڪين بڻايو هو.

  24. (اي رسول! ڀلا) ڏس ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڪئين نه ڪوڙ هڻڻ لڳا ۽ اهي ماڻهو (دنيا ۾) جو ڪجھ افترا بازي ڪندا هئا سڀ غائب ٿي ويئي.

  25. ۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي تنهنجي (ڳالهين) ڏي ڌيان ڏيندا رهيا آهن. ۽ (انهن جو ضد ۽ ساڙ ان حد کي پهتو آهي ڄڻ ته) اسان پاڻ سندن دلين کي پردا وجهي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. ته ان (حق) کي سمجهي نه سگهن. ۽ جيڪڏهن اهي (خدا ئي) جا معجزا به ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا. ايستائين (سندن ضد ۽ ساڙ پهتو) جو جڏهن تو وٽ ڪاوڙجي اچن ٿا ته ڪافر (قرآن وٺي) چئي ٿا وهن (ته ڀلا هن ۾ رکيو ئي ڇا آهي) هي ته اڳين جي ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي.

  26. ۽ اهي ماڻهو (ٻين کي به هن جي ٻڌڻ) کان جهلين ٿا ۽ پاڻ ته پري رهندا ئي آيا آهن. پر انهن ڳالهين سان) پوءِ پاڻ ئي پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا ۽ افسوس جو سمجهن نٿا.

  27. ۽ (اي رسول!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي ان وقت ڏسين (ته حيرت ٿيئي) جڏهن جهنم (جي ڪناري) تي آڻي بيهاريا ويندا ته (ان کي ڏسي) چوندا، افسوس! اسين (جيڪر دنيا ۾) وري (ٻيهر موٽايا وڃون ها ۽ پنهنجي پروردگار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ها ۽ اسين مومنن مان هجون ها.

  28. (پر سندن مراد پوري نه ٿيندي) جا (بي ايماني) شروع کان لڪائيندا آيا هئا سا اڄ (اصل صورت ۾) مٿن کلي پئي ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو (وري دنيا ۾) موٽايا وڃن تڏهن به جنهن ڳالھ جي کين منع ڪئي وئي آهي سا ڪندا (۽ ضرور ڪندا) ۽ بيشڪ اهي ماڻهو ڪوڙا آهن.

  29. پڻ ڪافر اهو به چون ٿا ته اسان جي هن دنياوي زندگي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي ۽ (قيامت وغيره بهانو آهي) اسين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ئي ڪين وينداسون.

  30. ۽ (اي رسول!) انهن کي ان وقت ڏسين ته (تعجب ڪندين) جڏهن اهي ماڻهو خدا جي سامهون بيهاريا ويندا ۽ خدا (هنن کان) پڇندو ته ڇا! هي (قيامت جو ڏينهن) اڃا به سچ نه آهي؟ اهي جواب ۾ چوندا ته تنهنجي پروردگار جو قسم، ها! بلڪل سچ آهي تڏهن خدا فرمائيندو ته اوهين جئين ته (دنيا ۾ هن کان) انڪار ڪندا هئا، تنهن جي سزا عذاب جا مزا چکو.

  31. بيشڪ جن ماڻهن قيامت جي ڏينهن خدا جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو اهي وڏي نقصان م آهن ايستائين جو جڏهن مٿن اوچتو قيامت ايندي ته چوڻ لڳندا، هاءِ افسوس! اسان ته هن ۾ ڏاڍي ڪوتاهي ڪئي (اهو چوندا ويندا) ۽ پنهنجي گناهن جون ڳنڍڙيون پنهنجن پنهنجن پٺين تي لڏيون ويندا. ڏسو ته (اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار اٿن جنهن کي اهي کنيون ڦري رهيا آهن.

  32. ۽ (هي) دنياوي زندگي ته کيل تماشي کانسواءِ ڪجھ به نه آهي. ۽ هي ته ظاهر آهي ته آخرت جو گهر (بهشت) پرهيزگارن لاءِ آهي جو هن کان بهتر آهي. ته ڇا! توهين ايترو به نٿا سمجهو.

  33. اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جي بڪواس تو کي صدمو رسائي ٿي ته (توکي ڄاڻڻ گهرجي ته) اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو نٿا ڪن پر (اهي) ظالم (در اصل) خدا جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.

  34. ۽ (پڻ ڇڙو تون نه پر) تو کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن ته انهن (به) پنهنجي ڪوڙي ڪرڻ ۾ ايذا ۽ (تڪليفن) تي صبر ڪيو ايستائين جو اسان جي مدد انهن کي پهتي (۽ ڇو نه ايندي) خدا جي ڳالهين کي ڪو به بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ پيغمبرن جون ڳالهيون تو وٽ پهچي چڪيون آهن.

  35. ۽ انهن جو منهن موڙڻ تو کي ضرور ڳرو لڳو آهي (پر) جيڪڏهن تنهنجو وس هلي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولي ڪڍ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ. ۽ انهن کي ڪو معجزو آڻي ڏيکار (ته ائين به ڪري ڏس) جيڪڏهن خدا گهري ها ته کيس هدايت تي ڪٺو ڪري ها (پر خدا ته امتحان ٿو وٺي) پوءِ (متان) تون ڪڏهن به جاهلن ۾ (شامل) نه ٿج.

  36. (تنهنجو چوڻ ته) فقط اهي ئي انسان مڃن ٿا جي (دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. ۽ مئلن کي ته خدا قيامت ۾ ئي اٿاريندو، پوءِ ان ڏي موٽايا ويندا.

  37. ۽ ڪافر چون ٿا ته (آخر) هن نبي تي سندس پروردگار جي طرفان ڪو معجزو ڇو نه ٿو نازل ٿئي ته تون (کين) چئو ته خدا معجزي جي نازل ڪرڻ تي ضرور قادر آهي پر هنن مان گهڻا ماڻهو (خدا جي مصلحتن کي) نٿا ڄاڻن.

  38. زمين تي جي گهمڻ ڦرڻ وارا (جانور) يا پنهنجي پرن سان اڏڻ وارا پکي آهن انهن جون به اوهان وانگر جماعتون آهن. (۽ سڀئي لوح محفوظ ۾ موجود آهن) اسان ڪتاب (قرآن) ۾ ڪا به ڳالھ ڇڏي نه آهي پوءِ سڀئي (چوپايه هجن يا پکي) پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ آندا ويندا.

  39. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي به (ڪفر جي اوڙاھ) اوندھ ۾ گونگا ٻوڙا (ٿيا پيا) آهن خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي راھ تي آڻي.

  40. پڇين ته ڇا! توهان هئين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن اوهان جي سامهون خدا جو عذاب اچي وڃي يا اوهان جي اڳيان قامت ٿي اچي ته اوهين (جيڪڏهن پنهنجي چوڻ ۾) سچا آهيو ته (ٻڌايو ته پوءِ مدد لاءِ) ڇا! خدا کي ڇڏي ٻئي کي سڏيندو.

  41. (ٻين کي ته ڇا) پر انهيءَ کي سڏيندو پوءِ جيڪڏهن هن گهريو ته جنهن (ڳالھ) لاءِ اوهان کيس سڏيو آهي تنهن کي پوري ڪندو. ۽ (تنهن وقت) اوهين ٻين معبودن کي جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ ڄاڻندا هئا وساري ڇڏيندو.

  42. ۽ (اي رسول!) جيڪي امتون تو کان اڳ ٿي گذريون آهن اسان انهن ڏي به ڪيترائي رسول موڪليا پوءِ (جڏهن انهن نافرماني ڪئي ته) اسان انهن کي سختي ۽ تڪليف ۾ گرفتار ڪيو ته جئين اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزي ۽ زاري ڪن.

  43. ته جڏهن انهن (جي سرن) تي اسان جو عذاب آيو ته هنن ڇو ڪين عاجزي ۽ زاري ڪئي (ته اسان عذاب ٽاري ڇڏيون ها) پر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ سندن ڪرتوتن کي شيطان سينگاري ڏيکاريو هو (پوءِ هو ڇو ٻاڏائين.)

  44. پوءِ جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪئي وئي آهي جڏهن ان کي وساري ڇڏيون ته اسان مٿن ( ڍر ڏيڻ لاءِ) هر قسم جي دنياوي نعمتن (۽ مزن جا) دروازا کولي ڇڏيا. ايستائين جو جيڪي نعمتون کين ڏنيون هيون جڏهن انهن کي حاصل ڪري (بلڪل) خوش ٿيا ته اسان کين اوچتو پڪڙيو. پوءِ اهي اتي جو اتي نااميد ٿيا.

  45. پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.

  46. (اي رسول) کين چئو ته، مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر ڪري ته خدا کانسواءِ ٻيو ڪير معبود آهي جو (وري) اوهان کي اهي نعمتون (موٽائي) ڏئي؟ (اي رسول!) ڏس ته اسين ڪئين ته پنهنجا دليل پيش ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا.

  47. (اي رسول!) کين چئو ته مون کي ٻڌايو ته جي اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا گنهگارن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به هلاڪ ڪيا ويندا؟

  48. ۽ اسين رسولن کي فقط هن مطلب لاءِ موڪليون ٿا ته (نيڪن کي جنت جي) خوش خبري ڏين ۽ (برن ماڻهن کي دوزخ جي عذاب کان) ڊيڄارين. پوءِ جنهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا ڪم ڪيا ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ (قيامت ۾) نڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.

  49. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته جئين ته (اهي) نافرمان هئا (تنهنڪري اسان جو) عذاب کين وڪوڙي ويندو.

  50. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ اهو ته نٿو چوان ته مون وٽ خدا جا خزانا آهن (ته ايمان آڻڻ تي ڏئي ڇڏيندس) ۽ نه (وري) آءُ غيب (جون سڀ ڳالهيون) ڄاڻان ٿو ۽ نه آءُ اوهان کي اهو چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. آءُ فقط جو (خدا جي طرف کان) مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جو پابند آهيان. (کين) چئو ته (ڀلا) انڌو ۽ اکين جو سڄو هڪجهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ته ڇا؟ توهين (ايترو به) نٿا سوچيو؟.

  51. ۽ هن قرآن جي ذريعي سان تون انهن ماڻهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالھ جو ڊپ نٿا رکن ته اهي (مرڻ کانپوءِ) پنهنجي خدا جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندا (۽ هي ڄاڻن ٿا ته) سندن خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به سرپرست ئي نه آهي ۽ نه وري ڪو به سفارش ڪرڻ وارو. ته جئين اهي ماڻهو پرهيزگار ٿين.

  52. ۽ (اي رسول!) جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پالڻهار کان سندس رضامنديءَ جي آرزو ۾ دعائون گهرندا رهندا آهن، تن کي نه تڙ! سندن (حساب ڪتاب) جي جوابداري تنهنجي ذمي نه آهي ۽ نه (وري تنهنجي حساب جو) ذمو سندن سر تي آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين.

  53. ۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ٿا اسان مان هنن تي ئي خدا احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله، شڪر ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟

  54. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تو وٽ اچن ته تون (کين) ”السلام عليڪم“ (اوهان تي خدا جي سلامتي) چئو. اوهان جي پروردگار پاڻ تي رحمت لازم ڪئي آهي ته جنهن به توهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي پر ان کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.

  55. ۽ اسين (پنهنجون) آيتون اهڙيءَ طرح کولي ٻڌائيندا آهيون ته جئين گنهگارن جي راھ (سڀني تي) ظاهر ٿئي (۽ اهي ان تي نه هلن).

  56. (اي رسول! کين) چئو ته خدا کانسواءِ جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ٿي آهي. (۽ هي به) چئين ته آءُ اوهان جي (نفساني) خواهشن تي هلڻ وارو نه آهيان (نه ته) پوءِ آءُ گمراھ ٿي پوندس ۽ هدايت وارن مان نه ٿيندس.

  57. (کين) چئو ته آءُ منهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ظاهر دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو ڪيو، (ته پوءِ) اوهين جنهن (عذاب لاءِ) جلدي ٿا ڪريو اهو ڪو منهنجي (اختيار ۾) نه آهي حڪومت ته فقط الله لاءِ ئي آهي. اهو ته حق (سچ) ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀني فيصلي ڪرڻ وارن کان چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي.

  58. (کين) چئو ته جنهن (عذاب) جي اوهين تڪڙ ڪريو ٿا جيڪڏهن منهنجي (وس ۾) هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهين جو ٿي چڪي ها ۽ خدا ته ظالمن کان خوب واقف آهي.

  59. ۽ ان وٽ غيب جون چاٻيون آهن. جن کي ان کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ آهي تنهن کي (به) اهو ئي ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پن نٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نڪا آلي ۽ نڪي سڪي شي آهي پر اها به نوراني ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.

  60. ۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته ننڊ ۾) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو ڪيو اٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته (حياتيءَ جي) اها مدت به (سندس علم ۾) مقرر ڪيل آهي پوري ڪجي. وري (ته نيٺ) اوهان سڀني کي ان ڏي موٽڻو ئي آهي پوءِ اوهين جيڪي (دنيا ۾ برو ڀلو ڪم) ڪريو ٿا (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو.

  61. اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. اهو توهان تي نگهبان (فرشتا مقرر ڪري) موڪلي ٿو. ايستائين جو اوهان مان جنهن کي موت اچي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) کيس (دنيا مان) کڻي وٺن ٿا ۽ اهي (اسان جي حڪم جي تعميل ۾ ذرو به) ڪوتاهي نٿا ڪن.

  62. پوءِ اهي پنهنجي سچي مالڪ خدا وٽ موٽايا ويا خبردار رهو! سندس ئي حڪومت آهي. ۽ اهو سڀ کان وڌيڪ حساب وٺندڙ آهي.

  63. (اي رسول! کين) چئو ته ڪير اوهان کي خشڪي ۽ دريا جي اونداهين کان بچائي ٿو؟ جنهن کي اوهين زاري ۽ ڳجُ (عاجزي) سان سڏيو ٿا. ته جيڪڏهن خدا (اڄوڪي) هن (بلا) کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذار (بندا ٿي) هلنداسون.

  64. چئين ته انهن بلائن ۽ (مصيبتن) کان خدا توهان کي بچائي ٿو (پر افسوس) تنهن هوندي به اوهين شرڪ ڪندا ئي رهو ٿا.

  65. (اي رسول! کين) چئو ته اهو ئي هن (ڳالھ) جي وس وارو آهي ته (جيڪڏهن گهري ته) توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا تووهان جي پيرن جي هيٺان (عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري پکيڙي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جو مزو چکائي. ڪجھ ته سوچو، اسين ڪئين ته پنهنجن آيتن کي ڦيري گيري بيان ڪريون ٿا ته جئين من سمجهن.

  66. ۽ انهيءَ (قرآن کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي، هوڏانهن اهو بر حق آهي. تون چئين ته اوهان تي ڪو نگهبان ته ڪين آهيان.

  67. هر خبر (جي پوري هجڻ) جو هڪ خاص وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي تون سمجهندين،

  68. ۽ جڏهن ڏسين ته اهي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪري رهيا آهن ته انهن کان پاسو ڪري وڃ. ايستائين جو اهي ماڻهو ان ڳالھ کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالھ ۾ بحث ڪرڻ لڳن. پر جيڪڏهن (اسان جو هي حڪم) تو کان شيطان وساري ڇڏي ته (حڪم) ياد اچڻ تي ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھ.

  69. ۽ اهڙن ماڻهن (جي حساب ڪتاب) جي جوابداري ڪا پرهيزگارن تي نه آهي پر (فقط نصيحت طور) ياد ڏيارڻ (گهرجي) ته جئين اهي ماڻهو به پرهيزگار ٿين.

  70. ۽ جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو بنائي ڇڏيو آهي پڻ دنيا جي حياتي کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ۽ (موقعو ڏسي) قرآن جي ذريعي کين وعظ ۽ نصيحت ڪندا رهو، (ائين نه ٿئي) جو ڪو شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ڪري مصيبت ۾ وڃي پوي (ڇو ته ان وقت ته) خدا کانسواءِ هن جو نه ڪوئي سرپرست هوندو نه سفارشي. ۽ جيڪڏهن اهو (پنهنجي گناهن جي بدلي) ساري جهان جو بدلو به ڏئي ته به ان مان هڪ به نه ورتو ويندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪئي ڪري مصييبت ۾ آهن تن کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندو ۽ انهن تي دردناڪ عذاب ٿيندو ڇو ته اهي ڪفر ڪندا هئا.

  71. (اي رسول) انهن کان پڇو ته ڇا، اسين خدا کي ڇڏي انهن (بتن) کي ٻاڏايون جيڪي نه ته اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه اسان کي نقصان ئي رسائي سگهن ٿا. ۽ جڏهن خدا اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ (به) ڦري ڪفر ڏي ان شخص وانگر ٿيون جنهن کي شيطانن (گهاٽي) جهنگ ۾ گمراھ ڪيو هجي ۽ حيران (پريشان هجي ته ڇا ڪري ۽ ڪيڏانهن وڃي) ۽ سندس ڪي ساٿي هجن جيڪي کيس سڌي گس ڏي اچڻ لاءِ سڏيندا رهن ته (هيڏي) اسان ڏي اچ! ۽ (اهو نڀاڳو هڪ به نٿو ٻڌي) تون ٻڌائين ته هدايت ته فقط خدا جي ئي آهي پڻ اسان کي ته اهو حڪم آهي ته اسين ساري جهان جي پالڻهار خدا جا فرمانبردار بندا رهون.

  72. ۽ هي (به حڪم مليل آهي) ته پابنديءَ سان نماز پڙهندا ڪيو ۽ ان کان ئي ڊڄندا رهو ۽ هو، اهو (خدا) آهي جنهن جي حضور ۾ اوهان سڀئي حاضر ڪيا ويندو.

  73. ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو ۽ جنهن (به) ڏينهن (ڪنهن شي کي) چئي ٿو ته ٿيءُ ته (يڪدم) ٿئي ٿي سندس قول سچو آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن) خاص سندس ئي حڪومت هوندي. (اهو ئي) غائب ۽ حاضر (سڀ) جي ڄاڻڻ وارو آهي. اهو ئي دانا واقفڪار آهي.

  74. (اي رسول!) تنهن وقت کي ياد ڪر!) جڏهن ابراهيم پنهنجي (پالنا ڪندڙ) پيءُ آزر کي چيو ته بتن کي خدا ڪري. مڃين ٿو؟ آءُ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کليل گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو.

  75. ۽ (جهڙي طرح اسان ابرهيم کي ڏيکاريو هو ته ”بت“ پوڄا جي لائق نه آهن) تهڙي طرح اسان ابراهيم کي سڀئي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو انتظام ڏيکاريو ته جئين اهو (اسان جي وحدانيت جي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي.

  76. ته جڏهن مٿس رات جي اونداهي ڇائجي ويئي ته هڪ ستارو ڏسي يڪدم چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين آءُ لهندڙن کي (خدا بنائڻ) پسند نٿو ڪريان.

  77. وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن منهنجو پالڻهار منهنجي هدايت نه ڪري ها ته آءُ ضرور گمراھ ماڻهن مان ٿيان ها.

  78. وري جڏهن سج کي روشن ٿيل ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) خدا آهي؟ هي ته سڀني کان وڏو (به) آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو اي منهنجي قوم! جن جن کي اوهين ماڻهو (خدا جو) شريڪ بنايو انهن کان آءُ بيزار آهيان. اهي ڪڏهين به خدا ٿي نٿا سگهن.

  79. مون ته باطل کان منهن موڙي ان ڏي پنهنجو منهن ڪيو آهي جنهن ڪيئي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا ۽ پڻ آءُ (هرگز) مشرڪن مان نه آهيان.

  80. ۽ سندس قوم جا ماڻهو هن سان حجت ڪرڻ لڳا. ته ابراهيم کين چيو هو ته ڇا! توهين مون سان خدا جي باري ۾ حجت ڪريو ٿا. هوڏانهن هن منهنجي يقينا هدايت ڪئي آهي. ۽ جن بتن کي اوهين سندس شريڪ مڃيو ٿا آءُ انهن کان ڊڄان نٿو (اهي مون کي ڇا ڪندا) پر هاءُ منهنجو خدا خود (ڪرڻ) گهري ته علم جي روءِ سان (به) سڀ تي حاوي آهي. ڇا پوءِ به اوهين ڌيان نٿا ڏيو؟

  81. ۽ جن کي اوهين خدا جو شريڪ بنايو ٿا آءُ انهن کان ڇو ڊڄان؟ جڏهن اوهين ان ڳالھ کان نٿا ڊڄو جو اوهان خدا جو شريڪ اهڙين شين کي بنايو آهي جن جي خدا توهان تي ڪا به سند جازل ڪين ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته (ٻڌايو ته سهي) اسان ٻنهين ڌرين مان امن قائم رکڻ جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي.

  82. جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان نه ملايائون انهن ماڻهن لاءِ ئي امن (۽ دلجاءِ) آهي ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن.

  83. ۽ اهي اسان جا (سيکاريل سمجهايل) دليل آهن جيڪي اسان ابراهيم کي پنهنجي قوم تي (غالب اچڻ لاءِ) عطا ڪيا هئا. اسين جنهن جا درجا چاهيندا آهيون، بلند ڪندا آهيون. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو باخبر آهي.

  84. ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو پٽ ۽ پوٽو) عطا ڪيو. اسان سڀ جي هدايت ڪئي ۽ ان کان اڳ نوح جي (به) اسان ئي هدايت ڪئي ۽ سندس ئي (ابراهيم) جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون (سڀني جي اسان هدايت ڪئي) ۽ نيڪو ڪارن کي اسين اهڙو ئي عوض عطا ڪريون ٿا.

  85. پڻ زڪريا ۽ يحيى ۽ عيسى ۽ الياس (سڀني جي هدايت ڪئي) ۽ اهي سڀ (خدا جي) نيڪ بندن مان آهن.

  86. ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (وارن جي هدايت ڪئي سين) ۽ سڀني کي ساري جهانن تي فضيلت عطا ڪئي.

  87. ۽ (نه فقط انهن کي پر) سندن پيءُ ڏاڏن ۽ انهن جي اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به (ڪيترن ئي کي ۽ انهن کي چونڊيوسون ۽ کين سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون.

  88. (ڏسو) اها خدا جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ان سبب ڪري رستي تي آڻي پر جيڪڏهن انهن ماڻهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ڪيو (ڪرتيو) سڀ بيڪار ٿي وڃي ها.

  89. اهي (پيغمبر) اهي (انسان) هئا جن کي اسان (آسماني) ڪتاب ۽ ڪامل عقل ۽ نبوت عطا فرمائي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو ان (ڳالھ) کي به نه مڃين ته (ڪا پرواھ نه آهي) اسان ته مٿن اهڙن (انسانن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي انڪار ڪرڻ وارا (ئي) نه آهن.

  90. (اهي اڳيان پيغمبر) اهي انسان هئا. جن جي خدا هدايت ڪئي پوءِ تون به سندن هدايت جي پيروي ڪري. (اي رسول!) کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (رسالت) جو اجورو ڪجھ نٿو گهران. هي ته ساري جهان جي لاءِ سمجهاڻي آهي.

  91. انهن (يهودين) خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو، نه ڪيو ان ڪري جو انهن ماڻهن (بيهودگي سان) هي چيو ته خدا ڪنهن انسان تي ڪجھ به ڪين نازل ڪيو آهي. (اي رسول!) تون هنن کان پڇ ته (ڀلا) جيڪو ڪتاب موسى آندو هو، ڪنهن نازل ڪيو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ (سموري) هدايت ئي (هدايت) هئي، جنهن کي اوهان ماڻهن جدا جدا ڪري ڪاغذ ورق بنائي ڇڏيو ۽ ان مان ڪجھ حصو (جو توهان جي مطلب جو آهي اهو) ظاهر ڪريو ٿا ۽ ڪيترو ئي (حصو جو اوهان جي خلاف آهي) لڪايو ٿا، هوڏانهن (ان ڪتاب جي وسيلي سان) اوهان کي اهي (اهي) ڳالهيون سيکاريون ويون جن کي نه اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا بابا ڏاڏا. (اي رسول!) پڪ اهي چوندا ته. نه!) تون ئي چئين ته خدا (نازل فرمايو) پوءِ کين ڇڏي ڏيو (ڀلي جهڪ پيا مارين) ۽ پنهنجي تون تون، مان مان ۾ کيڏندا ڦرن.

  92. ۽ هي قرآن به اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان برڪت وارو نازل ڪيو آهي ۽ (ان ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جو ان کان اڳ (۾ ئي) موجود آهي پڻ ان لاءِ نازل ڪيل آهي ته جئين تون (ان جي ذريعي سان) مڪي وارن ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي (خدا جي خوف کان) ڊيچارين. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اهي ته هن تي (بنا دير جي) ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين پنهنجين نمازن جي پابندي ڪندا آهن.

  93. ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جو خدا تي ڪوڙ بدوڙ (زٽ) هڻي چئي ته اسان ڏي وحي آيو آهي، هوڏانهن هن ڏي ”وحي“ وغيره ڪجھ به نه آيو، يا اهو چوي ته جهڙو قرآن خدا نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به (هاڻي جو هاڻي) جلد نازل ڪري ٿو ڏيان. ۽ (اي رسول!) جيڪر تون ڏسين ته اهي ظالم موت جي سخم پيا آهن ۽ فرشتا هنن ڏي (ساھ ڪڍڻ لاءِ) ڪئين هٿ ڊگهيري رهيا آهن (۽ چوندا وڃن ٿا) ته پنهنجا ساھ ڪڍو. اڄ ئي اوهان کي خواريءَ جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ڇو ته توهين خدا تي اجايو (بيجا) ڪوڙ ٻڌندا هئا. پڻ سندس آيتون (ٻڌي انهن کان آڪڙيا هئا.

  94. ۽ نيٺ اوهين اسان ڏي اڪيلا آيو (نه؟) جهڙي طرح اسان اوهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪو (مال ۽ اولاد) اسان اوهان کي ڏنو هو. سو سڀ پنهنجي پويان ڇڏي آيو! ۽ اوهان سان گڏ اوهان جي سفارش ڪرڻ وارن کي نٿا ڏسو! جن کي اوهين اسان سان گڏ (پرورش وغيره) ۽ ساٿي سمجهندا هئا. هاڻي ته توهان جا هڪ ٻئي ۾ تعلقات ٽٽي ويا ۽ جيڪي اوهين گمان ڪندا هوءُ سي سڀ اوهان کان گم ٿي ويا.

  95. خدا ئي ته ککڙين ۽ داڻن کي ڦٽائي (وڻ ۽ سلا) ڪري ٿو. اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهو ئي مئل جيئري مان ڪڍي ٿو اهو ئي اوهان (ماڻهن) جو خدا آهي پوءِ ڪئين اوهين ابتا وڃو ٿا؟

  96. اهو ئي پرھ کي ڦٽائيندڙ ۽ انهيءَ آرام لاءِ رات کي ۽ حساب لاءِ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا. اهي زبردست خدا ۽ دانا جا مقرر ڪيل (اصول) آهن.

  97. ۽ هو اهو خدا آهي جنهن توهان جي (فائدي لاءِ ستارا بنايا ته جئين اوهين جهنگلن ۽ دريائن جي اونداهين ۾ رستو لهو، جيڪي ماڻهو ڄاڻ وارا آهن، تن لاءِ اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون خوب کولي بيان ڪيون آهن.

  98. ۽ هو اهو خدا آهي جنهن اوهان ماڻهن کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو پوءِ (هر شخص کي) قرار جي جاءِ (پيءُ جو پٺ) ۽ امانت رکڻ جي جڳھ (ماءُ جو پيٽ) مقرر ڪيل آهي. اسان سمجھ وارن لاءِ (پنهنجي قدرت جون) نشانيون نهايت تفصيل سان بيان ڪيون آهن.

  99. ۽ هو اهو (قدر ۽ يگانو) آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان سڀ ڪنهن شي جا اوپڙ ڪڍيا پوءِ اسان ئي سايون ٽاريون ڪڍيون جنهن مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (سنگ) ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڇپڙين مان لڙڪيل گوشا (پيدا ڪياسين) پڻ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ (شڪل ۽ مزي ۾) جدا جدا آهن. جڏهن اهي ڦٽن ۽ پچن ته سندس ڦر ڏي، چتائي ڏسو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ايماندار انسانن جي لاءِ (خدا جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  100. ۽ انهن (ڪم بخت ماڻهن) جنن کي خدا جو شريڪ بنايو. هوڏانهن جنن کي به (ته) خدائي پيدا ڪيو، تنهن هوندي به هنن ماڻهن سواءِ سوچ سمجھ جي خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون گهڙيون اٿن. جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (سندس شان ۾) ٻڌائين ٿا تن کان اهو پاڪ صاف ۽ اعلى آهي.

  101. آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، کيس اولاد ڪئين ٿيندو جڏهن ته ان کي زال ئي نه آهي. ۽ هن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. ۽ اهو ئي هر ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي.

  102. (انسانو!) اهو ئي الله اوهان جو پالڻهار آهي، جنهن کانسواءِ بيو ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي. اهو هر شي جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ته (پوءِ) ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو ئي هرشي جو نگهبان آهي.

  103. ان کي اکيون ڏسي نٿيون سگهن. (نه دنيا م نه آخرت ۾) ۽ اهو (اوهان جي) اکين کي چڱي طرح ڏسي ٿو. ۽ اهو وڏو باريڪ بين ۽ خبردار آهي.

  104. اوهان وٽ ته سمجهائڻ واريون شيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جيڪو ڏسي (سمجهي ته) پاڻ لاءِ ۽ جيڪو (ڏسي وائسي) انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ ۽ (اي رسول کين چئو ته) مان اوهان تي نگهبان نه آهيان.

  105. ۽ اهڙي طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا، هن لاءِ ته (حجت تمام ٿئي) پڻ هن لاءِ ته اهي ماڻهو زباني به اقرار ڪن ته تو قرآن (سندن سامهون پڙهيو ۽ هن لاءِ ته جي ماڻهو ڄاڻندڙ آهن انهن لاءِ (قرآن کي) چڱي طرح کولي بيان ڪريون.

  106. ۽ جيڪي تنهنجي پالڻهار طرفان تو ڏي وحي ڪئي وڃي بس! انهيءَ تي هل! خدا کانسواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ ڪر!

  107. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي ڪين ٿا. ۽ اسان تو کي انهن ماڻهن جو نگهبان ته ڪين ڪيو آهي ۽ نه تون هنن جو ذمه دار ئي آهين.

  108. ۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا. (۽ ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن سبب) اهڙي طرح (پابند ٿيا جو ڄڻ ته) کيس اسان هر ٽولي کي (سندن) عمل (سينگاري) سنواري سٺا ڪري ڏيکاريا آهن. پوءِ کين (نيٺ ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن جو ڪجھ دنيا ۾ ڪندا هئا کيس ٻڌائيندو.

  109. ۽ انهن ماڻهن خدا جا ڏاڍا سخت قسم کنيا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو معجزو اچي ته اهي ضرور ان تي ايمان آڻيندا (اي رسول!) کين چئو ته معجزا ته فقط الله وٽ ئي آهن پر اوهان کي ڪهڙي خبر! اها پڪ آهي ته جيڪڏهن معجزو به ايندو تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا.

  110. ۽ اسين سندن دليون ۽ انهن جون اکيون ڦيرائي ڇڏينداسون جئين انهن ماڻهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ جي حالت ۾عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون ته ڀٽڪندا رهن.

  111. ۽ (اي رسول! سچي ڳالھ ته هيءَ آهي جو) اسين جيڪڏهن انهن تي فرشتا به نازل ڪريون ها ۽ سڀ (لڪل) شيون (جئين جنت دوزخ ۽ ٻيون) ٽولا ٽولا سندن اڳيان بيهاريون تڏهن به اهي ايمان نه آڻين ها پر جڏهن خدا گهري، هنن مان گهڻا نٿا سمجهن.

  112. ۽ (اي رسول! جئين اهي ڪافر تنهنجا دشمن آهن) تئين (ڄڻ ته) اسان (پاڻ آزمائڻ لاءِ) شرير ماڻهن ۽ جنن کي هر نبي جو دشمن بنايو آهي ماڻهو هڪ ٻئي کي فريب ڏيڻ جي ارادي سان ڳالهيون ٺاهي جوڙي سس پس ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ته اهي ماڻهو اهڙي حرڪت نه ڪري سگهن (پوءِ) کين ۽ سندن زٽن کي ڇڏي ڏي.

  113. ۽ (اهي سس پس ان ڪري هيون) ته جئين جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جي دل سندن (شرارت) ڏي مائل ٿي وڃي ۽ انهن (ڳالهين) کي پسند ڪن ته جئين جي جي ڪوڙ اهي خود ڪن ٿا سي اهي به ڪرڻ لڳن.

  114. ڇا (اوهين اهو چاهيو ٿا ته) آءُ خدا کي ڇڏي ڪنهن ٻي ٽياڪڙ کي ڳوليان هوڏانهن اهو خدا جنهن اوهان ڏي کولي بيان ڪيل ڪتاب نازل ڪيو. ۽ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي اهي خاطري سان سمجهن ٿا. هي (قرآن به) تنهنجي پروردگار جي طرف کان برحق نازل ڪيو ويو آهي ته (متان) تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.

  115. ۽ سچائي ۽ انصاف ۾ ته تنهنجي پروردگار جي ڳالھ پوري ٿي وئي. ڪو به سندس ڳالهين کي بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  116. ۽ (اي رسول!) دنيا ۾ ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جو جيڪڏهن تون سندن چوڻ تي هلين ته تو کي خدائي راھ کان ٿيڙي ڇڏين. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل سٽڪل ڳالهيون ڪندا رهندا آهن.

  117. (تون ڇا ڄاڻين!) جي ماڻهو سندس راھ کان ڦريل آهن تن کي (ته) خدا ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اهو هدايت يافته ماڻهن کان وڌيڪ واقف آهي.

  118. ته پوءِ جيڪڏهن اوهين سندس آيتن تي ايمان رکوٿا ته جنهن ڪٺل تي (ڪهڻ وقت) خدا جو نالو ورتو ويو هجي ان کي ئي کائو.

  119. ۽ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جنهن تي خدا جو نالو ورتي ويو هجي تنهن مان نٿا کائو؟ هوڏانهن جيڪي شيون اوهان تي هن حرام ڪيون آهن اهي اوهان سان کولي بيان ڪيل آهن. پر (هاءُ) جڏهن اوهين لاچار هجو ته (حرام به کائي سگهو ٿا) ۽ ڪيترائي (اجايو) پنهنجي نفساني خواهشن سان، سواءِ سمجهڻ جي (ماڻهن کي) ڦيرائي ڇڏين ٿا. ۽ تنهنجو پروردگار ته حق کان ڦري وڃڻ وارن کان چڱي طرح واقف آهي.

  120. (اي انسانو!) ظاهري ۽ ڳجهن گناهن (ٻنهين) کي بلڪل ڇڏي ڏيو جيڪي ماڻهو گناھ ڪن ٿا تن کي سندن ڪرتوتن جو جلد بدلو ڏنو ويندو.

  121. ۽ جنهن (ڪٺل جانور) تي خدا جو نالو نه ورتو ويو هجي ان مان نه کائو (ڇو ته) بيشڪ شيطان پنهنجن دوستن جي دلين ۾ (هن لاءِ) غلط خيال وجهن ٿا ته اهي اوهان سان جهڳڙو ڪن ۽ جيڪڏهن توهين سندن چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته) اوهين به بيشڪ مشرڪ آهيو.

  122. ڀلا جو شخص اڳ ۾ مئل هو پوءِ اسان کيس جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ گهمي ڦري ٿو، ان شخص جهڙو ٿي سگهي ٿو! جنهن جي اها حالت هجي (جيڪو چوڌاري) اونداهين ۾ ڦاٿل هجي جو ان مان ڪنهن طرح نڪري نٿو سگهي (جئين مومنن لاءِ ايمان سينگاريل آهي) تئين ڪافرن جي لاءِ سندن (ڪڌا) ڪرتوت سينگاريا ويا آهن. (جيڪي کين ڏاڍا سٺا نظر اچن ٿا).

  123. ۽ (جئين مڪي ۾ آهي، تئين اسان هر ڳوٺ ۾ اتي جي ڏوهاري کي اتي جا سردار ڪيا، هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون) رڳو اهي پنهنجي حق ۾ ڪن ٿا پر نٿا سمجهن.

  124. ۽ جڏهن انهن وٽ ڪا نشاني (نبي جي شاهدي لاءِ) اچي ٿي ته چون ٿا ته اسين تيستائين ڪڏهين به نه مڃينداسون جيستائين خدا جي رسولن کي جيڪي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو اسان کي نه ڏنو وڃي ۽ خدا جتي (جنهن دل ۾) پنهنجي پيغمبري قرار ڏئي ٿو (تنهنجي قابليت ۽ صلاحيت) کي چڱو ڄاڻي ٿو. جيڪي ماڻهو (ان ڏوھ جا) ڏوهاري آهن انهن کي جلد ئي سندن مڪاري جي سزا ۾ خدا وٽان وڏي خواري ۽ سخت عذاب ٿيندو.

  125. پوءِ جنهن شخص کي خدا سڌو رستو ڏيکارڻ چاهي ٿو تنهن جي سيني کي اسلام جي (دولت) جي لاءِ (صاف ۽) ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي گمراهيءَ جي حالت ۾ ڇڏڻ چاهي ٿو ته ان جي سيني کي ٽيڙهو ڪري ڇڏي ٿو. (پوءِ ڄڻ ته اسلام قبول ڪرڻ) هن لاءِ آسمانن تي چڙهڻ آهي. جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين خدا مٿن بڇڙائي کي مسلط ڪري ڇڏي ٿو.

  126. ۽ (اي رسول!) هي (اسلام) تنهنجي پرودگار جو (بنايل) سڌو رستو آهي. سبق حاصل ڪرڻ وارن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن.

  127. انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ امن ۽ آرام جو گهر (بهشت) آهي ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪم انهن ڪيا تن جي بدلي خدا سندن سرپرست ٿيندو.

  128. ۽ (اي رسول! کين اهو ڏينهن ياد ڏيار) جنهن ڏينهن خدا سڀني کي گڏ ڪندو (۽ شيطانن کي فرمائيندو) اي جنات جي جماعت! توهان ته ڪيترن ئي آدمين کي ٿيڙهي برغلائي پنهنجو وڏو ٽولو بنايو ۽ ماڻهن مان جي شخص (انهن شيطانن جا دنيا ۾) دوست هئا چوندا اي اسان جا پالڻهار! (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي مان فائدو حاصل ڪيو ۽ پنهنجن ڪرتوتن جي سزا لاءِ) جو وقت تو اسان جي لاءِ مقرر ڪيو هو هاڻي اسان هن وقت (قيامت ۾) پهتاسين، خدا (سندن جواب ۾) فرمائيندو. توهان سڀني جي جاءِ جهنم آهي ۽ ان ۾ هميشه رهندو! پر جنهن کي خدا گهري (ته نجات ڏئي) بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت وارو واقفڪار آهي.

  129. ۽ اهڙي طرح اسان ڪن ظالمن کي ڪن جو سندن ڪرتوتن سبب سرپرست بنائينداسون.

  130. (پوءِ اسين پڇنداسين) ته اي جن ۽ انسانو! توهان وٽ، توهان مان پيغمبر نه آيا هئا، ڇا! جيڪي اوهان کي منهنجيون آيتون ٻڌائين ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان ڊيڄارين. اهي سڀ عرض ڪندا ته (بيشڪ آيا هئا)، اسان پنهنجو پاڻ تي پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا، (سچ ته) دنيا جي (فاني) حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ رکيو. ۽ هنن پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏني ته اهي سڀئي ڪافر هئا.

  131. ۽ (هي پيغمبرن جو موڪلڻ فقط) هن لاءِ آهي ته تنهنجو پروردگار ڪڏهن به ڳوٺن کي ظلم زبردستي سان اتاهون جي رهندڙن کي غفلت جي حالت ۾ هلاڪ نٿو ڪري.

  132. ۽ جنهن جهڙو به (ڀلو برو ڪم) ڪيو آهي انهيءَ مطابق هر هڪ جا درجا آهن. ۽ جيڪي ڪجھ اهي ڪن ٿا تنهنجو پروردگار ان کان بي خبر نه آهي.

  133. ۽ تنهنجو پروردگار بي پرواھ رحم وارو آهي. جيڪڏهن گهري ته توهان سڀني کي (دنيا مان اڏائي) کڻي وڃي ۽ اوهان کان پوءِ جنهن کي گهري ته توهان جي جاءِ تي مقرر ڪري جئين نيٺ، اوهان کي ٻين ماڻهن جي اولاد مان پيدا ڪيوسون.

  134. جنهن ڳالھ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو ضرور (هڪ نه هڪ ڏينهن) اچڻ وارو آهي ۽ اوهين ان جي آڻڻ ۾ خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو.

  135. (اي رسول!) تون کين چئو ته اي منهنجي قوم اوهين پاڻ جو چاهيو سو ڪريو آءُ (به پاڻ) عمل ڪري رهيو آهيان. پوءِ (جلد ئي اوهان کي) معلوم ٿي ويندو ته آخرت جو گهر (بهشت) ڪنهن جي لاءِ آهي؟ (اوهان لاءِ يا اسان لاءِ) ۽ ظالم ماڻهو ته ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندا.

  136. ۽ جيڪا کيتي ۽ چوپايو مال الله پيدا ڪيو آهي تنهن مان هڪ حصو الله لاءِ مقرر ڪن ٿا پوءِ پنهنجي خيال ۾ چون ٿا هي الله جو آهي ۽ هي اسان جي شريڪن جو (يعني جن کي اسان خدا جو شريڪ بنايو آهي) پوءِ جيڪو خاص سندن شريڪن جو آهي، اهو ته خدا تائين پهچڻ جو نه آهي ۽ جيڪو حصو خدا جو آهي اهو سندن شريڪن تائين پهچي ويندو. اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه بڇڙو آهي!

  137. ۽ اهڙي طرح گهڻن ئي مشرڪن کي سندن (ٺهرايل) شريڪن سندن اولاد کي قتل ڪرڻ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي هن لاءِ ته اهي (ٺهرايل) شريڪ مشرڪن کي برباد ڪن ۽ انهن تي سندن سچي دين کي رلائي ملائي ڇڏين ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو (اهڙو ڪڌو ڪم) نه ڪن ها، ته (اي رسول!) تون کين ۽ انهن جي ڪوڙ بدوڙ کي خدا تي ڇڏي ڏي.

  138. ۽ هنن پنهنجي خيال موافق چيو ته هي چوپايو مال ۽ پوک ممنوع آهن. انهن کي ڪو به نه کائيندو ان کان سواءِ جنهن کي اسين گهرون ۽ (هي ٻيو) چوپايو مال آهي جنهن جي پٺيءَ (تي سواري ڪرڻ) حرام ڪئي وئي آهي ۽ (ٽيو) چوپايو مال آهي جنهن تي (ڪهڻ وقت) الله جو نالو نٿا پڙهن (۽ وري اهي ڪوڙ خدا تي ٿا هڻن) اهو سڀ خدا تي ڪوڙ بدوڙ آهي. خدا کين زٽن هڻن جلد ئي سزا ڏيندو.

  139. ۽ ڪافر هي به چون ٿا ته جو ڦر (ڪنهن وقت) هنن جانورن جي پيٽ ۾ آهي (جن کي) اسان بتن جي نالي ڪري ڇڏيو آهي (پوءِ جيترو پيدا ٿيو ته) فقط اسان جي مرد ماڻهن لاءِ حلال آهي پر عورتن تي حرام آهي. ۽ جيڪڏهن اهو مئل هوندو ته سڀ ان ۾ شريڪ آهيون. خدا کين جلد ئي سندن ان ڳالھ ٺاهڻ جي سزا ڏيندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو وڏو واقف ڪار آهي.

  140. بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي اولاد کي بنا سوچ سمجھ جي بيوقوفي سان ماري ڇڏيو ۽ جا روزي خدا کين ڏني هئي تنهن مان بهتان ٻڌي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيائون اهي سخت نقصان م آهن. اهي يقينن حق جي راھ کان ٿڙي ويا، هونئن به اهي هدايت پائڻ وارا به نه هئا.

  141. ۽ هو ته اهو خدا آهي جنهن ڪيئي باغ پيدا ڪيا جن ۾ جدا قسمن جا وڻ آهن ڪي انگور وانگر (ڇنن تي) چڙهيل ۽ ڪي نه چڙاهڻ وارو پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ کيتي واڙي جنهن جا ڦر (ذائقه ۾) الڳ الڳ قسمن جا آهن پڻ زيتون ۽ ڏاڙهون ڪي ته صورت، رنگ ۽ (مزي ۾) پاڻ ۾ ملندڙ ۽ (ڪي) جدا (قسمن جا) (پوءِ) جڏهن اهي ڦر پچي تيار ٿين ته انهن جا ميوا کائو ۽ سندن پٽڻ جي ڏينهن خدا جو حق (زڪوات) ڏيو پر ياد رکو! فضول خرچي نه ڪريو ڇو ته اهو (يعني خدا) اجايو خرچ ڪرڻ وارن سان ڪڏهين به الفت نٿو رکي.

  142. ۽ چوپاين مان ڪي ته بار ڍوئڻ وارا (قداور) ۽ ڪي زمين سان لڳل (ننڍي قد، بت وارا) پيدا ڪيا. خدا جيڪا روزي اوهان کي ڏني آهي ان مان کائو پر شيطان جي پيروي نه ڪريو. (ڇو ته) اهو ته پڪ اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي.

  143. (خدا نر مادي کي ملائي) اٺ (قسم) جوڙا پيدا ڪيا آهن. رڍن مان (نر ۽ مادي) ٻه. ۽ ٻڪري مان (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول! انهن ڪافرن کان) پڇو ته خدا انهن ٻنهين (رڍ ۽ ٻڪري جي) ٻنهين نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين کي يا (وري) ان ڦرن کي جيڪي انهن ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته ٿورو سوچي مون کي ٻڌايو.

  144. پڻ اٺ جا (نر ۽ مادي) ٻه ۽ ڍڳيءَ جا (نر ۽ مادي) ٻه. (اي رسول) کين چئو ته خدا انهن ٻنهين (اٺ ۽ ڍڳيءَ) جي نرن کي حرام ڪيو آهي يا ٻنهين مادين جي پيٽ ۾ کنيل آهن. ڇا! جڏهن خدا اهڙو حڪم ڏنو هو، اوهين ان وقت موجود هئا؟ پوءِ جيڪو خدا تي ڪوڙ ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ ته جئين ماڻهن کي سواءِ سمجهڻ جي گمراھ ڪري. خدا هرگز ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.

  145. (اي رسول!) کين چئو ته آءُ ته جو (قرآن) مون وٽ بطور وحي جي آيو آهي ان ۾ ڪا به شي ڪنهين کائڻ واري تي جو ان کي کائي تنهن تي) حرام ڪيل نه ٿو لهان پر اهو مردو يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت هجي ته بيشڪ اهي شيون ناپاڪ (۽ حرام) آهن. يا (اهو جانور) نافرمانيءَ (جو سبب) هجي جو (ڪهڻ وقت) خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي. پوءِ جيڪو شخص (هرطرح) بيوس هجي (۽ اهڙي حالت ۾ کائي) ته پوءِ اوهان جو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  146. ۽ اسان يهودين تي ننهن وارا سڀ جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا، پڻ ڍڳي ۽ ٻڪري ٻنهين جون چرٻيون مٿن حرام ڪري ڇڏيون هيون پر جا چربي انهن ٻنهين جي سندن پٺن يا آنڊن تي لڳل هئي يا هڏن سان مليل هجي (اها حلال هئي) اها اسان کين سرڪشيءَ جي سزا ڏني هئي ۽ ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اسين بلڪل سچا آهيون.

  147. (اي رسول!) پوءِ اهي جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون (جواب ۾) چئين ته (توڙي جو) توهان جو پروردگار وڏي رحمت وارو آهي پر سندس عذاب گنهگارن تان ٽرندو به نه آهي.

  148. جلد ئي مشرڪ چوندا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه اسين ماڻهو شرڪ ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه ڪا به شيءِ (پاڻ تي) حرام ڪيون ها. اهڙي طرح (مشرڪ ڳالهيون ٺاهي ٺاهي) جيڪي ماڻهو هنن کان اڳ ٿي گذريا آهن (نبين کي) ڪوڙو ڪندا رهيا، تان جو اسان جي سزا جو مزو چکيائون. (اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهان وٽ ڪو دليل آهي (جيڪڏهن آهي) ته اسان جي ڏيکارڻ لاءِ ان کي ڪڍو. (دليل ڇا پيش ڪندو) اوهين ماڻهو ته رڳو (پنهنجي) گمان تي هلو ٿا ۽ اوهين فقط اٽڪل تي چئو ٿا.

  149. (اي رسول!) کين چئو ته (هاڻي اوهان وٽ ڪو به دليل نه آهي) خدا تائين پهچائڻ وارو دليل فقط خدا لاءِ ئي خاص آهي پوءِ جيڪڏهن اهو (الله) گهري ها ته اوهان سڀني جي هدايت ڪري ها.

  150. (اي رسول!) کين چئو ته (چڱو) پنهنجي شاهدن کي پيش ڪريو جيڪي هيءَ شاهدي ڏين ته (اهي شيون جن کي اوهان حرام ڪيو ٿا) خدا ئي حرام ڪيون آهن پوءِ جيڪڏهن (بالفرض) اهي شاهدي ڏين به ته تون (اي رسول!) ڪڏهن به انهن سان شاهدي نه ڏجانءِ ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ ٻين کي پنهنجي پروردگار جو همسر بنائين ٿا هنن جي نفساني خواهشن تي نه هلجانءِ.

  151. (اي رسول!) کين چئو ته (بس هاڻي) اچو ته جيڪي ڳالهيون خدا توهان تي حرام ڪيون آهن اهي آءُ اوهان کي پڙهي ٻڌايان؛ (اهي) هي ته ڪنهن شي کي خدا جو شريڪ نه بنايو ۽ پيءُ ماءُ سان نيڪ سلوڪ ڪريو، پڻ مفلسي جي خوف کان پنهنجي اولاد کي نه ماري ڇڏيو (ڇو ته) انهن کي ۽ اوهان کي رزق ڏيڻ وارا ته اسين آهيون. ۽ برن ڪمن جي ويجهو به نه وڃو، خواھ اهي ظاهر هجن يا لڪل ۽ ڪنهن ساهواري کي جنهن کي قتل ڪرڻ خدا حرام ڪيو آهي نه مارجو پر (ڪنهن) حق جي بدلي. هي اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جئين توهين ماڻهو سمجهو.

  152. ۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃو پر اهڙي طريقي تي جو (سندس حق ۾) چڱو هجي ايستائين جو اهو پنهنجي جوانيءَ جي حد تائين پهچي وڃي. ۽ انصاف سان ماپ تور پوري ڪندا ڪريو. اسين ڪنهين کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪيف نٿا ڏيون. ۽ (ڪجھ به هجي پر) جڏهين به ڳالھ چئو ته انصاف سان توڙي جو ان (جنهن جي توهان خلاف چئو) اوهان جو عزيز ئي (ڇو نه) هجي ۽ خدا سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جئين اوهان سبق حاصل ڪريو.

  153. ۽ هي (به سمجهو) ته منهنجو سڌو رستو آهي. ان تي هلو ۽ ٻين رستن تي نه هلو جو اهي اوهان کي خدا جي رستي کان (ٿيڙي) الڳ الڳ ڪري ڇڏيندا. هي اهي ڳاليهون آهن جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته من پرهيزگار ٿيو.

  154. پوءِ جيڪو نيڪي ڪري، اسان ان تي پنهنجي نعمت پوري ڪرڻ لاءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان هر شي جو تفصيل (کولي بيان ڪيو هو) ۽ ماڻهن لاءِ سر کان پيرن تائين (هدايت ۽ رحمت آهي ته جئين اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جو يقين ڪن.

  155. ۽ هي ڪتاب (قرآن) جنهن کي اسان (هاڻي) نازل ڪيو آهي برڪت وارو ڪتاب آهي ته اوهين ان جي پيروي ڪريو ۽ (خدا کان) ڊڄندا رهو ته جئين اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

  156. ۽ (اي مشرڪو! هي نه چئي ويهو) ته اسان کان اڳ خدا جا ڪتاب ته بس فقط ٻن ئي جماعتن (يهودي ۽ نصارن) تي نازل ٿيل هئا، توڙي جو اسين انهن جي پڙهڻ (پڙهائڻ) کان بي خبر هئاسون.

  157. يا هئين چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسان تي (خدا جو) ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسين انهن ماڻهن کان به وڌيڪ سڌي راھ تي هجون ها. ته (ڏسو) هاڻي ته پڪ اوهان جي پالڻهار طرفان اوهان وٽ هڪ روشن دليل (خدا جو ڪتاب) ۽ هدايت ۽ رحمت اچي چڪي. ته پوءِ جو شخص خدا جي آيتن کي ڪوڙ سمجهي ۽ ان کان منهن ڦيري ان کان مٿي ظالم ڪير هوندو. جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کان منهن موڙين ٿا اسين سندن ان منهن موڙڻ جي عوض ۾ جلد ئي بڇڙي عذاب جي سزا ڏينداسون.

  158. (اي رسول!) ڇا اهي ماڻهو فقط ان ڳالھ جي انتظار ۾ آهن ته انهن وٽ فرشتا اچن يا اوهان جي پالڻهار جون ڪجھ نشانيون اچن (آخر ڪئين سمجهايو وڃي) حالانڪه جنهن ڏينهن اوهان جي پروردگار جون ڪي نشانيون اچي وينديون ته جنهن شخص شروع ۾ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پاڻ مومن هجڻ جي حالت ۾ ڪو به نيڪ ڪم نه ڪيو هوندائين ته هاڻي سندس ايمان آڻڻ کيس ڪجھ به فائدو نه ڏيندو (اي رسول!) کين چئو ته (چڱو!، ائين ئي سهي) اوهين به انتظار ڪريو اسان به پڪ انتظار ڪريون ٿا.

  159. بيشڪ جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ ڦوٽ وڌي ۽ ڪيئي فرقا بنجي ويا تنهن جو انهن سان ڪو به واسطو نه آهي. انهن جو معاملو ته فقط خدا جي حوالي آهي، پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾ نيڪ يا بد) ڪندا هئا اهو (سڀ) کين ٻڌايو ويندو.

  160. سندس رحمت ته (ڏسو) جيڪو شخص نيڪي ڪندو ته ان کي ان جو ڏهوڻو ثواب عطا ٿيندو. ۽ جيڪو ماڻهو برائي ڪندو ته کيس سزا فقط اوتري ئي ڏني ويندي ۽ اهي (ڪنهن طرح) آزاريا نه ويندا.

  161. (اي رسول! تون کين چئو ته مون کي ته منهنجي پروردگار سڌي راھ (هڪ مضبوط دين ابراهيم جي مذهب جي هدايت فرمائي آهي جيڪو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.

  162. (اي رسول!) تون (انهن ماڻهن کي چئو ته منهنجي نماز منهنجي عبادت منهنجو جئيڻ منهنجو مرڻ سڀ خدا جي واسطي ئي آهي، جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.

  163. ۽ سندس ڪو به شريڪ نه آهي ۽ مون کي اهو ئي حڪم مليل آهي ۽ آءُ سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آهيان.

  164. (اي رسول!) پڇين ته ڇا آءُ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پالڻهار ڳوليان؟ هوڏانهن اهو سڀني شين جو مالڪ آهي، ۽ جيڪو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري ٿو، تنهن جو بار سندس سر تي آهي. ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي جي گناھ جو بار نه کڻندو. پوءِ اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽي وڃڻو آهي. تڏهن توهان ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهندا هئا اهي (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو.

  165. ۽ اهو ته اهو ئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين مٿان درجا وڌايا ته جئين جيڪي (نعمت) اوهان کي ڏنل آهي ان ۾ اوهان کي آزمائي هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي ۽ هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهو وڏو بخشڻهار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found