آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

سورت مائده


ٽوٽل آيتون: 120

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي ايمان وارو! (پنهنجن) انجامن کي پاريو. (ڏسو) توهان لاءِ چوپايو مال حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ ان کان جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايو ويندو پر جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي حلال نه ڄاڻجو. بيشڪ خدا جيڪي گهري ٿو سو حڪم ڪري ٿو.

  2. اي ايمان وارو! (ڏسو) خدا جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو نه عزت واري مهيني جي ۽ نه قربانيءَ جي ۽ نه ڳچي ۾ پٽي ٻڌل جانورن جي (جن کي خدا جي نظر لاءِ نشان ڪري منى ۾ وٺي ويندا آهن) ۽ نه ڪعبي (جي طواف ۽ زيارت جو قصد ڪرڻ وارن جي، جيڪي پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي ۽ فضل (۽ ڪرم) جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ جڏهن اوهين احرام کوليو ته (ڀلي) شڪار ڪريو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني هن ڪري جو انهن اوهان کي عزت واري مسجد کان روڪيو، اوهان کان ائين هرگز نه ڪرائي جو حد کان لنگهي وڃو. (اوهان جو فرض ته هي آهي جو) ڀلائي ۽ پرهيزگاري ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو. ۽ گناھ ۽ ظلم ۾ پاڻ ۾ ڪنهين جي به مدد نه ڪريو، ۽ خدا کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) بيشڪ الله جو عذاب تمام سخت آهي.

  3. (انسانو!) اوهان کي مئل جانور ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن (جانور) تي (سير وجهڻ وقت) خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي ۽ گهٽو کائي مئل جانور ۽ ڌڪ سان ماريل جانور ۽ جو (کوھ وغيره ۾) ڪري مري ويل جانور ۽ سڱ سان مرجي ويل جانور ۽ جنهن کي ڦاڙيندڙ جانور کاڌو هجي، سواءِ ان جي جنهن کي اوهان (مرڻ کان اڳي) ذبح ڪيو هجي. ۽ جنهن (جانور) کي بتن (جي ٽڪاڻي) تي (نذر ڪري) ڪٺو ويو هجي. ۽ هي به (حرام ڪيل آهي) ته جوا جي تيرن سان پنهنجا حصا معلوم ڪريو. (مطلب ته اهي سڀ ڳاليهون اوهان تي حرام ڪيون ويون آهن) اها نافرماني آهي. (مسلمانو!) هاڻي ته ڪافر، اوهان جي دين (کان ڦري وڃڻ ڪري) نااميد ٿيا. پوءِ انهن کان نه ڊڄو (فقط مون کان ڊڄو) اڄ مون اوهان جي دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ اوهان جي (هن) دين اسلام کي پسند ڪيو. پوءِ جو شخص بک ۾ لاچار ٿئي (۽) گناھ ڏي مائل به هجي (۽ ڪا شي کائي) ته خدا بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  4. (اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته انهن لاءِ ڇا ڇا حلال ڪيو ويو آهي (کين) چئو ته اوهان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانورن مان جن کي اوهان (شڪار ڪرڻ) سيکاريو هجي ۽ (اوهين) هجو به شڪار سيکارڻ وارا) جو ڪجھ خدا توهان کي سيکاريو آهي تنهن مان ڪجھ انهن کي سيکاريو ٿا، سي جو ڪجھ اوهان لاءِ جهلن تنهن مان کائو ۽ ان (شڪاري جانور) تي (شڪار ڇڏڻ وقت) الله جو نالو پڙهندا ڪيو ۽ الله (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي.

  5. اڄ اوهان لاءِ (سڀ) سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آهن. ۽ اهل ڪتاب واريون (خشڪ شيون اناج وغيره) اوهان لاءِ (حلال آهن ۽ اوهان جو کاڌو انهن لاءِ حلال آهي ۽ پاڪ دامن مسلمان زالون ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان پاڪ دامن زالون (به اوهان لاءِ حلال آهن) جڏهن انهن کي سندن مهر ڏيو پاڪدامنيءَ جا ڳولائو ٿي، شهوتراني جو خيال ڇڏي، ۽ نه لڪي ڇپي آشنائي ڪندڙ به نه هجو. ۽ جنهن شخص ايمان کان انڪار ڪيو تنهن جي نعمت برباد ٿي. ۽ اهو آخر ۾ نقصان وارن مان آهي.

  6. اي ايمان وارو! جڏهن نماز لاءِ اٿو ته ڌوئو پنهنجا منهن ۽ پنهنجا هٿ ٺوٺن تائين ۽ پنهنجي مٿن جو ۽ ڀيڏين تائين پيرن جو مسح ڪندا ڪيو ۽ جيڪڏهن تڙ پيو هجي ته غسل ڪريو. پر جيڪڏهن بيمار هجو يا مسافري تي جو يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي يا زالن سان همبستري ڪئي هجيو ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪيو. يعني (ٻنهي هٿن کي مٽي تي هڻي ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿ جو مسح ڪيو. (ڏسو ته خدا ڪهڙي نه آساني ڪري ڇڏي آهي) خدا جي ته اها (ڪڏهن به) مرضي نه آهي ته اوهان تي ڪنهن قسم جي سختي ڪري پر هو چاهي ٿو ته اوهان کي پاڪ پاڪيزه ڪري ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ته جئين اوهين شڪر گذار ٿيو.

  7. ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ سندس انجام به جو اوهان سان ٻڌو اٿس، جڏهن اوهان چيو هو ته اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ خدا کان ڊڄو. بيشڪ خدا دلين جي ڳالھ چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.

  8. اي ايمان وارو! خدا جي خوشنودي جي لاءِ انصاف سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي ڪنهن قبيلي جي دشمني ان ڏوھ ۾ نه ڦاسائي جو اوهين ناانصافي ڪرڻ لڳو. بلڪه اوهين (هر حال ۾) انصاف ڪريو. اها ئي (ڳالھ) پرهيزگاري جي گهڻو ويجهو آهي. ۽ خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄو. ڇو ته اوهين جو ڪجھ ڪيو ٿا (چڱو يا برو ڪم) خدا تنهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  9. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا (سٺا) ڪم (به) ڪيا، خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته انهن لاءِ (آخرت ۾) ڇوٽڪارو ۽ تمام وڏو ثواب آهي.

  10. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي دوزخي آهن.

  11. اي ايمان وارو! خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن انهن کي ياد ڪريو (خاص ڪري اهي) جڏهن هڪ قبيلي اوهان سان ڏاڍ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ته خدا انهن جي هٿن کي اوهان (تائين پهچڻ) کان جهلي ڇڏيو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. ۽ مومنن کي (ته) خدا تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.

  12. ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي جو خدا بني اسرائيلين کان (به ايمان جو) عهد ۽ انجام وٺي ڇڏيو هو ۽ اسان انهن ۾ ٻارنهن سردار (مٿن) مقرر ڪيا. ۽ خدا بني اسرائل کي فرمايو هو ته آءُ ته پڪ سان اوهان سان آهيان، جيڪڏهن اوهان به پابندي سان نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندو ۽ اسان جي پيغمبرن تي ايمان آڻيندو ۽ انهن جي مدد ڪندا رهو ۽ خدا (جي خوشنوديءَ لاءِ ماڻهن کي قرض حسنه ڏيندا رهو ته آءُ به اوهان جا گناھ اوهان کان ضرور پري ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان کي بهشت جي انهن (ساون) باغن ۾ پهچائي ڏيندس جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. پوءِ ان هوندي به اوهان مان جو شخص انڪار ڪري ته بيشڪ اهو سڌي سنئين گس کان ٿڙي ويو.

  13. پوءِ اسان سندن واعدي خلافي ڪري انهن تي لعت ڪئي ۽ انهن جي دلين کي (ڄڻ ته) اسان خود سخت ڪيو جو (اسان جي) ڪلمات کي انهن جي اصلي مطلب کان ڦيري ٻين معنائن ۾ استعمال ڪن ٿا. ۽ جن جن ڳالهين جي کين نصيحت ڪيل هئي انهن مان وڏو حصو ويساري ويٺا. ۽ (اي رسول!) هاڻي هت تون انهن مان ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ هڪ نه هڪ جي خيانت tي برابر خبردار ٿيندو رهين ٿو، ته تون هنن (جي غلطين) کي معاف ڪري ڇڏ ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن کي ضرور دوست رکي ٿو.

  14. ۽ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اسين نصارى آهيون انهن کان (به) اسان (ايمان جا) انجام اقرار ورتا هئا پر جن جي ڳالهين جي کين سمجهاڻي ڏني وئي هئي انهن مان (به) هڪ وڏي حصي (محمد جي نبوت کي) وساري ڇڏيو ته اسان به (انهن جي سزا ۾) قيامت تائين انهن ۾ عداوت ۽ دشمنيءَ جو بنياد وجهي ڇڏيو ۽ خدا کين جلد ئي (قيامت جي ڏينهن) ٻڌائيندو ته ڇا ڇا ڪندا هئا.

  15. اي اهل ڪتاب! توهان وٽ اسان جو رسول (محمد) اچي چڪو آهي جيڪو (خدا جي) ڪتاب مان انهن جي ڳالهين کي، جن کي توهين لڪائيندا هئا ڪيترين کي ته کولي ٻڌائيندو ۽ ڪيترين کي (ڄاڻي واڻي) درگذر ڪندو. اوهان وٽ ته خدا جي طرف کان هڪ (چمڪندڙ) نور ۽ کليل بيان ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن به) اچي چڪو آهي.

  16. جيڪي ماڻهو خدا جي خوشنوديءَ جا پابند آهن انهن کي ته ان جي وسيلي سان نجات جي هدايت ڪري ٿو ۽ پنهنجي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهي مان ڪڍي (ايمان جي) سوجهري ۾ آڻي ٿو ۽ کين سڌي رستي تي پهچائي ڇڏي ٿو.

  17. جيڪي ماڻهو هن (ڳالھ) جا قائل آهن ته مريم جو پٽ مسيح خدا آهي، اهي پڪ ڪافر ٿي ويا (اي رسول!) انهن کان پڇو ته ڀلا جيڪڏهن خدا مريم جي پٽ مسيح ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن سڀني کي مارڻ چاهي ته ڪير اهڙو آهي جو خدا سان ڪنهين جو زور هلندو؟ (۽ جهلي سگهي؟) ۽ آسمان ۽ زمينن ۽ جو ڪجھ به انهن جي وچ ۾ آهي خدا جي حڪومت آهي. جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو. ۽ خدا ته سڀ شي تي وس وارو آهي.

  18. ۽ يهودي ۽ نصراني چون ٿا ته اسان ئي خدا جا پٽ ۽ سندس گهڻ گهريا آهيون (اي رسول!) تون چئين ته (جيڪڏهن ائين آهي ته) پوءِ اوهان کي اوهان جي گناهن جي سزا ڇو ٿو ڏي؟ (توهان جو اهو خيال بيهودو آهي) پر اوهين به سندس مخلوق مان هڪ بشر آهيو. خدا جنهن کي گهرندو ته بخشيندو ۽ جنهن کي گهرندو (ته) سزا ڏيندو. آسمان هجن يا زمين يا جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ خدا جو ئي ملڪ آهي (سڀ کي) ان ڏي موٽي هلڻو آهي.

  19. اي اهل ڪتاب! جڏهن پيغمبرن جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي تڏهن اسان جو رسول اوهان ڏي آيو جيڪو خدا جي احڪام کي کولي ٻڌائي ٿو ته جئين اوهين ائين نه چئو ته اسان ڏي نڪي ڪو به خوشخبري ڏيڻ وارو (پيغمبر) آيو نه (وري خدا ئي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آيو. هاڻي ته (ائين چئي نٿا سگهو ڇو ته) پڪ توهان وٽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) اچي ويو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي.

  20. (اي رسول کين اهو وقت ياد ڏيارو ته) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! جيڪي نعمتون خدا توهان کي ڏنيون جن مان ساري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به نه ڏنيون.

  21. اي منهنجي قوم (شام جي) ان مقدس زمين ۾ وڃو جتي اوهان جي تقدير ۾ (حڪومت) لکي ڇڏي آهي ۽ (دشمن جي مقابلي ۾) پٺي نه ڪريو (ڇو ته) ان ۾ ته اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو.

  22. هنن چيس ته اي موسى ان ملڪ ۾ ته وڏا زبردست (پهلوان) ماڻهو ٿا رهن! ۽ اسين ان ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿينداسون جيستائين اهي ان مان نڪري (نه) وڃن، ها! جيڪڏهن اهي ماڻهو اتان نڪرن ته پوءِ اسين بيشڪ داخل ٿينداسون.

  23. (پر) ٻه شخص (يوشع ۽ ڪالب) جيڪي (خدا جو) خوف رکندا هئا (۽) جن تي الله پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪيو هو، اهي بي دڙڪ چوڻ لڳا ته (اڙي) انهن تي حملو ڪري (بيت المقدس) جي ڦاٽڪ ۾ گهڙي پئو. پوءِ (ڏسو ته اهي اهڙا ڊڄڻا آهن جو) هيڏانهن اوهين در مان لنگهيا ته (اهي سڀ پيرن تي زور ڏئي ڪئين ٿا ڀڄن ۽) اوهان جي فتح ٿي ويندي. ۽ جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته پوءِ خدا تي ڀروسو رکو.

  24. اهي چوڻ لڳا، اي موسى! (چاهي ڪجھ به هجي) جيستائين اهي ماڻهو اتي آهن. اسين ته اوڏانهن ڪڏهن پير به نه رکنداسون، ها! تون ۽ تنهنجو خدا (وڃو) ۽ اوهان ٻئي وڃي وڙهو، اسين ته هتي ئي کتا ويٺا آهيون.

  25. (تڏهن موسى عرض ڪيو، خداوندا! تون سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو ته منهنجي سر ۽ منهنجي ڀاءُ کانسواءِ ڪنهين تي اختيار نه آهي. پوءِ اسان جي هنن نافرمان ماڻهن جي وچ ۾ جدائي وجھ. (ڇو ته اسان ۽ هنن ۾ ساٿ ٿي نه سگهندو)

  26. خدا فرمايو (چڱو) ته هنن جي سزا هيءَ آهي ته کين چاليھ سال تائين حڪومت نصيب نه ٿيندي. ۽ (ايتري عرصي تائين) اهي ماڻهو (مصر جي) جهنگل ۾ حيران پريشان ڦرندا رهندا ته پوءِ انهن ماڻهن تي افسوس نه ڪج.

  27. (اي رسول!) تون انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن (هابيل ۽ قابيل) جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. ته جڏهن انهن ٻنهين خدا جي نالي تي نياز ڪيو، ته هنن مان هڪ (هابيل) جو (نذر ته) قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي (قابيل) جو قبول نه ڪيو ويو. (ته ساڙ کان هابيل کي چوڻ لڳو ته آءُ تو کي ضرور ماري ڇڏيندس. هن چيس ته (ادا، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي) خدا ته فقط پرهيزگارن جو نذر قبول ڪندو آهي.

  28. جيڪڏهن تون منهنجي قتل ڪرڻ جي ارادي سان مون تي وار ڪندين (ته خير هٿ وڌاءِ پر) تنهنجي مارڻ جي ارادي سان تو ڏانهن هٿ ڊگهو نه ڪندس. (ڇو ته) آءُ ان خدا کان جيڪو ساري جهان جو پاليندڙ آهي بلڪل ڊڄان ٿو.

  29. آءُ ته يقينا اهو گهران ٿو ته منهنجا گناھ ۽ تنهنجا گناھ سڀ تنهنجي سر تي ٿين ته (تون چڱي طرح) دوزخي ٿئين ۽ ظالم جي سزا به اها ئي آهي.

  30. پوءِ سندس نفس کيس سندس ڀاءُ جي قتل ڪرڻ تي ڀڙڪايو آخر هن (بدبخت) کيس ماري ڇڏيو ته نقصان وارن مان ٿيو.

  31. (تڏهن کيس ڳڻتي ٿي ته هاڻي لاش کي ڪيڏانهن ڪريان) ته خدا هڪ ڪانءَ کي موڪليو جنهن زمين ۾ کڏ کوٽي هن لاءِ ته کيس ڏيکاري ته هو ڪئين پنهنجي ڀاءُ جي لاش لڪائي (اهو ڏسي) چوڻ لڳو ته مون کي پاڻ تي افسوس آهي. ڇا مون کان ايترو به نه ٿيو جو هن ڪانءَ جهڙو ٿيان. پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي لڪايائين مطلب ته پوءِ (هن پنهنجي حرڪت تي) ڏاڍو پڇتايو.

  32. ان لاءِ ته اسين بني اسرائيلين تي فرض ڪيو هو ته جو شخص ڪنهن کي نه جان جي بدلي ۾ نه ملڪ ۾ فساد پيدا ڪرڻ جي سزا ۾ (بلڪه ناحق) قتل ڪندو ته ڄڻ هن سڀني ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. ۽ جنهن هڪ ماڻهو کي جياريو (بچايو) ... ۽ انهن (بني اسرائيلين) ڏي ته اسان جا رسول (ڪهڙا ڪهڙا نه) ظاهر معجزا کڻي آيا. (پر) ان هوندي به يقينن هنن مان ڪيترائي زمين ۾ زيادتيون ڪندا رهيا.

  33. جيڪي شخص خدا ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ حڪمن کي نٿا مڃين ۽ فساد ڦهلائڻ جي ارادي سان هيڏانهنن (هوڏانهن) ملڪن ۾ ڊوڙندا وتن ٿا، انهن جي سزا ته بس اها ئي آهي جو (کين ڳولي ڳولي) يا ته ماري ڇڏجي يا هنن کي سوريءَ چاڙهيو وڃي. يا سندن هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيا وڃن، يا (وري) کين (پنهنجي وطن جي) سرزمين مان نيڪالي ڏني وڃي، اها سندن خواري ته (فقط) دنيا ۾ ٿي ۽ وري آخرت ۾ ته انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.

  34. پر هاءُ! جن اوهان جي قابوءَ ۾ اچڻ کان اڳ توبه ڪئي ته (هنن جا گناھ معاف ڪيا ويندا ڇو جو) ڄاڻو ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  35. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ۽ سندس (قرب حاصل ڪرڻ لاءِ) وسيلي (ذريعي) جي ڳولا ۾ رهو ۽ سندس راھ ۾ جهاد ڪيو ته جئين اوهين ڪامياب ٿيو.

  36. بيشڪ جن ڪفر (احڪام خدا جو انڪار) ڪيو، تن وٽ جيڪڏهن اهو سڀ، جيڪي زمين ۾ (مال خزانو) آهي، سو ۽ ان سان گڏ ٻيو به اوترو (مال) ساڻ هجين ته اهي پاڻ کي قيامت جي ڏينهن عذاب کان بچائڻ لاءِ اهو عوض ڏين ته به اهو هنن کان قبول نه ڪيو ويندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  37. اهي ماڻهو چاهيندا آهن ته ڪنهن طرح دوزخ جي باھ مان نڪري ڀڄي وڃون. پر اتان اهي ڪٿي ٿا نڪري سگهن ۽ انهن لاءِ ته دائمي (هميشه هلندڙ) عذاب آهي.

  38. ۽ چور چاهي مرد هجي يا عورت اوهين سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ هنن جو (سڄو) هٿ وڍي ڇڏيو. اها (انهن جي سزا) خدا جي طرف کان آهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي.

  39. ها! جيڪو پنهنجي گناھ کان پوءِ توبھ ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ته بيشڪ خدا به سندس توبھ قبول ٿو ڪري. ڇو ته خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  40. (اي شخص) ڇا تو نه ڄاتو؟ ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي الله جي آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي چاهي ته معاف ڪري ۽ خدا ته هر ڳالھ تي قادر آهي.

  41. اي رسول جيڪي ماڻهو ڪفر ۾ ڪاهي پون ٿا. تن جو غم نه ڪر. انهن مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جيڪي وات سان (سولائي) چون ٿا ته اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون بي ايمان آهن ۽ ڪي يهودي اهڙا (به) آهن جيڪي (جاسوسي جي سنت سان) ڪوڙيون ڳالهيون ڏاڍو (مزو سان) ٻڌندا آهن ته جئين ڪافرن جي ٻي جماعت کي جيڪي (اڃا تائين) اوهان وٽ نه آيا آهن ٻڌائن. اهي ماڻهو (توريت جي) لفظن کي چڱي طرح معنى (سمجهڻ کان) پوءِ به بدلائين ٿا. ۽ (وري ماڻهن کي) چون ٿا ته (اهو توريت جو حڪم آهي) جيڪڏهن (محمد جي طرف کان به) اوهان کي اهڙو حڪم ملي ان کي ته مڃجو پر جيڪڏهن اهو حڪم اوهان کي نه ڏنو وڃي ته ان کان الڳ رهجو. ۽ (اي رسول) جنهن کي خدا عذاب ڏيڻ ٿو گهري ته ان لاءِ خدا وٽ تنهنجو زور هلي نٿو سگهي. هي ماڻهو ته اهي آهن جن جي دلين کي خدا (گناهن کان) پاڪ ڪرڻ جو ارادو ئي نه ڪيو (بلڪه) هنن لاءِ ته دنيا ۾ به خواري آهي ۽ آخرت ۾ به انهن لاءِ تمام (ڳئورو) عذاب ٿيندو.

  42. اهي (بدبخت) ڪوڙين ڳالهين کي وڏي (شوق سان) ٻڌڻ وارا ۽ وڏا حرام خور آهن. ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو تو وٽ (ڪو به معاملو کڻي) اچن ته (تو کي اختيار آهي ته) چاهي انهن ۾ فيصلو ڪريو يا انهن کان الڳ رهو ۽ جيڪڏهن تون هنن کان پاسو ڪندين ته (ڪجھ خيال نه ڪر) اهي ماڻهو اوهان جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نٿا سگهن. پر جيڪڏهن انهن ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان ڪريو، ڇو ته خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.

  43. ۽ جڏهن خود انهن وٽ توريت آهي ۽ ان ۾ خدا جو حڪم (موجود) آهي ته پوءِ تو وٽ فيصلي ڪرائڻ لاءِ ڇو ٿا اچن ۽ (مزي جي ڳالھ ته) تنهن کان پوءِ وري (تنهنجي حڪم کان) ڦري وڃن ٿا ۽ (سچي ڳالھ ته) اهي ماڻهو ايماندار ئي نه آهن.

  44. بيشڪ اسان توريت نازل ڪيو جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ) هدايت ۽ نور (ايمان) آهي انهيءَ وانگر خدا جا فرمانبردار بندا (بني اسرائيل جا) نبي يهودين کي حڪم ڏيندا رهيا ۽ خدا وارا ۽ (يهودين جا) عالم به خدا جي ڪتاب مان (حڪم ڏيندا رهيا) جنهن جا اهي محافظ بڻايا ويا ۽ اهي ان جا عالم به هئا. پوءِ (اي مسلمانو!) اوهين ماڻهن کان (ذرو به) نه ڊڄو (پر) مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن جي عوض (دنيا جو مال ۽ ذر در اصل تمام ٿوري قيمت آهي) نه وٺو ۽ (ياد رکو ته) جو شخص خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) وانگر حڪم نه ڏئي ته اهڙا ماڻهو ڪافر آهن.

  45. اسان (توريت) ۾ انهن (يهودين) تي هي (حڪم) فرض ڪري ڇڏيو هو ته ماڻهوءَ جو بدلو ماڻهو ۽ اک جو بدلو اک ۽ نڪ جو بدلو نڪ ۽ ڪن جو بدلو ڪن ۽ ڏند جو بدلو ڏند ۽ زخمن م هڪجهڙائيءَ جو خيال رکڻو آهي، پوءِ جيڪو (مظلوم، ظالم جي) خطا معاف ڪري ته اهو سندس گناهن جو ڪفارو ٿي ويندو. ۽ جيڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڪري ته اهڙا ماڻهو ظالم آهن.

  46. ۽ اسان انهن (فرمانبردار نبين) جي نموني تي (انهن جي پٺيان مريم جي پٽ عيسى کي موڪيلو جو تورات کي جو سندس اڳيان هو، سچو چوندڙ هو ۽ ان کي انجيل (به) عطا ڪيوسون جنهن ۾ (ماڻهن لاءِ هر قسم جي) هدايت ڪئي ۽ نور (ايمان ۽ اهو هن ڪتاب توريت جو جيڪو انجيل جي نازل ٿيڻ کان (اڳ ۾ ئي) موجود هو، تصديق ڪرڻ وارو ۽ پرهيزگارن جي هدايت ۾ نصيحت هو.

  47. ۽ جيڪي الله ان ۾ نازل ڪيو آهي تنهن موجب انجيل وارن کي حڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي ماڻهو حڪم نه ڪندا، سي ئي بدڪار آهن.

  48. ۽ (اي رسول!) اسان تو ڏي به برحق ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان کان اڳ (نازل ٿيو) آهي تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان (به) آهي. پوءِ جيڪي الله تو تي نازل ڪيو ۽ جيڪو حق تو وٽ آيو آهي تنهن کي ڇڏي سندن خواهش تي نه هل. ۽ اسان اوهان (نبين) مان هر هڪ لاءِ (وقت وقت جي لحاظ مطابق) هڪ هڪ شريعت ۽ خاص (خاص) طريقا مقرر ڪيا. پر جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي هڪ ئي (شريعت جي) امت بڻائي ها. مگر (جدا جدا شريعتن ڪرڻ مان) خدا جي مرضي هي هئي ته جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ اوهان کي آزمائي. پوءِ چڱاين ڏي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) توهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. پوءِ جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تن جي اوهان کي خبر ڏيندو.

  49. ۽ (اي رسول! اسين وري چئون ٿا ته) جيڪي حڪم خدا نازل ڪيا آهن تون انهن موجب فيصلا ڪر. ۽ سندن اجائي نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪر بلڪه ان (ڳالھ) کان پاسو ڪر (ائين نه ٿئي جو) جيڪو حڪم خدا تو تي نازل ڪيو آهي ان کان اهي ماڻهو تو کي ڦيرائي نه ڇڏين. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تنهنجي حڪم کان منهن موڙين ته ياد رک (ڄڻ) ته خدا جي اها ئي مرضي آهي ته سندن ڪن گناهن سبب کين مصيبت ۾ وجهڻ گهري ٿو. ۽ ان ۾ شڪ نه آهي جو ڪيترائي ماڻهو بد چال آهن.

  50. ڇا، هي ماڻهو جاهليت جي زماني واري حڪم جي (تو کان به) تمنا رکن ٿا؟ حالانڪه يقين ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ حڪم ۾ خدا کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪير هوندو.

  51. اي ايمان وارو! يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو (ڇو ته) اهي ماڻهو اوهان جا مخالف آهن پر پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن. ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جنهن به انهن کي سرپرست بڻايو ته پوءِ اهو به انهن مان ئي ليکبو. بيشڪ خدا ظالمن کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري.

  52. ته (اي رسول!) جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي تون هنن کي ڏسندين ته اهي ڊوڙي وڃي انهن ۾ ملن ٿا (۽ تو کي وري انهي جو سبب هي) ٻڌائن ٿا ته اسين ڊڄون ٿا ته (متان ائين نه ٿئي جو انهن سان نه ملڻ ڪري) زماني جي گردش ۾ نه اچي وڃن. ته جلد ئي خدا (مسلمانن جي) فتح يا ٻي ڪا ڳالھ پنهنجي طرفان ظاهر ڪندو، ڪڏهن اهي ماڻهو ان بدگماني تي جا پنهنجي دلين ۾ لڪائن ٿا پشيمان ٿيندا.

  53. ۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اهي آهن جن پنهنجا پڪي ۾ پڪا قسم کنيا هئا ته اسين اوهان سان آهيون. (اڄ ان منافقي جي ڪري) سندن عمل برباد ٿيا ۽ سخت گهاٽي ۾ اچي ويا.

  54. اي ايمان وارو! توهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو ته (ڪا پرواھ نه آهي ڀلي ڦري) جلدي ئي خدا اهڙن ماڻهن کي ظاهر ڪندو جن کي خدا دوست رکندو هوندو ۽ اهي ان کي دوست رکندا هوندا. ايمان وارن اڳيان نرم دل ۽ ڪافرن تي سخت، خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو خدا جو فضل ۽ ڪرم آهي اهو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ الله (ڏيڻ ۾) ڪشادو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  55. (اي ايمان وارو! اوهان جا مالڪ سرپرست بس اهي ئي آهن، خدا ۽ سندس رسول ۽ مومن جيڪي پابندي سان نماز ادا ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪوات ڏين ٿا.

  56. ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول ۽ (انهن) ايمان وارن کي پنهنجو سرپرست بنايو ته (خدا جي لشڪر ۾ اچي ويو ۽) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته خدا جو لشڪر ئي غالب آهي.

  57. اي ايمان وارو! جن ماڻهن (يهودي ۽ نصارن) کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنا ويا آهن تن مان جن ماڻهن اوهان جي دين کي مسخري ۽ راند بڻايو تن کي ۽ ٻين ڪافرن کي پنهنجو سرپرست نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان سچا ايماندار آهيو ته بس خدا کان ئي ڊڄندا رهو.

  58. ۽ (هن جي شرارت ايستائين پهتي آهي جو) جڏهن اوهان (آذان ڏئي) نماز لاءِ (ماڻهن کي) سڏيو ٿا ته اهي نماز کي کيل بڻائين ٿا. اهو ان لاءِ ته (اهي ماڻهو بلڪل بي عقل آهن ۽) ڪجھ نه ٿا ڄاڻن.

  59. (اي رسول! اهل ڪتاب کي) چئو ته آخر اوهين اسان ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪهڙو عيب لائي سگهو ٿا ته اسان خدا تي ۽ جو (ڪتاب) اسان ڏي موڪليو ويو آهي ۽ جيڪي اسان کان اڳ موڪليو ويو ايمان آندو آهي. ۽ اوهان مان گهڻا نافرمان آهن.

  60. (اي رسول) تون چئين ته آءُ اوهان کي خدا وٽ سزا ۾ ان کان بڇڙو عيب ٻڌايان؟ (چڱو ته ٻڌو) جنهن تي خدا لعنت ڪئي هجي ۽ مٿس ڪاوڙيو هجي ۽ انهن مان ڪن کي (مسخ ڪري) ڀولڙا ۽ (ڪن کي) سوئر ڪيو هجي ۽ هن (خدا کي ڇڏي) شيطان جي پوڄا پرستش ڪئي هجي. پوءِ اهي ماڻهو درجي ۾ گهڻو بدتر ۽ سڌي راھ کان ٽڙي سڀ کان وڌيڪ پري وڃي ڪريا آهن.

  61. ۽ (مسلمانو!) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا. چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي حالانڪه انهن پاڻ سان ڪفر کي ئي ساڻ ڪري آيا هئا ۽ وري نڪتا به ته ساڻ هون. ۽ جا (منافقي) لڪايل هين خدا ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  62. (اي رسول!) تون انهن مان ڪيترن کي ئي ڏسندين ته گناھ ۽ سرڪشي ۽ حرام خوري ڏي ڪاهي پون ٿا. جيڪي ڪم هي ڪن ٿا سو ڏاڍو بڇڙو آهي.

  63. الله وارا ۽ عالم انهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ حرام خوريءَ کان ڇو ڪين ٿا روڪين. جو (درگذر) اهي ماڻهو ڪندا رهيا اهو تمام برو آهي.

  64. ۽ يهودي چون ٿا ته الله جو هٿ ٻڌل (بخيل) آهي انهن جا هٿ ٻڌل هجن ۽ سندن (ان) چوڻ تي خدا جي لعنت ڀلا خدا جو هٿ ڇو ٻڌجڻ لڳو) پر سندس ٻئي هٿ کليل (ڪشادا) آهن، جئين گهري ٿو تئين خرچ ڪري ٿو. ۽ جو (ڪتاب) تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد ڪري) انهن (يهودين) مان گهڻن جي سرڪشي ۽ ڪفر ضرور وڌائيندو. ۽ (ڄڻ ته) اسان پاڻ انهن ۾ قيامت جي ڏينهن تائين دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. اهي جڏهن به جنگ لاءِ باھ ٻارين ٿا ته الله ان کي اجهائي ٿو ۽ ملڪ ۾ فساد لاءِ ڊوڙندا وتن ٿا. ۽ خدا فساد ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.

  65. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور سندن گناهن کان درگذر ڪريون ها ۽ کين نعمت ۽ آرام (بهشت) جي باغن ۾ پهچايون ها.

  66. ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل ۽ جي (صحيفا) انهن ڏي سندن پروردگار جي طرفان نازل ڪيل هوا. (انهن جي حڪمن تي) قائم رهن ها ته ضرور (سندن) مٿان ۽ پيرن جي هيٺيان (روزي ڏاڍي مزي سان) کائن ها. انهن مان ڪجھ ماڻهو ته سڌي رستي تي هلندڙ آهن (پر) هنن مان گهڻا جو ڪجھ به ڪن ٿا برو ڪن ٿا.

  67. اي رسول! جو حڪم پنهنجي پروردگار جي طرفان تو ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو پهچاءِ. ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪيو ته (سمجھ ته) تو سندس ڪو به پيغام ئي نه پهچايو. ۽ (تون نه ڊڄ) خدا تو کي ماڻهن جي شرارت کان بچائيندو. خدا ڪڏهن به ڪافر قوم کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.

  68. (اي رسول) تون چوين ته اي ڪتاب وارو! (جيستائين اوهان توريت ۽ انجيل ۾ جيڪي (صحيفا) اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿيا آهن انهن (جي حڪمن) تي نه هلندو تيستائين اوهان جو مذهب ڪجھ به نه آهي ۽ (اي رسول!) جيڪو (ڪتاب) تو ڏي توهان جي پروردگار جي طرفان موڪليو ويو آهي (ان جي ساڙ ۽ حسد کان) انهن مان گهڻن جي سرڪشي ۽ ڪفر کي اڃا به وڌائيندو. پوءِ تون ڪافرن جي گروھ تي افسوس نه ڪج.

  69. بيشڪ مسلمان هجن يا يهودي، حڪمانه خيال جا پابند لامذهب توڙي نصارى هجن (مطلب ته ڪجھ به هجن) جيڪو خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، تن تي نه ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.

  70. اسان بني اسرائيلين کان انجام اقرار ورتو هو ۽ هنن ڏي ڪيترائي رسول به موڪليا هئا (تنهن هوندي به) جڏهن به ڪنهن رسول سندن خواهشن جي خلاف حڪم آندو ته هنن (ڪم بخت) ماڻهن ڪنهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيائون.

  71. ۽ ڄاتئون ته (ان ۾ اسان جي لاءِ) خرابي ڪانهي. پوءِ (ڄڻ ته) اهي ماڻهو (حق جي ڳالھ کان) انڌا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا (تنهن هوندي به جڏهن انهن توبھ ڪئي) ته وري خدا سندن توبھ قبول ڪئي. (پر) وري (تڏهن به) انهن مان ڪيترائي انڌا ۽ ٻوڙا بنجي پيا. ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا (تنهن کي) خدا ڏسي ٿو.

  72. بيشڪ اهي ڪافر ٿيا جن چيو ته مريم جو پٽ عيسى مسيح، بيشڪ خدا آهي. هوڏانهن مسيح پاڻ چيو هو ته اي بني اسرائيلو! فقط ان خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي. ڇو ته (ياد رکو!) جنهن به خدا جو شريڪ بنايو ان تي خدا بهشت کي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي.

  73. جيڪي ماڻهو چون ٿا ته خدا ٽن مان هڪ آهي، سي بيشڪ ڪافر ٿي ويا (ياد رکو ته) خدا واحد کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽ (خدا جي باري ۾) اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا جيڪڏهن باز نه آيا ته (سمجهي ڇڏين ته) جيڪي انهن مان ڪافر رهجي ويا انهن تي ضرور تمام سخت عذاب نازل ٿيندو.

  74. هي ماڻهو خدا جي بارگاھ ۾ توبه ڇو نه ٿا ڪن ۽ ڇو نه پنهنجي (خطائن لاءِ) معافي گهرن ٿا هوڏانهن خدا ته (گهڻو) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  75. مريم جو پٽ مسيح ته فقط هڪ رسول آهي ۽ ان کان اڳ ۾ (ٻيا به) ڪيترائي رسول آيا. ۽ سندن ماءُ به (خدا جي سچي) فرمانبردار هئي ۽ اهي ٻئي (ٻين ماڻهن وانگر) کاڌو کائيندا هئا. (اي رسول!) ڏس ته اسان جا پنهنجا احڪام ڪئين نه کولي ڪري ٻڌايون ٿا وري ڏس ته (تنهن هوندي به) اهي ڪئين ابتا وڃن ٿا.

  76. (اي رسول!) چوين ته ڇا اوهين الله کانسواءِ اهڙي شي جي عبادت ڪريو ٿا جا اوهان کي ڪنهن نفعي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نٿي رکي. ۽ الله ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

  77. (اي رسول!) تون چوين ته ڪتاب وارو! ناحق پنهنجي دين (جي ڳالھ) ۾ وڌاءُ نه ڪريو ۽ نه وري انهن (پنهنجن وڏن) جي نفساني خواهشن تي هلو جيڪي اڳي گمراھ ٿي چڪا ۽ (ٻين) گهڻن کي (به) گمراھ ڪري ويا ۽ سڌي رستي کان پري وڃي پيا.

  78. بني اسرائيلين مان جيڪي ماڻهو ڪافر هئا تن تي دائود ۽ مريم جي پٽ عيسى جي زبان سان لعنت ڪئي وئي آهي. اهو هن ڪري جو (هڪ ته) انهن نافرماني ڪئي ۽ (وري هر ڳالھ ۾) حد کان وڌي ويندا هئا.

  79. پر بڇڙي ڪم کان جو به انهن ماڻهن ڪيو ته (وري) مڙندا ئي ڪو نه هئا (بلڪه نصيحت ڪرڻ هوندي به نه مڙندا هئا) جو ڪم اهي ڪندا هئا ڪهڙو نه بڇڙو هو.

  80. (اي رسول) تون انهن (يهودين) مان گهڻن ئي کي ڏسندين ته ڪافرن سان دوستي اٿن. جيڪي سندن نفسن پاڻ لاءِ اڳ ئي درست ڪيو آهي بيشڪ بڇڙو ڪم آهي، اهو هي ته (دنيا ۾ به) خدا هنن تي ڪاوڙيو ۽ (آخرت م به) هميشه عذاب ۾ ئي رهندا.

  81. ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو الله ۽ رسول تي ۽ جيڪو مٿس نازل ڪيو ويو آهي ايمان رکن ها ته جيڪر (ڪافرن کي) دوست نه بڻائين ها. پر هنن مان گهڻا بدڪار آهن.

  82. (اي رسول!) تون ايمان وارن جو دشمن سڀني کان وڌيڪ يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين ۽ ايمان وارن جو دوست هجڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجهو ضرور انهن ماڻهن کي لهندين جيڪي پاڻ کي نصارى چون ٿا، ڇو ته تن (نصارن) مان بيشڪ ڪيترائي عالم ۽ عابد آهن ۽ هن ڪري ته اهي وڏائي نه ٿا ڪن.

  83. ۽ تون ڏسين ٿو ته جڏهن اهي ماڻهو (قرآن) کي ٻڌن ٿا جو اسان جي رسول تي نازل ڪيو ويو آهي ته سندن اکين مان يڪدم ڳوڙها وهڻ لڳن ٿا ڇو ته هنن حق کي سڃاتو آهي (۽) عرض ڪن ٿا ته اي اسان جا خدا اسان ته ايمان آندو آهي سو تون (رسول) جي تصديق ڪرڻ وارن مان اسان کي به لکي ڇڏ.

  84. ۽ اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسين، خدا ۽ جا حق سچ جي ڳالھ اسان ڏي اچي چڪي آهي ان تي ته ايمان نه آڻيون ۽ (وري) خدا کان اها اميد رکون ته اهو اسان کي نيڪ بندن سان گڏ (بهشت) ۾ موڪليندو.

  85. ته خدا به سندن سچي دل سان عرض ڪرڻ ڪري کين اهي (ته سرسبز) باغ عطا ڪيا جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ (سچيءَ دل سان) نيڪي ڪرڻ وارن جو اهڙو ئي عيوض آهي.

  86. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي ماڻهو دوزخي آهن.

  87. اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون الله اوهان تي حلال ڪيون آهن تن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ حد کان نه وڌو. ڇو ته حد کان وڌي وڃڻ وارن کي خدا ڪڏهن به دوست نٿو رکي.

  88. الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي تنهن مان کائو ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي (ان جي نافرمانيءَ) کان پاسو ڪندا رهو.

  89. الله اوهان جي اجاين قسمن کڻڻ تي اوهان کي (خير) نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوهان پڪي نيت سان کنيا (۽ انهن کي نه پارڻ سبب) ته ضرور اوهان جي خبر وٺندو. (چڱو ٻڌو) ان جو جرمانو (هي آهي ته) اوهين جيڪو کاڌو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارائيندا هجو ان جو وچ ٿرو کاڌو ڏهن مسڪينن کي کارائڻ يا انهن کي ڪپڙا پهرائڻ يا هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي پوءِ جنهن کان اهي سڀ نه ٿي سگهن ته ٽن ڏينهن جا روزا رکن، جڏهن اوهين قسم کڻو (۽ ڀڃو ته پوءِ) اهو اوهان جي قسمن جو ڪفارو آهي. ۽ پنهنجن قسمن (جي پارڻ) جو خيال رکو. خدا پنهنجا حڪم اوهان لاءِ اهڙي طرح کولي بيان ڪري ٿو ته من اوهين شڪر ڪريو.

  90. اي ايمان وارو! شراب ۽ جوا ۽ بت ۽ ڍارا (ناپاڪ) بڇڙا شيطاني ڪم آهن. ۽ انهن کان پاسو ڪندا رهو ته جئين ڪامياب ٿيو.

  91. شيطان جي ته بس اها ئي مرضي آهي ته اوهان جي وچ ۾ شراب ۽ جوا سان ٻيائي ۽ دشمني وجهائي پڻ خدا جي ياد ڪرڻ ۽ نماز کان روڪي ته ڇا اوهين باز اچڻ وارا آهيو؟

  92. ۽ خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جو حڪم مڃو ۽ (نافرمانيءَ) کان ڊڄو. تنهن هوندي به جيڪڏهن اوهان (خدا جي حڪم کان) منهن ڦيريو ته پوءِ ياد رکو ته اسان جي رسول تي بس کولي پيغام ڏيڻ فرض آهي.

  93. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي کائي چڪا تنهن جو گناھ نه آهي، جڏهن (آينده لاءِ) ڊنا ۽ ايمان آندائون چڱا ڪم ڪيائون وري ڊڄندا رهيا ۽ يقين ڪيائون وري پرهيزگاري ڪيائون ۽ ڀلائي ڪيائون ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.

  94. اي ايمان وارو! الله اوهان کي شڪار جي هڪ ڳھ سان ضرور آزمائيندو جنهن تائين توهان جا هٿ ۽ توهان جا نيزا پهچن ٿا ته جئين خدا ڏسي ته انکان ڏسڻ وائسڻ کانسواءِ ڪير ٿو ڊڄي پوءِ جيڪو ان کانپوءِ به زيادتي ڪندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  95. اي ايمان وارو! جڏهن اوهين احرام جي حالت ۾ هجو ته شڪار کي نه ماريو ۽ جيڪو اوهان مان ان کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنهن تي ان ماريل جانور جهڙو بدلو چوپائي مال مان آهي جنهن جو اوهان مان ٻه انصاف وارو فيصلو ڪندا. ان کي نياز طور ڪعبي تائين پهچايو ويندو يا (ان جي قيمت جو) ڪفارو ڪجھ مسڪينن جو کاڌو يا ان جي برابر روزا رکڻا آهن هن لاءِ ته پنهنجي ڪيي جي سزا چکي جيڪي ٿي چڪو تنهن کي ته خدا درگذر ڪيو ۽ وري جيڪو اهڙي حرڪت ڪندو ته کيس خدا ان جي سزا ڏيندو. خدا تمام سخت بدلو وٺڻ وارو آهي.

  96. دريا جو شڪار ۽ ان جو کاڌو اوهان ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن پر خشڪي جو شڪار احرام جي حالت ۾ اوهان تي حرام ڪيو ويو آهي. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو جنهن ڏي اوهين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ويندو.

  97. خدا جي ڪعبي کي جو سندس عزت وارو گهر آهي ۽ عزت وارن مهينن ۽ قرباني کي ۽ ان جانور کي جنهن جي ڳچي ۾ قرباني لاءِ پٽو ٻڌل هجو. ماڻهن جي امن قائم رکڻ جو سبب ڪيو، اهو هن ڪري ته اوهان کي معلوم ٿئي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ هي به (سمجهو ته) بيشڪ خدا هر ڳالھ کان خبردار آهي.

  98. ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي ۽ هي (به) ته خدا گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  99. (اسان جي) رسول تي پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ (فرض) نه آهي ۽ اوهين جو ڪجھ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا يا جيڪي لڪ ڇپ ۾ ڪيو ٿا خدا سڀ ڄاڻي ٿو.

  100. (اي رسول!) چوين ته ناپاڪ (حرام) ۽ پاڪ (حلال) برابر نٿا ٿي سگهن. جيتوڻيڪ پليت جي گهڻائي اوهان کي سٺي ڇو نه لڳي. اي عقل وارو! خدا کان ڊڄندا رهو ته جئين اوهين ڪامياب ٿيو.

  101. اي ايمان وارو! اهڙين شين جي متعلق (رسول کان) نه پڇو جن کي جيڪڏهن اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيو وڃي ته اوهان کي بڇڙيون لڳن. ۽ انهن بابت جڏهن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت پڇندو ته اهي اوهان جي اڳيان ظاهر ڪيون وينديون. (پر توهان کي نه وڻندو جيڪي سوال اوهان ڪيا آهن) خدا انهن کان درگذر ڪيو ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ بردبار آهي.

  102. تو کان اڳ ۾ به ماڻهن اهڙيون ڳالهيون (پنهنجي پنهنجي زماني جي پيغمبرن کان) پڇيون هيون پوءِ (جڏهن تحمل ڪري نه سگهيا ته وري) ان جا انڪاري ٿي ويا.

  103. خدا نڪي بحيرا (ڪن ڦاٽل ڏاچي) مقرر ڪئي آهي نڪي سائبه (سان) نڪي وصيله (جڙوان ٻچا) نڪي ”هام“ (پوڙهو سان) پر ڪافر خدا تي اجايو بيجا ڪوڙ بهتان ٿا ٻڌن، انهن مان گهڻا نٿا سمجهن.

  104. ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ۽ اهو جيڪي چوي سو ٻڌو ۽ مڃو. چون ٿا ته اسان جنهن (رنگ) ۾ پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي ڏٺو اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي. ڇا (اهي ماڻهو لڪير جا فقير ٿي رهندا؟) جيتوڻيڪ سندن پي ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هئا ۽ نڪي هدايت حاصل ڪيل هين.

  105. اي ايمان وارو! توهين پنهنجي خبر وٺو جڏهن اوهين سڌي واٽ تي آهيو ته ڪير به گمراھ ٿي اوهان کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿو سگهي. اوهان سڀني کي الله ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن (اتي نيڪ بد) جيڪي (دنيا ۾) ڪندا هئا اوهان کي خبر ڏيندو.

  106. اي ايمان وارو! جڏهن اوهان مان ڪنهن (جي سر) تي موت اچي بيهي ته وصيت وقت اوهان (مومنن) مان ٻن عادل شاهدن جو هجڻ ضروري آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين اوچتو ڪنهن طرف سفر ڪيو ۽ (سفر ۾ ئي) اوهان کي موت جي مصيبت رسي ته (به) ٻه شاهد غير (مومن) ئي سهي (۽) جيڪڏهن اوهان کي شڪ ٿئي ته انهن ٻنهين کي نماز کان پوءِ روڪي ڇڏيو پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻن ته اسين هن (شاهديءَ) جو عوض ڪجھ به نه وٺنداسين (جيتوڻيڪ جنهن جي اسين شاهدي ڏيون ٿا اسان جو) عزيز (ڇو نه) هجي ۽ اسين خدا ڪاڻ شاهدي نه لڪائينداسون. جيڪڏهن ائين ڪريون ته اسين بيشڪ گنهگار آهيون.

  107. پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته اهي ٻئي (ڪوڙي قسم ڪري) گناھ جا مستحق ٿيا آهن ته ٻيا ٻه آدمي انهن ماڻهن مان جنهن جو حق دبايو ويو آهي ۽ (ميت جا) ويجها عزيز هجن (انهن کي ڪوڙ ڪرڻ لاءِ) انهن جي جاءِ تي بيهن پوءِ ٻه نوان شاهد خدا جو قسم کڻن ته اڳين ٻن شاهدن کان اسان جي شاهدي زياده سچي آهي ۽ اسان (حق کان تر به) وڌيڪ نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيوسين اسين بيشڪ ظالم آهيون.

  108. اهو وڌيڪ سٺو آهي ته اهڙي طرح (آخرت جي خوف کان) بلڪل سچي شاهدي ڏين يا (وري دنيا جي خواريءَ جو) خوف ٿئي ته متان اسان جا قسم ٻي ڌر جي قسمن کان پوءِ رد نه ڪيا وڃن. (مسلمانو!)خدا کان ڊڄو ۽ (خيال سان) ٻڌو، خدا بدچال ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.

  109. (ان وقت کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا (پنهنجي) پيغمبرن کي گڏ ڪري پڇندو ته اوهان کي (اوهان جي امت وٽان اسلام جي تبليغ جو (ڪهڙو جواب ڏنو ويو؟ عرض ڪندا ته اسين ته (ڪن ظاهري ڳالهين کانسواءِ) ڪجھ نٿا ڄاڻون ته تون خود وڏو غيبدان آهين.

  110. (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن خدا فرمائيندو ته اي مريم جا پٽ عيسى، اسان جيڪي احسان تو تي ۽ تنهنجي ماءُ تي ڪيا انهن کي ياد ڪر. جڏهن اسان روح المقدس (جبرائيل) سان تنهنجي تائيد ڪئي ته تون پينگهي ۾ (ستي) ۽ اڌيڙ (عمر ۾) ٿي ڪري (هڪجهڙو) ڳالهائڻ لڳين ۽ اسان جڏهن تو کي لکڻ ۽ عقد ۽ دانائي جون ڳاليهون پڻ تورات ۽ انجيل (اهي سڀ شيون سيکاريون ۽ جڏهن تون منهنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکي جهڙو (جانور) بنايو ته پوءِ ان ۾ تو (ڪجھ ڦوڪيو ته پوءِ اهو منهنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ ماءُ جي پيٽ ڄايل انڌي ۽ ڪوڙهي کي منهنجي حڪم سان تون چڱو ڀلو ڪيو ٿي. ۽ جنهن وقت تو مئلن کي (جيئرو ڪري قبرن مان) ڪڍي ٻاهر ڪيو ٿي ۽ جنهن وقت مون تو کان بني اسرائلين (جي شر) کي روڪيو جنهن وقت تو انهن وٽ نشانيون آنديون پوءِ انهن مان جيڪي ڪافر ٿيا سي چوڻ لڳا ته هي ته رڳو پڌرو جادو آهي.

  111. ۽ جڏهن مون حوارين کي الهام ڪيو ته مون تي ۽ منهنجي رسول تي ايمان آڻيو. انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ تون شاهد ٿي ته اسين تنهنجا فرمانبردار آهيون.

  112. (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن حوارين (عيسى کي) عرض ڪيو ته اي مريم جا پٽ عيسى ڇا تنهنجو خدا ان ڳالھ تي قادر آهي ته اسان تي آسمان مان (طعام جو) خونچو نازل ڪري؟ عيسى چيو جيڪڏهن اوهين (سچا) ايمان وارا آهيو ته خدا کان ڊڄو (اهڙي فرمائش جنهن مان امتحان معلوم ٿئي نه ڪريو).

  113. اهي عرض ڪرڻ لڳا اسين ته (فقط) اهو گهرون ٿا ته ان مان (تيرڪا) ڪجھ کائون ۽ اسان جي دل کي (اوهان جي رسالت جي پوري پوري) دلجاءِ ٿئي ۽ پڪ ڪريون ته اوهان، اسان کي (جيڪو چيو هو) سو سچ فرمايو آهي ته اسين ماڻهو ان تي شاهد رهون.

  114. تڏهن مريم جي پٽ عيسى (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، خداوند، اي اسان جا پالڻهار! اسان تي آسمان مان هڪ خونچو (طعام جو) نازل فرماءِ ته جئين اهو ڏينهن اسان جي لاءِ اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ عيد جو ڏينهن مقرر ٿئي، پڻ تنهنجي طرفان (اسان جي لاءِ) هڪ وڏي نشاني ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ڏي ۽ تون سڀني روزي ڏيڻ وارن کان بهتر آهين.

  115. خدا فرمايو: آءُ خونچو ته توهان تي ضرور نازل ڪندس پر (ياد رهي ته) پوءِ اوهان مان جو شخص ان کان پوءِ ڪافر ٿيندو ته آءُ پڪ (کيس) اهڙي سخت عذاب سان سزا ڏيندس جو سموري خدائي ۾ ڪنهن هڪ کي به اهڙو (سخت) عذاب نه ڪندس.

  116. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن (قيامت ۾ عيسى کي) خدا فرمايندو ته (ڇا!) اي مريم جا پٽ عيسى تو ماڻهن کي هئين چيو هو ڇا ته خدا کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجيءَ ماءُ کي خدا بنايو؟ عيسى عرض ڪندو سبحان الله! منهنجي ته اها مجال نه هئي جو آءُ اهڙي ڳالھ وات سان چوان جنهن جو مون کي ڪو حق نه آهي. (چڱو) جيڪڏهن مون چيو هوندو، تو کي ضرور معلوم ئي هوندو ڇو ته تون منهنجيءَ دل جو (سڀ حال) ڄاڻين ٿو. پر آءُ تنهنجي جيءُ جو حال نٿو ڄاڻيان. تحقيق تون ئي غيب جي ڳالهين کي چڱي طرح ڄاڻين ٿو.

  117. تو جيڪي مون کي حڪم ڏنو ان کان سواءِ مون کين (وڌيڪ) ڪجھ به نه چيو (۽ اهو هي ته فقط) خدا جي عبادت ڪريو جو منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پالڻهار آهي ۽ جيستائين آءُ انهن ۾ هيس سندن نظرداري ڪندو رهيس. پوءِ جڏهن تو مو کي (دنيا مان) کنيو ته تون ئي سندن نگهبان هئين. ۽ تون ئي هر ڳالھ جو شاهد (موجود) آهين.

  118. تون جيڪڏهن مٿن عذاب ڪندين ته (تون مالڪ آهين) هي تنهنجا بندا آهن ۽ جيڪڏهن کين بخشيندين ته (ڪو به دخل نه ڏيندو ڇو ته) تون بيشڪ زبردست حڪمت وارو آهين.

  119. خدا فرمائيندو اڄوڪي ڏينهن سچن ٻانهن کي سندن سچائي ڪم ايندي انهن لاءِ (سٺا سٺا چهچ بهشت جا) اهي باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن (۽) اهي اتي سدائين رهندا. خدا هنن کان راضي ۽ اهي خدا کان راضي. اها ئي ته تمام وڏي ڪاميابي آهي.

  120. سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي سڀ خدا جي ئي حڪومت آهي ۽ اهو ئي هر ڳالھ تي قادر (۽ وس وارو) آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found