جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سورت نساءَ

ٽوٽل آيتون: 176

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، جنهن توهان سڀني کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو ۽ (اهو هن ريت) جو اول ان (جي باقي مٽيءَ) مان سندس زال (هوا) کي پيدا ڪيائين ۽ (فقط) انهن ٻن (زال مڙس) مان ڪيئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙيائين ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جي وسيلي سان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سوال ڪندا آهيو. ۽ مائٽي ڇنڻ کان به (ڊڄو) بيشڪ خدا توهان جي تاڙ ۾ آهي.

  2. ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب شي کي (يتيم جي) چڱي شي سان بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو ڇو ته اهو تمام وڏو گناھ آهي.

  3. ۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (نڪاح وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته (ان صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا جا (ٻانهي) زر خريد هجي (تنهن سان) اها تدبير بي انصافي نه ڪرڻ جي گهڻو ويجهو آهي.

  4. ۽ زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيو. ۽ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءَ سان اوهان کي ان مان ڪجھ معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سُهائيندڙ سمجهي کائو.

  5. ۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو جن کي خدا اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن (بي سمجھ يتيمن کي ڀلي) کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن سان (پيار سان) چڱي طرح ڳالهايو.

  6. ۽ يتيمن کي ڪاروبار ۾ لڳائيندا رهو، ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته (پوءِ انهن کي هڪ مهيني جو خرچ انهن جي هٿان ڪرائي) جيڪڏهن انهن کي هوشيار ڏسو ته سندن مال انهن جي حوالي ڪريو، ۽ (خبردار) ائين نه ڪجو ته: هي وڏا ٿي ويندا، ان ڊپ کان فضول خرچي ڪري سندن مال چٽ نه ڪري ڇڏجو، ۽ جو (ولي يا سرپرست) آسودو هجي ته (يتيم جي مال کائڻ کان) بچندو رهي. پر جيڪڏهن محتاج آهي ته (بلڪل واجبي) دستور جي موافق کائي سگهي ٿو. پوءِ سندن مال جڏهن انهن جي حوالي ڪريو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو. (هونهن ته) حساب وٺڻ لاءِ خدا ڪافي آهي.

  7. جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا ان مان مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال) مان جنهن کي سندن ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو هجي (هر شخص جو) حصو (اسان جي طرفان) مقرر ڪيل آهي.

  8. ۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا (جن جو ڪو حصو نه آهي) ۽ يتيم ۽ محتاج حاضر ٿين ته انهن کي به ان مان ڪجھ نه ڪجھ ڏئي ڇڏيو ۽ انهن سان چڱيءَ طرح (سٺي نموني) ڳالهايو.

  9. ۽ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ (۽ خيال ڪرڻ) گهرجي ته جيڪڏهن اهي به ائين پاڻ کان پوءِ (ننڊڙا) جيتامڙا ٻار ڇڏي وڃن ها ته کين انهن تي ڪيترو نه ترس ٿئي ها. ۽ پوءِ انهن کي (غريب ٻارن تي سختي ڪرڻ ۾) خدا کان ڊڄڻ گهرجي انهن سان چڱي طرح ڳالهائڻ گهرجي.

  10. جي ماڻهو يتيم جو مال هڙپ ڪندا آهن، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باھ کائن ٿا ۽ عنقريب جهنم واصل ٿيندا.

  11. (مسلمانو!) خدا اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تن جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (مئل جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ لاءِ ڇهون (حصو) آهي جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. ۽ جيڪڏهن ان لاءِ ڪا اولاد نه هجي ۽ فقط ماءُ پيءُ ئي وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (۽ باقي پڻس لاءِ آهي) پر جيڪڏهن ميت جا (سڳا يا ويڳا) ڀائر به هجن ته (توڙي جو کين ڪجھ به نه ملندو پر) ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي. جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو، تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ، انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان جي زيادھ ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي ڇو ته خدا ته هر شي جو ڄاڻندڙ ۽ تدبير ڪندڙ آهي.

  12. ۽ جيڪي اوهان جي زالن (مري) ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد هجي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي، جنهن جي وصيت ڪري ويون آهن تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان اوهان جي زالن جو ڪن شين ۾ ڇوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان جو ڪو به اولاد آهي ته اوهان جي ترڪي مان سندس خاص شين مان اٺون حصو آهي (۽ اهو به) اوهان جنهن لاءِ وصيت ڪئي هجي ته ان جي تعميل ۽ قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن، (پر) جنهن جي وصيت ڪيل هجي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ، (بشرطيڪه مئل وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائيندڙ نه هجي) هي وصيت خدا جي طرفان آهي ۽ خدا ته هر شي کي ڄاڻڻ وارو ۽ بردبار آهي.

  13. هي خدا جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي خدا آخرت ۾ اهڙن (ساوڪ وارن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (ڪيئي) واھ وهن ٿا ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها ته وڏي ڪاميابي آهي.

  14. ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي نافرماني ڪئي ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدون ٽپيون ته پوءِ خدا کيس جهنم ۾ داخل ڪندو (۽ سدائين پنهنجو ڪيو لوڙيندو) رهندو ۽ ان لاءِ وڏي خواريءَ جو عذاب آهي.

  15. ۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن چار ئي تصديق ڪن ته (انهن زالن جي سزا هي آهي ته) انهن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو هنن کي موت اچي يا خدا سندن ڪا راھ کولي.

  16. ۽ اوهان مان جيڪي به ماڻهو (بدڪاري) ڪن، تن کي سزا ڏيو (مار ڏيو) پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي (پنهنجي حرڪت کان) توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ خدا مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  17. پر خدا جي بارگاھ ۾ توبه ته فقط انهن ئي ماڻهن جي (صحيح) آهي جيڪي اڻ ڄاڻائي سان بڇڙائي ڪن ٿا ۽ وري يڪدم توبه ڪن ٿا ته پوءِ خدا به اهڙن ماڻهن جي توبه قبول ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  18. ۽ توبه انهن ماڻهن لاءِ (فائدي واري) نه آهي جي (عمر ڀر ته) بڇڙا ڪم ڪندا رهن ايستائين جو انهن مان ڪنهن جي سرُ تي موت آيو ته چوڻ لڳو: هينئر مون توبه ڪئي ۽ (اهڙي طرح) انهن لاءِ (به توبه مفيد) نه آهي جي ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

  19. اي ايمان وارو! اوهان کي جائز نه آهي جو (پنهنجي وارث جي) عورتن سان نڪاح ڪري (اجايو سجايو ۽) زبردستي انهن جا وارث بڻجو، پڻ جو ڪجھ اوهان کين (مڙس جي ترڪه مان) ڏنو آهي ان مان ڪجھ واپس وٺڻ جي ارادي سان کين ٻين سان (نڪاح ڪرڻ) کان نه جهليو پر جڏهن ظاهر بدڪاري ڪن (ته کين جهلڻ ۽ منع نه آهي) ۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو پر جي اوهان کين ڪنهن سبب ڪري پسند نه ڪيو (ته پوءِ صبر ڪيو) ڇو ته عجب نه آهي ته جنهن ڳالھ کي توهين پسند نه ڪريو خدا ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري.

  20. ۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال (کي طلاق ڏئي ان جي جاءِ تي ٻي سان نڪاح ڪري) بدلي ۾ آڻڻ گهرو ٿا ۽ اوهان انهن هڪ (يعني پهرين کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجھ به موٽائي نه وٺو. ڇا! (توهان جي اها غيرت آهي جو اجايو سجايو) ڪو نه ڪو ڪوڙ ٻَڌي يا ظاهر ڏوھ رکي (واپس وٺو).

  21. ۽ اوهين ڪئين ان کي واپس وٺي سگهو ٿا جڏهن اوهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ زالون اوهان کان (نڪاح جي وقت کاڌي وغيره جو) پڪو انجام وٺي چڪيون آهن.

  22. ۽ جن زالن سان اوهان جي پيءُ ڏاڏن نڪاح (جماع يا زنا) ڪيو هجي ته اوهين انهن سان نڪاح نه ڪريو. پر جي ٿي چڪو (سو ٿي چڪو تڏهن به) اها بدڪاري ۽ خدا کي رنج ڪرڻ جي ڳالھ ضرور هئي پڻ تمام بڇڙو طريقو هو.

  23. (مسلمانو! هي) عورتون اوهان تي حرام ڪيل آهن: اوهان جون مائرون (ڏاڏي ناني وغيره) ۽ توهان جون ڌيئرون (پوٽيون ڏهٽيون) ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جو ڦڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائيٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري هجي ۽ توهان جون (ٿڃ گڏ پيتل) رضاعي ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ۽ اوهان جون اڳ ڄايون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ (پليون) هجن (۽) اوهان جي انهن زالن مان هجن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي هجي ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان (پيدا ٿيل آهن) ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ (نڪاح) ڪرڻ (حرام آهي) مگر جيڪي اڳي (ڪفر جي زماني ۾) ٿي گذريو (سو اوهان کي معاف آهي) بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.

  24. پڻ مڙس واريون عورتون به، پر اهي زالون جي (جهاد ۾ ڪافرن کان) اوهان جي قبضي ۾ اچن (سي حرام نه آهن) هي خدا جو تحريري حڪم آهي جو اوهان تي فرض ڪيو ويو آهي. ۽ انهن عورتن کان سواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوهان لاءِ جائز آهن ته (جئين) اوهين پاڪدامني جا ڳولائو ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي پنهنجن مالن سان انهن جو سنڱ گهرو، هاءُ جن عورتن سان توهان متعه ڪيو هجي ته هن جو به مهر مقرر ڪيو آهي (سو) ڏيو ۽ مهر جي مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن پاڻ ۾ (گهٽ وڌ تي) راضي ٿيو ته ان ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) واقف ۽ مصلحتن جي ڄاڻڻ وارو آهي.

  25. ۽ اوهان مان جنهن کي (آزاد) مومنه عفت وارين عورتن سان مالي حيثيت (نه) هئڻ سبب نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته اهو، توهان جي انهن مومنه ٻانهين سان نڪاح ڪري سگهي ٿو جي اوهان جي قبضي ۾ آهن ۽ خدا اوهان جي ايمان کان چڱي طرح واقف آهي. (ايمان جي حيثيت سان ته) اوهان ۾ هڪڙو ٻئي جو هم جنس آهي پوءِ (بي ڌڙڪ) سندن مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ انهن جي مهر کين چڱي طرح سان ڏيئي ڇڏيو. پر انهن (ٻانهين) سان (نڪاح ڪريو) جي پاڪدامنيءَ سان توهان جون پابند رهن، نه اهي ظاهر ظهور زنا ڪن ۽ نه لڪي ڇپي يار رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن توهان جون پابند ٿين ۽ جي بدڪاري ڪن ته جا سزا آزاد زالن کي ڏني وڃي ٿي تنهن جي اڌ (سزا) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين سان نڪاح به اهو ئي شخص ڪندو جنهن کي زنا ۾ ڦاسڻ جو خوف هوندو. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته توهان لاءِ ڏاڍو سٺو آهي، ۽ خدا وڏو بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي.

  26. خدا جي ته اها ئي مرضي آهي توهان لاءِ (پنهنجو حڪم) بلڪل کولي ٻڌائي ۽ جيڪي نيڪ ماڻهو اوهان کان اڳ ٿي گذريا آهن، انهن جي راھ تي هلائي ۽ توهان جي توبه قبول فرمائي ۽ خدا ته (هر ڳالھ کان) واقف ۽ حڪمت وارو آهي.

  27. ۽ خدا ته گهري ٿو ته توهان جي توبه قبول ڪري ۽ جي ماڻهو نفساني خواهشن جي پٺيان پيل آهن، اهي گهرن ٿا ته توهان (سڌي گس کان) گهڻو پري هٽي وڃو.

  28. خدا گهري ٿو ته توهان تان (بار) هلڪو ڪري ڇو ته آدمي ته تمام ڪمزور ئي ته پيدا ڪيل آهي.

  29. اي ايمان وارو! پاڻ ۾ هڪڙا ٻين جو ناحق مال نه کائيندا ڪريو، پر جيڪڏهن اوهين پاڻ ۾ رضا خوشي سان واپار ڪريو (ان ۾ هڪٻئي جو مال هجي ته اهم نه آهي) ۽ پاڻ کي گهڻو ڏئي جان نه ڏيو، ڇو ته خدا ضرور اوهان جي حال تي مهربان آهي.

  30. ۽ جو شخص ظلم ۽ زيادتي سان اهڙو ناحق ڪندو (پنهنجو پاڻ کي ماريندو) ته (ياد رهي ته) اسين جلد ئي کيس (جهنم جي) باھ ۾ اڇلائينداسون ۽ اهو خدا لاءِ آسان آهي.

  31. جن (ڪڌن) ڪرتوتن جي منع ڪرڻ ۾ اچي ٿي، انهن مان اوهين جيڪڏهن وڏن گناهن کان پاڻ بچائيندا رهو ته اسين توهان جن (ننڍن) گناهن کان (جيڪر) درگذر ڪريون ۽ اوهان کي تمام سٺي عزت واري جڳھ پهچايون.

  32. ۽ خدا جي توهان مان هڪڙي کي ٻئي تي فضيلت ڏني آهي، ان جي هوس نه ڪريو (ڇو ته فضيلت يا مرتبو ته نيڪ اعمال تي آهي) مردن کي پنهنجي ڪئي جو حصو آهي ۽ عورتن کي پنهنجي ڪئي جو حصو پر (هي ٻي ڳالھ آهي) جو اوهان خدا کان سندس فضل ۽ ڪرم جي گهر ڪريو. خدا ته هر شي کان بلڪل واقف آهي.

  33. ۽ ماءُ پيءُ (يا) ٻيا مائٽ (مطلب ته) جو شخص جيڪو به ترڪه ڇڏي وڃي ان مان هر هڪ جو (والي) وارث مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ۽ جن ماڻهن سان توهان پڪو انجام ڪيو آهي، ان جو مقرر ڪيل (مال) به اوهين ڏيو. بيشڪ خدا هر شي تي حاظر ناظر آهي.

  34. مڙس زالن تي حاڪم آهن ڇو ته (هڪ ته) خدا ڪن ماڻهن (مردن) کي ڪن ماڻهن (عورتن) تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) جئين ته مردن (عورتن تي) پنهنجو مال خرچ ڪيو آهي. پوءِ نيڪ بخت زالون ته (مڙسن جي) تابعداري ڪنديون آهن (۽) هنن جي پر پٺ (به) جئين (سندن) حفاظت ڪئي، اهي به (هر ڳالھ جي) حفاظت ڪنديون آهن. پڻ جن ناشناس عورتن جي (ارھ زور) هجڻ جو اوهان کي خوف هجي ته (اول) انهن کي (پنهنجي منهن) سمجهايو ۽ (نه مڃن ته) توهان هنن سان سمهڻ ڇڏي ڏيو پر جي (اڃا به نه سمجهن ته) مار ڏيون (پر ايترو نه جو رت نڪري يا ڪوئي عضوو ڀڄي پوي) پوءِ جيڪڏهن اوهان جون تابعدار ٿين ته اوهين به مٿن (ظلم ڪرڻ جو) ڪو رستو نه ڳوليو. بيشڪ خدا ته سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي.

  35. ۽ (اي فيصلي ڪرڻ وارو!) جيڪڏهن اوهان کي زال مڙس جي پوري اڻبڻت جو طرفين کان انديشو هجي ته هڪ امين مڙس جي هرائي مان ۽ هڪ امين زال وارن مان مقرر ڪريو. جيڪڏهن اهي ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گهرن ته خدا هنن ٻنهين ۾ سٺو بندوبست ڪندو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ پوري خبر رکندڙ آهي.

  36. ۽ الله جي ئي عبادت ڪريو ۽ ڪنهن کي سندس شريڪ نه بنايو پڻ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ رشته دار پاڙيسري ۽ ڌاريا پاڙيسري ۽ ڀر سان وهڻ واري ۽ مسافرن ۽ پنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ سان به ڀلائي ڪريو. بيشڪ خدا هٺيلن پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نٿو رکي.

  37. هي ماڻهو اهي آهن جي پاڻ تي بخل ڪن ٿا پر ٻين ماڻهن کي به بخل جو ڏس ڏين ٿا ۽ جيڪو مال خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين ڏنو آهي، ان کي لڪائين ٿا. ۽ اسان ته بي شڪر ماڻهن لاءِ تمام ذلت (۽خواري) جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

  38. ۽ جيڪي فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال خرچ ڪن ٿا ۽ نه خدا تي ئي ايمان اٿن ۽ نه وري آخرت تي (خدا هنن سان ڪونهي ڇو ته سندن ساٿي ته شيطان آهي) ۽ جنهن جو ساٿي شيطان هجي ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ساٿي آهي.

  39. ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آڻين ها ۽ جو ڪجھ خدا کين ڏنو آهي، انهيءَ مان (خدا جي واٽ ۾) خرچ ڪن ها ته مٿن ڪهڙي مصيبت پوي ها؟! ۽ خدا ته سندن (حال کان) چڱو واقف آهي.

  40. خدا ته بلڪل ذري برابر به ظلم نٿو ڪري، بلڪ جيڪڏهن (ٿورڙي به ڪنهن جي) ڪا به نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ پنهنجي طرفان تمام وڏو ثواب عطا فرمائي ٿو.

  41. (خير دنيا ۾ جيڪو چاهين سو ڪن) ڀلا ان وقت ڪهڙو حال ٿيندن جڏهن اسان هر گروھ جا گواھ گهرائينداسون ۽ (اي محمد) تو کي (وري) انهن سڀني تي گواھ جي حيثيت ۾ گهرائينداسون.

  42. (پوءِ) ان ڏينهن جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ رسول جي نافرماني ڪئي، اهي آرزو ڪندا ته هاءِ جيڪر (اهي مٽيءَ م پورجي وڃن) ۽ مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي ۽ اهي الله کان ڪا به ڳالھ لڪائي نه سگهندا.

  43. اي ايمان وارو! اوهين نشي جي حالت ۾ نماز جي ويجهو نه وڃو، ته جئين توهين جو ڪجھ ڳالهايو سو سمجهو نه ته!، ۽ نه تڙ جي حالت ۾، ايستائين جو غسل ڪريو، مگر مسافريءَ ۾ (جڏهن غسل ممڪن نه هجي ته پوءِ ڪا ڳالھ ڪانهي) بلڪ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو (۽ پاڻي نقصان ڪري) يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پاخاني مان اچي، يا زالن سان صحبت ڪئي هجي ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي (جو طهارت ڪري سگهو) ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪريو ۽ (ان جو طريقو هي آهي ته) پنهنجي منهن ۽ هٿن تي مٽيءَ وارا هٿ ڦيرايو. بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشهڻار آهي.

  44. (اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي، جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پر) اهي (هدايت جي عوض) گمراهي خريد ڪرڻ لڳا انهن جو اصل مطلب هي آهي ته تون به سڌي راھ کان ٿڙي وڃين.

  45. ۽ خدا اوهان جي دشمنن کان چڱو واقف آهي ۽ دوستي لاءِ بس خدا ئي ڪافي آهي، پڻ مدد لاءِ به خدا ئي ڪافي آهي.

  46. (اي رسول!) يهودين مان ڪجھ اهڙا به ماڻهو آهن جي (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ اسمع غير مسمع ۽ راعنا (انهن لفظن سان) پنهنجي زبانن کي موڙين ٿا ۽ دين تي ٽوڪ ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن اهي (هي لفظ) چون ها ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ توهان ٻڌو ۽ اسان تي نظر ڪريو ته انهن لاءِ تمام چڱو ٿئي ها ۽ بلڪل مناسب ڳالھ هئي. پر هنن تي ته سندن ڪفر جي ڪري خدا جي لعنت آهي پوءِ انهن مان ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا.

  47. اي اهل ڪتاب! جو (ڪتاب) اسان نازل ڪيو آهي ۽ اهو (ان ڪتاب جي به) تصديق ڏئي ٿو جو توهان وٽ آهي ته ان تي ايمان آڻيو، پر ان کان اڳ جو اسين ڪجھ ماڻهن جا منهن بگاڙي سندن پٺي ڏي ڦيريون يا جئين اسان اصحاب سبت (ڇنڇر وارن) تي ڦٽڪار هنن تي به وسايون پڻ خدا جو حڪم ته ڪيو ڪرتيل ڪم سمجهو.

  48. خدا ان (گناھ) کي ته معاف ڪين ڪندو آهي، جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي، البت ان کان سواءِ جنهن کي گهري ته معاف ڪري پر جنهن (ڪنهن کي به) خدا جو شريڪ بنايو ته ان وڏي گناھ جو طوفان سٽيو.

  49. (اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي جو پنهنجو پاڻ ڏاڍا مقدس ٿا بڻجن (پر ان مان ڇا ورندو) مقدس ته خدا جنهن کي گهري، بڻائي ۽ ظلم ته ڪنهين تي ڌاڳي برابر ٿيڻو ئي نه آهي.

  50. (اي رسول!) ڏس ته سهي! هي ماڻهو خدا تي ڪهڙا نه ڪوڙا طوفان مڙهي رهيا آهن ۽ ظاهر ظهور گناھ لاءِ ته بس اهو ئي ڪافي آهي.

  51. (اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن جي (حال تي) نظر نه ڪئي جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پوءِ) شيطانن ۽ بتن جو ڪلمو پڙهڻ لڳا ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي، انهن لاءِ چوڻ لڳا ته هي ماڻهو ايمان آڻڻ وارن کان وڌيڪ سڌي گس تي آهن.

  52. (اي رسول) اهي ئي ته آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي، تون انهن جو ڪنهن کي مددگار نه ڏسندين.

  53. ڇا خدا جي حڪومت ۾ انهن جو به ڪجھ حصو آهي؟ جنهن مان ماڻهن کي (تر برابر) تر جيترو به نه ڏيندا.

  54. يا اهي (الله جي خاص) ماڻهن سان ان فضل جي سبب حسد ڪن ٿا جو خدا کين عطا فرمايو (ته ان جو ڪهڙو علاج آهي) اسان ته ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون عطا فرمايون آهن کين تمام وڏي سلطنت به ڏني آهي.

  55. پوءِ هنن مان ڪن (سندن فضيلت ڏسي) ايمان آندو ۽ ڪي انڪاري ٿيا ۽ (ان انڪار فضيلت جي سزا لاءِ) دوزخ جي ڀرڪندڙ باھ ڪافي آهي.

  56. (ياد رهي) ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو. اسان انهن کي ضرور عنقريب جهنم جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏينداسون. پڻ جڏهن سندن کلون (سڙي) ڳري وينديون ته اسين وري انهن لاءِ ٻيون کلون بدلائي پيدا ڪنداسون ته جئين چڱي طرح عذاب جو مزو چکين. بيشڪ خدا (هر شي تي) غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

  57. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اسين هنن کي جلد (بهشت جي) اهڙن ته (ساوڪ وارن) باغن ۾ نيئي پهچائينداسون جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه هميشه تائين رهندا. اتي هن لاءِ پاڪ صاف زالون هونديون ۽ اسين کين گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ داخل ڪنداسون.

  58. (اي ايمان وارو!) خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ماڻهن جون امانتون امانت رکڻ وارن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙن جو فيصلو ڪرڻ لڳو ته انصاف سان فيصلو ڪريو. خدا اوهان کي ان جي ڪهڙي نه سٺي نصيحت ٿو ڪري، انهيءَ ۾ ته شڪ نه آهي، جو خدا سڀ جي ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڏسي ٿو.

  59. اي ايمان وارو! خدا جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي ۽ جيڪي اوهان مان (رسول وانگر) صاحبان حڪم هجن انهن جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪڏهن توهين ڪنهن ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪريو ته جيڪڏهن اوهين خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته ان ڳالھ ۾ خدا ۽ رسول جي طرف رجوع ڪريو. اها ئي (اوهان لاءِ) بهتر آهي. ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي.

  60. (اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت) تي نظر ڪئي جي هي خيالي پلاءُ پچائين ٿا ته جو ڪتاب تو کان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا (سڀ تي) ايمان آندوسين (هوڏانهن) سندن دلي خيال هي آهي ته پاٿاري دارن کي پنهنجو حاڪم بنايون توڙي جو کين حڪم ڏنو ويو آهي ته انهن جي ڳالھ نه مڃو! ۽ شيطان ته چاهي ٿو ته کين ورغلائي گس کان گهڻو پري ٿيڙي ڇڏي.

  61. ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته جو (ڪتاب) خدا نازل ڪيو آهي، ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته تو کان منهن موڙين ٿا.

  62. پوءِ جڏهن سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري مٿن ڪا مصيبت پوي ٿي، پوءِ ته ڪئين نه تو وٽ خدا جا قسم کائيندا اچن ٿا. ۽ چون ٿا اسان جو مطلب ته نيڪي ۽ ميل ميلاپ کان سواءِ ڪجھ نه هو.

  63. هي اهي ماڻهن آهن، جن جي حالت خدا ئي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ تون (سندن ڳالهين کي) وسار ۽ کين سمجهاءِ پڻ انهن سان سندن دلين ۾ اثر ڪرڻ واري موقعي جي ڳالھ ڪر.

  64. ۽ اسان ڪو به رسول نه موڪيلو آهي پر فقط هن لاءِ ته خدا جي حڪم سان ماڻهو سندس اطاعت ڪن. ۽ (اي رسول!) جڏهن انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. جيڪڏهن تو وٽ هليا اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ته بيشڪ اهي ماڻهو خدا کي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها.

  65. (بس اي رسول) تنهنجي پروردگار جو قسم ته اهي ماڻهو ايستائين مومن نه ٿيندا جيستائين پنهنجن جهڳڙن ۾ تو کي حاڪم نه بڻائين ۽ (فقط ايترو نه بلڪ) جو به تون فيصلو ڪرين ان ۾ دل تنگ نه ٿين ۽ ان کي چڱي طرح خوشي سان به مڃين.

  66. (اسلامي آسان شريعت ۾ ته سندن اهو حال آهي) جيڪڏهن اسين بني اسرائيل وانگر کين اهو حڪم ڪريون ٿا ته: اوهين پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڪهي ڇڏيو يا شهر بدر ٿي وڃو ته انهن مان سواءِ ڪن ٿورن جي هي ماڻهو ته ڪين ڪن ٿا. جيڪڏهن هي ماڻهو ان ڳالھ تي عمل ڪن ٿا جنهن جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سندن حق ۾ ڏاڍو سٺو ٿئي ها ۽ (دين ۾ به) ڏاڍا پختا رهن ٿا.

  67. پڻ ان صورت ۾ اسين به پنهنجي طرفان ضرور تمام سٺو عوض ڏيون ها.

  68. ۽ کين سڌي گس جو به ڏس ڏيون ها.

  69. ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي تابعداري ڪئي ته اهڙا ئي ماڻهو انهن (مقبول) انسانن سان هوندا، جن کي خدا پنهنجيون نعمتون عطا ڪيون آهن، يعني انبيا ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح ۽ اهي انسان ڪهڙا نه سٺا رفيق آهن.

  70. اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي ۽ خدا ته واقفڪاريءَ ۾ بس آهي.

  71. اي ايمان وارو! (جهاد وقت) پنهنجي حفاظت (جا ذريعا) چڱي طرح ڏسي ڇڏيو. پوءِ (اوهان کي اختيار آهي) چاهي دسته دسته ٿي نڪرو يا سڀئي ڪٺا ٿي نڪري پئو.

  72. اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي (جهاد کان) ضرور لهرائيندا پوءِ جيڪڏهن (اتفاق سان) اوهان تي ڪا تڪليف ٿي ته چوڻ لڳا ته خدا اسان تي وڏو ڪرم ڪيو جو آءُ انهن (مسلمانن) سان گڏ نه ويس.

  73. پر جيڪڏهن اوهان تي خدا فضل ڪيو (۽ دشمن تي غالب ٿيا) ته اهڙي طرح اجنبي بنجي ويا، ڄڻ ته اوهان ۽ ان ۾ ڪا محبت ئي ڪين هئي. هيئن چوڻ لڳو ته: هاءُ! آءُ به انهن سان هجان ها ته مان به وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها.

  74. پوءِ جي ماڻهو دنيا جي زندگي (سر تائين) آخرت جي لاءِ ڏيڻ لاءِ حاضر آهن، انهن کي خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ گهرجي. ۽ جنهن خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ شهيد ٿيو يا غالب آيو ته (بهرحال) اسين ته جلد ئي ان کي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون.

  75. (۽ اي مسلمانو!) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو خدا جي راھ ۾ انهن ضعيف بيوس مردن ۽ عورتن ۽ ٻارڙن (کي ڪافرن جي پنهنجي مان ڇڏائڻ) لاءِ جهاد نه ٿا ڪريو جي (ويچارا لاچاري جي حالت ۾) خدا کان دعائون گهري رهيا آهن ته: اي اسان جا پالڻهار! ڪنهن طرح به هن ڳوٺ (مڪي) مان جنهن جا رهاڪو ڏاڍا ظالم آهن اسان کي ڪڍ. پنهنجي طرفان ڪنهن کي اسان جو سرپرست بڻاءِ ۽ تون خود ئي ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جو مددگار مقرر ڪر.

  76. (پوءِ ڏسو ته) ايمان وارا ته خدا جي راھ ۾ وڙهن ٿا ۽ ڪافر وري شيطاني راھ ۾ وڙهي مرندا آهن. پوءِ (مسلمانو!) اوهين شيطاني چيلن سان وڙهو (۽ ڪجھ پرواھ نه ڪريو) ڇو ته شيطان جو داوَ ته تمام ڪمزور آهي.

  77. (اي رسول!) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت تي) نظر ڪين ڪئي جن کي جهاد جي خواهش هئي ۽ انهن کي حڪم هو ته (اڃا ڪجھ وقت) پنهنجا هٿ روڪيو ۽ پابندي سان نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. پر جڏهين انهن تي جهاد واجب ڪيو ويو ته انهن مان ڪجھ ماڻهو (ڊيڄڙي سبب) ماڻهن کان اهڙي طرح ڊڄڻ لڳا جهڙي طرح ڪو ماڻهو خدا کان ڊڄي. بلڪ انهن کان به گهڻو وڌيڪ ۽ (گهٻرائجي) چوڻ لڳا ته: خدايا! تو اسان تي جهاد ڇو واجب ڪيو. ۽ اسان کي ڪجھ ڏينهن جي اڃا به مهلت ڇو ڪين ڏني؟ (اي رسول!کين) چئو ته دنيا جو مزو تمام ٿورو آهي ۽ جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو ان جي آخرت هن کان گهڻي سٺي آهي. ۽ (اتي ته) ريشه (وار) برابر به انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.

  78. اوهين چاهي ڪٿي به هجو موت نه ڇڏيندو! جيتوڻيڪ ڪهڙن ئي مضبوط پڪن گنبدن ۾ ڇو نه وڃي لڪو. ۽ کين جيڪڏهن ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته چوڻ لڳن ٿا ته هي خدا جي طرف کان آهي پر جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته (شرارت کان) چون ٿا ته (اي رسول!) هي تنهنجي ڪري ئي آهي. (اي رسول!) تون چئين ته سڀ خدا جي طرفان آهي پوءِ انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي، جو ڪا به ڳالھ نه ٿا سمجهن.

  79. هوڏانهن (سچ ته هي آهي ته) جڏهن اوهان کي ڪو فائدو پهچي ته سمجهو ته خدا جي طرف کان آهي ۽ جڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ته (ڄاڻو ته اها) خود توهان جي ڪرتوتن ڪري آهي. ۽ (اي رسول!) اسان تو کي ماڻهن ڏي پيغمبر ڪري موڪليو آهي ۽ ان لاءِ خدا جي شاهدي بس آهي.

  80. جنهن رسول جي اطاعت ڪئي تنهن بيشڪ الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪي ڦرندا ته (تون ڪجھ خيال نه ڪر ڇو ته) اسان تو کي ڪو نگهبان مقرر ڪري ته ڪين موڪليو آهي.

  81. (هي ماڻهو تنهنجي اڳيان ته) چون ٿا ته اسين اوهان جا تابعدار آهيون. پر جڏهن وري تو وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن مان ڪجھ ماڻهو جو ڪجھ (تو سان) چيو ويو اهي ئي ان جي خلاف راتين جو (پاڻ ۾) صلاح مشورو ٿا ڪن. هوڏانهن (هي نٿا سمجهن ته) اهي ماڻهو راتين جو ڪو به مشورو ڪندا هئا ان کي خدا لکندو وڃي ٿو. پوءِ تون اهڙن جي ڪجھ پرواھ نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو رک ۽ خدا ڪارساز بس آهي.

  82. ته ڇا هي ماڻهو قرآن ۾ غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ هي نٿا سوچين ته) جيڪڏهن خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽان (آيل) هجي ها ته ان ۾ ضرور وڏو اختلاف لهن ها.

  83. ۽ جڏهن انهن (مسلمانن) وٽ امن يا خوف جي خبر آئي ته ان کي يڪدم مشهور ڪري ٿا ڇڏين. هوڏانهن جيڪڏهن ان خبر کي رسول يا پنهنجي (ايماندارن) مان صاحبان امر تائين پهچائين ها ته بيشڪ جيڪي انهن مان تحقيق ڪرڻ وارا آهن (پيغبمر يا اولي الامر) ان ڳالھ کي سمجهي وٺن ها (ته مشهور ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه) ۽ (مسلمانو!) جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته ڪن ماڻهن کان سواءِ اوهان سڀئي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳو ها.

  84. پوءِ (اي رسول!) تون خدا جي راھ ۾ جهاد ڪر پڻ تون پنهنجي سر کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو ذمه دار نه آهي. ۽ ايماندارن کي (جهاد جو) شوق ڏيار. جلد خدا ڪافرن جي هيبت لاهي ڇڏيندو. ۽ خدا جي هيبت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ سندس سزا (به) تمام سخت آهي.

  85. جو شخص نيڪ ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي ثواب مان حصو ملندو. پر جيڪو بري ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي سزا جو ڪجھ حصو ملندو ۽ خدا ته هر شي تي نگهبان آهي.

  86. ۽ جڏهن توهان کي ڪنهن طرح ڪو شخص سلام ڪري ته اوهين به ان جي جواب ۾ ان کان سٺي نموني سان سلام ڪيو يا اهي ئي لفظ جواب ۾ چئو. بيشڪ خدا هر شي جو حساب ڪرڻ وارو آهي.

  87. الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ضرور گڏ ڪندو. ۽ خدا کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڪير سچو آهي.

  88. (مسلمانو!) وري اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو اوهين منافقن جي باري ۾ ٻه ٽولا ٿي ويا آهيو؟ (هڪڙو موافق ته ٻيو ٽولو مخالف) هوڏانهن خود خدا سندن ڪرتوتن جي ڪري هنن جي (سمجھ کي) الٽ پلٽ ڪيو آهي، ڇا اوهين اهو چاهيو ٿا ته جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، اوهين ان کي سڌي راھ تي آڻيو. حالانڪ خدا جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏنو آهي اوهان مان ڪو به شخص ان لاءِ سڌو رستو ڪڍي ئي نٿو سگهي.

  89. انهن ماڻهن جي مرضي ته هي آهي ته جئين اهي ڪافر ٿي ويا تئين هي به ڪافر ٿين ته جئين اوهين انهن جي برابر ٿي وڃو. پوءِ جيستائين اهي خدا جي راھ ۾ هجرت نه ڪن. تون انهن مان ڪنهن کي به دوست نه بڻائي. پوءِ جيڪڏهن هو ان کان به منهن موڙين ته انهن کي قيد ڪيو ۽ جتي به ملن، قتل ڪيو پڻ هنن مان نه ڪنهن کي دوست بنائي نه مددگار.

  90. پر جي ماڻهو ڪنهن اهڙي قوم سان وڃي مليا آهن، جن سان اوهان جي (صلح جو) عهد اقرار ٿي چڪو آهي يا اوهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان گڏ وڙهي (وڙهي) ڪڪ ٿي اوهان وٽ اچن (ته انهن کي ڪجھ نه چئو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته کين اوهان تي غالب ڪري ها. پوءِ ضرور اهي اوهان سان جنگ ڪن ها. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو ڪن ۽ اهي اوهان سان نه وڙهن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ته پوءِ اوهان لاءِ انهن کي (آزار پهچائڻ جي) خدا ڪا راھ نه ڪڍي آهي.

  91. جلد اوهين اهڙن ٻين کي به لهندو جن جي مرضي آهي ته اوهان سان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم سان (به) امن ۾ رهن. جڏهن به کين فساد ڏي موٽايو ويندو ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪرندا. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ۽ نڪي پاڻ کي (جنگ کان) روڪين ته انهن کي پڪڙيو (قيد ڪريو) ۽ جتي به کين لهو اتي انهن کي قتل ڪريو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن تي اوهان کي ظاهر غلبه عطا فرمايل آهي.

  92. ۽ ڪنهن ايماندار کي هي جائز نه آهي جو ڪنهن مومن کي ماري ڇڏي پر ڌوڪي سان (قتل ٿئي ته ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڌوڪي سان (به) ماري ته (ان تي) هڪ ايماندار غلام جو آزاد ڪرڻ ۽ ڪٺل جي قرابتدارن کي خون بها ڏيڻ (لازم) آهي پر جيڪڏهن اهي معاف ڪن. پوءِ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ اهو (مقتول) مومن هجي ته (ان تي فقط) هڪ مسلمان غلام کي آزاد ڪرڻ پر جي قتل ڪيل انهن (ڪافرن) مان هجي جن سان اوهان جا انجام اقرار ٿي چڪا آهن ته (قتل تي) قتل ڪيل جي وارثن کي خون بها ڏيڻ ۽ هڪ مومن غلام جو آزاد ڪرڻ واجب آهي. پوءِ جو شخص (مسلمان ٻانهو) نه لهي ته (ان تي) ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻا آهن خدا کان گناھ بخشائڻ لاءِ. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.

  93. ۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري (ته غلام جي آزادي وغيره سندس ڪفارو نه آهي پر) پوءِ ان جي سزا دوزخ آهي ۽ اهو ان ۾ هميشه رهندو. ان تي خدا پنهنجو غضب وڌو ۽ ان تي لعنت ڪئي اٿس ۽ ان لاءِ تمام سخت عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.

  94. اي ايمان وارو! جڏهن اوهان خدا جي راھ ۾ (جهاد ڪرڻ لاءِ) سفر ڪيو ته (ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪندا ڪريو (پر) چڱي طرح جاچ ڪندا ڪيو ۽ جو (شخص اسلام ظاهر ڪرڻ لاءِ) اوهان کي سلام ڪري ته اوهين بنا سوچ ويڇار جي هينئين نه چوندا ڪريو ته تون ايماندار نه آهين. (ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته اوهين دنيا ميڙڻ جي تمنا رکو ٿا (ته ان بهاني ڪهي ۽ سندس مال ڦريون ۽ هي نٿا خيال ڪن) ته ائين آهي ته خدا وٽ ڪيئي مال غنيمت جا آهن (مسلمانو!) شروع ۾ توهان به ته اهڙا هئا پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو جو (بنا کٽڪي مسلمان ٿيا) مطلب ته چڱي طرح سوچي سمجهي (قسم کڻندا) ڪريو بيشڪ خدا اوهان جي هر هڪ ڳالھ کان خبردار آهي.

  95. معذور ماڻهن کانسواءِ (جهاد کان منهن لڪائي) گهر ۾ وهڻ وارا ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارا هرگز برابر نٿا ٿي سگهن (بلڪ) پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارن کي، گهر ۾ وهڻ وارن تي خدا درجه جي اعتبار سان وڏي فضيلت ڏني آهي (توڙي جو) خدا سڀني ايماندارن سان (خواھ جهاد ڪن يا نه ڪن) ڀلائي جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. پر غازين کي گهر ۾ وهندڙن تي عظيم ثواب جي اعتبار سان خدا وڏي فضيلت ڏني آهي.

  96. (يعني کين) پنهنجي طرفان تمام وڏا درجا ۽ بخشش ۽ رحمت (عطا فرمائيندو) ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  97. بيشڪ جن ماڻهن جو روح فرشتن ان وقت قبض ڪيو جو (ميدان جنگ ۾ پيل) پنهنجي جانن تي ظلم ڪري رهيا هئا ته (کين) فرشتن قبض روح کان پوءِ حيرت سان چيو توهين ڪهڙي حالت (غفلت) ۾ هئا؟ ته اهي (عاجزي سان) چون ٿا ته اسين ته زمين تي بيوس هياسين ته فرشتا چون ٿا ته خدا جي (هيڏي وڏي) زمين ۾ ايتري به جاءِ نه هئي جو اوهين (ڪٿي) هجرت ڪري وڃو ها؟ پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ اها بڇڙي جڳھ آهي.

  98. مگر جيڪي مرد ۽ زالون ۽ ٻار ايترا بيوس آهن جو نه ته (جنگ جي ميدان مان نڪرڻ جي) ڪا تدبير ڪري سگهن ٿا ۽ نه کين سندن چوٽڪاري جي راھ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

  99. ته اميد آهي ته خدا اهڙن ماڻهن کان درگذر ڪري. ۽ خدا ته وڏو معاف ڪرڻ وارو بخشڻهار آهي.

  100. ۽ جو شخص خدا جي راھ ۾ هجرت ڪندو ته اهو روءِ زمين ۾ با فراغت (مزي سان) تمام ڪشادي جڳھ لهندو ۽ جو شخص پنهنجي گهر کان (بي گهر ٿي) شهر ڇڏي خدا ۽ رسول ڏي نڪتو ۽ پوءِ (منزل) مقصود تائين پهچڻ کان اڳ موت اچيس ته خدا تي سندس ثواب لازم ٿي ويو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان ئي آهي.

  101. (مسلمانو!) جڏهن اوهين روءِ زمين تي سفر ڪيو ۽ اوهان کي هن ڳالھ جو ڊپ هجي ته ڪافر (نماز ۾) اوهان سان وڙهندا ته پوءِ اوهان کي ميار نه آهي ته جو نماز مان ڪجھ گهٽ ڪندا ڪريو. بيشڪ ڪافر ته اوهان جا ظاهر دشمن آهن.

  102. ۽ (اي رسول جنگ جي وقت) جڏهن تون انهن ۾ هجين تون انهن کي نماز پڙهائين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ بيهي ۽ انهن کي گهرجي ته پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻي بيهن. پوءِ جڏهن (پهرين رڪعت جا) سجدا ڪري (ٻي رڪعت جلدي اڪيلو پڙهي) وٺن ته تنهنجي پٺيان پشت پناھ ٿين ٻي جماعت جا (وڙهي رهي هئي ۽) اڃا تائين نماز پڙهن ۽ پنهنجي حفاظت جون شيون ۽ هٿيار (نماز ۾ سان) رکن. ڪافرن جي ته مرضي آهي جيڪر اوهين هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ٿورو پاسيرو ٿيو ته يڪدم سڀئي اوهان تي اچي پون. پر ان ۾ اهم ته اهو آهي ته اوچتو مينهن وسڻ سان ڪجھ تڪليف ٿئي يا اوهين بيمار هجو ته پنهنجا هٿيار (نماز ۾) لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت ڪندا رهو ۽ خدا ته ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو ئي آهي.

  103. پوءِ جڏهن اوهين نماز ادا ڪري چڪو ته اٿندي وهندي ليٽيندي (مطلب ته هر حال ۾) خدا کي ياد ڪريو. پوءِ جڏهن اوهين (دشمنن کان بي ڊپا ٿيو ته پنهنجي معمول مطابق) نماز پڙهندا رهو ڇو ته نماز ته ايماندارن تي مقرر ڪيل وقتن تي فرض ڪيل آهي.

  104. ۽ (مسلمانو!) دشمنن جي ڳولا ۾ سستي نه ڪريو جيڪڏهن جنگ ۾ اوهان کي تڪليف ٿي پهچي ته جهڙي اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي هنن کي به (ته) اهڙي ئي اذيت پهچي ٿي. پڻ (اوهان کي هي به ته دلجاءِ آهي ته) اوهين خدا کان اهي اميدون رکو ٿا جي هنن کي (نصيب) نه آهن. ۽ خدا ته (سڀ کان) واقف (۽) حڪمت وارو آهي.

  105. (اي رسول!) اسان تو تي بر حق ڪتاب هن ڪري نزل ڪيو آهي جو جهڙي طرح خدا تنهنجي هدايت ڪئي آهي اهڙي طرح ماڻهن ۾ فيصلو ڪريو ۽ خيانت ڪرڻ وارن جو پاسو نه وٺو.

  106. پڻ (پنهنجي امت لاءِ) خدا کان مغفرت جي دعا گهرو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

  107. ۽ (اي رسول!) تون انهن (نالائق ماڻهن) جو پاسو وٺي (ٻين ماڻهن سان نه وڙھ. جيڪي پنهنجن ئي (ماڻهن) سان دغابازي ڪن ٿا. بيشڪ خدا اهڙن کي دوست نٿو رکي، جو دغاباز گنهگار هجي.

  108. ماڻهن کان ته (پنهنجي لوفرائپ ته) لڪائين ٿا پر خدا کان ته نٿا لڪائين! هوڏانهن اهو (خدا) ته ان وقت به انهن سان آهي جڏهن اهي ماڻهو راتين جو (ويهي ڪري انهن ڳالهين جون صلاحون ڪن ٿا جن کي خدا خوش نه آهي. ۽ خدا ته سندن سڀني ڪرتوتن کي (علم جي احاطي ۾) گهيري رکيو آهي.

  109. (مسلمانو!) خبردار ٿي وڃو! ڀلا دنيا جي (ٿورڙي) حياتيءَ ۾ ته اوهين ان ڏي ٿي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو (پر هي ته ٻڌايو ته) پوءِ قيامت جي ڏينهن سندن طرفدار ٿي خدا سان ڪير وڙهندو يا ڪير هنن جو وڪيل ٿيندو؟

  110. ۽ جو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري يا (ڪنهن طرح) پنهنجي جان تي ظلم ڪري ۽ پوءِ خدا کان پنهنجي مغفرت جي دعا گهري ته خدا کي وڏو بخشڻهار مهربان لهندو.

  111. ۽ جو شخص گناھ ٿو ڪري ته ان سان ڪجھ پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري. ۽ خدا ته (هرشي کان) واقف (۽) وڏي تدبير وارو آهي.

  112. ۽ جو شخص ڪا خطا يا گناھ ڪري ۽ ان کي ڪنهن ٻي ڏوهيءَ جي سر تي هڻي ته انهيءَ هڪ وڏو ڪوڙ ۽ صريحي گناھ کي پنهنجي مٿان رکيو.

  113. (اي رسول!) جيڪڏهن تو تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته انهن (نالائقن) مان هڪ ٽولي تو کي گمراھ ڪرڻ جو بلڪل قصد ڪيو آهي. هوڏانهن اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي گمراھ ڪري رهيا آهن. ۽ اهي ماڻهو تو کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿا سگهن. ۽ خدا ئي ته (مهرباني ڪئي جو) تو تي پنهنجو ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون تون نه ڄاڻندو هئين سي تو کي سيکاريائين ۽ تو تي ته خدا جو تمام وڏو فضل آهي.

  114. (اي رسول!) انهن جي راز جي ڳالهين ۾ ڀلائي (جو ته نالو به) نه آهي. پر (هاءُ) جو شخص ڪنهن کي صدقو ڏيڻ يا نيڪ ڪم ڪرڻ يا ماڻهن ۾ ميلاپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي (ته البت ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص (محض) خدا جي خوشنودي جي خواهش ۾ اهڙا ڪم ڪندو ته اسين کيس جلد ئي وڏو بدلو عطا ڪنداسين.

  115. ۽ جو شخص سڌي رستي جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ رسول سان ڏاڍائي ڪري ۽ مومنن جي طريقي کانسواءِ ڪنهن ٻي راھ تي هلي ته جنهن طرف اهو ڦري ويو آهي، اسين به کيس اوڏانهن ئي ڦيرينداسون ۽ (نيٺ) هن کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون. ۽ اهو ته تمام بڇڙو هنڌ آهي.

  116. خدا بيشڪ انکي نٿو بخشي جو انسان (ڪنهن کي) شريڪ ٿو ڪري. پر ان کان سواءِ جو به گناھ هجي جنهن کي گهري (ته) بخشي ۽ (معاذالله) جنهن ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنايو سو ته بس ٿڙندو گهڻو پري وڃي پيو.

  117. هي مشرڪ، خدا کي ڇڏي بس عورتن جي ئي پوڃا (پاٽ) ڪن ٿا ۽ (دراصل) اهي ماڻهو سرڪش شيطان جي پوڃا ڪن ٿا.

  118. (جنهن تي) خدا لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن (شروع ۾ ئي) چيو هو ته (خداوندا) مان تنهن جي بندن مان هڪ مقرر حصو (تعداد جو) پنهنجي طرف ضرور وٺندس.

  119. ۽ پوءِ کين ضرور گمراھ ڪندس ۽ انهن کي (وڏيون وڏيون) اميدون به ضرور ڏياريندس ۽ پڪ کين سيکاريندس پوءِ اهي (بتن لاءِ) جانورن جا ڪن ضرور چيرڦاڙ ڪندا ۽ وري کين چوندس ته پوءِ اهي (منهنجي سبق وانگر خدا جي بنايل صورت کي ضرور بدلائي ڇڏيندا ۽ (اهو ياد رهي ته) جنهن خدا کي ڇڏي پنهنجو سرپرست شيطان کي بنايو ته ان ظاهر بظاهر سخت نقصان سر تي سٺو.

  120. شيطان هنن سان سٺا سٺا واعدا ب ڪري ٿو ۽ وڏيو وڏيون اميدون به ڏئي ٿو ۽ شيطان هنن سان جيڪي به انجام ڪري ٿو اهو ته ڌوڪو (ئي ڌوڪو) آهي.

  121. اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جي جاءِ جهم آهي ۽ ان کان بچڻ جي جاءِ به نه لهندا.

  122. ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن کي اسين جلد ئي (بهشت جي) انهن باغن ۾ پهچائينداسون جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن. ۽ اهي ماڻهو ان ۾ هميشه ابد الاباد تائين رهندا. (اهو) انهن (سان) خدا جو پڪو انجام آهي ۽ خدا کان وڌيڪ (پنهنجي) ڳالھ ۾ سچو ڪير هوندو؟.

  123. نه اوهان جي آروز سان (ڪجھ ڪم هلي سگهي ٿو) نه اهل ڪتاب جي تمنا سان (ڪجھ حاصل بلڪ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي) جو بڇڙو ڪم ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو ۽ وري خدا کانسواءِ ڪنهن کي نه ته پنهنجو سرپرست لهندو ۽ نه مددگار.

  124. ۽ جو شخص چڱا ڪم ڪندو (خواھ) مرد هجي يا عورت ۽ ايماندار (به) هجي ته اهڙا ئي ماڻهو بهشت م (بي ڌڙڪ) وڃي رهندا ۽ مٿن تر جيترو ظلم نه ڪيو ويندو.

  125. ۽ ان شخص کان دين ۾ (ٻيو ڪري) سٺو هوندو جنهن خدا جي اڳيان پنهنجو سر تسليم جهڪائي ڇڏيو. ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي ۽ ابراهيم جي ملت تي هلي ٿو. جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو. ۽ خدا، ابراهيم کي ته پنهنجو خالص دوست بنائي ڇڏيو.

  126. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. ۽ خدا جي ذات سڀ ڪنهن شي کي گهيرو ڪندڙ آهي.

  127. (اي رسول!) هي شخص تو کان (يتيم) ڇوڪرين سان نڪاح بابت فتوى طلب ڪن ٿا. اوهين (کين) چئو ته خدا اوهان کي انهن (سان نڪاح ڪرڻ) جي اجازت ڏئي ٿو. ۽ جو (حڪم منع جو) قرآن ۾ اوهان کي (پهريون) ٻڌايو ويو آهي. اهو دراصل انهن يتيم ڇوڪرين لاءِ هو جن کي اوهين مقرر ڪيل سندن حق نٿا ڏيو ۽ گهرو ٿا ته (ائين ئي) انهن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن ڪمزور نيل ٻارڙن جي باري ۾ حڪم فرمائي ٿو ۽ (اهو) هي آهي ته اوهين يتيمن جي حقن ادا ڪرڻ لاءِ انصاف تي قائم رهو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) جيڪا به نيڪي ڪندو ته خدا انهيءَ کان ضرور واقف ڪار آهي.

  128. ۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي ۽ لاغرضيءَ کي (طلاق جو) خوف رکندي هجي ته زال مڙس سان ميلاپ ڪرڻ ۾ ٻنهي مان ڪنهن تي به گناھ نه آهي. پڻ صلح ته (بهرحال) چڱو ڪم آهي ۽ بخل ته قريب قريب هر طبيعت جي ويجهو آهي ۽ جيڪڏهن چڱائي ڪندو ۽ پرهيزگار ٿيندو ته اوهان جي هر ڪنهن ڪم کان خبردار آهي (اهو ئي اوهان کي اجر ڏيندو).

  129. ۽ (اگرچه) اوهين گهڻو ئي چاهيو (پر) توهان ۾ ايتري طاقت نه آهي جو ڪيترن ئي زالن ۾ (پورو پورو) انصاف ڪري سگهو (پر) ائين به ته نه ڪريو جو (هڪ ئي طرف) سڄا سارا مائل ٿي پئو ۽ ٻئي کي (اڌ ۾) لڙڪندي (ٽنگيل) ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ميل ملاپ ڪيو ۽ (زيادتي کان پاڻ) بچايو ته خدا پڪ بخشڻهار مهربان آهي.

  130. پر جيڪڏهن ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي کان (طلاق سان) جدا ٿي وڃن ته خدا پنهنجي وسيع خزاني مان (برڪت عطا ڪري) ٻنهين کي (هڪ ٻئي کان) بي نياز ڪري ڇڏيندو. ۽ خدا ته وڏي گنجائش ۽ تدبير وارو آهي.

  131. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو آهي. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي، تن کي ۽ اوهان کي اسان حڪم ڏنو آهي ته خدا کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن اوهان ڪفر اختيار ڪيو ته (ياد رکو!) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو ئي آهي (جو گهري ته ڪري سگهي ٿو) ۽ خدا ته سڀ کان بي پرواھ ۽ ساراهيل آهي.

  132. ۽ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) خاص خدا جو آهي ۽ بس الله ئي ڪارساز آهي.

  133. اي انسانو! جيڪڏهن خدا گهري ته اوهان کي (دنيا جي پردي تان) بلڪل کڻي ڇڏي ۽ (اوهان جي بدلي) ٻين کي آڻي (رهائي) ۽ خدا ته ان (ڳالھ) تي قادر ۽ توانو آهي.

  134. جو ماڻهو (پنهنجي اعمال جو) بدلو دنيا ۾ ئي (وٺڻ) گهري ٿو ته خدا وٽ دنيا ۾ آخرت ٻنهي جو اجر موجود آهي. ۽ خدا ته (هر شخص جي) ٻڌي ۽ (سڀ کي) ڏسي ٿو.

  135. اي ايمان وارو! مضبوطي سان انصاف تي قائم رهو ۽ خدا جي واسطي ڏيو. جيتوڻيڪ اوهان جو (اوهان جي) ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن جو نقصان ٿئي. جيڪڏهن (اهو ماڻهو جنهن تي حق ٿابت ٿئي ٿو) مالدار آهي يا فقير آهي ته خدا انهن ٻنهين (مالدار يا فقير) جو (اوهان کان) زياده مهربان آهي پوءِ اوهين انصاف ڪرڻ ۾ خواهش جي پٺيان نه لڳو ۽ جيڪڏهن منجهائي شاهدي ڏيندو يا (شاهدي ڏيڻ کان) نٽائيندو ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ خدا خبر رکندڙ آهي.

  136. اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول ۽ ان جي ڪتاب تي جو هن پنهنجي رسول (محمد) تي نازل ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب تي جو هن کان اڳ نازل ڪيو، ايمان آڻيو. پڻ (هي به ياد رهي ته) جو شخص خدا ۽ سندس پيغمبرن ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار ڪندو ته اهو سڌي راھ کان ٿڙي تمام گهڻو پري وڃي پيو.

  137. ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندو وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندائون ۽ وري ڪافر ٿي ويا. ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا ته خدا نه ته هنن جي مغفرت ڪندو ۽ نه وري کين سڌي گس جو ڏس ڏيندو.

  138. (اي رسول!) منافق کي خوشخبري ڏيو ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار) آهي.

  139. جي ماڻهو مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو سرپرست بنائين ٿا، ته ڇا انهن وٽ عزت ۽ آبرو کي ڳولين ٿا. عزت ته سموري بس خدا لاءِ خاص آهي.

  140. (مسلمانو!) هوڏانهن خدا توهان تي پنهنجي ڪتاب (قرآن) ۾ هي حڪم نازل ڪري چڪو آهي ته جڏهن به اوهين ٻڌو ته، (هتي) خدا جي آيتن جو انڪار ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن تي ٽٽولي ٿي ڪئي وڃي ته اوهين هنن (ڪافرن وٽ نه وهو، ايستائين جو اهي ڪنهن ٻئي ڳالھ ۾ غور ڪرڻ لڳن. نه ته اوهين ان وقت انهن جهڙا ٿي ويندو (ان ۾ ته ڪو شڪ ئي نه آهي ته خدا منافقن ۽ ڪافرن کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) دوزخ ۾ ئي ڪٺو ڪندو.

  141. (اهي منافق جي اوهان جي (نتيجي جا) منتظر آهن (ته ڏسون ته کين فتح ٿئي ٿي يا هار) ته جيڪڏهن خدا جي طرفان اوهان کي فتح ٿي ته چوڻ لڳا ڇا اسين اوهان سان نه هياسين؟ پر جيڪڏهن (فتح جو) حصو ڪافرن کي ميلو ته (وري ڪافرن جا طرفدار ٿي) چون ٿا ته اسين اوهان تي غالب نه آيا هياسون (پر ڄاڻي واڻي اوهان کي ڇڏي ڏنوسون) ۽ اوهان کي مومنن (جي هٿن) کان بچايوسين؟ (منافقو!) قيامت جي ڏينهن ته خدا توهان ۾ فيصلو ڪندو ۽ خدا ڪڏهن به ڪافرن کي مومنن تي غلبو نه ڏيندو.

  142. بيشڪ منافق (پنهنجي خيال ۾) خدا کي فريب ڏين ٿا هوڏانهن اهو سندن فريب کي (باطل ڪرڻ وارو) آهي. ۽ اهي ماڻهو جڏهن نماز پڙهڻ بيهن ٿا ته (بي دلي سان ائين ئي بيٺل هوندا آهن ۽ فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پڻ دل سان ته خدا کي ٿورو ئي ياد ڪندا آهن.

  143. انهيءَ (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾ اچن وڃن پيا. نه هنن (مسلمانن) ڏي ۽ نه هنن (ڪافرن) ڏانهن ۽ (اي رسول!) جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي. ان کي (هدايت جي) اوهين ڪڏهن به راھ ڪري نٿا سگهو.

  144. اي ايمان وارو! مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي (پنهنجو) سرپرست نه بڻايو. ڇا اوهان جي اها مرضي آهي ته خدا جو سٺو سنئون الزام پنهنجي سر تي کڻون.

  145. ان ۾ ته ڪو شڪ ڪين آهي ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ هوندا ۽ (اي رسول!) تون اتي ڪنهن کي به سندن حمايتي نه لهندين.

  146. پر (هاءُ) جن ماڻهن (منافقي کان) توبه ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ۽ خدا کي چهٽيا رهيا پڻ پنهنجي دين کي فقط خدا ڪارڻ خالص ڪري ڇڏيو ته اهي مومنن سان (جنت) ۾ هوندا ۽ مومنن کي ته خدا جلد ئي تمام سٺو عوض عطا فرمائيندو.

  147. جيڪڏهن توهان خدا جو شڪر ڪيو ۽ مٿس ايمان آندو ته خدا اوهان تي عذاب ڪري (ڀلا) ڇا ڪندو؟ هوڏانهن خدا ته (خود شڪر ڪرڻ وارن جو) قدردان ۽ واقف ڪار آهي.

  148. خدا ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالھ چوڻ کي پسند نٿو ڪري پر مظلوم (ظالم جي برائي بڇڙائپ) بيان ڪري سگهي ٿو. ۽ خدا ته (سڀ جي) ٻڌي (۽ هر ڳالھ کي) ڄاڻي ٿو.

  149. جيڪڏهن چڱائي کي ظاهر ڪندو يا ان کي لڪائيندو يا برائي معاف ڪندو ته خدا به گهڻو معاف ڪندڙ وڏي قدرت وارو آهي.

  150. بيشڪ جي ماڻهو خدا ۽ سندس پيغمبرن کان انڪار ڪن ٿا ۽ پڻ خدا ۽ ان جي پيغمبرن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن کي اسين نٿا مڃون ۽ سندن مرضي آهي ته هن (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ ڪا ٻئي راھ بنايون.

  151. اهي ئي ماڻهو پڪ ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ ذلت (۽ خورايءَ) ڏيڻ وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

  152. ۽ جن ماڻهن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهين ۾ به ويڇو نه وڌو ته اهڙن ئي انسانن کي خدا جلدي ئي سندن اجورو عطا فرمائيندو، ۽ خدا ته گهڻو بخشڻ وارو مهربان آهي.

  153. (اي رسول!) اهل ڪتاب (يهودي) جو تو کي (هيءُ) درخواست ڪن ٿا ته تون انهن تي هڪ ڪتاب آسمان مان نازل ڪراءِ. ته (تون ان جو خيال نه ڪر ڇو ته) اهي ماڻهو موسى سان ته ان کان گهڻو وڌيڪ درخواستون ڪري چڪا آهن، جئين جو چوڻ لڳا ته اسان کي خدا ظاهر ظهور ڏيکار ته کين، سندن شرارت جي ڪري وڄ ورتو. پوءِ اگرچه انهن وٽ (توحيد جا) ظاهر ۽ روشن دليل (به) اچي چڪا هئا، تڏهن به هنن گابي کي (خدا) بنايو. پوءِ اهو گناھ به معاف ڪيوسون. ۽ موسى کي ظاهر غلبو ڏنوسون.

  154. ۽ انهن کان انجام وٺڻ لاءِ انهن جي مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ انهن کي چيوسون ته ڇنڇر (جي حڪم) ۾ حد کان نه لنگهو ۽ انهن کان پڪو انجام ورتوسون.

  155. پوءِ سندن انجام ۽ اقرار ڀڄڻ ۽ خدا جي آيتن کي نه مڃڻ پڻ نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته اسان جي دلين تي (ڪٽ جا) پردا چڙيل آهن. (ائين ته نه آهي) پر خدا سندن سرڪشيءَ سبب انهن جي دلين تي مهر هنئي آهي ته پوءِ ٿورن ماڻهن کانسواءِ اهي ايمان نه آڻيندا.

  156. ۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي سندن وڏي بهتان مڙهڻ.

  157. ۽ هنن جي هن چوڻ جي ڪري ته مريم جي پٽ عيسى مسيح کي جو (حقيقت ۾) خدا جو رسول هو ”اسان قتل ڪيو آهي“، هوڏانهن نه ان کي قتل ڪيو اٿن ۽ نه کيس سوري تي ڇاڙهيو اٿن پر انهن لاءِ (هڪ ٻيو ماڻهو عيسى) مهانڊي ڪيوسون. ۽ جي ماڻهو ان باري ۾ اختلاف ڪن ٿا پڪ اهي سندس (حال) کان دوڪي ۾ آهن. هنن کي ان (واقعي) جي خبر ئي نه آهي. پر رڳو اٽڪل جي پٺيان (پيل) آهن. ۽ عيسى کي انهن ماڻهن پڪ ته قتل ڪين ڪيو.

  158. پاڪ خدا کيس پاڻ ڏانهن کنيو ۽ خدا ته تمام زبردست تدبير وارو آهي.

  159. ۽ (جڏهن عيسى مهدي موعود جي ظهور وقت آسمان کان لهندو) اهل ڪتاب مان ڪو به ماڻهو اهڙو نه هوندو جو ان تي سندس مرڻ کان اڳ ۾ ايمان نه آڻي ۽ عيسى پاڻ قيامت جي ڏينهن سندن خلاف گواهي ڏيندو.

  160. مطلب ته يهودين جي انهن سڀني شرارتن ۽ ڏوھ جي سبب اسان مٿن اهي پاڪ پاڪيزه شيون جي هنن لاءِ حلال ڪيون (سي) حرام ڪري ڇڏيون. ۽ (پڻ) انهن جو، خدا جي راھ کان ڪيترن ئي ماڻهن کي منع ڪرڻ ۽ جهلڻ هوندي به وياج کائڻ.

  161. ۽ ناحق زويءَ ماڻهن جا مال کائڻ ۽ انهن مان جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

  162. پر (اي رسول!) انهن مان جي ماڻهو (دين جي) علم ۽ وڏي مضبوط پايه تي فائز آهن، اهي ۽ ايمان وارا ته جو (ڪتاب) تو تي نازل ٿيو آهي ۽ جو (ڪتاب) تو کان اڳ نازل ٿيو اهي (سڀني تي) ايمان رکن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا. ۽ زڪوات ادا ڪندا آهن ۽ خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين اٿن، اهڙن ئي ماڻهن کي اسين جلدي ئي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون.

  163. (اي رسول!) اسان تو ڏي (به) ته ائين وحي ڪيو جئين نوح ۽ ان کان پوءِ (ٻين) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏي وحي ڪيو هيو سون ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو.

  164. ۽ (تو کي به اهڙو ئي رسول مقرر ڪيو جئين ٻيا) ڪيترائي رسول (موڪليا) ... کي ان کان اڳ ۾ ئي بيان ڪيو. پڻ ڪيترائي (اهڙا رسول) موڪليا) جن جو حال توسان اڳ ڪين ڪيو. ۽ خدا ته موسى سان ڪيتريون ڳالهيون به ڪيون.

  165. ۽ (اسان نيڪن کي بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (بڇڙن کي دوزخ جي باھ کان) ڊيڄارڻ وارا رسول موڪليا ته جئين پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي خدا تي حجت باقي نه رهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي.

  166. (هي ڪافر نٿا مڃن ته نه مڃن) پر خدا تي هن ڳالھ جي شاهدي ڏئي ٿو ته جو ڪجھ تو تي نازل ٿيو آهي، چڱي طرح سوچي سمجهي نازل ڪيو آهي (بلڪه) اهڙي شاهدي ته فرشته به ڏين ٿا. هوڏانهن خدا ئي شاهدي لاءِ بس آهي.

  167. بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ خدا جي راھ کان (ماڻهن کي) ٿيڙيون، اهي سڌي گس کان گهڻو پري وڃي پيا.

  168. بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (وري) ظلم (به) ڪندا رهيا، نه خدا انهن کي بخشيندو ۽ نه کين ڪنهن طرح جي هدايت ئي ڪندو.

  169. پر (هاءُ!) کين دوزخ جي راھ (ڏيکاريندو) جنهن ۾ اهي هميشه پيا رهندا ۽ اها ته خدا لاءِ تمام سولي ڳالھ آهي.

  170. اي انسانو! اوهان ڏي، اوهان جي پالڻهار جي طرف کان رسول (محمد) دين حق سان اچي چڪو آهي پوءِ ايمان آڻيو (اها ڳالھ) اوهان لاءِ سٺي آهي. پر جيڪڏهن، انڪار ڪندو ته (ياد رهي ته) جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي. پڻ خدا وڏو واقف ڪار حڪيم آهي.

  171. اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ (مناسب) حد کان نه وڌو پڻ خدا جي شان ۾ سچ کانسواءِ (ڪا ٻي ڳالھ) نه چئو. مريم جو پٽ عيسى مسيح ( نه خدا هو ۽ نه خدا جو پٽ پر) خدا جو هڪ رسول هو ۽ سندس هڪ ڪلمه (حڪم) هو. جنهن کي خدا مريم ڏي موڪليو هو (ته حامله ٿي پَو!) پڻ خدا جي طرفان هڪ جان هئي. پوءِ خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آڻيو ۽ ٽن (خدائن جا قائل به بڻجو) تثليث کان پري رهو. (۽) پنهنجي ڀلائي (يعني توحيد) جو قصد ڪريو. الله ته بس اڪيلو ئي معبود آهي. هو ان (نقص) کان اڪيلو ۽ پاڪيزه آهي جو سندس پٽ هجي. (هن کي پٽ جي ضرورت ڪهڙي؟ جڏهن) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس ئي آهي. پڻ خدا ڪارسازي ۾ ڪافي آهي.

  172. نه ته مسيح ئي خدا جو عبد هجڻ بابت ڪڏهين به عار سمجهي سگهي ٿو ۽ نه (خدا جا) مقرب فرشته. پڻ (ياد رهي ته) جو شخص سندس بندي هجڻ کان عار رکندو ۽ وڏائي ڪندو ته جلد ئي خدا کين پاڻ ڏي سڏائيندو (۽ هر هڪ کي سندس ڪم جي جزا يا سزا ڏيندو).

  173. پوءِ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو آهي ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا آهن ته انهن کي پورو (پورو) ثواب ڏيندو بلڪه پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان (ڪجھ اڃا به) وڌيڪ ئي ڏيندو. ۽ جي ماڻهو (سندس بندي هجڻ ۾) عار ٿا ڄاڻڻ ۽ وڏائي ٿا ڪن، انهن کي ته دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪندو. ۽ (وري مزي جي ڳالھ ته) اهي، خدا کانسواءِ نه پنهنجو سرپرست لهندا ۽ نه مددگار.

  174. اي انسانو! ان ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته توهان جي پالڻهار جي طرفان (دين جو) دليل اچي چڪو ۽ اسان اوهان ڏي هڪ چمڪندڙ نور نازل ڪري چڪا آهيون.

  175. پوءِ جن ماڻهن خدا تي ايمان آندو ۽ ان جي ئي لڙھ لڳا ته خدا به کين پنهنجي رحمت ۽ فضل (جي بي خزان باغ) ۾ پهچائيندو ۽ کين پنهنجي حضوري جو سڌو رستو ڏيکاري ڇڏيندو.

  176. (اي رسول!) تو کان فتوى ٿا پڇن، تون چوين ته ڪلاله (ڀاءُ ڀيڻ) جي باري ۾ خدا خود اوهان کي فتوا ٿو ڏي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي جنهن جو پٽ نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ ۽ سندن فقط هڪ ڀيڻ هجي ته ان جو حصو ترڪه مان اڌ ٿيندو (پر جي اها ڀيڻ مري وڃي ۽ ان جي (به) ڪا اولاد نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ) ته ان جو وارث پوءِ اهو ڀاءُ ٿيندو. پر جيڪڏهن ٻه ڀينرون (يا وڌيڪ) هجن ته مرد کي عورت جي حصي کان ٻيڻو ملندو. اوهان ماڻهن جي منجهي پوڻ جي خيال سان خدا پنهنجا احڪام کولي (کولي) بيان ٿو فرمائي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found