آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

سورت بقره

ٽوٽل آيتون: 286

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الم

  2. هي اهو ئي (خدا جو) ڪتاب آهي (جنهن جي اوهان کي خبر آهي) هن ۾ (ڪنهن قسم جي) شڪ ۽ گمان جي جاءِ نه آهي. هي پرهيزگارن جو رهنما آهي.

  3. جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.

  4. ۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آهي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي ئي آخرت جو به يقين رکن ٿا.

  5. اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.

  6. بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي.

  7. خدا سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر (نشاني) هنئي آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا ۽ سندن اکين تي پردو (پيل) آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.

  8. ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن.

  9. اهي خدا ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. در اصل اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالھ کي) نٿا سمجهن.

  10. سندن دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي پوءِ خدا انهن جي بيماري وڌائي. ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو (اهي) سدائين ڪوڙ ڳالهائيندڙ رهيا آهن.

  11. ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه وجهو ته چون ٿا اسين سڌارو ڪندڙ ئي آهيون.

  12. هوشيار رهو! اهي ئي فسادي آهن پر (اهي ان راز کي) نٿا ڄاڻن.

  13. ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جئين (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چون ٿا ته ڇا اسين ائين ئي ايمان آڻيون جئين ٻين بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو! اهي ئي بيوقوف آهن پر نٿا سمجهن.

  14. ۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون.

  15. (اهي ڇا کل مسخري ڪندا) خدا (خود) انهن سان کلون ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڍر ڏئي ٿو ۽ حالت هي آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن.

  16. هي اهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار فائدو ڏنو ۽ نڪي انهن هدايت ئي حاصل ڪئي.

  17. سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي، جنهن (رات جي وقت مجمع ۾) باھ ٻاري پوءِ جڏهن باھ ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته خدا سندن روشني کي گم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو نٿا دسن.

  18. (اهي) ٻوڙا آهن، گونگا آهن (۽) انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا.

  19. يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ ڳوڙ ۽ وڄ هجي. اهي گجگوڙ جي ڪري موت جي خوف کان پنهنجون اڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ خدا ڪافرن کي (چوڌاري) گهيرو ڪندڙ آهي.

  20. وڄ سندن نگاھ کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان جي (روشني ) ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن (وري) مٿن اوندھ ٿئي ٿي ته (گهٻرائجي) بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي چڏين ها. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي.

  21. اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي بندگي ڪريو. جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جيڪي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي. من اوهين پرهيزگار ٿيو.

  22. جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان مان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کائڻ لاءِ پوءِ اوهين ڄاڻي واڻي (ٻين کي) خدا جي برابر نه ڪريو.

  23. ۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي عبد (محمد) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ خدا کانسواءِ پنهنجا شاهد به سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.

  24. پوءِ جيڪڏهن اوهان (ائين) نه ڪيو ۽ ڪڏهن به ڪري نه سگهندو ته (پوءِ) ان باھ کان پاڻ بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. جا ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي.

  25. ۽ انهن کي (اي حبيب) خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيائون تن لاءِ باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. جڏهن انهن مان ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هي ته اهو ئي آهي جيڪو اڳي (دنيا ۾) اسان کي ڏنو ويو هو. (ڇو ته) کين اهو (ميوو شڪل ۾) اهڙو ئي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ انهن (باغن) ۾ پاڪ (پاڪيزيون) زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا.

  26. بيشڪ خدا ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نٿو ڪري (پوءِ اهو مثال) مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي (هجي). پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا بيشڪ اهو (مثال) سچو آهي جيڪو سندن پالڻهار وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته خدا هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي ان (مثال) سان (خدا) گهڻن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراهيءَ ۾ نٿو ڇڏي.

  27. اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عهد و پيمان کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڀڃي ڇڏين ٿا ۽ جن (تعلقات) جو خدا حڪم ڏنو آهي، ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ زمين ۾ وڳوڙ ڪن پيا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.

  28. ڪهڙي سبب خدا کي نٿا مڃو! اوڏانهن اوهين بيجان هيوءَ! پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي (ٻيو ڀيرو قيامت ۾) جياريندو (۽) وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو.

  29. هو اهو آهي جنهن، جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي متوجه ٿيو پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان جوڙيائين ۽ اهو سڀ ڪنهن شي کي ڄاڻيندڙ آهي.

  30. ۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان انهن چيو ته ڇا، تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ وڳوڙ ڪندو ۽ رت وهائيندو، هوڏانهن (اسان جو وڌيڪ حق آهي ڇو ته) اسين تنهنجي حمد سان تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. خدا فرمايو: بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻيان ٿو (سو) اوهين نٿا ڄاڻيو.

  31. ۽ (آدم جي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ) آدم کي سڀ نالا سيکاريا پوءِ انهن (انسانن) کي (جن جا نالا سيکاريل هئا) ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ (خدا) فرمايو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته مو کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌايو.

  32. انهن (عاجزيءَ سان) عرض ڪيو ته (تون هر عيب کان) پاڪ آهين. جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ (۽) مصلحتن کي سڃاڻڻ وارو آهين.

  33. خدا (آدم کي) فرمايو ته انهن کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌاءِ! پوءِ جڏهن آدم، انهن کي (انسانن) جا نالا ٻڌايا تڏهن خدا فرمايو: ڇا! مون اوهان کي نه چيو هو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو.

  34. ۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي، ان انڪار ڪيو ۽ وڏاي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.

  35. ۽ اسان فرمايو ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) پر هن وڻ جي ويجها نه وڃجو! نه ته پوءِ پنهنجي پاڻ ئي نقصان ڪندوءَ.

  36. پوءِ شيطان انهن کي هتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (عيش ۽ راحت) ۾ اهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين ۽ چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪٻئي جا دشمن ٿيندوءَ. ۽ هڪ مدت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي.

  37. پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (معافيءَ گهرڻ جا) ڪي ڪلمات سکيا، پوءِ خدا (انهن جي مهابي) مٿس مهرباني ڪري سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي.

  38. اسان چيو ته ان (جنت) مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائي جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ئي ٿيندا.

  39. ۽ (هي به ياد رکو ته) جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن ۽ سدائين ان ۾ پيا رهندا.

  40. اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن احسانن کي ياد ڪريو جي اوهان تي اڳ ڪيا اٿم ۽ مون سان (ڪيل) عهد اقرار (ايمان وارو) پاڙيو ته آءُ به اوهان سان انجام (ثواب جو) پورو ڪريان ۽ مون کان ئي ڊڄو.

  41. ۽ جو (قرآن) مون نازل ڪيو آهي اهو هن ڪتاب (توريت) جي (به) تصديق ڪري ٿو جيڪو اوهان وٽ آهي ۽ اوهين سڀ کان پهريان هن (قرآن) جا انڪاري نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ قليل قيمت (دنيا جو فائدو) نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو.

  42. ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو.

  43. ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ جيڪي (اسان جي اڳيان) عبادت لاءِ جهڪندڙ آهن تن سان گڏ اوهين به جهڪندا ڪيو.

  44. اوهين ٻين کي ته چڱائي ڏسيو ٿا پر پنهنجي خبر نٿا لهو. هوڏانهن اوهين خدا جو ڪتاب پڙهندا رهو ٿا. ته ڇا! اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو!

  45. ۽ صبر (روزن) ۽ نماز کان مدد وٺو ۽ جيتوڻيڪ نماز ڳري ته آهي پر انهن نوڙت ڪندڙن تي (نه)

  46. جيڪي چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا ۽ اهي ضرور تنهن ڏي موٽڻ وارا آهن.

  47. اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون اوهان کي اڳ عطا ڪيون ۽ هي (به ته سوچو) ته اسان اوهان کي ساري جهان جي ماڻهن کان وڌائي ڇڏيو.

  48. ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص، ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن جي شفاعت قبول ٿيندي ۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.

  49. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي (اوهان جي وڏن کي) فرعون جي ماڻهن (جي چنبي) کان بچايو، جي اوهان کي تمام وڏا ڏک ڏئي ستائيندا هئا. اوهان جي ڌيئرن کي (پنهنجي خدمت لاءِ) جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (صبر جو) وڏو امتحان هو.

  50. پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي ته نجات ڏني ۽ اوهان جي ڏسندي ئي فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو.

  51. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى جي چاليهن راتين جو واعدو ڪيو هو ۽ اوهان ماڻهن سندن وڃڻ کان پوءِ هڪ گابي کي (پوڄڻ لاءِ خدا) بنايو. هوڏانهن اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.

  52. تنهن کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو ته من اوهين احسان مڃيو.

  53. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ (حق ۽ باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجھ) ڏني ته من اوهين سنئين واٽ تي هلو.

  54. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي کي (خدا) بڻائي پاڻ تي تمام وڏو ظلم ڪيو ته هاڻي (ان کان سواءِ ٻيو چارو نه آهي جو) اوهين پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو ۽ (هن ريت ته) پنهنجي ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. اها ڳالھ اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻي چڱي آهي. پوءِ جڏهن اوهان ائين ڪيو ته خدا اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  55. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو هئو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به تو کي نه مڃينداسون جيستائين خدا کي ظاهر بظاهر نه ڏسنداسون. پوءِ اوهان کي وڄ پڪڙيو ۽ اوهين تڪيندا رهجي ويا.

  56. وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ جياري اٿاريو ته من اوهين احسان مڃيو.

  57. ۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ اوهان تي من ۽ سلوى لاٿوسون (۽ اوهان کي چيو سون ته) جيڪي نفيس شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي (مزي سان) کائو. ۽ انهن ماڻهن اسان جو ته ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.

  58. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ (اريجا) ۾ داخل ٿيو پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) ۽ دروازي کان سجدا ڪندا ۽ زبان سان حطه حطه (معافي) چوندا اچو ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي (ثواب) وڌيڪ ڏينداسون.

  59. پوءِ جا ڳالھ کين چئي وئي هئي تنهن کي ترڪ ڪري شريرن وري ٻئي ڳالھ بدلائي شروع ڪئي. پوءِ اسان انهن تي جن اها شرارت ڪئي هئي، تن تي سندن بدڪاريءَ سبب آسماني آفت نازل ڪئي.

  60. پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم لاءِ پاڻي گهريو هو. پوءِ اسان فرمايو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! (ته لٺ هڻڻ سان ئي) ان مان ٻارنهن چشما ڦٽي نڪتا (۽) سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ چڱي طرح سڃاتو (۽ اسان عام اجازت ڏئي ڇڏي ته) خدا جي ڏنل روزيءَ مان کائو پيئو ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ وجهندا نه گهمو.

  61. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به هڪ (قسم جي) کاڌي تي صبر نه ڪنداسون. پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته جي ڀاڄيون زمين اڳائي ٿي جئين ته ونگا، ساڳ، ڀاڄي ۽ کڻڪ ۽ دال (مهري) ۽ بصر ۽ ٿوم تنهن مان اسان لاءِ پيدا ڪري، موسى چين ته اوهين اهڙيءَ شيءَ کي جا هر طرح چڱي آهي گهٽ شيءَ سان بدلائڻ گهرو ٿا ته (چڱو) ڪنهن شهر ۾ لهي پئو! پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي (اتي موجود) آهي. ۽ انهن تي خواري ۽ محتاجي وڌي وئي ۽ اهي خدا جي ڏمر ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اهي خدا جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق ڪهندا هئا. ۽ (هن ڪري به ته) اهي نافرماني ۽ سرڪشي ڪندا هئا.

  62. بيشڪ مسلمانن ۽ يهودين ۽ نصارن ۽ صابي (لامذهبن) مان جن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ سندن اجورو ۽ ثواب سندن خدا وٽ آهي ۽ نه انهن تي (قيامت ۾) ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.

  63. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان (توريت تي عمل ڪرڻ جو) انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون (۽ ارشاد ڪيوسون ته) جو توريت اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن کي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي ياد ڪريو (ته) من اوهين پرهيزگار ٿيو.

  64. پوءِ اوهين تنهن کان پوءِ (پنهنجي انجام کان) ڦري ويو. پر جڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ مهرباني نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها.

  65. ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن جي حالت کان اوهين با خبر آهيو ته انهن ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي ته اسان کين فرمايو ته ذليل ڀولڙا ٿيو (۽ اهي ٿي پيا).

  66. ۽ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت بنايو جيڪي اتي هئا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ (پڻ) نصيحت ڪئي سون.

  67. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته بيشڪ خدا اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو تاڪيدي حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا! تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو؟ موسى چين ته آءُ خدا کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناھ گهران ٿو.

  68. انهن چيو ته (چڱو) تون اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڊڳي) ڪهڙي هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي نه پوڙهي هجي ۽ نه گابي بلڪه وچ ٿري هجي. مطلب ته جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو.

  69. اهي چوڻ لڳا ته (واھ!) تون پنهنجي رب کان اها دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته نيٺ ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڳوڙهي هيڊي رنگ جي هجي جا ڏسندڙن کي وڻي.

  70. تڏهن چوڻ لڳا پنهنجي خدا کان دعا گهري اسان کي اهو ته ٻڌائي ته ان جا ٻيا پارپتا ڪهڙا آهن؟ ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ جيڪڏهن خدا گهريو ته اسين پتو ڪڍي وٺنداسون.

  71. موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي (اهڙي) هجي جا وهو نه هجي جو زمين کي کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياريندي هجي، (عيبن کان) سلامت ۽ ان ۾ ڪو داغ نه هجي. انهن چيو ته هاڻي تون پوري ڳالھ آندي آهي. پوءِ ان کي حلال ڪيائون، هوڏانهن انهن ۾ اها اميد نه هئي ته ڪو ائين ڪندا.

  72. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) هڪ ماڻهوءَ کي ڪٺو هو. پوءِ ان (جي قتل) بابت وڙهي ڪري (هڪ ٻئي کي قاتل ٿي سڏيو) ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي خدا پڌرو ڪندڙ هو.

  73. جو اسان فرمايو ته: ان ڊڳي جو ڪو به ٽڪر کڻي هن (لاش) تي هڻو. اهڙيءَ طرح خدا مئلن کي جيرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (ته) من اوهين عقل کان ڪم وٺو.

  74. وري اوهان جون دليلون ان کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) وڌيڪ ڏاڍيون ۽ بيشڪ پٿرن (ڏونگرن) مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا ۽ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به (پهاڙ) آهن جي خدا جي خوف کان (ڇپن جي صورت ۾) هيٺ ڪري پون ٿا. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه ڪري.

  75. (مسلمانوء!) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾) اها اميد رکو ٿا ته اهي اوهان وانگر ايمان آڻيندا؟ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت (اڳين ۾) اهڙي هئي جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌي چڱي طرح سمجهڻ کان پوءِ (به) ڄاڻي واڻي ڦيرائيندي هئي.

  76. ۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) اهي هڪ ٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته اوهين انهن مسلمانن کي اهو ڪجھ ٻڌايو ٿا ڇا! جيڪي الله اوهان تي (توريت ۾) ظاهر ڪيو آهي. ته (سڀاڻي) ان سان اوهان تي حجت قائم ڪن، ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟!

  77. ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.

  78. ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي خدا جي ڪتاب کي سواءِ پنهنجن خواهشن جي ٻيو نٿا سمجهن ۽ رڳو وهمي آهن.

  79. پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکي ۽ چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي، هن لاءِ ته هن جي بدلي معمولي ملھ (دنيا جو فائدو) وٺن. پوءِ پنهنجي طرفان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائن ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي.

  80. ۽ چيائون ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان وڌيڪ باھ ڪين ڇهندي. (اي رسول کين) چئو ته ڇا! اوهان خدا کان ڪو انجام (اقرار) ورتو آهي جو اهو پنهنجي واعدي کان ڪڏهن به نه ڦرندو؟ يا ته خدا لاءِ اهو ڪجھ چئو ٿا جو نٿا ڄاڻو.

  81. هاءُ سچ آهي ته جن بڇڙائي ڪمائي ۽ کين سندن بڇڙائي وڪوڙي وئي سي ئي ته دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ سدائين پيا هوندا.

  82. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن ۽ ان ۾ هميشه هوندا.

  83. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان (توهان جي وڏن) بني اسرائيلن کان انجام ورتو هيو ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو پڻ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن (سان به) نيڪ سلوڪ ڪريو ۽ ماڻهن سان چڱي طرح (نرمي) سان ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو، پوءِ اوهان مان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو به انجام اقرار کان منهن موڙيندڙ.

  84. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو هو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪجو ۽ پنهنجن کي (شهر مان) دربدر نه ڪجو ته توهان (جي وڏن) اقرار ڪيو هو ۽ اوهان به اهڙي شاهدي ڏيو ٿا (ته برابر آهي)

  85. پوءِ اوهين اهي آهيو جو پاڻ ۾ خونريزي ڪريو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ جماعت جو ناحق ۽ ڏاڍ سان حمايتي ٿي ٻيءَ (جماعت) کي شهر مان ڪڍي دربدر ڪريو ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو قيدي ٿي اوهان وٽ (مدد گهرڻ) اچن ٿا ته ڀونگو ڏئي کين ڇڏايو ٿا، هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ ئي اوهان تي حرام ڪيل هو. ته پوءِ ڇا اوهين (خدا جي ڪتاب مان ڪجھ ڳالهين تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃو؟! پوءِ جيڪو اوهان مان ائين ڪندو تنهن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي نه آهي جو دنيا جي حياتي ۾ ته خواري ۽ (نيٺ) قيامت جي ڏينهن انهن کي تمام سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.

  86. هي اهي آهن جن دنيا جي حياتي کي آخرت جي عيوض ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.

  87. ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ ان کان پوءِ ( هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ مريم جي پٽ عيسى کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اوهان جي نفساني خواهش جي خلاف ڪو به حڪم آندو ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهان ڪن پيغمبرن کي ته ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي ڪهي ڇڏيو.

  88. چوڻ لڳا ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن، پر خدا مٿن سندن ڪفر ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورائي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا.

  89. ۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو ان (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن ان کان اڳ ۾ ڪافرن تي فتح چاهيندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجھ آيو جنهن کي سڃاتائون (به) تڏهن (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ (حق کان) انڪار ڪندڙن تي خدا جي لعنت آهي.

  90. اهو بڇڙو (ملھ) آهي جنهن جي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جئين ته) جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد جي ڪري نٿا مڃن جو خدا پنهنجي فضل سان پنهنجن عبدن (بندن) مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ اهي (خدا جي) غضب هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ (تمام) خوار ڪندڙ عذاب آهي.

  91. ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو. ته چون ٿا ته جيڪي اسان تي (توريت) ۾ نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي (ته) ايمان آڻيو ٿا پر جو ان جي پٺيان (قرآن) آيو آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (قرآن) سچ آهي (۽) جيڪي انهن وٽ (توريت) آهي. تنهن کي به سچو چوندڙ آهي. (اي رسول! کين) چئو ته پوءِ! اوهان (جي وڏن) هن کان اڳ خدا جي پيغمبرن کي ڇو ڪٺو جڏهن اوهين ايمان وارا آهيو؟.

  92. ۽ بيشڪ موسى اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون وري اوهان ان کان پوءِ (پوڄڻ لاءِ) اوهان گابو بڻايو ۽ اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.

  93. ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو ۽ اوهان (جي وڏن) مٿان طور (جبل) کي کڙو ڪيوسين (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي (توريت) ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ته (سهي پر) مڃينداسون نه. سندن بي ايماني سبب (ڄڻ ته) انهن جي دلين ۾ گابي جي الفت (جي سرڪي) پياري وئي (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين ايمان دار هيو ته اوهان کي اوهان جو اهو ايمان ڪهڙو (نه) بڇڙو حڪم ڪري ٿو؟.

  94. (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽ ٻين ماڻهن کانسواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته (ڀلا) موت جي خواهش (ته) ڪريو (ته جئين جلد جنت ۾ وڃو) جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟.

  95. ۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا. انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي هنن پنهنجو پاڻ اڳي موڪليو آهي. (هرگز موت جي آرزو نه ڪندا) ۽ خدا ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  96. ۽ (اي رسول!) تون انهن کي (ئي دنيوي) زندگي جو سڀ کان وڌيڪ حرص وارو لهندين. ۽ مشرڪن مان به هر هڪ شخص چاهي ٿو ته جيڪر! کيس هزار ورهين جيتري ڊگهي عمر ڏني وڃي، هوڏانهن جيڪڏهن ايتري عمر ڏني به وڃي ته به اها (خدا جي) عذاب کان ڇڏائيندي ته ڪين! ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.

  97. (اي رسول! کين) چئو ته جيڪو (به) جبرائيل جو دشمن آهي (تنهن جو خدا دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجيءَ دل تي خدا جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي ۽ اهو انهن ڪتابن کي به سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوشخبري آهي.

  98. جيڪو خدا ۽ سندس ملائڪن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ خدا (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي.

  99. ۽ بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر نشانيون نازل ڪيون ۽ انهن جو بدڪارن کانسواءِ ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي.

  100. ۽ (انهن جي اها حالت آهي جو) جڏهن به ڪو اقرار ڪيائون ته انهن مان هڪ ٽولي (اهو انجام) ٽوڙي ڇڏيو، بلڪه انهن مان گهڻا ايمان به نٿا رکن.

  101. ۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرف کان رسول (محمد) آيو جو، جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن به اهل ڪتاب مان هڪ جماعت خدا جي ڪتاب (توريت) کي پنهنجي پٽن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن.

  102. ۽ اهي ان منتر (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو (جو) ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيسين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش (جو ذريعو) آهيون ۽ تون (هن علم کي بيجا طور ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر! پوءِ انهن ٻنهي مان (جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجھ سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ ان جي زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان سان خدا جي حڪم کانسواءِ ڪنهن کي به نقصان رسائي نٿا سگهن ۽ اهو ڪجھ سکن ٿا جيڪو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن، جيڪڏهن (اها ڳالھ) ڄاڻن ها.

  103. ۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ (جادو ۽ ٻين ڏوهن کان پاڻ بچائي) پرهيزگار ٿين ها ته خدا جي بارگاھ مان جيڪو کين ثواب ملي ها سو ان (ڳالھ) کان گهڻو سٺو هجي ها، ڪاش! اهي ماڻهو (ايترو ته) ڄاڻن ها.

  104. اي ايمان وارو! (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) راعنا (اسان جي رعايت ڪر) نه چوندا ڪريو پر انظرنا (اسان ڏي توجه جي نظر فرمايو) چوندا ڪريو ۽ (دل سان) ٻڌاندا رهو ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  105. (اي رسول!) جيڪي اهل ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا اهي ۽ مشرڪ پسند نٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار وٽان ڪا ڀلائي (وحي جي) لاٿي وڃي، خدا هوڏانهن پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري خاص ڪري چونڊي ٿو ۽ خدا وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي.

  106. (اي رسول!) جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا (ذهن تا) وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي نشاني) آڻيون ٿا. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته بيشڪ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي؟

  107. ڇا تو کي خبر نه آهي ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي خدا جي (لاءِ ئي) آهي ۽ اوهان جو خدا کانسواءِ نڪو سرپرست (ئي) آهي ۽ نه ئي مددگار.

  108. (مسلمانوءَ) ڇا اوهين به پنهنجي رسول کان ائين ئي (بي ڍنگا) سوال ڪرڻ گهرو ٿا جئين هن کان اڳ موسى کان اجايا سوال ڪيا ويا هوڏانهن جنهن ڪفر کي ايمان جي بدلي اختيار ڪيو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو.

  109. (مسلمانوء) اهل ڪتاب مان گهڻا گهر ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ اوهان کي وري ڪافر بڻائين پنهنجي حسد جي ڪري، هن کانپوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين خدا پنهنجو (ڪو ٻيو) حڪم موڪلي. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن ڳالھ تي قدرت کندڙ آهي.

  110. ۽ نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. ۽ جا ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندو سا خدا وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.

  111. ۽ (يهودي) چون ٿا ته يهودين (کانسواءِ) ۽ (نصارى چون ٿا ته) نصارن کانسواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي انهن جا خيالي پلاءُ آهن. (کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته پنهنجي (اهڙي ڪا) ثابتي (ته) آڻيو!

  112. ائين نه آهي پر جنهن پنهنجو رخ خدا جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه ئي اهي غمگين ئي ٿيندا.

  113. ۽ يهودين چيو ته عيسائين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي. توڙي جو اهي ٻئي جماعتون (رات ڏينهن) خدا جو ڪتاب (به) پڙهندا رهن ٿا. اهڙي طرح (عرب جا مشرڪ) جي ڪجھ نٿا ڄاڻن تن به اهڙي ڳالھ چئي. پوءِ جنهن ڳالھ ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو فيصلو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله ڪندو.

  114. ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان (ماڻهن کي) روڪيو ۽ انهن جي برباد ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت تمام وڏو عذاب آهي.

  115. (ڀلا جي مسجد کان روڪيو ته ڇا! ڇو ته ساري زمين) خدا جي ئي آهي اوڀر (هجي يا) اولھ، پوءِ جتي به (قبلي ڏي) منهن ڪندو اوڏانهن الله آهي. بيشڪ خدا اطاعت ڪرڻ ۾ ڪشادو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ آهي.

  116. ۽ يهودي چوڻ لڳا ته خدا کي اولاد آهي حالانڪه اهو (انهيءَ جهنجهٽ کان) پاڪ آهي بلڪه جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ سندس (ئي) آهي ۽ سڀ سندس (قهري قانون جا) پابند آهن.

  117. اهو ئي آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ!“ ته اهو (خود بخود) ٿي پوي ٿو.

  118. ۽ جي (مشرڪ) نٿا ڄاڻن سي چون ٿا ته الله اسان سان (پاڻ) ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟. اهڙي طرح جيڪي (ماڻهون) انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالھ چئي. سندن دليون هڪجهڙيون آهن. جي ماڻهو يقن رکن ٿا انهن کي ته اسان پنهنجون کليل نشانيون ڏيکاريون آهن.

  119. (اي رسول!) بيشڪ اسان تو کي سچو دين ڏئي، خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ تو کان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو.

  120. ۽ (اي رسول!) تو کان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي، جيستائين تون سندن (باطل) دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته بس! الله جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو تو کي علم (قرآن) پهتو، سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته تو کي خدا (جي غضب) کان بچاءُ وارو نڪو تنهنجو سرپرست ۽ نڪو مددگار ٿيندو.

  121. جن کي اسان ڪتاب (قرآن مجيد) ڏنو آهي، اهي ان کي (غور ۽ فڪر سان) اهڙو پڙهن ٿا جهڙو هن کي پڙهڻ جو حق آهي. اهي الله جي هدايت تي ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.

  122. اهي بني اسرائيلو! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي ساري جهان تي فضليت ڏني.

  123. ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان بدلو قبول ڪيو ويندو ۽ نه ان کي ڪا شفاعت فائدو پهچائيندا ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي.

  124. ۽ (اي رسول! بني اسرائيل کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ ان انهن کي پورو ڪيو تڏهن الله فرمايو ته آءُ تو کي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين؟!) فرمايائين ته (هاءُ! پر) منهنجي هن ”عهد“ تي ظالمن مان ڪو به فائز نه ٿيندو.

  125. (اي رسول! انهن کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن جي ثواب ۽ پناھ جي جڳھ ڪيو ۽ (حڪم ڪيو ته) ابراهيم جي (هن) جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کان (اهو) عهد ۽ اقرار ورتو ته: منهنجي (هن) گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪيزھ رکو.

  126. ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! هن (شهر) کي پناھ ۽ امن جو شهر بڻاءِ، ان ۾ رهڻ وارن مان جو، خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان اڻي، ان کي طرح طرح جا ميوا کائڻ لاءِ عطا ڪر. خدا فرمايو (چڱو! پر) جو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (عرصو) فائدو وٺڻ ڏيو. پوءِ ان کي (آخرت ۾) مجبور ڪري دوزخ ڏانهن گهليو ويندو. ۽ اها موٽڻ واري جاءِ (تمام) بڇڙي آهي.

  127. ۽ (اي حبيب! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءَ دعا گهرندي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي (خدمت) قبول فرماءِ! بيشڪ تون ئي (دعا جو) ٻڌندڙ (۽ نيت جو) ڄاڻيندڙ آهين.

  128. (۽) اي اسان جا پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به هڪ جماعت اهڙي ئي تابعدار ڪر ۽ اسان کي، اسان جي حج جون جايون ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.

  129. (۽) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾، انهن مان ئي هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ( آسماني) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ انهن جي (نفس) کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.

  130. ۽ ڪير ابرهيم جي ملت (دين) کان ڦرندو، ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بڻايو ۽ اسان کيس دنيا ۾ چونڊيوسين ۽ هو آخرت ۾ به چڱن مان ئي ٿيندو.

  131. جڏهن ان کي سندس پالڻهار فرمايو ته اسلام قبول ڪر! عرض ڪيائين ته مون ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آندو.

  132. ۽ ان طريقي جي ابراهيم پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب (به) ته اي منهنجي اولاد! الله اوهان لاءِ اهو ئي دين (اسلام) چونڊيو آهي، پوءِ اوهان نه مرو مگر مسلمان ٿي.

  133. (اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهان حاضر هئا ڇا! جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو، جڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندو! انهن چيو ته اسين، تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود اڪيلي خدا جي عبادت ڪنداسون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون.

  134. اها هڪ جماعت هئي جا گذري وئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.

  135. (يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن کي) چون ٿا ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندو (اي رسول! کين) چئو ته (ائين نه) بلڪه اسين ابراهيم جي طريقي تي آهيون، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.

  136. (اي مسلمانو! هي) چئو ته اسان خدا تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو آهي (قرآن) ۽ جيڪي (صحيفه) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا (انهن تي) ۽ جيڪي (ڪتاب) موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جو ڪجھ (ٻين) نبين کي سندن پالڻهار جي طرفان ڏنو ويو ۽ اسين خدا جا فرمانبردار آهيون.

  137. پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جئين اوهان ان تي ايمان آندو آهي ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ (اي رسول!) انهن (جي شر) کان بچائڻ ڪاڻ تنهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي. ۽ اهو (سڀ جو حال) چڱي طرح ڄاڻي (۽) ٻڌي ٿو.

  138. (مسلمانو! هن کي چئو ته الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون.

  139. (اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا، هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي.

  140. اوهين چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زيادھ ڄاڻيندڙ آهيو يا الله؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان (ته اهي يهودي نه هئا) آهي ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.

  141. اهي اُهي ماڻهو هئا جي گذري ويا، جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.

  142. بيوقوف ماڻهو چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالھ انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ (اي رسول! تون انهن کي( چئو ته اڀرندو ۽ اولهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.

  143. ۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي عادل بڻايو ته جئين اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. ۽ رسول (وري) توهان تي شاهد ٿئي ۽ اي رسول! جنهن قبلي (بيت المقدس) جي طرف تون اڳ (سجدو ڪندو) هئين، تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو هو ته جئين اسين ڄاڻيون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجن کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ بيشڪ اها ڳالھ (هيڏانهن هوڏانهن منهن ڪرڻ) جن کي الله هدايت ڪئي آهي تن کان سواءِ (ٻين لاءِ) وڏي آهي ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهان جي ايمان (نماز، جا بيت المقدس ڏي منهن ڪري پڙهي اٿو) کي ضايع ڪري! بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.

  144. (اي رسول! قبلو بدلجڻ لاءِ) بيشڪ تنهنجو (وري وري) آسمان ڏانهن نهارڻ (کي) ڏسون ٿا. پوءِ اسين تو کي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون (وڌيڪ) پسند ڪرين ٿو (چڱو ڀلا! نماز ۾ ئي) تون پنهنجو منهن مسجد محترم (ڪعبه) ڏي ڦير ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو ته پنهنجا منهن (نماز ۾) ان ڏي ڪندا ڪيو ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن ٿا اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان آهي ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.

  145. ۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون به آڻيندي ته به اهي تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا ۽ نه تون سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين ۽ خود اهل ڪتاب به هڪڙا ٻين جي قبلي کي نٿا مڃن! ۽ جيڪڏهن تون علم (قرآن) اچڻ کان پوءِ به سندن خواهشن تي هلندين ته بيشڪ تون نافرمانن مان ٿيندين.

  146. جن کي اسان ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو، آهي (رسول کي) اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو ٻين پٽن کي سڃاڻن ٿا ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي حق کي لڪائن ٿا.

  147. (اي رسول!) قبلي کي بدلائڻ تنهنجي پالڻهار طرفان حق آهي. پوءِ (ائين نه ٿئي جو) تون شڪ ڪرڻ وارن مان ٿئين!

  148. ۽ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ ئي پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي (نماز ۾) منهن ڪندڙ آهن. پوءِ اوهين (اي مسلمانو! ان جهڳڙي کي ڇڏي ڏيو) چڱاين ڏي هڪٻئي کان اڳتي وڌو. جتي به هوندو ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (پاڻ ڏي) آڻيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  149. ۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام (ڪعبه) ڏي ڦير!۽ بيشڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان حق آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.

  150. ۽ اي رسول! تون جتي به وڃين ته پنهنجي منهن کي (نماز ۾) مسجد حرام ڏي ڦير! ۽ (اي مسلمانو) توهان (به) جتي هجو ته (نماز ۾) پنهجا منهن ان ڏي ڦيريو! وري (حڪم ڏيڻ جو هي به فائدو آهي) ته جئين ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، مگر انهن مان جي ماڻهو ناحق ضد ڪن ٿا ته اهي ضرور الزام رکندا. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ ان لاءِ به ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ته جئين توهان کي هدايت ٿئي.

  151. (مسلمانو! هي احسان به ائين آهي) جئين اسان اوهان ۾، اوهان مان هڪ رسول موڪليو، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان جي نفسن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب (قرآن) ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجھ سيکاري ٿو جو اوهين (اڳ) نه ڄاڻندا هئا.

  152. پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ به اوهان جو ذڪر خير ڪندس ۽ منهنجو شڪريو ڪندا رهو ۽ ناشڪري نه ڪريو.

  153. اي ايمان وارو! (مصيبت جي وقت) صبر ۽ نماز جي ذريعي (خدا جي) مدد گهرو، بيشڪ خدا صبر وارن سان ئي آهي.

  154. ۽ جي ماڻهو خدا جي راھ ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو، بلڪه (اهي) جيئرا آهن پر اوهين (ان ڳالھ کي) نٿا ڄاڻو.

  155. ۽ اسين اوهان کي ڪجھ ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ (اي رسول) اهڙي صبر ڪرڻ وارن کي خو شخبري ٻڌاءِ.

  156. جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسين، الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون.

  157. انهن تي سندن پالڻهار طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت يافته آهن.

  158. بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) خدا جي نشانين مان آهن. پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناھ نه آهي (بلڪه ثواب آهي) ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان نيڪ ڪم ڪري ته پوءِ خدا به قدردان ۽ واقفڪار آهي.

  159. اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائن ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ صاف بيان ڪيو آهي، تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا.

  160. پر جن ماڻهن (حق لڪائڻ کان) توبه ڪئي ۽ پنهنجي خرابيءَ کي سڌاريو ۽ (جو ڪجھ خدا جي ڪتاب ۾ آهي) کولي (صاف صاف) بيان ڪيو تنهن جي آءُ توبه قبول ڪريان ٿو ۽ آءُ ته گهڻي مهرباني ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪرڻ وارو آهيان.

  161. بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.

  162. هميشه ان لعنت ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي (عذاب کان) مهلت ئي ڏني ويندي.

  163. ۽ اوهان جو معبود هڪ الله ئي آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.

  164. بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين (۽ جهازن) ۾ جي ماڻهن جي فائدي جو سامان (واپار وغيره) سان دريا ۾ هلن ٿيون ۽ جيڪي پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي، ان سان مئل (خشڪ ۽ بيڪار) زمين کي جياريو اٿس ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور به پکيڙيا اٿس (تنهن ۾) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم تي لڳايل آهن. (انهن سڀني ڳالهين ۾) سمجھ وارن جي لاءِ (تمام وڏيون) نشانيون آهن.

  165. ۽ ماڻهن ۾ اهي به آهن جي، خدا کان سواءِ (ٻين کي به) سندس برابر بڻائن ٿا (۽) جهڙي محبت خدا سان ڪرڻ گهرجي تهڙي انهن سان رکن ٿا. ۽ جي ماڻهو ايمان دار آهن اهي انهن کان گهڻو وڌيڪ الله سان الفت رکن ٿا، ۽ جيڪر ظالمن کي هن وقت اها ڳالھ سجهي ها! جا ڳالھ انهن کي عذاب ڏسڻ کان پوءِ سجهندي ته (واقعي) هر طرح جي طاقت خدا کي ئي آهي، پڻ هي ته بيشڪ خدا جو عذاب سخت آهي.

  166. (اهو وقت ڪهڙو نه سخت هوندو) جنهن وقت پيشوا ماڻهو پنهنجي پيروي ڪندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ اکين سان عذاب کي ڏسندا ۽ سندن لاڳاپا ٽٽي ويندا.

  167. ۽ انهن جا تابعدار چوندا ته (افسوس) جيڪر اسان کي وري دنيا ۾ موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون ها جهڙو (عين وقت تي) اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙي طرح الله انهن کي سندن عمل مٿين پشيمانيون ڪري ڏيکاريندو. ۽ پوءِ ڀلا اهي ڪئين دوزخ مان نڪري سگهن ٿا.

  168. اي انسانو! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال ۽ پاڪ شيون (مزي سان) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.

  169. (ياد رکو ته) اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هن ڳالھ جو به ته الله تي اها ٺاھ ٺاهيو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو.

  170. ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو! تڏهن چون ٿا ته (نه!) بلڪه اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. جيتوڻيڪ سندن پيءَ ڏاڏا ڪجھ به سمجھ نه رکندا هجن ۽ نه سڌي رستي تي هلندا رهيا هجن.

  171. ۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان (جانور) جي مثال جهڙو آهي، جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو ته ڪوڪ (جي آواز) کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه ٻڌي (۽ نه سمجهي)، (اهي ماڻهو) ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا.

  172. اي ايمان وارو! جيڪي ڪجھ اسان اوهان کي ڏنو آهي انهن مان پاڪ صاف شيون (مزي سان) کائو ۽ خدا جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا.

  173. اوهان تي الله رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس، پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد مان لگهندڙ هجي ۽ انهن مان ڪا شي کائي ته ان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  174. بيشڪ جي ماڻهو انهن ڳالهين کي لڪائن ٿا جيڪي خدا ڪتاب ۾ نازل ڪيون آهن ۽ ان جي عيوض معمولي قيمت (دنيا جو فائدو) وٺن ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳي باھ کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن ڳالهائيندو ته نه! ۽ نه وري انهن کي (گناهن کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  175. اهي ماڻهو اهي آهن جن هدايت جي عوض گمراهي خريد ڪئي ۽ (خدا جي) بخشش جي بدلي عذاب. پوءِ اهي ماڻهو دوزخ جي باھ کي ڪئين سهندا.

  176. اهو هن ڪري جو خدا جو برحق ڪتاب نازل ڪيو ۽ جن ڪتاب ۾ ڦير گهير ڪئي، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي.

  177. نيڪي رڳو اها ٿوڙي آهي جو فقط پنهنجا منهن (نماز م) اوڀر يا اولھ ڏانهن ڪريو! پر نيڪ اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ (خدا جي) ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ (الله جي) الفت ۾ پنهنجو مال غريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ (غلامي وغيره جي) قيد کان ڇڏائڻ ۾ ڏي ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوات ڏيندڙ رهي ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ. جڏهن اهي انجام ڪن ٿا ۽ سختي ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت ثابت قدم رهيا. اهي ماڻهو اهي آهن جي (ايماني دعوى م) سچا نڪتا ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.

  178. اي ايمان وارو! جي ماڻهو (ناحق) ماريا وڃن، انهن جي عيوض اوهان کي جان جي بدلي جان وٺڻ جو حڪم ڏنو ٿو وڃي، آزاد جي عوض آزاد ۽ غلام جي بدلي غلام، عورت جي بدلي عورت. پوءِ جنهن (قاتل)کي سندن (مومن) ڀاءُ جي طرفان ڪجھ معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻ گهرجي. اها اوهان جي پالڻهار جي طرفان آساني ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان بعد زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

  179. اي عقل وارو!قصاص (جا قانون مقرر ڪرڻ) ۾ توهان جي زندگي آهي (پڻ انهيءَ لاءِ جاري ڪيل آهن) ته جئين توهان (خونريزيءَ کان) پرهيز ڪيو.

  180. (مسلمانو!) اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته جڏهن اوهان مان ڪنهن جي سامهون موت اچي، بشرطيڪه اهو ڪجھ مال ڇڏيڻ وارو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن لاءِ چڱي وصيت ڪري، جي ماڻهون خدا کان ڊڄن ٿا انهن تي اهو حق آهي.

  181. پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ٻڌڻ کان بعد بدلائيندو ته ان جو گناھ رڳو انهن تي آهي جيڪي انهن کي بدلائيندا. بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

  182. پوءِ (هاءُ البت) جو شخص وصيت ڪرڻ واري جي بيجا طرفداري يا بي انصافيءَ جو خوف رکندو هجي ۽ انهن وارثن ۾ صلح ڪرائي ڇڏي ته مٿس ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  183. اي ايمان وارو! روزا رکڻ جئين اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا ائين توهان تي به فرض ڪيل آهن ته جئين (اهڙي اطاعت سبب) اوهان ڪيترن ئي گناهن کان بچو.

  184. (اهي به هميشه نه پر) ڳڻيل ڏينهن آهن. تنهن هوندي به (روزن جي ڏينهن ۾) جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته انهن ڏينهن مان (جيترا قضا ٿيل هجن) ڳڻي رکي ۽ انهن تي جيڪي (تڪليف سان) روزا رکي ته سگهندا هجن (پر نه رکن ته هڪ روزيءَ جي) فديه ۾ هڪ مسڪين جو کاڌو کارائڻ لازم آهي. ۽ جيڪو خوشي سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ٿو اهو ان لاءِ چڱو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهدار آهيو ته (ياد رکو! ته فديه کان) روزو رکڻ اوهان لاءِ (بهرحال) چڱو آهي.

  185. رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو، جو ماڻهن جو رهنما آهي ۽ ان ۾ سڌي رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون پڌريون ڳالهيون آهن. (مسلمانو!) پوءِ اوهان مان جيڪو پنهنجي جاءِ تي هجي، ان کي گهرجي ته روزا رکي. ۽ جيڪو بيمار يا سفر ۾ هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ته جئين اوهين شڪر گذار بڻجو.

  186. (اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جئين سڌي رستي تي اچن.

  187. (مسلمانو!) روزي جي رات م پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جو اوڇڻ آهيو خدا ڏٺو ته اوهان (گناھ ڪري) پنهنجو نقصان ڪندا هئا (جو لڪي لڪي اوهين پنهنجين زالن سان مباشرت ڪندا هئا) ته ان اوهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان کي معاف ڪيو. سو هاڻي انهن سان ڀلي ملو ۽ (اولاد لاءِ) جيڪي خدا توهان لاءِ (تقدير ۾) لکيو آهي، تنهن جي طلب ڪريو ۽ ايستائين کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو، ڪاري ڌاڳي (اوڀر طرف) کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ (هائو) جڏهن توهان مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ وهو ته (رات جو به) انهن (زالن) سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙي طرح خدا، ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته من اهي پرهيزگار ٿين ( نافرمانيءَ کان بچن).

  188. ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو ۽ نه ان کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته جئين ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ناحق هٿ ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو.

  189. (اي رسول!) تو کان چنڊ بابت پڇن ٿا (ته ڇو گهٽجي ۽ وڌي ٿو) (کين) چئو ته ان مان ماڻهن جي (دنياوي ڳالهين) ۽ حج جا وقت معلوم ٿين ٿا. ۽ اها چڱائي نه آهي ته اوهين گهرن ۾ پٺيان ڪوٺن (کڏن) کان (ٽپي) اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ (اچڻ وقت) گهرن جي دروازن کان اچو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته من مراد کي پهچو.

  190. ۽ خدا جي راھ ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ خدا زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.

  191. ۽ انهن (مشرڪن) کي قتل ڪريو جتي به کين لهو. ۽ انهن کي (اتان مڪي مان لوڌي) ڪڍو، جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن ۽ فتنو (شرڪ) خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. ۽ انهن سان مسجد حرام وٽ تيستائين جنگ نه ڪريو جيستائين اوهان سان اتي جنگ نه ڪن. پوءِ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ڪن ته انهن کي قتل ڪريو. ڪافرن جي اها ئي سزا سزا آهي.

  192. پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  193. ۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (شرڪ باقي) نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم (دين اسلام) رهي. پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ چڱو نه آهي.

  194. عزت وارو مهينو عزت واري مهيني جي برابر آهي. (۽ مهيني جي ٻئي ڪا خصوصيت نه آهي) سڀ عزت واريون شيون هڪ ٻئي جي برابر آهن. پوءِ جيڪو اوهان تي زيادتي ڪري ته اوهين به ان تي زيادتي ڪريو جيتري اوهان تي زيادتي ڪئي اٿس ۽ الله کان ڊڄو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻو ته خدا پرهيزگارن جو ساٿي آهي.

  195. ۽ خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ۽ پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو ۽ نيڪي ڪريو. بيشڪ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.

  196. ۽ فقط خدا جي راضپي واسطي ئي حج ۽ عمره کي پورو ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين (بيماري وغيره سبب) لاچار ٿيو ته پوءِ جهڙي قرباني آسانيءَ سان ملي (سان اوهان تي لازم آهي) ۽ پنهنجا مٿا تيستائين نه ڪوڙايو جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي (نه) پهچي. پوءِ اوهان مان جيڪو بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ تڪليف هجي ته (کيس ان جي) بدلي ۾ روزا يا خيرات يا قرباني ڏيڻ (لازم) آهي. پوءِ جڏهن بي خوف ٿيو ته پوءِ جيڪو عمره کي حج سان ملائي فائدو وٺي ته جا قرباني آسانيءَ سان ملي (سا ان تي لازم آهي) ۽ جنهن کي قرباني نه ملي ته حج (جي ڏينهن) ۾ ٽي ڏينهن روزا (رکي) ۽ ست (روزا) جڏهن اوهين (گهر) موٽي اچو. اهي پورا ڏھ روزا آهن. اهو حڪم ان لاءِ آهي جنهن جي گهر جا ڀاتي مسجد حرام جي ويجهو رهندڙ نه هجن. ۽ خدا کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته خدا جي سزا سخت آهي.

  197. حج جا مهينا ته (هاڻي سڀ کي) معلوم آهن (شوال ذيقعد ۽ ذي الحج) پوءِ جو شخص انهن مهينن ۾ پاڻ تي حج لازم ڪري ٿو ته (احرام کان، حج جي آخر تائين) نه زال وٽ وڃي نه ڪي گناھ ڪري ۽ نه جگهڙو ڪري. ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ (رستي لاءِ) پاڻ سان ثمر کڻو بيشڪ ڀلو ثمر پرهيزگاري آهي. ۽ اي عقل مندو! مون کان ڊڄو!  

  198. ۽ ان ۾ ڪو ڏوھ نه آهي جو (حج سان گڏ) اوهان پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار جي فائدي) جي خواهش ڪريو. پوءِ جڏهن عرفات کان موٽو ته مشعر الحرام وٽ خدا جو ذڪر ڪريو ۽ جئين اوهان کي رستو ڏيکاريو اٿس (تئين) ان کي ياد ڪريو ۽ بيشڪ هن کان اڳي اوهان گمراهن مان هئا.

  199. وري اتان موٽيو جتان عام ماڻهون موٽن ٿا پر الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  200. پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي حج جا ارڪان پورا ڪريو ته تڏهن الله جو ذڪر ڪريو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪرڻ وانگر يا ان کان به زياده ياد ڪريو ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان جا پاليندڙ (جو ڏيڻو اٿي سو) دنيا ۾ ئي ڏي، هوڏانهن پوءِ آخرت ۾ اهڙن لاءِ ڪو به حصو نه آهي.

  201. ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ ثواب ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ!

  202. انهن لاءِ پنهنجي ڪمائي مان حصو (آرام) آهي ۽ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.

  203. ۽ خدا کي (منى وارن) ڳڻيلن ڏينهن ۾ ياد ڪريو پوءِ جيڪو ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري (موٽي) ته ان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ جيڪو (ٽئين ڏينهن تائين) رهي ته ان تي به ڪو گناھ نه آهي. (هي رعايت) ان لاءِ آهي جيڪو پرهيزگار هجي ۽ الله کان ڊڄندو رهو ۽ پڪ ڄاڻو ته (هڪ ڏينهن) اوهان سڀئي ان ڏي قبرن مان اٿاريا ويندا.

  204. ۽ اي رسول! ڪي ماڻهو (منافقن مان اهڙا به آهن جي) جن جون (من موهيندڙ) ڳالهيون (هن فاني) دنيا جي حياتيءَ ۾ تو کي ڏاڍيون سٺيون ٿيون لڳن. ۽ اهي پنهنجي دلي محبت بابت خدا کي شاهد مقرر ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (توهان جي) دشمنن ۾ سخت جهڳڙالو آهي.

  205. ۽ جڏهن اهو حاڪم ٿيو ته زمين ۾ (اها) ڪوشش ڪندو ته ان ۾ فساد وجهي ۽ پوک ۽ نسل کي تباھ ڪري. ۽ الله فساد کي پسند نٿو ڪري.

  206. ۽ جڏهن کيس چئجي ٿو ته خدا کان ڊڄ! ته ان کان (سندس) مغروري گناھ ڪرائيندي، پوءِ اهڙي (بدبخت) لاءِ دوزخ بس آهي. ۽ اها تمام بڇڙي جاءِ آهي.

  207. ۽ انسانن مان (خدا جا عبد) ڪي اهڙا به آهن جو خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان (به) وڪڻي ڇڏين ٿا ۽ خدا اهڙن عبدن تي تمام گهڻو مهربان آهي.

  208. اي ايمان وارو! اوهين سڀئي (گڏجي) اسلام ۾ (چڱي طرح) داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو! بيشڪ اوهان جو اهو ظاهر بظاهر دشمن آهي.

  209. پوءِ جيڪڏهن، هن کان پوءِ جو، اوهان کي ظاهر ڳالهيون پهتيون آهن، ٿڙندوء ته چڱي طرح ياد رکو ته خدا هر طرح غالب ۽ تدبير وارو آهي.

  210. ڇا! اهي ماڻهو هن ڳالھ جا منتظر آهن ته الله جو عذاب وٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اچي ۽ (عذاب جا) ملائڪ به ۽ سڀ جهڳڙا ختم ٿين. هوڏانهن (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي ئي موٽايا ويندا.

  211. (اي رسول!) بني اسرائيل کان پڇ ته اسان انهن کي ڪهڙيون نه ظاهر نشانيون ڏنيون. ۽ جڏهن ڪنهن شخص وٽ خدا جي نعمت (ڪتاب) آڻي، ان کان پوءِ به ان کي بدلائي ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي.

  212. هن ماڻهو ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ دنيا جي (فاني) زندگي تمام سٺي ڪري ڏيکاري ويئي آهي ۽ اهي ايمان وارن تان مسخريون ٿا ڪن. مگر جيڪي پرهيزگار ٿيا اهي قيامت جي ڏينهن انهن کان گهڻو مٿي هوندا ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي بي حساب روزي عطا فرمائي ٿو.

  213. (شروع ۾ سڀ) ماڻو هڪ ئي دين تي هئا. پوءِ (پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته) خدا (نجات سان) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارا نبي موڪليا ۽ انهن نبين سان گڏ برحق ڪتاب به نازل ڪيو ته جئين (اهو ڪتاب) ماڻهن ۾ جنهن ڳالھ بابت انهن جهڳڙو ڪيو هجي ته فيصلو ڪري ۽ پوءِ (افسوس ته اهو آهي جو) ان حڪم سان اختلاف به انهن ئي ڪيو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو! (پڻ اهو به) ان کان پوءِ جڏهن الله جا صاف صاف حڪم انهن وٽ آيا ۽ (وري) اهي به پنهنجي شرارت سان! تڏهن خدا پنهنجي خاص مهرباني سان ايماندارن کي اها راھ ڏيکاري جنهن ۾ انهن ماڻهن اختلاف وجهي ڇڏيو هو ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.

  214. ڀلا اوهان کي هي خيال آهي ڇا ته اوهين جنت ۾ داخل ٿيندوء! هوڏانهن اوهان تي انهن جهڙي حالت پيش نه آئي آهي جيڪي اوهان کان اڳ گذري ويا، جو انهن کي طرح طرح جي تڪليف (فاقه ڪشي، محتاجي) ۽ بيماريءَ ورتو. پڻ اهي زلزلي ۾ ايتري قدر لوڏيا ويا جو آخر (عاجز ٿي) رسول ۽ ايمان وارا، جي ان (نبي) سان گڏ هئا، چوڻ لڳا (ڏسجي ته) خدا جي مدد ڪڏهن ايندي؟ ڏسو! (گهٻرايو نه) خدا جي مدد پڪ ويجهي آهي.

  215. اي رسول ماڻهو تو کان پڇن ٿا ته (خدا جي راھ ۾) ڇا ڏيون! (کين) چئو ته اوهان پنهنجي پاڪ ڪمائيءَ مان جو ڪجھ خرچ ڪيو ته اهو اوهان جي ماءُ پيءُ ۽ قريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين جو حق آهي. ۽ جيڪا به ڀلائي ڪندوء تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي.

  216. (مسلمانو!) توهان تي جهاد فرض ڪيو ويو آهي ۽ اها ڳالھ اوهان کي ڳوري ٿي لڳي. ۽ شايد اوهان ڪنهن شيءِ (جهاد) کي پسند نه ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ چڱي هجي. ۽ شايد ڪنهن شي کي اوهان پسند ڪريو ۽ (در اصل) اها، توهان لاءِ بڇڙي هجي! ۽ خدا ته چڱي طرح ڄاڻي ٿو، پر اوهين نٿا ڄاڻو.

  217. (اي رسول! تو کان) تعظيم واري مهيني ۾ جنگ بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته ان ۾ جنگ ڪرڻ وڏو گناھ آهي. (۽ هي به ياد رکو ته) خدا جي راھ کان روڪڻ ۽ الله جو انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ ۽ ان جي رهڻ وارن کي ان مان ڪڍڻ، خدا وٽ (ان کان به) وڏو گناھ آهي. ۽ فتنو برپا ڪرڻ خون خرابه کان (به) تمام وڏو آهي. ۽ جيڪڏهن پڄي سگهندا ته اهي اوهان سان تيستائين هميشه جنگ ڪندا رهندا جيستائين اوهان کي پنهنجي دين (اسلام) کان ڦيرين ۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندا ۽ ڪافر ٿي مرندا تنهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويندا ۽ اهي ئي ماڻهو جهنمي آهن (۽) اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا.

  218. بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو، اهي ئي ماڻهو الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  219. (اي رسول!) تو کان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا (کين) چئو ته انهن ٻنهين ۾ وڏو گناھ آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجھ) فائدو به آهي. ۽ انهن ٻنهين جو گناھ هنن جي فائدي کان گهڻو وڏو آهي. ۽ تو کان پڇن ٿا ته خدا جي راھ م ڇا خرچ ڪريون؟ (کين) چئو ته پنهنجي ضرورت کان بچيل (خرچيو) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري (ته) من اوهين خيال ڪريو.

  220. دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾ ۽ تو کان يتيمن بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته انهن لاءِ سڌارو ڪرڻ چڱو آهي ۽ جيڪڏهن انهن سان گڏجي رهندوءَ ته (ڪجھ حرج نه آهي) آخر اهي به ته توهان جا ڀائر آهن ۽ خدا فساديءَ کي خير خواھ کان (الڳ چڱي طرح) ڄاڻي ٿو ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي مصيبت ۾ وجهي ها. بيشڪ خدا زبردست حڪمت وارو آهي.

  221. ۽ (مسلمانو!) مشرڪ زالن سان تيستائين نڪاح نه ڪريو جيستائين ايمان آڻين. ڇو ته مشرڪ عورت، سونهن ۽ سوڀيا ۾ توهان کي ڪيڏي به سٺي لڳي پر وري به ايماندار عورت هن کان ضرور سٺي آهي. ۽ مشرڪ جيستائين ايمان نه آڻين تيستائين پنهنجون عورتون هنن جي نڪاح ۾ نه ڏيو ۽ مشرڪ ڪيترو به ڇو نه توهان کي چڱو لڳي پر تڏهن به مومن بندو هن کان ضرور سٺو آهي. اهي (مشرڪ مرد يا عورت) ماڻهن کي دوزخ ڏي سڏين ٿا ۽ خدا پنهنجي عنايت سان جنت ۽ بخشش جي طرف سڏي ٿو. ۽ پنهنجا حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ته جئين من اهي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.

  222. ۽ (اي رسول!) تو کان حيض جي باري ۾ پڇن ٿا. (کين) چئو ته اها (گندگي) بيماري آهي، پوءِ حيض جي حالت ۾ زالن کان جدا رهن ۽ اهي جيستائين پاڪ نه ٿين، سندن ويجهو نه وڃن پوءِ جڏهن پاڪ ٿين، تڏهن جتان خدا اوهان کي حڪم ڪيو آهي، اتان انهن ڏي اچو. بيشڪ خدا توبه ڪندڙن ۽ پاڪائي رکندڙن کي دوست رکي ٿو.

  223. اوهان جون زالون (ڄڻ ته) اوهان جي پوک آهن. پوءِ پنهنجي پوک ڏي جتان وڻيو اتان اچن ۽ پنهنجي آئينده جي ڀلائي لاءِ (صالح عمل) موڪليو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. پڻ هي به ياد رهي ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي سندن سامهون وڃڻو آهي. (اي رسول) ايمان وارن کي (نجات) جي خوشخبري ٻڌاءِ.

  224. ۽ (مسلمانو!) الله جي نالن کي پنهنجي قسمن لاءِ بهانو نه بنايو ته جئين (ماڻهن سان) ڀلائي ڪرڻ ۽ پرهيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

  225. توهان جي اجائي قسم کڻڻ (جو اوهان جي وات مان بي اختيار نڪري) تي پڪڙ ته نه ڪندو، پر انهن قسمن تي اوهان جي ضرور گرفت ڪندو جنهن جو دل سان ارادو ڪيو اٿو. ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ بردبار آهي.

  226. جيڪي (ماڻهو) پنهنجي زالن (وٽ وڃڻ) کان قسم کڻن ٿا تن کي چار مهينا مهلت آهي، پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي قسم کان (انهيءَ عرصي ۾) باز آيا ته بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ نهايت رحم واور آهي.

  227. ۽ جيڪڏهن طلاق جو قصد ڪيائون ته (به) خدا بيشڪ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.

  228. ۽ طلاق ڏنل زالون پاڻ کي ٽن حيضن تائين ترسائين ۽ انهن کي جائز نه آهي ته جيڪي خدا سندن رحم (پيٽ) ۾ پيدا ڪيو آهي سو لڪائين، جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ ان (مدت) ۾ سندن مڙس انهن جي موٽائڻ جا زياده حقدار آهن، جيڪڏهن اهي سڌاري جو ارادو ڪن ۽ انهن (زالن) جو به (اهڙو) حق آهي جهڙو زالن تي (سندن مڙسن جو) حق آهي دستور موافق. ۽ مڙسن جو مٿن درجو (حڪومت) آهي. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي.

  229. طلاق (رجعي، جنهن کان پوءِ رجوع ٿي سگهي ٿي) ٻه ڀيرا ئي آهي، پوءِ يا ته (شريعت جي موافق) چڱي طرح روڪڻ يا ڀلائي سان (ٽيون دفعو) بلڪل ڇڏڻ لازم آهي ۽ جيڪي اوهان انهن (زالن) کي ڏنو آهي تنهن مان ڪجھ موٽائي وٺڻ اوهان کي جائز نه آهي. مگر جو اهي ٻئي (زال مڙس) خدا جي حڪمن کي قائم نه ڪرڻ کان ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته اهي ٻئي خدا جا حڪم ادا ڪري نه سگهندا ته پوءِ زال پنهنجي بدلي ۾ جيڪي ڏنو تنهن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ انهن ٻنهين تي ڪو گناھ نه آهي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ انهن کان لنگهي نه وڃو. ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا سي ئي ظالم آهن.

  230. پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٽين) طلاق (بائن به) ڏنائين ته ان کان پوءِ اها (زال) ان لاءِ حلال نه ٿيندي جيستائين ڪنهن ٻئي مڙس سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ به هن کي طلاق ڏني ته انهن ٻنهين تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو وري پاڻ ۾ (نڪاح سان) ملي وڃن. جيڪڏهن اهي ٻئي خيال ڪن ٿا ته الله جي حڪمن کي قائم رکي سگهندا ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن جن کي سمجهدار ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪري ٿو.

  231. ۽ جڏهن اوهان زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏني ۽ انهن جي عدت پوري ٿيڻ تي اچي ته (يا ته) دستور موافق کين جهليو يا دستور موافق انهن کي سٺي نموني رخصت ڪريو ۽ انهن کي تڪليف پهچائڻ لاءِ نه روڪيو ته جئين (وري هنن تي) ڏاڍ ڪرڻ لڳو ۽ جو ائين ڪندو ته ان پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ خدا جي آيتن کي مسخري ڪري نه سمجهو. ۽ پاڻ تي الله جي عنايت ڪيل نعمتن کي ياد ڪريو. ۽ جيڪو ڪتاب ۽ علم اوهان تي نازل ڪيو اٿس جنهن سان اوهان کي نصيحت ڪري ٿو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته خدا هر شيءَ جو ڄاڻندڙ آهي.

  232. ۽ جڏهن اوهان زالن کي طلاق ڏني پوءِ اهي جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدت کي پهتيون تڏهن انهن کي سندن (ٻين) مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ شريعت جي مطابق راضي ٿين. اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو سٺو ۽ زيادھ پاڪ آهي. ۽ (ان جي خوبي) خدا وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان (اهڙو) نه ٿا ڄاڻو.

  233. (طلاق ڏيڻ کان پوءِ) جو ماڻهو پنهنجي ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پيارن گهرجي ته ان جي ڪري مائرون پنهنجي اولاد کي پورا ٻه سال کير پيارين. ۽ انهن (مائرن) جو کاڌو ۽ ڪپڙو دستور موافق ان (مرد) تي آهي جنهن جو ٻار آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿي ڏني وڃي. نه ماءُ کي پنهنجي ٻار جي ڪري ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري نقصان پهچايو وڃي ۽ وارث تي به اهڙو ئي (حق) آهي. پوءِ جيڪڏهن ٻئي پنهنجي رضامندي ۽ صلاح سان (اڳ) ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن ڪو به گناھ نه آهي ۽ جيڪڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي (ڪنهن دائي کان) ٿڃ پيارڻ گهرو ٿا ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي، جڏهن اوهان کي جو ڪجھ دستور موجب ڏيڻو آهي، سو (انهن جي) حوالي ڪيو! ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته توهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا پڪ ڏسي ٿو.

  234. ۽ اوهان مان جي ماڻهو زالون ڇڏي مرن (تن جون زالون) پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) چار مهينا ۽ ڏھ ڏينهن ترسائين. پوءِ جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدي کي پهچن تڏهين شريعت موافق جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن تنهن ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ توهان ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي.

  235. ۽ اوهان تي هن (ڳالھ) ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو (عدت ۾) اشاري سان زالن جي سڱ جي گهر ڪريو يا تنهن جي دلين ۾ لڪائي رکو. خدا کي علم آهي ته اوهين انهن کي ياد ڪندو پر دستور جي موافق ڳالھ ڪرڻ کان سواءِ انهن کي لڪ چپ ۾ (نڪاح جو) وعدو نه ڏيو ۽ نه نڪاح جو پڪو ارادو ڪريو. جيستائين مقرر ڪيل (عدت) پنهنجي پڇاڙي کي نه پهچي ۽ ياد رکو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا پڪ ڄاڻي ٿو. پوءِ ان کان ڊڄندا رهو. ۽ هي سمجهو ته خدا وڏو بخشڻ وارو بردبار آهي.

  236. ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي زالن کي هٿ لاتو هجي ۽ نه مهر تي مقرر ڪيو هجيو، ۽ اوهان طلاق ڏني هجي (ته ان به) اوهان تي ڪجھ الزام نه آهي! انهن عورتن سان (دستور موافق) آسودي تي پنهنجي حيثيت موافق آهي ۽ سڃي تي پنهنجي طاقت آهر آهي، دستور جي موافق خرچ ڏيڻو آهي (اهو ڪم) نيڪي ڪندڙن تي لازم آهي.

  237. ۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏني ۽ اوهان انهن لاءِ ڪجھ مهر به مقرر ڪيو اٿو تنهن جو اڌ (ڏيڻو آهي) پر جيڪڏهن اهي (زالون) معاف ڪن يا سندن ولي جنهن جي هٿ ۾ ان جي نڪاح جو اختيار هجي. ۽ جيڪڏهن (سارو مهر) بخش ڪن ته (اها ڳالھ) پرهيزگاري جو زياده ويجهو آهي. ۽ پنهنجي بزرگي کي نه وساريو بيشڪ اوهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسندڙ آهي.

  238. (اي مسلمانو!) توهان سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچين نماز (صبح يا ظهر يا عصر) جي پابندي ڪيو ۽ خاص خدا جي ئي لاءِ (نماز ۾) قنوت پڙهندڙ ٿي بيهو.

  239. پوءِ جيڪڏهن اوهين (ڪنهن کان) ڊڄو ۽ (پوري نماز نه پڙهي سگهو ته) سوار يا پياده (جئين ٿي سگهي، پڙهو) پوءِ جڏهن بي ڊپا ٿيو ته الله کي ياد ڪيو جئين اوهان کي (پنهنجي رسول جي ذريعي) اهو ڪجھ سيکاريو اٿس جنهن کي اوهين نه ڄاڻندا هئا.

  240. ۽ جيڪي اوهان مان مرن ۽ زالون ڇڏين سي پنهنجن زالن لاءِ هڪ سال تائين خرچ ڏيڻ جي (گهر مان) ڪڍڻ کان سواءِ (ڀلي) وصيت ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهي (نڪاح وغيره) جائز ڳالهين لاءِ نڪرن (۽) جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن ته اوهان تي (ان ۾) ڪو گناھ نه آهي. ۽ خدا هر شي تي غالب ۽ قوت وارو آهي

  241. ۽ جن زالن کي (مهر مقرر ڪرڻ ۽ هٿ لائڻ کان سواءِ) طلاق ڏنل هجي، تن کي دستور موافق خرچ ڏيڻ پرهيزگارن تي لازم آهي.

  242. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو (ته) من اوهين سمجهو.

  243. (اي رسول!) ڇا! تو، انهن کي نه ڏٺو جيڪي پنهنجي گهرن مان موت جي ڊپ کان ڀڄي نڪتا ۽ اهي هزارين ماڻهو هئا، خدا انهن کي فرمايو ته سڀئي مري وڃو! (۽ اهي مري ويا) وري خدا انهن کي جيئرو ڪيو. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو احسان نٿا مڃن.

  244. ۽ (مسلمانو!) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ خدا ضرور (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻڻدڙ آهي.

  245. اهو ڪير آهي جو الله کي قرض حسنه ڏئي ته الله ان لاءِ اهو ڪيئي دفعا وڌائي. ۽ خدا (روزي) تنگ ڪري ٿو ۽ ڪشادي ڪري ٿو ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندا.

  246. (اي رسول!) ڇا موسى! کان پوءِ بني اسرائيلين جي سردارن (جي حالت) تي تو نظر ڪين ڪئي؟ جڏهن انهن پنهنجي نبي (شموئيل) کي چيو ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مقرر ڪريو ته اسين خدا جي راھ ۾ جنگ ڪريون (تڏهن) نبيءَ چيو ته جيڪڏهن اوهان تي جنگ ڪرڻ لازم ڪئي وڃي ته متان اوهان جهاد نه ڪريو. انهن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راھ ۾ جهاد نٿا ڪريون. هوڏانهن اسين پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا آهيون ۽ پنهنجن ٻارن کان جدا ڪيا ويا آهيون. پوءِ جڏهن مٿن جنگ ڪرڻ لازم ڪئي ويئي تڏهن انهن مان ٿورن کان سواءِ (ٻيا سڀ) ڦري ويا ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.

  247. ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاھ مقرر ڪيو آهي. چوڻ لڳا ته ان جي حڪومت (ڀلا) اسان تي ڪئين ٿي سگهي ٿي؟ هوڏانهن حڪومت جا حقدار ان کان ته اسين وڌيڪ آهيون. ڇو ته کيس ايترو مال (۽ دولت) به ته نه ڏنل آهي. چيائين ته بيشڪ الله ان کي اوهان تي فضيلت ڏني آهي ۽ (مال ۾ نه سهي، پر) علم ۽ جسم (طاقت) ۾ گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجو ملڪ ڏئي ٿو ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  248. ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته ان جي بادشاهيءَ جي نشاني هيءَ آهي جو اوهان وٽ صندوق ايندي جنهن ۾ اوهان پنهنجي پالڻهار وٽان هڪ تسڪين قلب ۽ پڻ انهن تبرڪات مان بچيل هونديون جي موسى ۽ هارون جي اولاد، يادگار ڇڏي ويئي آهي ۽ ان صندوق کي ملائڪ کڻي ايندا. جيڪڏهن ايمان وارا آهيو ته بيشڪ ان ۾ توهان لاءِ (پوري) نشاني آهي.

  249. پوءِ جڏهن طالوت، لشڪر سميت (ايليا شهر) مان روانو ٿيو (ته کين) چيائين ته الله اوهان کي هڪ نديءَ بابت آزمائڻ وارو آهي. پوءِ جنهن به ان مان پاڻي پيتو سو منهنجو نه آهي ۽ جنهن ان کي نه چکيو سو منهنجو آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي هٿ سان (رڳو) هڪ لپ ڀري (پيتي ته حرج نه آهي) پوءِ اتان ڪن ٿورن کان سواءِ (ٻين سڀني) پيتو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ جي مومن ان سان گڏ هئا نديءَ مان پار ٿيا ته (خالص مومنن کان سواءِ) سڀ چوڻ لڳا ته اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. پر انهن کي، جن کي يقين آهي ته (هڪ ڏينهن) خدا کي منهن ڏيکارڻو آهي انهن (بي خوف ٿي) چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٿوري جماعت خدا جي حڪم سان گهڻي جماعت تي غالب ٿي آهي. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي.

  250. مطلب ته جڏهن اهي ماڻهو جالوت ۽ سندس فوج جي مقابلي ۾ نڪتا ته دعا ڪيائون: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ڪامل صبر عطا فرمائي ۽ (جنگ جي ميدان ۾) اسان جا قدم ڄمائي رک ۽ اسان کي ڪافر قوم تي سوڀ ڏي.

  251. پوءِ ته انهن ماڻهن الله جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي شڪست ڏني ۽ داود جالوت کي قتل ڪيو ۽ خدا ان کي بادشاهي ۽ تمدن جي تدبير عطا فرمائي. پڻ (علم ۽ هنر مان) جو ڪجھ گهريائين سو به کيس سيکاريائين. ۽ جيڪڏهن خدا خاص ماڻهن جي ذريعي ٻين (شريرن) جي شر کي نه ٽاري ها ته هوند! سموري زمين تي فساد ٿي وڃي ها. پر خدا ته ساري جهان جي ماڻهن تي فضل (۽ رحم) ڪري ٿو.

  252. (اي رسول!) خدا جون هي سچيون آيتون آهن جي تو کي پوري طرح پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون پيغمبرن مان آهين.

  253. اهي سڀ پيغمبر آهن. انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت آهي جنهن سان خدا ڳالهايو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيائين ۽ اسان عيسى پٽ مريم جن کي (ڪهڙا نه ظاهر معجزا عطا ڪيا، پڻ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته، اهي ماڻهو جيڪي انهن (نبين) کان پوءِ هئا سي وٽن پڌرن دليلن اچڻ کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر اختلاف ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر اختيار ڪيو. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها. پر خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.

  254. اي ايمان وارو! اسان اوهان کي جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪري وٺو. ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪا خريد فروخت ۽ نه ڪا ياري دوستي ۽ نه ڪا پارت سفارش (ئي ڪم ايندي) ۽ ڪفر ڪرڻ وارا ئي ته ظلم وسائن ٿا.

  255. الله ئي اها (ذات پاڪ) آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي اهو زندھ ۽ ساري جهان جو سنڀاليندڙ آهي. ان کي نه پنڪي ۽ نه ننڊ وٺي ٿي. جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو سندس ئي آهي. اهو ڪير آهي جو سندس اجازت کان سواءِ وٽس سفارش ڪري. جو ڪجھ انهن جي اڳيان (موجود) آهي (سو) ۽ جو ڪجھ سندن پٺيان (ٿي چڪو) آهي (خدا سڀ کي) ڄاڻي ٿو. ۽ ماڻهو سندس علم مان ڪهن شي تي به احاطو ڪري نه ٿا سگهن. پر اهو (جنهن کي) جيترو گهري (ته سيکاري) سندس ڪرسي آسمانن ۽ زمين تي حاوي آهي ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ به مٿس ڳري نه آهي ۽ اهو (سڀ کان) مٿاهون آهي.

  256. دين ۾ ڪا زبردستي نه آهي بيشڪ هدايت گمراهيءَ کان پڌري ٿي آهي. پوءِ جيڪو ڪوڙن الاهن (بتن) کان انڪار ڪندو ۽ الله تي ايمان آڻيندو ته ان اها مضبوط رسي جهلي جا ڇڄڻ واري نه آهي ۽ خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.

  257. الله ايمان وارن جو سرپرست آهي. انهن کي (گمراهيءَ جي) اونداهين مان ڪڍي (نور هدايت جي) روشنيءَ ڏي آڻي ٿو ۽ جيڪي ڪافر ٿيا تن جا سرپرست (وري) شيطان آهن. جو انهن کي (ايمان جي) روشني مان ڪڍي (ڪفر جي) اونداهين ۾ وجهن ٿا. اهي دوزخي آهي. اهي سدائين ان ۾ پيا هوندا.

  258. (اي رسول!) ڇا تون ان ڏي نه ڏٺو جنهن ابراهيم سان پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ هن ڪري جهڳڙو ڪيو جو خدا هن کي بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيس ته: منهنجو پاليڻدڙ اهو آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. ان چيو ته آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو. ابراهيم چيو (چڱو! ته) پوءِ خدا ته سج کي اڀرندي کان آڻي ٿو ۽ تون ان کي الهندي کان آڻ. پوءِ اهو ڪافر حيرانيءَ ۾ پئجي ويو (پر ايمان نه آندائين) ۽ الله ظالمن کي منزل مقصود تي (ڪڏهن به) نٿو پهچائي.

  259. (اي رسول!) تو مثلا ان (بندي جي حال) تي به نظر ڪئي جو هڪ ڳوٺ مان لنگهيو ۽ اهو ڳوٺ پنهنجين ڇتين ڀر ڪريل هو (ان کي ڏسي) چيائين ته ڪئين هن کي الله هن جي ڦٽڻ کان پوءِ آباد ڪندو؟ پوءِ خدا کيس (ماري ڇڏيو ۽) سو سال مردو رکيو. وري ان کي اٿاريائين. خدا فرمايو ته: تون هتي ڪيترو وقت رهيو آهين؟ ان چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو ڪجھ حصو رهيو آهيان. خدا فرمايو ته: (نه) بلڪه تون سو سال رهيو آهين. پوءِ تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي ڏي ڏس ته (ذرو به) بگڙيو نه آهي. ۽ پنهنجي گڏھ ڏي ڏس ته ڪئين اسين ان جي (هڏين کي) سلائي وري انهن کي گوشت ڍڪايون ٿا. پوءِ جڏهن مٿس (اهو حال) ظاهر ٿيو تڏهن چيائين ته آءُ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.

  260. ۽ (اي رسول! اهو واقعو به ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي به ته ڏيکار ته تون مئل کي ڪئين جيئرو ڪندو آهين؟ خدا فرمايو، ڇا تو کي (ان تي) ايمان نه آهي؟ ابراهيم عرض ڪيو ته (ڇو ڪين) ايمان ته آهي (پر اکين سان ڏسڻ ان ڪري چاهيان ٿو ته) منهنجيءَ دلي تسلي ٿئي. خدا فرمايو چڱو ائين آهي ته پوءِ تون چار پکي وٺ. پوءِ انهن کي پاڻ سان هيراءِ (پوءِ انهن مان هڪ هڪ ٽڪرو رک. پوءِ انهن کي سڏ، بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  261. جيڪي خدا جي راھ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا تن جي (خرچ جو) مثال ان داڻي وانگر آهي جنهن ست سنگ ڪڍيا (۽) داڻا هجن. ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي وڌائي ڏي ٿو. ۽ خدا جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  262. جي ماڻهو پنهنجا مال خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ نڪي احسان رکن ٿا ۽ نه (جن تي احسان ڪيو اٿن تن کي) ستائن ٿا، تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ انهن جو اجر (۽ ثواب) آهي ۽ (آخرت ۾) انهن کي نه خوف ٿيندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.

  263. (سائل کي) نرميءَ سان جواب ڏئي ڇڏڻ ۽ (ان جي وري وري گهرڻ تي ڇڙٻ نه ڏي بلڪه) ان کان درگذر ڪرڻ ان خيرات کان سٺو آهي جنهن کان پوءِ (سائل کي) ايذاءُ پهچي. ۽ خدا بي پرواھ بردبار آهي.

  264. اي ايمان وارو! پنهنجي خيراتن کي احسان رکڻ ۽ (سائل کي) ايذاءُ ڏيڻ سان ان وانگر نه وڃايو جيڪو پنهنجو مال ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي. پوءِ ان جو مثال لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي هجي پوءِ ان (مينهن) ان کي بلڪل صاف ڪري (ڌوئي) ڇڏيو. جو ڪجھ ڪمايائون تنهن مان ڪا به شي کين هٿ ايندي (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ خدا ڪافرن کي هدايت (ذريعي منزل مقصود تي) نه ٿو پهچائي.

  265. ۽ جي ماڻهو پنهنجا مال الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي يقين جي ڪري خرچ ڪن ٿا، تن جو مثال هڪ سرسبز باغ وانگر آهي، جو دڙي تي هجي (۽) ان تي سخت مينهن وسيو، پوءِ پنهنجو ڦر ٻيڻو ڪيو. پر جيڪڏهن ان تي مينهن نه به وسي ها ته ماڪ ئي (اهو ڪم ڏئي ها) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، خدا تنهن کان با خبر آهي.

  266. ڇا اوهان مان ڪو به (هيءَ ڳالھ) پسند ڪندو ان کي کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي جنهن جي هيٺان واھ وهندا هجن، پڻ ان باغ ۾ ان لاءِ (ٻيا به) سڀ ميوا هجن ۽ ان کي ٻڍاپو اچي وٺي ۽ سندس (ننڍا ننڍا) ڪمزور ٻار هجن. ۽ ان (باغ) کي اهڙو واڇوڙو لڳي جنهن ۾ باھ هجي ۽ پوءِ اهو باغ سڙي خاڪ ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح خدا توهان لاءِ آيتون صاف صاف بيان ڪري ٿو ته من اوهين (غور ۽) فڪر ڪريو.

  267. اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون اوهان ڪمايون آهن تن مان ۽ انهن (پاڪ شين) مان به (خرچ ڪريو) جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان ڪڍيون آهن ۽ خراب شيء (جي خرچ ڪرڻ) جو ارادو به نه ڪريو حالانڪه جيڪڏهن اوهان کي ڪو اهڙو مال ڏئي ته اوهين نه ٿا وٺو. پر هي ته (مروت سبب) چشم پوشي ڪريو ٿا. ۽ ياد رهي ته خدا بيشڪ بي نياز (۽) حمد جي لائق آهي.

  268. شيطان اوهان کي سڃائيءَ جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي بيحيائيءَ (بخيليءَ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي طرفان معافي ۽ ڀلائي جو وعدو ڏئي ٿو. ۽ الله جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  269. جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي (خدا جي طرف کان) حڪمت عطا ٿئي ٿي ته بيشڪ ان کي خوبين جي وڏي دولت هٿ لڳي. ۽ صاحبان لب (عقلمند) کانسواءِ ڪو به نصيحت مڃي ئي نه ٿو.

  270. ۽ جيڪو به مال اوهين خرچ ڪريو ٿا، يا جيڪا به باس باسيو ٿا، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (هي به ياد رهي ته) ظالمن جا (جيڪي خدا جو حق ماري بين جو نذر ڪن ٿا، قيامت ۾) ڪي به مددگار نه ٿيندا.

  271. جيڪڏهن خيرات کي ظاهر ۾ ڏيو ته اهو (ظاهر ڪري ڏيڻ به) سٺو آهي پر جيڪڏهن ان کي لڪائي غيرن کي ڏيندو ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ اهڙي خيرات ڏيڻ کي خدا توهان جي گناهن جو ڪفارو ڪندو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان واقف آهي.

  272. (اي رسول!) انهن کي منزل مقصود تائين پهچائڻ تنهنجو فرض نه آهي (تنهنجو ڪم رڳو رستو ڏيکارڻ آهي) مگر هائو خدا جنهن کي گهري ته منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي. ۽ جو ڪجھ مال نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو سو اوهان لاءِ آهي. ۽ توهان ته خدا جي رضا کان سواءِ ٻي ڪم ۾ خرچ ڪيو ئي نٿا ۽ جيڪي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو (قيامت ۾) اوهان کي اهو ڀرپور واپس ملندو ۽ اوهان جو حق نه ماريو ويندو.

  273. (اها خيرات) خاص انهن حاجتمندن لاءِ آهي جيڪي خدا جي راھ ۾ (دنيا جي ڪم ڪرڻ کان) روڪيا ويا آهن. ۽ (روزي حاصل ڪرڻ لاءِ) زمين ۾ سفر ڪري نه ٿا سگهن. سوال کان بچڻ جي ڪري نا واقف کين مالدار سمجهي ٿو. تون انهن کي سندن صورت مان سڄاڻيندين. ته محتاج آهي (ڇاڪاڻ ته) اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نه ٿا ڪن. ۽ جو به مال خرچ ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي.

  274. جيڪي پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ پڌرو (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندا آهن، تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) سندن رب وٽ آهي. (قيامت ۾) نه انهن تي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.

  275. جيڪي وياج کائن ٿا، سي (قيامت ۾) رڳو انهيءَ (ماڻهو) جي اٿندڙ جهڙو اٿندا جنهن کي شيطان جي اثر سبب چريو ڪيو هجي. اهو هن ڪري آهي جو اهي (وياج خور) چون ٿا ته واپار (به ته) وياج جهڙو آهي. هوڏانهن خدا واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت (منع) آئي آهي ۽ (وياج وٺڻ) ڇڏي ڏنائين ته (هن حڪم نازل ٿيڻ کان اڳ) جو وياج وٺي چڪو، اهو هاڻي ان کي معاف آهي ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانهن (سونپيل) آهي. ۽ جن اها ساڳئي روش اختيار ڪئي سي دوزخي آهن، اهي منجهس سدائين پيا رهندا.  

  276. خدا وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن کي وڌائي ٿو ۽ جيڪي ناشڪرا گنهگار آهن خدا انهن کي دوست نٿو رکي.

  277. (هائو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏيندا رهيا تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) انهن جي پالڻهار وٽ آهي. ۽ (قيامت ۾) نه انهن کي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه وري اهي غمگين ئي هوندا.

  278. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي سو جيڪڏهن اوهين سچا (۽ خالص) مومن آهيو ته ڇڏي ڏيو.

  279. پوءِ جيڪڏهن (ائين) نه ڪيَوَ ته الله ۽ سندس رسول سان وڙهڻ لاءِ تيار رهو. پر جي اوهان توبه ڪئي آهي ته توهان جو اصل مال آهي، نه توهان ڪنهن جو زبردستي نقصان ڪريو ۽ نه توهان توهان تي زبردستي ڪئي ويندي.

  280. ۽ جيڪڏهن ڪو (قرضي) تنگ دست آهي ته آسودگيءَ تائين ان کي مهلت ڏيڻي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته توهان جي حق ۾ هيءَ (ڳالھ) زياده سٺي آهي جو اصل به بخشيون.

  281. ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان کي الله ڏي موٽايو ويندو، پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ڪمايو هوندائين تنهن جو پورو بدلو ڏنوويندو ۽ ان جي ذرو به حق تلفي نه ٿيندي.

  282. اي ايمان وارو! جڏهن اوهين مقرر ڪيل مدت تائين پاڻ ۾ قرض ڏيڻ وٺڻ جو معاملو ڪريو ته ان جي لک (پڙھ) ڪندا ڪريو. ۽ لکڻ واري کي گهرجي ته انصاف سان (بلڪل پوري ڳالھ) لکي. ۽ لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري. پوءِ جئين ان کي خدا سيکاريو آهي تئين ان کي لکڻ گهرجي. ۽ جنهن تي قرض آهي سو لکائي ۽ پنهنجي پالڻهار خدا کان ڊڄي ۽ ان مان ڪجھ به گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي سو جيڪڏهن بي عقل يا ضعيف هجي. يا اهو لکائي نٿو سگهي ته سندس ڪم هلائيندڙ، انصاف سان لکائي ۽ پنهنجن مردن مان ٻه گواھ شاهد ڪريو. ۽ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون انهن شاهدن مان هجن جن کي اوهين پسند ڪندا هجو. هن لاءِ ته انهن ٻنهين (زالن) مان جيڪڏهن هڪ ڀلجي وڃي ته ان کي ٻي ياد ڏياري. ۽ جڏهن شاهدن کي حاڪمن وٽ شاهدي لاءِ سڏايو وڃي ته حاضر هجڻ کان انڪار نه ڪن. ۽ ان (قرض) کي، ٿورو هجي يا گهڻو پنهنجي مدت تائين رکڻ کان نه ڳهٻرايو. خدا وٽ اها لکپڙھ تمام انصافي ڪاروائيءَ آهي. ۽ شاهدي لاءِ به ڏاڍي سٺي ڳالھ آهي. ۽ بلڪل ٺيڪ شبه ۾ نه پئو. پر روبرو واپار هئڻ وقت جنهن کي پاڻ ۾ هٿون هٿ ڏيو يا وٺو ته ان جي (سودي) جي نه لکڻ ۾ اوهان تي الزام نه آهي. (هائو) جڏهن اهڙي ڏي وٺ جو سودو هجي ته شاهد رکو. ۽ نقصان نڪي لکندڙ ۽ نڪي شاهد کي پهچايو وڃي. ۽ جيڪڏهن (اهو ڪم) ڪندئو ته اها ضرور اوهان جي شرارت آهي. ۽ خدا کان ڊڄو خدا توهان کي (معاملي جي صفائي) سيکاري ٿو ۽ اهو هر ڳالھ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.

  283. پر جيڪڏهن اوهين مسافريءَ م هجو ۽ لکندڙ نه ملي ته پوءِ (ڪي شيون) قبضي ۾ گروي ڪري (رکو) پوءِ جيڪڏهن اوهان مان هڪڙا ٻين تي ڀروسو ڪن ته پوءِ جنهن تي ڀروسو ڪيو ويو آهي سو پنهنجي امانت (قرض) ادا ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄي. (مسلمانو) توهان شاهدي نه لڪايو. ۽ جيڪو ان کي لڪائيندو تنهن جي دل گنهگار آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو خدا ڄاڻي ٿو.

  284. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمينن ۾ آهي سو الله ئي جو آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي، پوءِ اوهين ان کي ظاهر ڪريو يا لڪايو خدا اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي گهري ته بخشي ۽ جنهن کي گهري ته عذاب ڪندو ۽ خدا هر شيءَ تي قادر آهي.

  285. (اسان جي) رسول (محمد) تي جو ڪجھ سندس پالڻهار وٽان نازل ڪيو ويو، تنهن تي ايمان آندو. ۽ مومنن (به) ايمان آندو. سڀني الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن تي (به) ايمان آندو. ۽ چيائون ته اسين سندس رسولن مان ڪنهن به هڪڙي ۾ فرق نٿا ڪريون ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو. تو کان معافي گهرون ٿا. اي اسان پالڻهار! ۽ تو ڏي ئي موٽڻو آهي.

  286. خدا ڪنهن کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏي. جنهن چڱو ڪم ڪيو ته پنهنجي فائدي لاءِ ڪيو ۽ برو ڪم ڪيائين ته (ان جو وبال) مٿس آهي. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي اهڙو بار نه رک جهڙو تو انهن تي رکيو جيڪي اسان کان اڳ هئا. اي اسان جا پالڻهار! ۽ اسان کان اهو بار نه کڻاءِ جنهن جي اسان کي طاقت نه آهي. ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان تي رحم ڪر! تون ئي اسان جو مالڪ آهين. تون ئي ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found