سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

سورت آل عمران

ٽوٽل آيتون: 200

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الم
  2. الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. اهو زندھ (۽) سموري جهان کي قائم رکندڙ آهي.
  3. (اي رسول) تو تي برحق (اهو) ڪتاب نازل ڪيائين جو، جيڪي (اڳيان آسماني ڪتاب) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي، پڻ توريت ۽ انجيل کي.
  4. هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين. ۽ حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي.
  5. بيشڪ الله کان ڪا به شيءِ ڳجهي نه آهي (نه) زمين ۾ نڪي آسمان ۾.
  6. هو اهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جئين گهري ٿو تئين اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) دانا آهي.
  7. (اي رسول!) هو اهو آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنى واريون) آيتون آهن، اهي (عمل ڪرڻ لاءِ) اصل (۽) ڪتاب جو (بنياد) آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن (جن جون ڪيئي معنائون ٿي سگهن ٿيون) پوءِ جن (ماڻهن) جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ڪتاب مان انهن متشابه آيتن جي پٺيان آهن ته جئين فساد برپا ڪن. ۽ ان خيال سان ته پنهنجي دلي مطلب مطابق تاويل ڪن. هوڏانهن خدا ۽ انهن انسانن کان سواءِ جي علم جي وڏي درجي تي فائز آهن، انهن جو اصلي مطلب ڪو به نٿو ڄاڻي، اهي انسان (هي به) ڇون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو، هي سڀ (محڪم هجي يا متشابه) اسان جي پالڻهار جي طرف کان آهي. ۽ صاحبان لب (عقل مندن) کان سواءِ ڪو به ڌيان نٿو ڪري.
  8. (۽ دعا گهرن ٿا ته) اي اسان جا پالڻهار! جڏهن تون اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين.
  9. اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نٿو ڦيرائي.
  10. بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجھ به ڪم نه ايندا. ۽ اهي ئي دوزخ جي باھ جو ٻارڻ آهن.
  11. فرعونن ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي.
  12. (اي رسول!) ڪافرن کي چئو ته توهان جي طاقت تي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ۾ گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.
  13. بيشڪ توهان جي (سمجهڻ) لاءِ انهن ٻن (مخالف) گروهن ۾ جي (بدر جي جنگ ۾) هڪ ٻئي سان وڙهيا (رسول جي سچائي جي) تمام وڏي نشاني آهي جو هڪ گروھ ته خدا جي راھ ۾ جهاد ڪري رهيو هو ۽ ٻيو (گروھ) ڪافرن جو جن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻ جيترو (ظاهري طرح) اکين سان ٿي ڏٺو. (پر ٿورن کي ئي مدد ڏني) ۽ خدا پنهنجي مدد سان جنهن جي چاهي ٿو تائيد ڪندو آهي. بيشڪ اکين وارن لاءِ هن واقعي ۾ وڏي نصيحت آهي.
  14. (دنيا ۾) ماڻهن کي سندن وڻندڙ شيون (جئين) زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ ڀلا گهوڙا ۽ ڍڳا ڍور ۽ پوک سهڻيون ڪري ڏيکاريل آهن. اهو (فقط فاني) دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ (هميشه) جو سٺو هنڌ ته خدا وٽ ئي آهي.
  15. (اي رسول کين) چئو ته ڇا! اوهان کي ان کان به ڀلي (شي) جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو!) جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ بهشت جا اهي باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا (۽ اهي) انهيءَ ۾ هميشه رهندا. تنهن کان سواءِ انهن لاءِ پاڪ صاف زالون آهن پڻ خدا جي طرفان رضامندي آهي.
  16. ۽ خدا پنهنجي انهن بندن کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي جيڪي هي دعائون گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار! اسان ته (بنا دير جي) ايمان آندو آهي پوءِ اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
  17. (اهي ئي انسان آهن) صبر ڪرڻ وارا ۽ سچا ۽ فرمانبردار ۽ (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ (توبه ۽) استغفار ڪرڻ وارا.
  18. خدا پاڻ هن ڳالھ جي شاهدي ڏني آهي ته سندس ذات کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ سڀني فرشتن ۽ صاحب علم (انبياءِ ۽ اولياء) جيڪي عدل تي قائم آهن زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
  19. (سچو) دين ته خدا وٽ بيشڪ (بس اهو ئي) اسلام آهي ۽ اهل ڪتاب جو (هن دين حق سان) اختلاف ڪيو سو محض سندن شرارت ۽ (اصلي ڳالھ) معلوم ڪرڻ کان پوءِ (ئي ڪيو آهي) ۽ جنهن شخص خدا جي نشانين جو انڪار ڪيو ته (سمجهي ته) يقينن خدا (ان کان) تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.
  20. پوءِ (اي رسول!) جيڪڏهن اهي تو سان (خواه مخواه) حجت ڪن ته چئو ته مون خدا جي اڳيان سر نوايو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجا تابعدار آهن (انهن به) ۽ (اي رسول!) تون اهل ڪتاب ۽ جاهلن کي چئو ته توهان به اسلام آڻيو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته تو تي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي. ۽ خدا بندن کي ڏسندڙ آهي.
  21. بيشڪ جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا. ۽ ماڻهن مان جيڪي انصاف ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، تن کي به قتل ڪن ٿا، انهن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌاءِ.
  22. اهي ئي اُهي (بد نصيب) ماڻهون آهن جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن.
  23. (اي رسول!) ڇا تون انهن (يهودي عالمن) جي حال تي نظر نه ڪئي! جن کي ڪتاب (توريت جي فهم) جو هڪ حصو ڏنو ويو هو (هاڻي) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏي سڏيو وڃي ٿو ته جئين اهو (ڪتاب) سندن جهڳڙي جو فيصلو ڪري، تنهن هوندي به هنن مان هڪ گروھ منهن موڙي ٿو.
  24. اهو هن ڪري جو چون ٿا ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ دوزخ جي باھ نه ڇهندي ۽ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين تن انهن کي سندن دين ۾ ٺڳيو آهي.
  25. پوءِ ڪهڙو حال ٿيندن ان ڏينهن جڏهن کين گڏ ڪنداسون جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي بلڪل حق تلفي نه ڪئي ويندي.
  26. (اي رسول!) تون ته هي دعا گهر ته اي خدا! ملڪ جا مالڪ جنهن کي گهرين ٿو بادشاهي ڏين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت ڏين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي ذلت ڏين ٿو. تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي بيشڪ تون سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهين.
  27. تون ئي رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ تون ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪرين ٿو (ته وري ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ تون ئي بي جان مان (بيضه، نطفه وغيره) ڪڍين ٿو ۽ تون ئي جنهن کي گهرين ٿو بيشمار رزق ڏئين ٿو.
  28. مومن، مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي سرپرست نه بڻائين. ۽ جو ائين ڪندو ته ان جو خدا سان ڪو واسطو نه آهي پر (اهڙين تدبيرن سان) ڪنهن طرح انهن (جي شرارت) کان ڀڄڻ گهرو ٿا ته (خير) ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي.
  29. (اي رسول! کين) چئو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي جيڪڏهن اوهين لڪائيندو يا ان کي ظاهر ڪندو ته به خدا ان کي ڄاڻي ٿو ۽ الله سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.
  30. سڀ ڪو ماڻهو، جا ڪجھ نيڪي ڪئي اٿس، تنهن کي موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته جيڪر سندس ۽ ان (بڇڙائيءَ) جي وچ ۾ پري جو فاصلو هجي ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ خدا (پنهنجن) بندن تي گهڻو شفيق (۽ مهربان) به آهي.
  31. (اي رسول! انهن ماڻهن کي) چئو ته جيڪڏهن توهان خدا سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو ته الله (به) اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
  32. (اي رسول! کين) چئو ته الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نٿو رکي.
  33. بيشڪ الله، آدم ۽ نوح ۽ ابرهيم جي خاندان ۽ عمران جي خاندان کي سموري جهان کان برگزيده ڪيو آهي.
  34. هڪڙا انهن مان ٻين جي اولاد آهن ۽ خدا سڀ ڪنهن ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.
  35. (اي رسول! اهو به وقت ياد ڪريو ته) جڏهن عمران جي زال (حنه) چيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجي پيٽ ۾ جو (ٻار) آهي سو مون (دنيا جي ڪمن کان) آزاد ڪري تنهنجي نذر ڪريان ٿي تون منهنجي طرفان هي نذر قبول فرمائج! بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.
  36. پوءِ جڏهن ڌيءَ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! (هاڻي آءُ ڇا ڪريان؟) مون ته اها ڌيءُ ڄڻي آهي. ۽ جيڪي ان ڄڻيو تنهن کي الله وڌيڪ ڄاڻي ٿو. ۽ پٽ ڌيءُ جهڙو نه آهي. هوڏانهن (انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪهڙي؟) جا هن ڄڻي هئي ان (جي شان ۽ مرتبه) کان خدا خوب واقف هو. ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ بيشڪ آءُ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناھ ۾ ڏيان ٿي.
  37. ته سندس پروردگار (ان جو نذر) مريم کي خوشي سان قبول فرمايو ۽ ان جي پالڻا چڱي طرح ڪئي ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيو. جڏهن به وٽس حجري ۾ زڪريا ايندو هو ته پڇندو هوس ته اي مريم هي (کاڌو) توهان وٽ ڪٿان (آيو) آهي؟ ته مريم چوندي هيس ته الله وٽان (آيو) آهي. بيشڪ خدا جنهن کي گهري بي حساب رزق ڏئي ٿو.
  38. (اها ماجرا ڏسي) ان وقت زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته: اي منهنجا پاليندڙ! مون کي پاڻ وٽان ڪو چڱو اولاد عطا ڪر! بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آهين.
  39. اڃا زڪريا حجري ۾ بيٺي (اها) دعا گهري رهيو ئي هو ته کيس فرشتن آواز ڏنو ته خدا تو کي يحيى (جي پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏئي ٿو. جو ڪلمه الله (عيسى) جي تصديق ڪندو ۽ (ماڻهن جو) سردار هوندو ۽ عورتن ڏانهن رغبت نه ڪندو ۽ نيڪن مان هڪ نبي ايندو.
  40. زڪريا به عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو، هوڏانهن مون کي ٻڍاپو پهچي چڪو آهي ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. (خدا) فرمايو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو، سو ڪري ٿو.
  41. زڪريا عرض ڪيو ته پالڻهار! منهنججي (دلجاءِ) لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر. ارشاد ٿيو: تنهنجي نشاني هي آهي ته تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين، ۽ تون (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر، ۽ شام ۽ صبح جو (سندس) پاڪائي بيان ڪر.
  42. ۽ (اها ڳالھ ياد ڪريو) جڏهن فرشتن مريم کي چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي برگزيده ڪيو. ۽ تو کي (تمام گناهن ۽ بڇڙاين کان) پاڪ صاف رکيو ۽ سموري جهان جي عورتن کان تو کي پسند ڪيو.
  43. اي مريم! (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجده ڪر ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪندي رھ.
  44. (اي رسول!) هيءَ (خبر) غيب جي خبرن مان آهي جا اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (اي رسول) تون ته انهن (مريم جي سرپرستن) وٽ موجود نه هئين جڏهن انهن مقابلو ڪندي پنهنجا قلم دريا ۾ پُکي طور وڌائون ٿي ته انهن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو.
  45. ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن فرشتن (مريم کي) چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي سندس حڪم (سان هڪ ٿيندڙ پٽ) جي خوش خبري ٻڌائي ٿو جنهن جو نالو عيسى مسيح پٽ مريم جو آهي جو دنيا ۽ آخرت ۾ (عزت) آبرو وارو ۽ الله جي مقربين مان هوندو.
  46. ۽ ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر جو ٿي (ٻنهين حالتن ۾ هڪ جهڙو) ڳالهائيندو ۽ نيڪن مان هوندو.
  47. (اهو ٻڌي مريم، تعجب سان) چوڻ لڳي ته اي منهنجا رب! مون کي ڪٿان ٻار ٿيندو؟ مون کي ته ڪنهن ماڻهوءَ هٿ به نه لاتو آهي ارشاد ٿيو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿي“ ته اهو ٿي پوي ٿو.
  48. ۽ (مريم) خدا ان کي(سڀ) آسماني ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون ۽ (خاص ڪري) تورات ۽ انجيل سيکاريندو.
  49. ۽ (کيس) بني اسرائيلين ڏي رسول ڪري موڪليندو (هن دعوى سان) ته مون اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) هيءَ نشاني آندي آهي ته آءُ اوهان لاءِ مٽي مان پکيءَ جي شڪل جهڙو (بوتو) ٺاهيان ٿو. پوءِ ان تي ڦوڪيان ٿو. پوءِ اهو الله جي حڪم سان پکي ٿيندو ۽ الله جي حڪم سان ماءَ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙي کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ مئل جيئرا ڪريان ٿو. ”جيڪي اوهان کائو ٿا ۽ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪريو ٿا آءُ (سڀ اوهان کي ٻڌائيندس جيڪڏهن اوهان ايماندار آهيو ته بيشڪ اوهان لاءِ انهي ڳالهين) ۾ (منهنجي قدرت جي وڏي) نشاني آهي.
  50. ۽ حڪومت منهنجي اڳيان تورات آهي، جنهن کي سچو چوندڙ ٿي (آيو آهيان) ۽ هن لاءِ ته جيڪي (شيون اوهان تي حرام ڪيل آهن تن مان ڪي اوهان لاءِ حلال ڪريان. ۽ آءُ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) نشاني کڻي آيو آهيان. پوءِ اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو.
  51. بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي پوءِ سندس عبادت ڪريو (ڇو ته) اهو ئي (نجات جو) سڌو رستو آهي.
  52. پوءِ جڏهن عيسى (ايترو سمجهائڻ کان پوءِ به) سندن ڪفر (تي ضد) ڏٺو ته (نيٺ) چيائين ته ڪير اهڙو آهي جو خدا ڏي ٿي منهنجو مددگار بڻجي! (اهو ٻڌي) حوارين چيو ته اسين خدا جا طرفدار آهيون ۽ اسان خدا تي ايمان آندو ۽ تون شاهد هج ته اسين فرمانبردار آهيون.
  53. (۽ انهن خدا جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ته) اي اسان جا پالڻهار! جيڪي تو نازل ڪيو تنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان (تنهنجي) رسول (عيسى) جي پيروي اختيار ڪئي پوءِ تون اسان کي (پنهنجي رسول جي) شاهدن مان لک.
  54. ۽ (يهودين عيسى سان) مڪاري ڪئي ۽ خدا به رٿ رٿي ۽ خدا سڀ کان چڱو تدبير ڪرڻ وارو آهي.
  55. (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن عيسى کي خدا فرمايو ته اي عيسى آءُ ضرور تنهنجي (زمين جي سڪونت) جي مدت پوري ڪندس ۽ تو کي پاڻ ڏي کڻندس ۽ ڪافرن (جي گندگي) کان تو کي پاڪ رکندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي انهن کي قيامت تائين ڪافرن تي غالب رکندس. پوءِ اوهان سڀني کي موٽي مون وٽ اچڻو آهي ته (ان ڏينهن) جن ڳالهين ۾ توهين (دنيا ۾) وڙهندا هئا (انهن جو) توهان ۾ فيصلو ڪندس.
  56. پوءِ جن ڪفر ڪيو تن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب ڏيندس ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو.
  57. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن عيوضا پورا ڏيندو. ۽ الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري.
  58. (اي رسول!) هي جو اسين تنهنجي اڳيان بيان ڪري رهيا آهيون (خدا جي قدرت جون) نشانيون ۽ حڪمت ڀريا تذڪرا آهن.
  59. خدا وٽ ته جهڙي عيسى جي حالت تهڙي ئي آدم جي حالت جو ان کي مٽيءَ جو پتلو بڻائي چيائين ته ”ٿيءُ!“ته (يڪدم ئي) اهو (انسان) ٿي پيو.
  60. (اي رسول! اها آهي) سچي ڳالھ (جا) تنهنجي پروردگار جي طرفان (ٻڌائي وئي) آهي پوءِ تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي.
  61. پوءِ جيڪي تو سان ان ۾ هن کان پوءِ (به) جهڳڙو ڪن جو تو وٽ علم (قرآن) پهتو ته کين چئو ته (چڱو ميدان ۾) اچو ته اسين پنهنجن پٽن کي آڻيون توهان پنهنجن پٽن کي ۽ اسين پنهنجن زالن کي آڻيون توهين پنهنجين زالن کي ۽ اسين پنهنجن نفسن (جان جگرن) کي سڏيون ۽ اوهان پنهنجي نفسن کي وري زاريءَ سان دعا گهرون ۽ ڪوڙن تي خدا جي لعنت ڪريون.
  62. (اي رسول) هي سڀ قصا آهن. ۽ الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ۽ بيشڪ الله ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
  63. پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ کان به) منهن ڦيرين ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) خدا فسادي ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
  64. (اي رسول!) تون (هنن کي) چئو اي اهل ڪتاب توهان ڪنهن اهڙي (اتفاق جهڙي) ڳالھ تي اچو جا توهان ۽ اسان جي وچ تي هڪ جهڙي آهي (اهو هي عقيدو) ته خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريون ۽ خدا کان سواءِ اسان مان ڪو به ڪنهن کي پنهنجو پروردگار نه بنائي. پوءِ جيڪڏهن (ان کان به) منهن موڙين ته تون (کين) چئو ته اوهين شاهد رهو ته اسين (خدا جا) فرمانبردار آهيون.
  65. اي اهل ڪتاب! توهان ابراهيم جي باري ۾ ڇا لاءِ جهڳڙو ڪريو ٿا (جو کيس ڪو نصراني ٿو سڏي ته ڪو يهودي) هوڏانهن توريت ۽ انجيل (جن کان يهودين ۽ نصارن جي شروعات ٿي ٿي) اهي هن کان پوءِ ته نازل ٿيا، ته ڇا توهان (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟
  66. هوشيار ٿيو! توهان اهي (احمق) ماڻهو آهيو جو جنهن جي اوهان کي ڄاڻ هئي تنهن ۾ (ته) توهان جهڳڙو ڪيو (خير) ۽ جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن ۾ ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو ۽ (حال ته) خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو.
  67. ابراهيم نه يهودي هو ۽ نه نصراني، پر هڪ طرفو فرمانبردار (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو. ۽ مشرڪن مان (به) نه هو.
  68. بيشڪ ماڻهن مان ابراهيم کي زياده ويجها اهي آهن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ پڻ هن پيغمبر ۽ ايمان وارن کي (به) آهي. ۽ مومنن جو خدا مالڪ آهي.
  69. (مسلمانو) ڪتاب وارن مان هڪ جماعت اوهان کي گمراھ ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن اهي پاڻ کانسواءِ بئي ڪنهن کي گمراھ نه ٿا ڪن ۽ ان کي سمجهن (به) نه ٿا.
  70. اي ڪتاب وارو!اوهان خدا جي آيتن جو انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ حالانڪه توهان به شاهد بڻجي سگهو ٿا.
  71. اي ڪتاب وارو! سچ کي ڪوڙ سان ڇو ٿا ملايو ۽ ڄاڻ هوندي به سچ کي ڄاڻي واڻي ڇو ٿا لڪايو.
  72. ۽ ڪتاب وارن مان هڪڙن چيو ته جيڪي ايمان وارن تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ڏينهن جي اڳياڙيءَ ۾ ايمان آڻيو ۽ ان جي پوياڙي ۾ انڪار ڪريو ته من مسلمان (ان تدبير سان پنهنجي دين کان) موٽن.
  73. ۽ جو توهان جي دين جي پيروي ڪري ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ڳالھ تي اعتبار نه ڪريو (اي رسول!) تون چوين ته خدا جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي (يهودي پاڻ ۾ اهو به چون ٿا ته) ان کي به (نه مڃجو) جو جهڙو (سٺو هين) اوهان کي ڏنو ويو آهي تهڙو ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي يا توهان سان ڪو شخص خدا وٽ جهڳڙو ڪري (اي رسول! تون کين) چئو ته (اهو ڪهڙو نه خام خيال آهي) فضل ۽ (ڪرم) خدا جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي گهري ته ڏي ۽ خدا گهڻو ڏيندڙ، (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.
  74. منهنجي چاهي ته پنهنجي رحمت لاءِ خاص ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا وڏو فضل (۽ ڪرم) وارو آهي.
  75. ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن مال جا پرمارت رکندين ته اهو تو کي موٽائي ڏيندا ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن اشرفي به امانت رکندين ته (اها) به جيستائين تون انهن جي مٿان بيٺو نه هوندين ته تو کي موٽائي نه ڏيندا. اها (بد معاملگي) هن ڪري آهي جو سندن اهو چوڻ آهي ته (عرب جي) جاهلن ( جو حق مارڻ) ۾ اسان تي ڪا به (الزام جي) راھ آهي ئي ڪا نه. ۽ اهي ڄاڻي واڻي خدا تي ڪوڙ (جو طوفان) ٻڌن ٿا.
  76. پر جنهن پنهنجو انجام پورو ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته بيشڪ الله پرهيزگارن کي دوست رکي ٿو.
  77. بيشڪ جيڪي الله سان پنهنجا عهد اقرار ۽ (قسم) اقسام جي عيوض ٿورو (دنياوي) فائدو وٺن ٿا تن لاءِ آخرت ۾ ڪجھ به حصو نه آهي ۽ نه انهن سان ڪو خدا ڳالهائيندو. ۽ نه انهن ڏي قيامت جي ڏينهن نظر (رحمت) ئي ڪندو ۽ نه انهن کي (گناهن جي گندگين کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
  78. ۽ اهل ڪتاب مان ضرور اهڙا به آهن جيڪي ڪتاب توريت سان پنهنجي زبانن کي مروڙي (ڪجھ جو ڪجھ) پڙهي وڃن ٿا هن لاءِ ته اوهين ان کي ڪتاب مان خيال ڪريو هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه آهي ۽ چون ٿا ته اهو خدا جي طرفان آهي هوڏانهن اهو خدا جي طرفان نه آهي. ۽ اهي ڄاڻي واڻي ڪوڙ مڙهن ٿا.
  79. ڪنهن به ماڻهو جو هي ڪم نه آهي ته الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ اهو ماڻهن کي چوندو وتي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو، پر (چوندو ته) الله وارا ٿيو! هن ڪري ته اوهين ڪتاب پيا سيکاريو ۽ اوهين (هميشه پيا پڙهو).
  80. ۽ نڪي (اهڙو ماڻهو) اوهان کي هي حڪم ڪندو ته ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو پالڻهار ڪري وٺو. ڀلا (ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته) توهان جي مسلمان هجڻ کان پوءِ اوهان کي ڪفر جو حڪم ڪندو.
  81. ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيار) جڏهن خدا نبين جو اقرار ورتو ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان ان کان پوءِ اوهان وٽ رسول اچي ۽ جو ڪتاب اوهان وٽ آهي ان جي تصديق ڪري ته (ڏسجو!) توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندوء ۽ ضرور ان جي مدد ڪندوءَ. (۽) خدا فرمايو ته ڇا اوهان اقرار ڪيو ۽ ان (شرط) تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون ته اسان اقرار ڪيو. ارشاد ٿيو (ته چڱو) اوهين اڄ (جي قول ۽ اقرار جا) پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شاهد رهو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان.
  82. پوءِ جيڪي به ان کان پوءِ ڦرندا ته اهي بدڪار آهن.
  83. ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي دين کان سواءِ (ڪو ٻيو دين) ڳولين ٿا، هوڏانهن جي (فرشته) آسمانن ۾ آهن ۽ جي (ماڻهو وغيره) زمين ۾ آهن سي خوشيءَ ۽ مجبوري سان سندس فرمانبردار ٿيا آهن ۽ آخر ان ڏي ئي موٽايا ويندا.
  84. (اي رسول! انهن ماڻهو کي) چئو ته اسان ته خدا تي ايمان آندو ۽ جو ڪتاب اسان تي نازل ٿيو ۽ جيڪي صحيفه ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا ۽ موسى ۽ عيسى ۽ ٻين پيغمبرن کي (جي ڪتاب) سندن پروردگار جي طرفان عنايت ٿيا (سڀ تي ايمان آندوسين) اسين ته انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به فرق نٿا ڪريون. ۽ اسان ته ان (خدا واحد) جا فرمانبردار آهيون.
  85. ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين جي خواهش ڪندو ته سندس اهو دين ڪڏهين به قبول نه ڪيو ويندو ۽ هو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان آهي.
  86. ڀلا اهڙن ماڻهن کي خدا ڪئين هدايت ڪندو جن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو هوڏانهن اهي اقرار ڪري چڪا هئا ته پيغمبر (آخر الزمان) برحق آهي ۽ انهن ڏانهن ظاهر ۽ روشن معجزا به اچي چڪا هئا ۽ خدا اهڙي ضدي قوم وارن ماڻهن کي هدايت نٿو ڪري.
  87. اهڙن ماڻهن جي سزا هي آهي ته انهن تي خدا ۽ فرشتن ۽ (سموري جهان جي) سڀني انسانن جي ڦٽڪار آهي ۽ اهي هميشه انهيءَ ڦٽڪار ۾ پيا رهندا.
  88. نه انهن تان عذاب گهٽ ٿيندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.
  89. پر (هاءُ!) جن ماڻهن انکان پوءِ توبه ڪئي ۽ پنهنجيءَ (خرابي جو) اصلاح ڪيو ته پوءِ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
  90. بيشڪ جيڪي پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا، وري (روز بروز) ڪفر ۾ وڌندا ويا ته انهن جي توبه ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهي ئي ماڻهو (چوٽي جي درجي جا) گمراھ آهن.
  91. بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪافر ٿي مئا تن مان ڪنهن کان به زمين جيترو ڀرپور سون به جند ڇڏائڻ لاءِ قبول نه ڪيو ويندو. اهي، اهي ماڻهو آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه هوندا.
  92. (انسانو!) اوهان ڀلائي کي ڪڏهن به نه پهچندو جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيءِ خرچ نه ڪندو. ۽ جا به شيءِ خرچ ڪندو تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.
  93. سڀ ڪو کاڌو اسرائيلين لاءِ حلال هو مگر جنهن کي يعقوب پاڻ تي تورات جي لهڻ جي اڳ کان حرام ڪيو هو. (اي رسول! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو (ته چڱو) تورات کڻي اچو ۽ ان کي (اسان جي اڳيان) پڙهو.
  94. پوءِ ان کان بعد ۾ جو ڪوئي خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي ته (سمجهو ته) اهي ئي ماڻهو ظالم (هٺيلا) آهن.
  95. ( اي رسول!) چئو ته خدا سچ فرمايو ته هاڻي اوهين ملت ابراهيم (اسلام) جي پيروي ڪريو (جو باطل کان هٽي هلندو هو) ۽ مشرڪن مان نه هو.
  96. ماڻهن جي عبادت لاءِ جو گهر سڀ کان اول بنايو ويو اهو ته يقينن اهو (ڪعبه) آهي جو مڪي ۾ آهي، وڏو (خير ۽) برڪت وارو آهي ۽ سموري جهان وارن جو رهنما.
  97. هن ۾ (عزت ۽ حرمت جون) ڪيتريون ئي ظاهر ۽ روشن نشانيون آهن (انهن مان) مقام ابراهيم آهي (جتي سندس قدمن مان پٿر تي نشان آهن) ۽ جو هن گهر ۾ داخل ٿيو امن ۾ اچي ويو. ۽ ماڻهن تي واجب آهي ته فقط خدا لاءِ خانه ڪعبه جو حج ڪن، جن کي به اوستائين پهچڻ جي طاقت هجي. ۽ جنهن طاقت هوندي به حج کان انڪار ڪيو ته (ياد رهي ته) خدا ساري جهان کان بي پرواھ آهي.
  98. (اي رسول! تون چوين ته ڪتاب وارو! اوهين خدا جي آيتن جا ڇو منڪر ٿيندا وڃو ٿا حالانڪه جو ڪم ڪار اوهان ڪريو ٿا خدا کي ان جي پوري (پوري) خبر آهي.
  99. (اي رسول!) چوين ته اي ڪتاب وارو! ڄاڻي واڻي اوهين خدا جي (سڌي) راھ ۾ (ناحق) هٿرادو عيب ڳولي ايمان وارن کي ان کان ڇو ٿا جهليو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا بي خبر نه آهي.
  100. اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان ڪنهن به فرقه جي فرمانبرداري ڪندو ته(ياد رکو!) ته اهي اوهان کي ڪافر بڻائيندا.
  101. ۽ اوهين ڪئين ڪافر ٿيندو هوڏانهن اوهان جي اڳيان (رات ڏينهن) آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول (محمد) به (موجود) آهي. ۽ جي شخص خدا سان لوء لائيندو اهو ته ضرور سڌي رستي تي آندو ويو.
  102. اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو جئين ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ اوهين (دين) اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين (باطل) تي نه مرجو.
  103. ۽ خدا جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ ڌار ڌار نه ٿجو. ۽ پاڻ تي خدا جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا دشمن هئا. پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين. پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا، ۽ اوهين (ڄڻ ته) باھ جي هڪ بٺي (دوزخ) جي ڪناري تي (بيٺا) هئا ۽ ڪرڻ تي هئا ته خدا اوهان کي بچائي ورتو اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا کليل حڪم بيان فرمائي ٿو (ته) من هدايت وارا ٿيو.
  104. ۽ اوهان مان هڪ جماعت اهڙن (ماڻهن جو به) ته هئڻ گهرجي، جيڪي (ماڻهن کي) ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين. ۽ اهي ئي (آخرت ۾) ڪامياب آهن.
  105. ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي (هڪ ٻئي کان) جدا ٿيا ۽ پاڻ ۾ ڦوٽ وڌائون ان کان پوءِ به جو وٽن ظاهر حڪم آيا ۽ اهڙن لاءِ ئي (تمام) سخت عذاب آهي.
  106. (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن ڪي منهن اڇا ٿيندا ۽ ڪي منهن ڪارا ٿيندا. پوءِ جن (ماڻهن) جا منهن ڪارا هوندا (تن کي چيو ويندو ته) (اڙي) ڇا! توهين ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا؟ چڱو ته (چکيو هاڻي) پنهنجي ڪفر جي سزا ۾ عذاب (جا مزا).
  107. ۽ جن چهرن تي نور وسندو هوندو اهي ته خدا جي رحمت (بهشت) ۾ هوندا (۽) ان ۾ سدائين رهندا.
  108. (اي رسول!) اهي خدا جون آيتون آهن جي اسين تو کي برابر پڙهي ٻڌايون ٿا. ۽ خدا ساري جهان جي ماڻهن مان ڪنهن تي (به) ظلم ڪرڻ نٿو گهري.
  109. ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو (ئي) آهي. ۽ (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي موٽا ويندا.
  110. اوهين ڪهڙو نه سٺو ٽولو آهيو! جو اوهين، ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لاءِ (هادي بڻائي) پيدا ڪيا ويا آهيو. اوهين (يقينن ماڻهن کي) چڱن ڪمن جو ته حڪم ڪريو ٿا ۽ بڇڙن ڪمن کان کين منع ڪيو ٿا، ۽ خدا تي (پورو پرور) ايمان رکو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا به ايمان آڻن ها ته سندن حق ۾ سٺو هو. انهن مان ڪجھ ته ايماندار آهن ۽ گهڻا بدڪار.   
  111. (مسلمانو!) هي ماڻهو معمولي ايذاءُ کان سواءِ اوهان کي ڪڏهين به نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهان سان وڙهندا ته کين توهان ڏي پٺي ئي ڪرڻي پوندين ۽ پوءِ انهن کي ڪٿان به مدد ڪانه ملندي.
  112. خدا جي ذمي ۽ ماڻهن جي ذمي کان سواءِ جتي به لڌا ويندا، اتي مٿن خواري وڌي وئي آهي ۽ خدا جي غضب سان موٽيا آهن. ۽ مٿن محتاجي (بد حالي) وڌي وئي آهي. اهو هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا آهن ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا رهيا آهن، ڇو ته انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد کان لنگهي ويندا هئا.
  113. ۽ هي سڀئي ماڻهو به سڀ جا سڀ هڪ جهڙا نه آهن (پر) اهل ڪتاب مان ڪجھ ماڻهو ته اهڙا به آهن جو (خدا جي دين تي) اهڙي طرح ثابت قدم آهن جي رات جي وقتن ۾ الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ اهي برابر سجدا ڪندا رهندا آهن.
  114. خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڃڙين ڳالهين کان منع ڪن ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا. اهي ئي انسان صالحن مان آهن.
  115. ۽ جيڪا به چڱائي ڪندا تنهن جي انهن سان بيقدري نه ڪئي ويندي ۽ خدا پرهيزگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
  116. بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ اهي دوزخي آهن هميشه ان ۾ پيا رهندا.
  117. جو ڪجھ (خلاف شرع) هن دنيا جي (فاني) حياتي ۾ خرچ ڪن ٿا تنهن جو مثال هڪ اهڙي هوا جي مٿال جهڙو آهي جنهن ۾ (تمام) سخت ٿڌ هجي جو اهڙن ماڻهن جي کيتيءَ کي وڃي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏيائين. ۽ خدا هنن تي ظلم نه ڪيو آهي پر اهي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا.
  118. اي ايمان وارو! پنهنجن (مومنن) کان سواءِ (ٻئي ڪنهن کي) پنهنجو حال محرم نه بڻايو (ڇو ته) اهي غير ماڻهو اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ گهٽتائي نٿا ڪن. (پر) اوهين جيترو به تڪليف ۾ پوندوءَ اوترو ئي اهي خوش ٿيندا. دشمني ته انهن جي واتن مان ٽمي ٿي. پڻ جو (حسد ۽ ساڙ) انهن جي دلين ۾ ڀريل آهي اهو ان کان گهڻو ڪجھ آهي اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪڏهن اوهين عقل رکو ٿا.
  119. اوهين اهي (سادا) ماڻهو آهيو جو انهن کي دوست ٿا رکو ۽ اهي اوهان کي ذرو به نٿا گهرن ۽ اوهين ته سڄي ڪتاب تي ايمان رکو ٿا ۽ اهي (اهڙا) نه آهن. پر جڏهن اهي اوهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته اوهان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چڪ پائين ٿا. (کين چئو) ته پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري (سڙي) مرو! بيشڪ خدا دلين جا ڳجھ ڄاڻندڙ آهي.
  120. (ايمان وارو!) جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته اها انهن کي ڳوري لڳندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو ڏک پهچندو ته ان جي ڪري هو خوش ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن صبر ڪندوءَ ۽ پرهيزگار ٿيندو ته سندن مڪر اوهان کي ڪو به نقصان نه پهچائيندو. ڇو ته جيڪي اهي ڪن ٿا تن جي چالاڪين تي خدا حاوي آهي.
  121. ۽ (اي رسول) هڪ وقت اهو به هو جڏهن تون ٻار ٻچن سان صبح جو پنهنجي گهر مان نڪتين ۽ مومنن کي جنگ جي مورچن ۾ لاٿو ٿي. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
  122. هي ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اوهان مان ٻن گروهن بي همٿ ٿيڻ جو ارادو ڪيو. پوءِ (تيار ٿيا) ڇو ته خدا ته انهن جو سرپرست هو ۽ مومنن کي خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.
  123. ۽ يشڪ خدا جنگ بَدر ۾ اوهان جي مدد ڪئي، توڙي جو اوهان، دشمنن جي ڀيٽ ۾ بي حقيقت هئا تڏهن به الله اوهان کي فتح ڏني ته پوءِ اوهان خدا جو خوف ڪندا ڪيو ته جئين (سندس) شڪر گذار بڻجو.
  124. (اي رسول) تون ان وقت مومنن کي چوين پيو ته ڇا توهان لاءِ هي ڪافي نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ ٽي هزار فرشته آسمان کان موڪلي اوهان جي مدد ڪري!
  125. هاءُ جيڪڏهن مستقل رهندوءَ ۽ (رسول جي مخالفت کان) بچو ۽ ڪافر پنهنجي (جوش ۾) به اوهان تي چڙهي به آيا ته اوهان جو پالڻهار اهڙن پنج هزار فرشتن سان اوهان جي مدد ڪندو جي جنگ جو نشان لڳايل محڪم هوندا.
  126. ۽ خدا اهو (امداد) فقط توهان جي خوشيءَ لاءِ ڪيو آهي ۽ جئين توهان جي دل کي ٽيڪ ٿئي ۽ (هي ظاهر آهي) ته مدد جڏهين به ٿي ته خدا جي طرفان ئي ٿي جو سڀ تي غالب ۽ حڪمت وارو آهي.
  127. (۽ اها مدد ڪئي به ته) ان لاءِ ته ڪافرن جي هڪ ٽولي کي گهٽ ڪري ڇڏي يا کين اهڙو وائڙو ڪري جو (پنهنجي منهن) نا مراد ٿي پنهنجي (پنهنجي) گهر هليا وڃن.
  128. (اي رسول!) تنهنجو ته هن ۾ ڪجھ وس نه آهي، چاهي خدا انهن جي توبه قبول فرمائي يا کين سزا ڏئي ڇو ته اهي ظالم ته ضرور آهن ئي.
  129. ۽ جو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سڀ خدا جو ئي آهي جنهن کي گهري ته سزا ڏئي ۽ خدا وڏو بخشڻهار ۽ نهايت رحم وارو آهي.
  130. اي ايمان وارو! (پنهنجي اصل مال وڌائڻ لاءِ) چاڙهي وڌائي وياج نه کائو ۽ خدا کان ڊڄو ته جئين اوهين ڇوٽڪارو لهو.
  131. ۽ ان باھ کان پاڻ کي بچايو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
  132. ۽ خدا ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته جئين اوهان تي رحم ڪيو وڃي.
  133. ۽ پنهنجي پالڻهار جي بخشش ۽ اهڙي جنت ڏي جلدي ڪريو جنهن جي (رڳو) ويڪراڻ ئي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي، جيڪا انهن پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
  134. جي آسودگي ۽ تنگيءَ ۾ به (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معافي ڏيندڙ آهن. ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن سان الفت رکي ٿو.
  135. ۽ اهي ماڻهو جڏهن (اوچتو) ڪا بدڪاري ڪري وهن ٿا يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ته خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ خدا کان سواءِ گناهن جي بخشڻ وارو ٻيو ڪير آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو (قصور) اهي اوچتو ڪندا ته ڄاڻي واڻي ان تي هَٺِ نه ڪندا آهن.
  136. اهڙن ئي ماڻهن جي جزا سندن پروردگار جي طرف کان بخشش آهي ۽ اهي باغات آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جي ان ۾ سدائين رهندا. ۽ چڱي چال هلڻ وارن جي (به) ڪهڙي نه سٺي مزدوري آهي.
  137. بيشڪ اوهان کي اڳي (ڪيترائي) واقعا ٿي گذريا آهن، پوءِ ٿورو روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (پنهنجي پنهنجي وقت جي پيغمبرن کي) ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪئين ٿي.
  138. (هي جيڪو ڪجھ اسان چيو سو) عام ماڻهن لاءِ ته فقط بيان آهي (پر) (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.
  139. ۽ (مسلمانو!) ڪاهل نه ٿيو ۽ (هن اتفاقي هار جنگ احد کان) غمگين نه ٿيو (ڇو ته) جيڪڏهن اوهين سچا مومن آهيو ته اوهان ئي غالب رهندو.
  140. جيڪڏهن اوهان کي (احد ۾) زخم پهتو ته ڪافرن کي (به ته بدر ۾) ان جهڙو زخم پهتو آهي. (تڏهن به اهي بي همت نه ٿيا) اهي زماني جا اتفاق آهن جي اسين ماڻهن ۾ واري واري سان ڦيرائيندا آيا آهيون ۽ (اها اتفاق هار ان لاءِ هئي) ته سچي ايمان وارن کي (ظاهري مسلمانن کان الڳ) ڏسي ۽ توهان مان ڪن کي شهادت جي درجي تي فائز ڪري. ۽ خدا (رسول جي حڪم کان) سرڪشي ڪرڻ وارن کي دوست نٿو رکي.
  141. ۽ پڻ هي (به منظور هو) ته سچن ايماندارن کي ثابت قدمي ڪري (ظاهر ڪري) الڳ ڪري ۽ بيفرمانن (ڀڄڻ وارن) کي برباد ڪري.
  142. (مسلمانو!) ڇا اوهين سمجهو ٿا ته اوهين سڀ بهشت ۾ هليا ويندو؟ ۽ ڇا توهان مان خدا انهن ماڻهن کي به نه سڃاتو جن جهاد ڪيو ۽ نه ثابت قدم رهڻ وارن کي ئي سمجهيو؟
  143. ۽ اوهان ته موت جي اچڻ کان اڳ ئي (جنگ ۾) مرڻ جي آرزو ڪندا هئا پوءِ هاڻي ته توهان ان کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ توهان هينئر به ڏسي رهيا آهيو (پوءِ جنگ کان ڇو ٿا لهرايو)
  144. ۽ محمد ته فقط رسول آهي (خدا ته نه آهي) ان کان اڳ ۾ به ڪيترائي رسول گذريا آهن پوءِ ڇا جيڪڏهن (محمد) پنهنجي موت سان مري وڃي يا ماريو وڃي ته اوهين پوين پيرن تي (پنهنجي اباڻي ڪفر ڏي) موٽي ويندو؟ ۽ جيڪو پوين پيرن ڦرندو (به) ته (ياد رکو!) اهو خدا جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگهندو ۽ جلد ئي خدا شڪر ڪرڻ وارن کي سٺو بدلو ڏيندو.
  145. ۽ سواءِ خدا جي حڪم جي ڪو به ماڻهو مري نٿو سگهي. مقرر ڪيل وقت تائين هر هڪ جو موت لکيل آهي. ۽ جو شخص (پنهنجي ڪئي جو) بدلو دنيا ۾ گهري ٿو ته اسان ان مان ڏيون ٿا ۽ جيڪو آخرت لاءَ گهري ته کيس ان مان ڏبو ۽ (ايمان جي نعمت) شڪر ڪرڻ وارن کي تمام جلد نيڪ جزا ڏينداسين.
  146. ۽ (مسلمانو!) رڳو اوهين نه پر) اهڙا پيغمبر ڪيترائي گذريا آهن جن سان ڪيترن ئي خدا وارن (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو ۽ وري انهن کي الله جي راھ م اهي مصيبتون پيون پر نه ته انهن همت هاري ۽ نه ڊنا ۽ نه (دشمن اڳيان) ليلائڻ لڳا ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي خدا دوست ٿو رکي.
  147. (۽ مزي جي ڳالھ ته) انهن جو چوڻ هي هو ته دعائون گهرڻ لڳا ته اي اسان جا پاليندڙ اسان جا گناھ ۽ اسان جي ڪمن ۾ زيادتين کي معاف فرماءِ ۽ دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي گروھ تي اسان کي فتح ڏي.
  148. ته خدا کين دنيا ۾ بدلو (ڏنو) ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو عنايت ڪيو. ۽ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکندو ئي آهي.
  149. اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهان ڪافرن جي پيروي ڪئي ته (ياد رکو ته) اهي توهان کي پوين پيرن تي (ڪفر ڏي) ڦيري وٺي ويندا پوءِ اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو.
  150. (اوهان ڪنهن جي مدد جا محتاج نه آهيو) بلڪه خدا توهان جو سرپرست آهي ۽ اهو سڀني مددگارن کان بهتر آهي.
  151. (اوهين گهٻرايو نه) اسين جلد اوهان جو رعب ڪافرن جي دلن ۾ وجهنداسون ان ڪري جو انهن الله سان شريڪ بڻايو (به ته) ان شيءَ (بت) کي جنهن کي خدا ڪنهن قسم جي حڪومت ڪين ڏني. ۽ (آخر ڪار) انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن لاءِ (ڪهڙي نه) بڇڙي آهي.
  152. ۽ بيشڪ خدا (جنگ احد ۾ به) پنهنجي (فتح جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو هو. اوهان ان جي حڪم سان (پهرين حملي ۾ ئي) انهن (ڪافرن) کي قتل تي قتل ڪري رهيا هئا ايستائين جو اوهان جي دل کي وڻندڙ ڳالھ (فتح) توهان کي ڏيکاري هئي تنهن کان پوءِ به اوهان (غنيمت جو مال ڏسي) بزدلي ڏيکاري ۽ رسول جي حڪم (مورچي تي ڄمي رهڻ) ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري ۽ (رسول جي) نافرماني ڪئي. اوهان مان ڪجھ ته دنيا جا طالب آهن (جو غنيمت جي مال تي ڪري پيا) ۽ ڪجھ آخرت جا طالب (جن رسول تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي) پوءِ (بزدليءَ ڪري) توهان کي (ڪافرن کان) ڦيريائين ۽ اوهين انهن کان ڀڳا. ان مان خدا کي توهان جو (ايمان، اخلاص) آزمائڻ منظور هو ۽ (ان هوندي به) خدا ته وڏو فضل ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي.
  153. (مسلمانو! اوهين ان وقت کي ياد ڪري شرمائجو!) جڏهن اوهان (بدحواس ٿي) ڀڄندا جبل تي چڙهندي ٿي ويا ۽ هوڏانهن رسول اوهان جي پٺيان (بيٺو) اوهان کي سڏي رهيو هو پر اوهين (سر جي خوف کان) ڪنهن ڏي به ڪنڌ موڙي نٿي ڏٺو. پوءِ (جئين ته اوهان رسول کي رنج پهچايو ته) خدا به اوهان کي (ان) رنج جي سزا ۾ (هار جو) رنج ڏنو جئين جڏهن به ڪا شي اوهان جي هٿن مان وڃي يا ڪا مصيبت پوي ته اوهين ڏک نه ڪريو ۽ صبر ڪرڻ سکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان با خبر آهي.
  154. پوءِ خدا ان رنج کان پوءِ اوهان تي اطمينان جي حالت طاري ڪئي جو اوهان مان هڪ ٽولي کي (سچا ايماندار هئا) تمام گهري ننڊ آئي ۽ هڪ گروھ (جن کي ان وقت ڀڄڻ جي شرم کان) جان جي لڳل هئي خدا سان (اجايون) جاهليت واريون بدگمانيون ڪرڻ لڳا (۽) چوڻ لڳا ته ڀلا ڇا! هي (فتح) ڪجھ به اسان جي اختيار ۾ آهي؟ (اي رسول!) چئو ته هر ڳالھ جو اختيار خدا کي ئي آهي ( زبان سان نه ٿا چون) پر هي پنهنجن دلن ۾ اهڙيون ڳالهيون لڪايون ويٺا آهن جي تو سان ظاهر نٿا ڪن (هاڻي ٻڌو!) چون ٿا ته ان ڳالھ (فتح) ۾ جي اسان جو ڪجھ به اختيار هجي ها ته اسين هتي ماريا ئي نه وڃون ها (اي رسول انهن کي) چئو ته اوهين جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۾ رهو ها ته به جن جي تقدير ۾ وڙهي مرڻ لکيل هو ته اهي (پنهنجن گهرن مان) نڪري پنهنجي مرڻ جي جاءِ تي ضرور اچن ها ۽ (هي ان لاءِ ڪيو ويو) ته جئين جو ڪجھ توهان جي دلين ۾ آهي ان جو خدا امتحان وٺي پڻ ماڻهو به ڏسن) ۽ هي ته جو ڪجھ اوهان جي دلين ۾ آهي ان کي صاف ڪري ڇڏي ۽ خدا ته دلين جا راز چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
  155. بيشڪ تنهن ڏينهن (احد ۾) ٻه جماعتون (هڪ ٻئي تي) سامهون ٿيون ان ڏينهن ئي ماڻهو اوهان (مسلمانن) مان ڀڳا، (ان جو سبب هي هو ته) سندن ڪن گناهن (رسول جي مخالفت) سبب شيطان کين ٿيڙيو ۽ سندن پير اکاڙيا پر (ان وقت ته) خدا ضرور انهن کان درگذر ڪيو. بيشڪ خدا وڏو بخشهڻار بردبار آهي.
  156. اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جي ڪافر ٿي ويا ۽ جي ڀائر انهن جا پرديس ۾ ويا يا جهاد ڪرڻ ويا آهن (۽ اتي مري ويا) ته انهن لاءِ چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه ماريا وڃن ها (۽ اهو ان ڪري آهي ته) جئين خدا (هن خيال کي) سندن دلين ۾ افسوس ڪو (سبب) بڻائي ۽ (ائين ته) خدا ئي جياري ۽ ماري ٿو. پڻ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو الله ڏسي ٿو.
  157. ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي راھ ۾ ماريا وڃو يا (پنهنجي موت) مرو ته بيشڪ خدا جي بخشش ۽ مهرباني انهيءَ (مال ۽ دولت) کان جنهن کي اوهين گڏ ڪريو ٿا، گهڻي چڱي آهي.
  158. ۽ جيڪڏهن اوهين مري ويا يا ڪسجي پيا (ته نيٺ) خدا ڏي ئي (قبرن مان) اٿاريا ويندو.
  159. (ته اي رسول هي به) خدا جي هڪ مهرباني آهي جو تو (جهڙو) نرم دل (سردار) انهن کي مليو پر جيڪڏهن تون بدمزاج ۽ سخت دل هجين ها ته اهي ماڻهو (خدا ڄاڻي ڪڏهن جو) تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون (هينئر به) انهن کان درگذر ڪر ۽ هنن لاءِ مغفرت جي دعا گهر ۽ (اڳين دستور جيان ظاهرا) انهن کان ڪم ڪار ۾ صلاح مشورو ڪندو ڪر (پر) ان هوندي به جڏهن ڪم جو پڪو ارادو ڪرين ته خدا تي ئي ڀروسو رک (ڇو ته) جي ماڻهو خدا تي ڀروسو رکن ٿا ته خدا هنن کي ضرور دوست ٿو رکي.
  160. (مسلمانو! ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا توهان جي مدد ڪئي ته ڪو به اوهان تي غالب اچي نٿو سگهي ته پوءِ ڪير اهڙو آهي جو ان کان پوءِ توهان جي مدد لاءِ تيار ٿئي ۽ مومنن کي گهرجي ته فقط خدا تي ئي ڀروسو رکن.
  161. ۽ (اوهان جو گمان بلڪل غلط آهي) ڪنهن به نبي جو (هرگز) هي شان نه آهي جو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو جا شيءَ جي خيانت آهي، قيامت جي ڏينهن اها ئي شيءَ (بلڪل ساڳي خدا جي بارگاھ ۾) آڻيندو. پوءِ سڀ ڪنهن شخص کي سندس ڪمائي جو پورو (پورو) بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي ڪنهن طرح به حق تلفي نه ڪئي ويندي.
  162. ڀلا جو شخص خدا جي خوشنوديءَ جو پابند ٿيو ته اهو ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جو خدا جي غضب ۾ گرفتار هجي ۽ جنهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم هجي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي.
  163. اهي ماڻهو خدا وٽ جدا جدا درجن جا آهن ۽ جيڪي ڪم اهي ڪن ٿا خدا ان کي ڏسندڙ آهي.
  164. بيشڪ خدا ايمان وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي جو انهن ۾ سندن (خاندان) مان هڪ رسول موڪيلو جو کين خدا جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو. ۽ سندن (طبيعت) کي پاڪيزه ڪري ٿو ۽ کين خدا جو ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو. هوڏانهن اهي ماڻهو (رسول جي بعثت کان) اڳ ۾ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
  165. مسلمانو! ڇا جڏهن اوهان کي (جنگ احد ۾) اهڙي مصيبت پهتي جنهن کان ٻيڻي (مصيبت بدر ۾ دشمنن کي) پهچائي چڪا آهيو ته اوهان چيو ته هيءَ ڪٿان (آئي) آهي؟ (اي رسول کين) چئو اها ته خود توهان جي طرف کان آهي (نه رسول جي) مخالفت ڪريو ها ۽ نه سزا ٿئيو ها. بيشڪ خدا هر شي تي قادر آهي.
  166. ۽ جنهن ڏينهن ٻه جماعتون (لشڪر هڪ ٻئي جي) سامهون ٿيون (ان ڏينهن) اوهان تي جا مصيبت پئي سا (اوهان جي شرارت سبب) خدا جي اذن سان (آئي) ۽ ان لاءِ ته خدا سچي ايمان وارن کي ڏسي ته (ڪهڙا ڪهڙا آهن).
  167. ۽ منافقن کي به ڏسي ته (ڪير آهن) ۽ منافقن کي به چيو ويو ته اچو (۽ اچي) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو يا (اهو نه سهي، پنهنجي دشمن کي ته) هٽايو. ته چوڻ لڳا (هاءِ ڪهڙي ڳالھ ڪريون) جيڪڏهن اسين جنگ ڪرڻ ڄاڻيون ها ته ضرور توهان جو ساٿ ڏيون ها. اهي ان ڏينهن به نسبت ايمان جي، ڪفر کي گهڻو ويجهي هئا. پنهنجن واتن سان اهو چون ٿا جا ڳالھ سندن دلين ۾ (ذرو به) نه آهي ۽ جيڪي اهي لڪائين ٿا تنهن کي خدا بهتر ڄاڻي ٿو.
  168. (هي اهي ماڻهو آهن) جي (پاڻ ته مزي سان گهر) ۾ هئا ۽ پنهنجي (شهيد) ڀائرن لاءِ چوڻ لڳا ته افسوس! جيڪڏهن اهي اسان جو چيو مڃين ها ته نه ڪسجن ها. (اي رسول) انهن کي چئو ته (چڱو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو.
  169. ۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا آهن انهن کي ڪڏهن به مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا (جاڳندا موجود) آهن، پنهنجي پروردگار وٽ (اهي طرح طرح جي) روزي حاصل ڪن ٿا.
  170. ۽ خدا جيڪي فضل ۽ ڪرم انهن تي ڪيا آهن ان (جي خوشيءَ) ڪري ٻهڪن ٿا ۽ جيڪي انهن کان اڃا پٺتي رهيل آهن. ۽ انهن ۾ شامل نه ٿيا انهن لاءِ هي (خيال ڪري) خوشيون ڪن ٿا ته (اهي به شهيد ٿين ته) انهن تي نه ڪنهن قسم جو خوف ٿيندو ۽ نه غمگين ٿيندا.
  171. خدا جي نعمت ۽ سندس فضل (۽ ڪرم) پڻ هن ڳالھ جي خوشخبري ”خدا مومنن جي ثواب کي نٿو وڃائي“ نهال ٿي رهيا آهن.
  172. (جنگ احد ۾) جن ماڻهن ڌڪ کائڻ کان پوءِ به، خدا ۽ رسول جو چوڻ مڃيو انهن مان جن ماڻهن نيڪي ڪئي ۽ پرهيزگاري ڪئي (سڀني لاءِ نه، فقط) انهن لاءِ وڏو ثواب آهي.
  173. هي اهي آهن جو جڏهن انهن کي ماڻهو (اچي) چوڻ لڳا ته (دشمن) ماڻهن توهان جي (مقابلي) لاءِ (وڏو لشڪر) ڪٺو ڪيو آهي، پوءِ انهن کان ڊڄو (ته خوف بجاءِ) سندن ايمان اڃا به وڌي ويو ۽ چوڻ لڳا (هوندو!) خدا اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه عمدو ڪارساز آهي.
  174. پوءِ (هي ته) همت ڪري ويا پر (جنگ نه لڳي ته) اهي، خدا جي نعمت ۽ فضل سان (پنهنجي گهر) موٽي آيا ۽ انهن کي ڪا برائي نه رسي ۽ خدا جي خوشنوديءَ جا پابند رهيا ۽ خدا وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي.
  175. اهو (خبر ڏيڻ وارو) شيطان هو جو فقط پنهنجي دوستن کي (رسول جي ساٿ ڏيڻ کان) ڊيڄاري ٿو. پوءِ ان کان نه ڊڄو جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته مون کان ئي ڊڄندا رهو.
  176. ۽ جيڪي (اي رسول!) ماڻهو ڪفر جي مدد ۾ پيش قدمي ڪن ٿا انهي ڪري تون غم نه ڪر، ڇو ته اهي خدا کي ڪجھ به ضرر پهچائي نه ٿا سگهن (بلڪ) خدا جي مرضي آهي ته آخرت ۾ انهن جو ڪجھ به حصو نه هجي. ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.
  177. بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي عيوض ڪفر خريد ڪيو، اهي خدا جو هرگز ڪجھ به بگاڙي نٿا سگهن (بلڪ پنهنجو پاڻ) ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
  178. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو اهي ڪڏهين به اهو خيال نه ڪن ته اسان جو انهن کي جا مهلت ۽ مال جي فراغت ۽ دولت ڏني آهي ته اها ڪا سندن حق ۾ بهتر آهي ته (نه نه!) اسين رڳو انهن کي هن لاءِ اها ڍر ڏيون ٿا ته جئين گناهن ۾ وڌن ۽ (آخر ته) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
  179. (منافقو!) خدا اهڙو نه آهي جو بري ڀلي جي تميز ڪرڻ کان سواءِ جنهن حالت ۾ اوهين آهيو انهيءَ حالت تي مومنن کي به ڇڏي ڏئي ۽ خدا اهڙو به نه آهي جو توهان کي غيب جون ڳالهيون ٻڌائي. مگر (هاءُ) خدا پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهري ته (غيب ٻڌائڻ لاءِ) چونڊي ٿو. پوءِ خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن اوهين ايمان آڻيندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اوهان لاءِ وڏو اجر آهي.
  180. ۽ جن ماڻهن کي خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان ڪجھ ڏنو آهي (۽ وري) بخل ڪن ٿا اهي ڪڏهن به اهو خيال نه ڪن ته اهو (بخل) ڪو انهن لاءِ چڱو آهي. بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي. (ڇو ته) جنهن (مال) ۾ بخل ڪيائون سو قيامت جي ڏينهن ڳٽِ ڪري وجهبَن. ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث (خاص) خدا جي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي.   
  181. جي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته خدا ڪنگال آهي اسين وڏا مالدار آهيون خدا انهن جي اها بڪواس ٻڌي انهن جو ڪجھ ڪيو ان کي ۽ انهن جو پيغمبر کي ناحق قتل ڪرڻ اسين لکندا وڃون ٿا ۽ (اڄ ته جو به جيءَ ۾ اچين سو چون پر قيامت جي ڏينهن) اسين چونداسين ته (چڱو ته وٺو پنهنجين شرارتن جي عوض ۾) ساڙڻ واري جو عذاب جو مزو چکيو.
  182. هي انهن ڪرتوتن جو بدلو اٿو جيڪو اوهان جي هٿن (آخرت جو توشو بڻائي) اڳي ئي موڪليو آهي. نه ته خدا ته ڪڏهن به پنهنجي (بندن) تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.
  183. (هي اهي ماڻهو آهن) جي چون ٿا ته خدا ته اسان سان عهد ڪيو آهي ته جيستائين ڪو به (رسول) اسان کي هي (معجزو) نه ڏيکاري جو اهو قرباني ڪري ۽ ان کي (آسماني) باھ اچي کائي وڃي تيستائين اسين ايمان نه آڻينداسون (اي رسول تون چوين ته ڀلا هي ٻڌايو) ڪيئي پيغمبر مون کان اڳ اوهان وٽ ظاهر ۽ روشن معجزا ۽ جنهن ڳالھ جي اوهان (هن وقت فرمائش ڪئي آهي اها به) لاءِ آندي پوءِ جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته اوهان انهن کي ڇو قتل ڪيو؟.
  184. (اي رسول!) پوءِ جيڪڏهن تو کي اڃا به ڪوڙو چون ته (تون رنج نه ڪر) ڇو ته تو کان اڳي به ڪيترن ئي پيغمبرن ظاهر معجزا ۽ صحيفا ۽ نوراني ڪتاب آندا (پر) تڏهن به انهن ماڻهن هنن کي ڪوڙو چيو.
  185. سڀ ڪو نفس (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکيندو ۽ اوهين قيامت جي ڏينهن (پنهنجي ڪئي) جو پورو پورو بدلو پائيندو پوءِ جيڪو جهنم کان پري ڪيو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو اهو ئي ڪامياب ٿيو. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي کانسواءِ ڪجھ نه آهي.
  186. (مسلمانو!) اوهان کي اوهان جي مالن ۽ اوهان جي جانن ۾ ضرور آزمايو ويندو. ۽ جن کي اوهان کان اڳ خدا جو ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودي ۽ نصارن کي) تن کان ۽ مشرڪن کان گهڻي بدگوئي ٻڌندو ۽ جيڪڏهن اوهين انهن جي برين ڳالهين تي صبر ڪندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهندو ته (پوءِ) بيشڪ اهو وڏي همت جو ڪم آهي.
  187. ۽ (اي رسول! هنن کي اهو وقت يه ياد ڏياريو! جڏهن خدا هنن اهل ڪتاب کان انجام ورتو هو ته اوهين ان کي (خدا جي ڪتاب کي) سڀني ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪجو ۽ (خبردار) ڪا به ڳالھ هن جي لڪائجو نه! پر هنن (ذرو به خيال نه ڪيو) ۽ ان ڳالھ کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي عوض ۽ (بلڪل) معمولي قيمت ورتائون. پوءِ اهو ڪهڙو نه بڇڙو (سودو) آهي جيڪو هي خريد ڪن ٿا.
  188. (اي رسول!) تون انهن کي خيال ۾ نه آڻج، جو اهي پنهنجي چالاڪين تي سيٽجن ٿا ۽ ڪيو ڪريو ڪجھ به نه آهن (پر اهي رڳو) ساراھ جا طالبو آهن. پوءِ تون ڪڏهن خيال ۾ به نه آڻج ته ڪو انهن کي عذاب کان ڇوٽڪارو آهي. پر انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
  189. ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت (رڳو) الله جي آهي. ۽ الله ئي هر شي تي قدرت رکندڙ آهي.
  190. بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.
  191. جيڪي الله کي اٿندي وهندي پاسا بدلائيندي (مطلب ته هر حال ۾) ياد ڪن ٿا پڻ آسمانن ۽ زمينن جي بناوٽ ۾ غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ (وجد ۾ اچي) چون ٿا ته خداوندا! تو هنن کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي، تون (بيڪار ڳالهين کان) پاڪ صاف آهين. پوءِ تون اسان کي دوزخ جي باھ کان بچائي.
  192. اي اسان جا پالڻهار! (جنهن کي تو دوزخ ۾ وڌو ته پڪ تو ان کي خوار (خراب) ڪيو. ۽ ظلم ڪرڻ وارن جو ڪو به مددگار نه آهي.
  193. اي اسان جا رب! (جڏهن اسان هڪ آواز ڏيڻ واري (پيغمبر) کي ٻڌو جو هو ايمان جي لاءِ هئين سڏي رهيو هو ته: پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو، سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا پالڻهار! پوءِ تون اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان جون بڇڙايون اسان کان پري ڪر ۽ اسان کي ابرارن سان گڏ (دنيا مان) اٿار.
  194. اي اسان جا پاليندڙ! ۽ اسان کي اهو ڪجھ ڏي جو تو رسولن جي معرفت اسان سان واعدو ڪيو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪج! بيشڪ تون ته واعدي خلافي ڪندو ئي نه آهين.
  195. پوءِ سندن پروردگار انهن جي دعا قبول ڪئي (۽ فرمايائين ته) آءُ اوهان مان ڪنهن به عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس. اوهين هڪ ٻئي (جي جنس) مان آهيو. (يعني اوهين مرد هجي يا زال مون وٽ سڀ برابر آهيو). پوءِ جن ماڻهن (اسان لاءِ) وطن ڇڏيو ۽ پنهنجي ماڳن مان ڪڍيا ويا ۽ اسان جي راھ ۾ ڏکويا ويا ۽ (ڪافرن سان) جنگ ڪيائون ۽ شهيد ٿيا ته آءُ ضرور سندن براين کي درگذر ڪندس ۽ انهن کي ضرور بهشت جي باغن ۾ داخل ڪندس. جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اهو بدلو خدا جو (اهڙو ئي آهي جو ان) وٽ ته سٺو بدلو ئي آهي.
  196. (اي رسول!) ڪافرن جو شهر، شهر سان مزي گهمڻ (ڦرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي.
  197. (اهو) ٻٽي ڏينهن جو فائدو اٿن. ۽ (آخر ته) سندن جاءِ جهنم ئي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو هنڌ آهي.
  198. پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ (بهشت جا) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي سدائين انهيءَ ۾ رهندا. اها خدا جي طرفان (سندن) مهماني آهي ۽ جو (مال اسباب) خدا وٽ آهي سو نيڪ ماڻهن لاءِ (دنيا کان) گهڻو چڱو آهي.
  199. ۽ بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهي به آهن،جي خدا تي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي انهن ڏي نازل ڪيو ويو تنهن تي الله جي عاجزي ڪندي ايمان آڻين ٿا. ۽ خدا جي آيتن جي عوض معمولي قيمت (فاني دنيا جو فائدو) نٿا وٺن. اهڙن (ئي انسانن) لاءِ سندن پروردگار وٽ چڱو بدلو آهي. بيشڪ خدا جلد حساب وٺڻ وارو آهي.
  200. ايمان وارو! (گهڻين تڪليفن کي) سهو ۽ ٻين کي سهڻ سيکاريو (جهاد لاءِ) سندرو ٻڌو ۽ فقط خدا کان ڊڄو ته جئين دلي مرادون لهو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found