جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

غربت جي خاتمي جا قرآني اصول(قسط 1)

تحرير : غلام قاسم تسنيمي

انساني معاشري جي هڪ عظيم بيماري يا مصيبت جيڪا ڪنهن به معاشري جي جڙن کي کوکلو ڪري سگهي ٿي ۽ ڪنهن به قوم جي نابودي جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي، غربت ۽ فقر آهي. غربت انسان جي لاءِ هڪ اهڙو ناسور آهي جيڪو جسم سان گڏ سندس روح کي به آزار پهچائي ٿو. جيڪڏهن انسان ان جي خاتمي يا ان سان مقابلي جا اصول نه ڄاڻيندو هجي ته ٿي سگهي ٿو اها غربت کيس فطري رستي ۽ راھ کان هٽائي سعادت ۽ ڪاميابي بدران هلاڪت ۾ مبتلا ڪري. انهيءَ ڪري روايت ۾ آهي ته

] كادَ الفَقْرُ انْ يكونَ كُفراً(

غربت ڪفر جو سبب ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ ڪري پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم غربت ۽ ڪفر کان الله جي پناھ گهرندا هئا جيئن سندن دعا ۾ به آهي ته:

 ) اللّهمَّ إِنّي اَعُوذُ بِكَ من الكُفْرِ و الْفَقْرِ. فقالَ رَجُلٌ: أيَعدِلان؟ قال: نَعَمْ.(

يا الله مان تو کان غربت ۽ ڪفر کان پناھ گهران ٿو، ڪنهن سوال ڪيو ته ڇا اهي ٻئي برابر آهن؟ پاڻ فرمايائون ها.

پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته غربت جي خاتمي جا مختلف اصول قرآن مجيد ۾ بيان ٿيا آهن، جن مان ڪي نظرياتي آهن ته ڪي معنوي ۽ ڪن جو تعلق عمل سان آهي. هي لکت انهن قرآني اصولن کي مختصر نموني وائکي ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪاوش آهي، سڀ کان اڳ ڪجھ نظرياتي اصول جن جي ڄاڻ نهايت ضروري آهي.

الف) نظرياتي اصول

شناخت يا نظريو، ڪردار ۽ عمل جي پيڙھ آهي تنهنڪري غربت جي خاتمي لاءِ زندگي جي سڀني شعبن ۾ آگاهي جي ضرورت آهي. فقر يا غربت جي حقيقت ۽ صحيح مفهوم کي سمجهڻ کان سواءِ ان سان مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري قرآن مجيد، دنيا ۽ مال جي حقيقت ۽ انهن جي وصفن ڏانهن انسان جو ڌيان ڇڪايو آهي.

  1. غربت انساني ذات جو حصو

انساني ضمير ان ڳالھ جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو ته انسان هڪ عاجز ۽ لاچار مخلوق آهي جيڪو پنهنجي خلقت  ۾ به اهڙي خالق جو محتاج آهي جيڪو کيس وجود جو لباس پهرائي ۽ ساڳئي ريت هو زندگي گذارڻ ۽ رزق و روزي لاءِ به ان فياض جو محتاج آهي. قرآن پاڪ جي ڪيترين ئي آيتن ۾ انسان جي محتاج ۽ مخلوق هجڻ ۽ الله سائين جي رازق هجڻ جي صراحت ڪئي وئي آهي.

) يَا أَيُّهَا النَّاسُ اعْبُدُوا رَبَّكُمُ الَّذِي خَلَقَكُمْ وَالَّذِينَ مِنْ قَبْلِكُم( (1)

اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي بندگي ڪريو جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جيڪي اوهان کان اڳ هئا، پيدا ڪيو.

) كَيْفَ تَكْفُرُونَ بِاللَّهِ وَكُنْتُمْ أَمْوَاتًا فَأَحْيَاكُم(  (2)

ڪهڙي سبب خدا جو انڪار ٿا ڪريو، جڏهن ته اوهان بي جان هُيَو ان اوهان کي جان ڏني.

) إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِين( (3)

بيشڪ خدا روزي ڏيڻ وارو، زور آور ۽ زبردست آهي.

قرآن مجيد اها حقيقت ان ڪري بيان ڪئي آهي ته جيئن اگر ڪو انسان مالي غربت ۾ گرفتار ٿئي ته گهڻو پريشان نه ٿئي ۽ جيڪڏهن مالدار هجي ته پاڻ کي مال جو اصلي ۽ حقيقي مالڪ نه سمجهي بلڪه مال جو حقيقي مالڪ پالڻهار پاڻ آهي.

) يَا أَيُّهَا النَّاسُ أَنْتُمُ الْفُقَرَاءُ إِلَي اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيد ((4)

اي انسانو! اوهين سڀ الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي سڀني کان بي پرواھ ، حمد ۽ ساراھ لائق آهي.

هاڻ جيڪڏهن انسان پنهنجي ذاتي غربت جو احساس ڪندو ۽ يقين ڪري وٺندو ته غربت ۾ گرفتار ٿيڻ وقت پاڻ کي ان جي حوالي نه ڪندو بلڪه غربت تي غالب اچي ويندو ۽ جيڪڏهن مالدار هوندو ته سندس مال ان جي لاءِ وڏائي جو ڪارڻ نه بڻجندو ڇو جو هو مال جو حقيقي مالڪ نه آهي. حقيقي مالڪ ته سهڻو رب پاڻ آهي جنهن مال سان گڏ انسان کي به پيدا ڪيو آهي.

  1. مال، امتحان جو وسيلو

غربت تي قابو پائڻ يا ان جي خاتمي لاءِ اها ڳالھ نهايت ضروري آهي ته انسان مال ملڪيت، ڏوڪڙ پئسن کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو يا اهي سندس زندگي ۾ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن جو نظريو اهو هجي ته مال ملڪيت يا ڏوڪڙ پئسا ٻين تي وڏائي جو سبب آهن يا کيس الله جي ويجهو ڪن ٿا ته پوءِ ان انسان لاءِ غربت هڪ موذي شي بڻجي ويندي ۽ هو مال جي نه هجڻ کي خواري ۽ ذلت جو سبب سمجهندو. پرجيڪڏهن انسان مال ملڪيت ۽ ڏوڪڙ پئسن کي ان نظر سان ڏسي ته اهي الله جي آزمائش ۽ امتحان يا جزا ۽ سزا جا وسيلا آهن ته پوءِ انهن جي نه هجڻ سان نه صرف انسان کي ڏک نه ٿيندو بلڪه انسان ڪوشش ڪندو ته الله جي سنت يا ورتل امتحان ۾ پاس ٿي سرهو ٿئي.

الله سائين قرآن مجيد ۾ ڪيتريون ئي آيتون ان حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ ذڪر ڪيون آهن ته جيئن انسان مال بابت ان غلط نظرئي کان هٿ کڻي مال ملڪيت کي امتحان جو وسيلو سمجهي ۽ ان جي خطرناڪ اثرن کان محفوظ رهي سگهي.

) وَاعْلَمُوا أَنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلادُكُمْ فِتْنَة( (5)

۽ پڪ سمجهو ته اوهان جا مال ۽ اولاد، امتحان آهن.

) إِنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلادُكُمْ فِتْنَة( (6)

اوهان جا مال ۽ اولاد رڳو آزمائش آهن.

آيتن ۾ ذڪر ٿيل لفظ ”فتني“جي معني امتحان ۽ آزمايش آهي ۽ ان کي فتنو ان ڪري سڏيندا آهن جو هو انسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ گم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي امتحان هجڻ جو به اهو ئي سبب آهي. (7)

  1. الله جو رزق هر حال ۾ بهتر

دنيا ۽ آخرت جا هڪ ٻئي سان ڪيترائي فرق آهن انهن مان هڪ هي آهي ته دنيا مختصر، محدود ۽ فاني آهي جڏهن ته آخرت دائمي آهي. جيڪو به عقلمند انسان قرآن تي ايمان رکي ٿو ۽ الله سائين جي حڪمن کي پنهنجي سعادت ۽ ڪاميابي جو سبب ڄاڻي ٿو ۽ آخرت تي پڪو يقين رکي ٿو اهو ڪڏهن به دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيندو جڏهن ته ان جي ابتڙ ڪافر ۽ آخرت جا انڪاري انسان دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيندا آهن.

قرآن مجيد ان بابت فرمائي ٿو:

) وَوَيْلٌ لِلْكَافِرِينَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيدٍ * الَّذِينَ يَسْتَحِبُّونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا عَلَي الآخِرَة( (8)

۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوسناڪ آهي، اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتي کي آخرت تي (جيڪا اڻ کٽ نعمت آهي) ترجيح ڏين ٿا.

قرآن مجيد جي ڪيترين ئي آيتن ۾ ان قانون کي بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن انسان پنهنجي ان عقيدي کي پختو بڻائي دنيا جي محدود زندگي واري مشڪلاتن کي برداشت ڪري سگهي.

) قُلْ مَتَاعُ الدُّنْيَا قَلِيلٌ وَالآخِرَةُ خَيْرٌ لِمَنِ اتَّقَي( (9)

(اي رسول کين) چئو ته دنيا جو مزو تمام ٿورو آهي ۽ جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو ان جي آخرت هن کان گهڻي سٺي آهي.

] وَرِزْق ُرَبِّكَ خَيْرٌ وَأَبْقَي( (10)

تنهنجي پروردگار جي روزي گهڻي چڱي ۽ وڌيڪ رهڻ واري آهي.

انهي بنياد تي ڪائنات جي پالڻهار پنهنجي سهڻي نبي  کي ڪافرن جي مال ملڪيت ۽ دولت، اسباب ۽ وسيلن کي ڏسي حيران ٿيڻ کان روڪيو آهي، ڇو جو اهي آخرت ۾ مومن کي ملندڙ نعمتن جي ڀيٽ ۾ ڪجھ به نه آهن.

) فَلا تُعْجِبْكَ أَمْوَالُهُمْ وَلا أَوْلادُهُمْ إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ بِهَا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنْفُسُهُمْ وَهُمْ كَافِرُون( (11)

 (اي رسول) پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد حيرت ۾ وجهي، الله ته فقط هي گهري ٿو ته انهن شين جي (هئڻ) ڪري دنيا جي حياتي ۾ کين سزا ڏئي پڻ جڏهن ساھ نڪرين ته اهي ڪافر (جا ڪافر ئي) رهن.

) وَلا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَي مَا مَتَّعْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِنْهُمْ زَهْرَةَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا لِنَفْتِنَهُمْ فِيهِ وَرِزْقُ رَبِّكَ خَيْرٌ وَأَبْقَي(  (12)

۽ (اي رسول) جو ان مان ڪجھ ماڻهن کي دنيا جي هن فاني حياتي جي زينت سان نهال ڪيو آهي سو هن لاءِ ته اسين انهن جو ان ۾ امتحان ڪريون، تون پنهنجون نظرون اوڏانهن نه وڌاءِ. پڻ (ان کان) تنهنجي پروردگار جي روزي گهڻي چڱي ۽ وڌيڪ رهڻ واري آهي.

ڌيان جوڳي ڳالھ هي به آهي ته جيتوڻيڪ اهو خطاب پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم سان آهي پر حقيقت ۾ اسان جي راهنمائي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي جيئن عام پهاڪي ۾ چيو ويندو آهي ته ” ڌڪ هڻ ڌي کي ته ڪن ڪري ننهن“ اهو ئي مضمون روايت ۾ به بيان ٿيو آهي ته ” اياک اعني واسمعي يا جاره

  1. سک جي اميد رکڻ

قرآني تعليم مطابق ڏک سک زندگي جا لازمي حصا آهن، دنيا جو ڪو به انسان انهن کان آجو نه آهي جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته سندس ڏک يا مالي پريشانيون هميشه رهنديون ته اهو پاڻ ان جي ڏک ۽ واڌاري جو سبب ٿيندو.

قرآن پاڪ ڪيترين ئي آيتن ۾ ان ڳالھ ڏانهن متوجھ ڪيو آهي جيئن انسانن لاءِ اهي مسئلا آسان بڻجي وڃن، فرمان آهي ته

 )فَإِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا * إِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا( (13)  

پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي، بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.  قرآن ايئن نه چيو آهي ته هر ڏک کان پوءِ سک آهن بلڪه سک، ڏک اندر يا انهن سان گڏ آهن. (14)

۽ ائين به فرمايو آهي:

) سَيَجْعَلُ اللَّهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُسْرًا( (15)

خدا تنگي کان پوءِ جلد آساني ڪري ڇڏيندو.

تنهنڪري پاڪ امام، مالي مشڪلات يا دنياوي ڏکن ۾ گرفتار انسانن کي آٿٿ ڏيندا هئا جيئن روايت ۾ آهي ته ڪو ماڻهو امام صادق عليه السلام وٽ پنهنجون مشڪلاتون بيان ڪرڻ لڳو ته امام کيس فرمايو:

) عن محمد بن عجلان قال كُنْتُ عند ابي عبدالله (ع) فَشَكا اليه رَجُل الحاجة. فقال: اَصْبِر فان اللهَ سَيَجْعَل لك فَرَجاً(  (16)

صبر ڪر الله سائين جلد ئي تنهنجون مشڪلاتون حل فرمائيندو.

امام علي عليه السلام نهج البلاغه ۾ فرمائن ٿا:    

)عند تناهِي الشِّدَّةِ تكوُنُ الْفُرْجَةُ و عِندَ تَضايُقِ حَلَقِ البلاء يكونُ الرَّخاءُ( (17)

جڏهن مشڪلاتون پنهنجي عروج ۽ انتها تي پهچنديون آهن ته حل ٿينديون آهن ۽ مصيبتن جي دائري تنگ ٿيڻ تي سک ملندا آهن.

  1. ڀيٽ نه ڪرڻ

دنيا ۾ اهڙا به انسان آهن جيڪي جڏهن ٻين جي سٺي مالي حيثيت ڏسن ٿا ته هرکي ٿا پون ۽ اهو چاهڻ لڳن ٿا ته جيڪر انهن وٽ به اهو سڀ ڪجھ هجي جيڪو ٻين وٽ آهي. الله سائين انهن لاءِ قارون جو مثال بيان ڪيو آهي ته ڪهڙي نموني ان وٽ ايڏو عظيم خزانو هو جو ان جون چاٻيون به اٺن تي کڻبيون هيون:

 ) وَآتَيْنَاهُ مِنَ الْكُنُوزِ مَا إِنَّ مَفَاتِحَهُ لَتَنُوءُ بِالْعُصْبَةِ أُولِي الْقُوَّة(  (18)

۽ اسان کيس ايترا ته خزانا عطا ڪيا هئا جو سندس ڪنجين، سگھ واريءَ ٽولي کي (کڻڻ ۾) ٿڪايو ٿي.

۽ ٻيا عام انسان اها تمنا رکندا هئا ته وٽن به قارون جيترو خزانو هجي:

 ) قَالَ الَّذِينَ يُرِيدُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا يَا لَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَا أُوتِيَ قَارُونُ إِنَّهُ لَذُو حَظٍّ عَظِيم( (19)

جيڪي ماڻهو دنيا جي حياتي گهرندا هئا (سي کيس اهڙي شان مان ڏسي) ڍوڻ لڳا ته جيڪو مال ۽ دولت قارون کي عطا ٿيو آهي تنهن جهڙو جيڪر اسان کي به هجي! بيشڪ قارون وڏي نصيب وارو آهي.

پر قرآن مجيد جي فرمان مطابق عقلمند انسان ڪڏهن به پنهنجي حالت جو پاڻ کان مٿانهن ۽ گهڻي مال وارن سان ڀيٽ نه ڪندا آهن ڇو جو اهي سمجهن ٿا ته اصل حيثيت نتيجي ۽ آخرت ۾ ملندڙ جزا جي آهي هي دنيا ته ايندڙ ويندڙ شي آهي.

) وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ اللَّهِ خَيْرٌ لِمَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا وَلا يُلَقَّاهَا إِلا الصَّابِرُون( (20)

۽ جن شخصن کي علم عطا ٿيل هو تن چيو ته اوهين ناس ٿيو! جنهن شخص ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تنهن لاءِ ته خدا جو ثواب ان کان گهڻو چڱو آهي ۽ اهو ثواب صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيا حاصل ڪري نه ٿا سگهن.

 ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن جي خواهش هئي ته کين قارون جيترو خزانو ملي پر جڏهن انهن قارون جو انجام ڏٺو ته شڪر ڪرڻ لڳا ته سٺو ٿيو ته اهو اسان سان نه ٿيو.

) وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالأمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ لَوْلا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا( (21)

۽ جن ماڻهن ڪالھ سندس (رعب ۽ شان) جي خواهش ڪئي هئي اهي (اڄ اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا ته معاذ الله، هي ته خدا ئي آهي پنهنجن بندن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي (به زمين ۾) ڳهائي ڇڏي ها.

ٻيو ته پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ جو نتيجو حسد ۽ ساڙ جو ڪارڻ آهي جنهن ۾ انسان سڙي ته سگهي ٿو پر اهو کيس ڪو فائدو نه ٿو رسائي سگهي. تنهنڪري قرآن مجيد فرمائي ٿو:

) لا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَي مَا مَتَّعْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِنْهُمْ وَلا تَحْزَن عليهم(   (22)

۽ اسان جو انهن ڪافرن مان ڪجھ ماڻهن کي (دنيا جي مال دولت سان) نهال ڪري ڇڏيو آهي تون ان ڳالھ ڏي نهار به نه ۽ سندن (بي ديني) تي ڪجھ افسوس نه ڪر.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم به اها ئي نصيحت ڪئي آهي ته دنياوي شين ۾ هميشه پاڻ کان هيٺين کي ڏسڻ گهرجي ته جئين انسان ۾ شڪر ۽ سڪون جو احساس پيدا ٿئي پاڻ کان مٿانهن کي نه ڏسڻ گهرجي. جئين حضرت ابوذر غفاري جو بيان آهي ته پاڻ سڳورن صلعم مون کي ستن شين جي نصيحت ڪئي هئي انهن مان هڪ هي آهي ته مان پاڻ کان هيٺين کي ڏسان مٿين کي نه.

) اوصاني رسول الله(ص) بِسَبعٍ: اَنْ أنْظُرَ الي مَن هُو دوني، وَ لااَنْظُرَ الي من هو فوقي.(  (23)

رزق ۽ روزي جو مفهوم

مالي مشڪلاتن ڪري پاڻ کي غريب سمجهڻ جو هڪ سبب هي به آهي ته اسان رزق ۽ روزي صرف دنياوي شين بلڪه انهن مان به صرف مال کي سمجهون ٿا جڏهن ته الله سائين جون نعمتون تمام گهڻيون آهن. تندرستي، مهربان ماءُ پيءُ، سٺا پاڙيسري، سهڻو اخلاق وغيره اهي سڀ الله جو رزق آهن. تنهنڪري انسان کي صرف مال جي گهٽ هجڻ تي اها شڪايت نه ڪرڻ گهرجي ته هو غريب آهي جڏهن ته ان وٽ الله جون عظيم نعمتون آهن.

پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته رزق ۽ روزي ڏيندڙ، الله سائين پاڻ آهي، ان سڀني جي روزي رسائڻ جي ذميواري پاڻ کنئي آهي،

) وَمَا مِنْ دَابَّةٍ فِي الأرْضِ إِلا عَلَي اللَّهِ رِزْقُهَا( (24)

۽ زمين تي هلڻ وارن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي روزي خدا جي ذمي نه هجي.

سهڻي رب جو ته اهو به فرمان آهي ڪيترائي جانور آهن جيڪي پنهنجو رزق نٿا کڻي سگهن، تنهنڪري الله ئي آهي جيڪو کين رزق عطا ڪري ٿو:

 ) وَكَأَيِّنْ مِنْ دَابَّةٍ لا تَحْمِلُ رِزْقَهَا اللَّهُ يَرْزُقُهَا وَإِيَّاكُمْ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيم( (25)

ٻيو ته هو انسان جو خالق آهي انسان جي حالتن کي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪنهن جي ڀلائي اميري ۾ آهي ته ڪنهن جي غريبي ۾، انهن ۽ انهن جهڙن ٻين سببن ڪري الله سائين ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي وڌ عطا ڪري ٿو.

) وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَي بَعْضٍ فِي الرِّزْق(  (26)

۽ خدا ئي رزق ۾ اوهان مان هڪڙن کي ٻين تي ترجيح ڏني آهي.

) اللَّهُ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ وَيَقْدِر( (27)

۽ الله جنهن لاءِ گهري ٿو ان لاءِ روزي ڪشادي يا تنگ ڪري ٿو.

) إِنَّ رَبَّكَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ وَيَقْدِرُ إِنَّهُ كَانَ بِعِبَادِهِ خَبِيرًا بَصِيرًا(  (28)

تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ گهري ٿو روزي ڪشادي ۽ تنگ ڪري ٿو بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.

اهي غربت جي خاتمي جا ڪجھ نظرياتي اصول هئا، جن جي سمجهڻ کان سواءِ ان جو خاتمو مشڪل آهي، اسان ٻئي قسط ۾ ان جا معنوي ۽ عملي اصول بيان ڪنداسين. الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي پنهنجي محتاجي کانسواءِ ٻين بڇڙن جي محتاجي کان بچائي.

حوالا

1 . سورت بقره، آيت 21.

  1. 2. سورت بقره، آيت 28.

3 . سورت ذاريات، آيت 58.

4 . سورت فاطر، آيت 15.

5 . سورت انفال، آيت 28.

6 . سورت تغابن، آيت 15.  

7 . آشنايي با قرآن،  شهيد مطهري، ج 4 ص182.

8 . سورت ابراهيم، آيت 3-2.

9 . سورت نساء ، آيت77.

10 . سورت طه، آيت 131.

11 . سورت توبه، آيت55.

12 . سورت طه، آيت 131

13 . سورت انشراح ،آيت 6-5 .  

14 . مجموعه آثار،  شهيد مطهري ج 1 ص175

15 .  سورت طلاق، آيت7.

16 .  بحار الانوار، مجلسي، 68ج ص 219.

17 . نهج‌البلاغه، حڪمت 351.

18 .  سورت قصص، آيت 76.

19 . سورت قصص، آيت 79.

20 . سورت قصص ،آيت 80.

21 . سورت قصص ، آيت 82.

22 . سورت حجر ،آيت 88.

23 . امالي، شيخ صدوق، ج 2 ص 345.

24 . سورت هود، آيت 6.

25 . سورت عنڪبوت،  آيت 60.

26 . سورت نحل،  آيت 71.

27 . سورت رعد،  آيت 26.

28 . سورت اسراء،  آيت 30.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found