جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

غربت جي خاتمي جا قرآني اصول ( 2 )

تحرير: غلام قاسم تسنيمي 

انسان لاءِ هڪ وڏو مسئلو يا پريشاني، غربت آهي جيڪا کيس تڪليف ۽ آزار رسائڻ سان گڏ فطري رستي تي هلڻ کان رڪاوٽ به ٿي سگهي ٿي. هن لکت جو مقصد ”غربت جي خاتمي جا قرآني اصول“ بيان ڪرڻ آهي. گذريل قسط ۾ اسان غربت جي خاتمي جا عقيدتي اصول بيان ڪيا هئا سين هاڻ عملي اصولن بابت گفتگو ڪرڻي آهي.

غربت جي خاتمي جا عملي اصول

عملي اصولن مان مراد، اهي عملي اقدام آهن جن جي انجام ڏيڻ سان انسان ان موذي بيماري يا اجتماعي ناسور تي قابو پائي سگهي ٿو، ظاهر آهي ته صرف عقيدو يا خالي نظريو نه ڪنهن خالي پيٽ انسان کي ماني ڏئي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن اگهاڙي انسان کي ڍڪي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن بي اجهي کي ڪو اجهو ڏئي سگهي ٿو، عقيدي جو اثر ان وقت ئي منظر عام تي اچي سگهي ٿو جڏهن کيس عملي جامو پهرايو وڃي. قرآن جي تعليم مطابق اها مڃيل حقيقت آهي ته ايمان، عمل صالح وسيلي تڪامل تائين رسي ٿو، ايمان ۽ نيڪ عمل مان هر هڪ، پنهنجي جڳھ تي ٻئي جو محتاج آهي،

 ۽ اهي ٻئي هڪٻئي تي تقابلي تاثير ڪن ٿا. مطلب ته جيڪڏهن ٿورڙي ايمان تي عمل ڪجي ته اهو عمل ان ايمان ۾ واڌاري جو سبب ٿيندو جهڙي ريت پختي ايمان تي عمل نه ڪرڻ سان اهو ايمان ڪمزور بڻجي ويندو.

عمل جي اهميت ۽ حيثيت بيان ڪرڻ کانپوءِ، غربت جي خاتمي جي عملي اصولن ڏانهن هلون ٿا جيڪي هن ريت آهن

  1. ڪم ڪار

قرآن شريف غربت جي خاتمي جا جيڪي عملي اصول بيان ڪيا آهن، انهن مان هڪ ڪم ڪار آهي. قرآني تعليم مطابق انسان جيتري محنت ۽ ڪوشش ڪندو اوترو ئي فائدو حاصل ڪندو، لڻندو اهو ئي جنهن ڪجھ پوکيو هجي، بغير محنت جي فائدي جي اميد رکڻ، بنا ٻج پوکڻ جي فصل جي اميد رکڻ برابر آهي، جنهن کي ڪو به عقلمند انسان ڀلو نه سمجهندو. ان وچ ۾ ان ڳالھ ڏانهن به اشارو ڪريون ته اسان جا ڪيترائي سڄڻ دنياوي ڪمن ۾ محنت جي اهميت کي سمجهن ٿا ۽ ان جي تاڪيد به ڪن ٿا پر جڏهن ڳالھ آخرت جي اچي ٿي ته اجايا بهانا ۽ عذر بيان ڪري عمل کان ڪيٻائڻ لڳن ٿا اهو بلڪل به مناسب نه آهي. الله سائين جو رحم ۽ ڪرم ٻنهي جهانن لاءِ آهي، جيڪڏهن هتي ڪجھ حاصل ڪرڻ لاءِ کنگهڻو پوي ٿو، محنت ڪرڻي پوي ٿي ته اتي به اهو ئي نعمتون حاصل ڪندو جنهن هن دنيا مان ڪجھ اڳتي موڪليو هجي.

قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي آيتون ان قانون ۽ اصول کي بيان ڪن ٿيون، جهڙوڪ سونهاري رب جو فرمان آهي:

 }وَ أَنْ لَيْسَ لِلْإِنْسانِ إِلاَّ ما سَعى‏{ (1)

 انسان کي اهو ئي ڪجھ ملندو آهي جنهن جي هو ڪوشش ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو الله سائين سورت جمعه ۾ نماز جمعه کان پوءِ روزي جي ڳولا جي واضح دعوت ڏني آهي جئين ته سندس ارشاد آهي:

}فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلاةُ فَانْتَشِرُوا فِي الْأَرْضِ وَ ابْتَغُوا مِنْ فَضْلِ اللَّه{‏ (2)

پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ خدا جي فضل سان پنهنجي روزي جي تلاش ڪريو.

قرآني آيتن تي سراسري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته قرآن مجيد اسان کي خدائي نعمتن کان منهن موڙڻ يا پاسي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري غربت کي نعمت يا اخلاقي حيثيت ڄاڻايو آهي بلڪه خدائي نعمتن مان استفادي جي دعوت ڏني آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي خطاب ٿئي ٿو:

 }قُلْ مَنْ حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتي‏ أَخْرَجَ لِعِبادِهِ وَ الطَّيِّباتِ مِنَ الرِّزْق‏{ (3)

 چئو ته زينت (جا اسباب) ۽ کائڻ جون (صاف سٿريون شيون) جيڪي خدا پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيون آهن سي ڪنهن حرام ڪيون آهن.؟

سٺي ۽ ڀلي زندگي لاءِ مادي سهولتن جي اهميت ڪنهن کان لڪل نه آهي، انهيءَ بنياد تي ئي حضرت سليمان عليه السلام الله سائين کان عظيم بادشاهي ۽ حڪومت جي دعا گهرندي چيو هيو:

 }وَ هَبْ لي‏ مُلْكاً لا يَنْبَغي‏ لِأَحَدٍ مِنْ بَعْدي{‏ (4)

۽ مون کي اهو ملڪ عطا فرما جو مون کان پوءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ملي.

قرآن شريف ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ۽ نيڪ زندگي لاءِ جاکوڙڻ جي دعوت ڏيڻ جو راز هي آهي ته انسان محنت مزدوري سان غربت تي غلبو حاصل ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي عزت نفس ۽ انساني حيثيت جي به حفاظت ڪري سگهي ٿو؛ ڇو جو جيڪڏهن انسان غريب، فقير ۽ محتاج هوندو ته پنهنجي ضرورتن جي پوراءُ لاءِ ٻين اڳيان هٿ ٽنگيندو جيڪو هڪ مومن جي انساني ۽ ايماني حيثيت ۽ عزت نفس لاءِ نهايت هاڃيڪار عمل آهي.

مالي غربت جي خاتمي لاءِ پاڪ امامن عليهم السلام به ڪم ڪار ۽ حلال روزي جي حاصلات لاءِ جاکوڙڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي آهي ۽ ان لاءِ وڏو ثواب بيان ڪيو آهي. امام صادق عليه السلام جو فرمان آهي:

 }لا تکسلوا في طلب ...{ (5)

رزق روزي جي حاصلات ۾ سستي نه ڪريو ڇو جو اسان جا وڏا ان لاءِ جاکوڙ ڪندا هئا ۽ سندس ڳولا ۾ نڪرندا هئا.

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت مان به هڪ نمونو بيان ڪندا هلون: امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي هڪ صحابي جي زندگي ڏاڍي ڏکي پئي گذري، سندس گهرواري کيس چيو: رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم وٽ وڃين ها ۽ کانئن ڪنهن شي جي گهر ڪرين ها. صحابي، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪچهري ۾ حاضر ٿيو، جئين ئي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي ديد مٿس پئي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

 }من سئلنا اعطيناه و من استغني اعطاه الله{

جيڪو به اسان کان گهرندو کيس ڏينداسين پر جيڪڏهن ڪو بي نيازي ڏيکاري ته الله سائين کيس بي نياز ڪندو. اهو صحابي پاڻ کي چوڻ لڳو: لڳي ٿو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو اشارو مون ڏانهن هيو، تنهنڪري گهر موٽي آيو. اچي گهرواري سان حال ڪيائين. تنهن تي سندس گهرواري چوڻ لڳي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم به اسان وانگر انسان آهي وڃي کيس پنهنجو حال ٻڌاءِ. صحابي وري رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو، سندس اچڻ سان ئي رسول اڪرمصلي الله عليه وآله وسلم ساڳيو جملو ارشاد فرمايو. ائين ٽي ڀيرا ٿيو.

آخر ڪار ان صحابي هڪ ڪهاڙي امانت ورتي پوءِ جبلن ڏانهن نڪري ويو، اتان ڪجھ ڪاٺيون ڪري آيو، جيڪي ڏيڍ ڪلو اٽي بدران کپايائين. اٽو گهر کڻي آيو ان سان رات بسر ڪيائون. ٻئي ڏينهن ڪجھ وڌيڪ ڪاٺيون ڪيائين ۽ وڪيائين ائين آهستي آهستي ڪجھ پئسا بچائڻ لڳو تان جو پنهنجي ڪهاڙي ورتائين ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ ٻه اٺ ۽ هڪ غلام خريد ڪيائين ۽ وڏو واپاري بڻجي ويو. هڪ ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجو سڄو قصو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻڌايائين.

هن روايت ۾ چٽي نموني ڪم ڪار کي غربت جي خاتمي جو سبب ڄاڻايو ويو آهي.

هڪ سوال ۽ ان جو جواب

هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪجھ روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رزق روزي الله جي هٿ ۾ آهي سندس مرضي آهي ته ڪنهن کي ڪيترو عطا ڪري جنهن جو مطلب هي آهي ته ڪم ڪرڻ يا روزي لاءِ جاکوڙڻ اجايو ۽ فضول آهي.

ان سوال جي جواب لاءِ ٻن ڳالهين ڏانهن اشارو ڪنداسين.

هڪ هي ته آيتن ۽ روايتن جا ٻه قسم آهن هڪ قسم ڪم ڪار ۽ حلال روزي لاءِ جاکوڙ جي فضيلت بابت آهي ته ٻيو قسم روزي کي الله جي مرضي سان لاڳاپيل بيان ڪري ٿو. پر جيڪڏهن ٻنهي قسمن جي آيتن ۽ روايتن تي چڱي نموني سوچ ويچار ڪجي ته مسئلو حل ٿي ويندو ۽ انهن ٻنهي قسمن ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد يا ٽڪراءُ باقي نه رهندو، ڇو جو هڪ ئي مسئلي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته پهرئين قسم جون آيتون ۽ روايتون هڪ رخ بابت هجن ته ٻئي قسم ۾ ٻئي رخ جو بيان هجي. ماڻهو به ته مختلف آهن جيڪڏهن ماڻهو دنيا جي رونقن ۽ دنياوي عهدن ۽ مال ملڪيت کي سڀ ڪجھ سمجهندي سندن لالچ ۾ انڌا ٿي پون جو ان لاءِ ڪو به گناھ ڪرڻ، الله جي حڪم جي مخالفت ڪرڻ، ٻين جي حقن کي پامال ڪرڻ لاءِ آساني سان تيار ٿي وڃن ته ان لاءِ ان مسئلي کي تاڪيد سان بيان ڪيو ويو آهي ته دنيا فاني آهي، سندس عهدا، شهرت وغيره اچڻ وڃڻ واريون شيون آهن، مختصر مدت لاءِ آهن عارضي آهن ان لاءِ الله سائين جي نافرماني ڪا چڱي ڳالھ نه آهي. پر جيڪڏهن ڪجھ ماڻهو زاهد، عارف، صوفي يا ٻين عنوانن سان ڪم ڪار کان هٿ کڻي ويهي رهن ته سندن آڏو ڪم ڪار جي اهميت بيان ڪئي ويندي. حقيقت ۾ دين جي سچن اڳواڻن جو پروگرام به اهو ئي آهي ته ماڻهن کي افراط ۽ تفريط کان پري رکن.

جن آيتن ۽ روايتن ۾ تاڪيد ڪئي وئي آهي ته روزي الله سائين جي هٿ ۾ آهي، الله سائين هر ڪنهن جو حصو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اهو اجائي لالچ ۽ دنيا کي حد کان وڌيڪ اهميت نه ڏيڻ کي بيان ڪري ٿو. ان جو اهو مقصد نه آهي ته عزت نفس، پنهنجي پيرن تي بيهڻ، سهڻي زندگي گذارڻ لاءِ ڪم ڪار يا جاکوڙ کان روڪيو وڃي.

ٻئي ڳالھ هي ته توحيد جي عقيدي سان دنيا کي ڏسجي ته هر شي الله سائين تي ختم ٿئي ٿي، هڪ موحد مومن انسان کي گهرجي ته ڪنهن به ڪمال کي پنهنجو ڪمال نه سمجهي بلڪه ان عمل کي الله طرفان پاڻ تي احسان سمجهي. جئين ته ارشاد ٿئي ٿو: }بِيَدِکَ الْخَيْرُ إِنَّكَ عَلى‏ كُلِّ شَيْ‏ءٍ قَدير{ (6)

 تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي بيشڪ تون هر شي تي قدرت رکندڙ آهين. ان لحاظ سان انسان جيڪڏهن پنهنجي محنت يا ڪمال وغيره تي سوچ ويچار ڪري ته چڱي نموني سان اهو ڄاڻي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجھ الله جو فضل ۽ احسان آهي. جيڪو جيڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ ختم ٿي وڃي ته ڪجھ به باقي نه رهندو.

  1. انفاق ۽ الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ

انسان کي تمام نعمتون الله سائين ئي عطا ڪيون آهن. نعمتون به ايتريون ته عطا ڪيون اٿس جو انسان کين ڳڻي به نٿو سگهي. قرآن شريف ۾ ملي ٿو:

 }وَ إِنْ تَعُدُّوا نِعْمَةَ اللَّهِ لا تُحْصُوها{ (7)

 ۽ جيڪڏهن اوهين الله جي نعمتن کي ڳڻڻ گهرو ته کين ڳڻي نه سگهندو.

الله سائين چاهي ٿو ته انهن نعمتن مان انسان پاڻ به فائدو وٺي ۽ ٻين کي به فائدو پهچائي ۽ سندس واعدو آهي ته جيڪو به انسان نعمتن مان صحيح فائدو حاصل ڪندو ۽ کين اتي استعمال ڪندو جتي رب جو راضپو هجي ته الله سائين سندس روزي ۾ واڌارو ڪندو.

اسلامي نقطي نظر سان انفاق جو مفهوم تمام وسيع آهي جيڪو پئسا ڏوڪڙ سان گڏ هر قسم جي نعمت کي الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ کي شامل آهي جهڙوڪ علم، سهڻو ڪردار ۽ اخلاق وغيره. انفاق جي فضيلت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته قرآن مجيد ۾ 190 کان وڌيڪ آيتون ان موضوع بابت آهن.

قرآني تعليم مطابق جيڪو به انسان الله جي راھ ۾ خرچ ۽ انفاق ڪندو ته الله سائين کيس ان جو عيوض ڏيندو بلڪه جيترو خرچ ڪندو الله سائين ان کان وڌيڪ عطا ڪندس. ڪريم رب جو فرمان آهي:

 }وَ ما أَنْفَقْتُمْ مِنْ شَيْ‏ءٍ فَهُوَ يُخْلِفُهُ وَ هُوَ خَيْرُ الرَّازِقين{ (8)

۽ اوهان جو ڪجھ به (سندس راھ ۾) ڏيو ٿا اهو ان جو بدلو ڏيندو.

 ٻئي جڳھ تي ارشاد ٿئي ٿو:

 }الشَّيْطانُ يَعِدُكُمُ الْفَقْرَ وَ يَأْمُرُكُمْ بِالْفَحْشاءِ وَ اللَّهُ يَعِدُكُمْ مَغْفِرَةً مِنْهُ وَ فَضْلاً وَ اللَّهُ واسِعٌ عَليم‏{ (9)

شيطان اوهان کي سڃائيءَ جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي بي حيائي (بخيليءَ) جو حڪم ڪري ٿو ۽ الله اوهان کي پنهنجي طرفان معافي ۽ ڀلائي جو واعدو ڏئي ٿو ۽ الله جهجهو ڏيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي.

تفسير مجمع البيان ۾ امام صادق عليه السلام کان نقل ٿيو آهي ته انفاق مهل ٻه شيون الله طرفان آهن ۽ ٻه شيون شيطان طرفان. گناهن جي بخشش ۽ روزي ۾ برڪت الله طرفان آهي جڏهن ته غربت جو واعدو ۽ بي حيائي جو حڪم شيطان طرفان آهي. مولا علي عليه السلام جو فرمان آهي:

 }إِذَا أَمْلَقْتُمْ فَتَاجِرُوا اللَّهَ بِالصَّدَقَةِ {(10)

 جڏهن غريب ٿي وڃو ته صدقي وسيلي الله سان واپار ڪريو.

ٻئي جڳھ تي مولا عليه السلام فرمائن ٿا:

 } اسْتَنْزِلُوا الرِّزْقَ بِالصَّدَقَةِ{ (11)

صدقي ڏيڻ سان روزي نازل ٿيڻ جي گهر ڪريو.

حقيقت ۾ انفاق سان انسان ۾ غربت تي قابض اچڻ جي سگھ پيدا ٿئي ٿي جو انسان خرچ ڪري ٿو اهو سمجهي ٿو ته الله سائين کيس وڌيڪ عطا ڪندو ٻيو ته غربت با وجود ٻين کي ڏيڻ سان کيس اهو اندازو به ٿيندس ته صرف هو پريشانين ۾ نه آهي بلڪه ٻيا به آهن.

ديني تعليم مطابق انسان جي تخليق جو اعلى مقصد ڪمال تائين پهچڻ ۽ قرب الاهي حاصل ڪرڻ آهي جيڪو مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي برداشت سان ئي ممڪن آهي. قرآن شريف انهيءَ بابت فرمائي ٿو:

 }يا أَيُّهَا الْإِنْسانُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلى‏ رَبِّكَ كَدْحاً فَمُلاقيه{ (12)

‏ ۽ ان تڪامل جي راھ ۾ ڪيتريون ئي شيون رڪاوٽ آهن انهن مان هڪ شح نفس آهي. استاد مرتضى مطهري ان حالت جي وضاحت ڪندي لکن ٿا: شح نفس اهڙي حالت آهي جنهن ۾ انسان چاهي ٿو ته صرف گڏ ڪري ۽ ٻين کي هڪ آنڪ ڏيڻ لاءِ به راضي نٿو ٿئي.

اهو ئي سبب آهي جو ڪجھ آيتن ۾ ان مذموم صفت کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ کي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هڪ شرط بيان ڪيو ويو آهي

 }وَ أَنْفِقُوا خَيْراً لِأَنْفُسِكُمْ وَ مَنْ يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ{ (13)

 ۽ جو شخص پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو ته اهڙا ماڻهو ئي ڪامياب آهن.

 ان بيماري جو علاج، ٻين کي ڏيڻ، خرچ ڪرڻ ۽ الله جي راھ ۾ بخشش ڪرڻ آهي. انفاق ئي انسان ۾ مال سان لاڳاپي کي گهٽ ڪري سگهي ٿو

 }خُذْ مِنْ أَمْوالِهِمْ صَدَقَةً تُطَهِّرُهُمْ وَ تُزَكِّيهِمْ بِها{ (14)

 (اي رسول) تون سندن مالن مان زڪوات وٺ، جنهن سان تون کين پاڪ صاف ڪري ڇڏ ۽ هنن لاءِ خير جي دعا ڪر.

  1. اسراف نه ڪرڻ

غربت ۾ جتي مالي وسيلن جي محدوديت جو عمل دخل آهي اتي موجود وسيلن کي صحيح استعمال نه ڪرڻ به غربت جو هڪ اهم ڪارڻ آهي. موجود وسيلن کي صحيح ڪتب آڻڻ، غربت جي آثارن ۽ تڪليفن کي ڪنهن حد تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو. ظاهر آهي ته انسان جيڪڏهن افراط ۽ تفريط کان پاسو ڪري وچولو رستو اپنائي، آمدني کي معقول ۽ منطقي طريقي سان استعمال ڪري ته هڪ بهترين زندگي گذاري سگهي ٿو نه ته جيڪڏهن وٽس قارون جيترو خزانو به هجي تڏهن به انسان ڍاپڻ جهڙو نه آهي.

قرآن شريف ڪيترين ئي آيتن ۾ اعتدال ۽ ميانه روي کي اختيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. هڪ جاءِ تي ارشاد ٿئي ٿو:

 }وَ كُلُوا وَ اشْرَبُوا وَ لا تُسْرِفُوا{ (15)

 کائو پيئو پر فضول خرچي نه ڪريو.

ٻئي آيت ۾ خاص طور تي رسول اڪرم 4 کي خطاب ٿي رهيو آهي ته نه ڪنجوسي ڪن ۽ نه ئي وري حد کان وڌيڪ سخاوت، جو پنهنجي ضرورتن لاءِ به پريشان ٿي وڃن

 }وَ لا تَجْعَلْ يَدَكَ مَغْلُولَةً إِلى‏ عُنُقِكَ وَ لا تَبْسُطْها كُلَّ الْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُوماً مَحْسُوراً{ (16)

۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي ڳچي سان نه ٻڌ (خرچ ڪرڻ کان هٿ نه روڪ) ۽ نه ان کي بلڪل کول جو سڀ ڪجھ ڏئي ڇڏين جو ملامت ڪيل پشيمان ٿيل ويهي رهين.

هن آيت ڪريمه ۾ جيتوڻيڪ خطاب پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سان آهي پر حقيقت ۾ اهو حڪم امت لاءِ آهي نه ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم اهڙن عملن کان پاسو ڪندا هئا.

روايتن ۾ اسراف کي غربت جو اهم سبب ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته اعتدال ۽ ميانه روي کي بي نيازي جو عامل. امام صادق عليه السلام جو فرمان آهي:

 }اِنَ السَرف يُورِثُ الفَقر{

فضول خرچي، غربت جو سبب آهي

مولا عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا:

 سَبَبُ الفَقرِ الاِسرَافُ{

اسراف، غربت جو ڪارڻ آهي.... جاري آهي

حوالا

  1. سورت نجم، آيت39
  2. سورت جمعه، آيت 10
  3. سورت اعراف، آيت 32
  4. سورت ص، آيت 35
  5. وسائل الشيعه، ج12، ص 38
  6. سورت آل عمران، آيت 26
  7. سورت نحل، آيت 18
  8. سورت سبا، آيت 39
  9. سورت بقره، آيت268
  10. نهج البلاغه، حڪمت، 258
  11. نهج البلاغه، حڪمت، 137
  12. سورت انشقاق، آيت 6
  13. سورت تغابن، آيت 16
  14. سورت توبه، آيت 103
  15. سورت اعراف، آيت 31

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found