جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

قرآني قصا

تحرير: ثمر علي عرفاني چانڊيو 

(نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ أَحْسَنَ الْقَصَصِ بِمَا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ هَـذَا الْقُرْآنَ)

قرآني قصي جي وصف ڇا آهي ؟ يا قرآني قصو ڇا کي چئبو آهي؟

ان سوال جي جواب کان پهريان ڪجهه ڳالهيون توهان جي سامهون بيان ڪندس ته جيئن اسان کي ان سوال جو جواب سمجهه ۾ اچي سگهي.

انسان ڪڏهن ڪڏهن چاهيندو آهي ته پنهجي اندر جي ڳالهه کي ڪجهه ماڻهن جي سامهون بيان ڪري پر ان کي اها خبر ناهي هوندي ته ان جو ٻين ماڻهن تي ڪيترو اثر ٿيندو ليڪن اگر ان ڳالهه کي ڪجهه مثالن سان بيان ڪجي ته يقينا ان جو اثر تمام گهڻو ٿيندو ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه توهان سمجهائڻ چاهيو ٿا سامهون وارو شخص آرام سان سمجهي ويندو.

الله سائين چاهيو پئي ته انسانن کي ڪجهه مفهوم سمجهايا وڃن ته جيئن انسان صراط مستقيم تي هلي سگهن جيئن ثابت قدمي، صبر، توڪل، شجاعت، تقوي، اخلاص، امتحان، اميد، خوف، خشوع ۽ خضوع، صداقت، شڪر، شهادت، عفت ۽ حياء، نفاق، هوا پرستي، گناه، هجرت ڀلو خلاق، معاشرتي اصولن تي پابند هجڻ ۽ڪجهه ٻيا مفهوم،هاڻي اگر انهن مفهومن کي بغير مثالن جي بيان ڪجي ها ته انسان کين مڪمل نموني سان نه سمجهي سگهن ها ۽ الله پاڪ جي حڪمت جي تقاضاهئي ته انهن مفهومن کي مثالن سان سمجهائجي، ان ڪري الله سائين انهن مفهومن کي سمجهائڻ لاءِ لفظن ۽ مفهومن سان گڏ گذريل قومن جا قصا،واقعا ۽ حادثا بيان ڪيا ۽ قومن جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، ڪاميابي جا راز ۽ انهن قومن جي تباهه ٿيڻ جا راز ٻڌايا ته جيئن انسان گذريل قومن جي تاريخ مان عبرت حاصل ڪري تباهي کان بچي سگهن.

هاڻي اسان ان سوال جو جواب ڏينداسين ته قرآني قصو ڇا کي چئبو آهي؟

اسان جي لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهريان لفظ ”قصة“ جي معني بيان ڪريون، قرآن مجيد ۾ قصة جي معني آهي: ڪنهن شئ يا ان جي اثر جي پويان لڳي پوڻ. جيئن قرآن مجيد ۾ ذڪر آهي ته

}وَقَالَتْ لِأُخْتِهِ قُصِّيهِ فَبَصُرَتْ بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ(

۽ موسى جي ماءُ (دريا ۾ اڇلڻ وقت) سندس ڀيڻ (ڪلثوم) کي چيو ته ان جي پويان لڳي وڃ، پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن ماڻهن کي خبر به نه پئي.

ڪنهن انسان سان ٿيل حادثن ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ. جيئن قرآن مجيد ۾ بيان ٿيل آهي ته

)لَقَدْ كَانَ فِي قَصَصِهِمْ عِبْرَةٌ لِّأُوْلِي الأَلْبَابِ(

هن ۾ شڪ نه آهي ته انهن ماڻهن جي ڳالهين ۾ عقلمندن جي لاءِ (کليل) عبرت (۽ نصيحت) آهي. البته ان سوال جي جواب بابت قرآني علوم جي عالمن جو پاڻ ۾ اختلاف آهي.ڪجهه عالم چون ٿا ته قرآن مجيد جون ٻڌايل اهي خبرون ”قرآني قصو“ آهن جن ۾ قصي جا هنري عنصر به بيان ٿيل هجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترو قصو بيان ٿيل هجي جو معاشري جا ماڻهو به ان کي قصو چوندا هجن. قرآني قصي جي ان وصف جي بنياد تي اصحاب فيل وارو قصوننڍڙي هجڻ جي ڪري  قرآني قصي ۾ شامل نه آهي.ڪجهه عالم چون ٿا ته قرآن مجيد جون ٻڌايل اهي خبرون ”قرآني قصو“ آهن جيڪي فقط گذريل انسانن جي حالات بابت هجن.ان وصف جي بنياد تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دور وارا واقعا به قرآني قصن ۾ شامل نه آهن.

ڪجهه عالم هڪ ٻئي نموني سان قرآني قصي جي وصف بيان ڪن ٿا: قرآن مجيد جون ٻڌايل اهي خبرون جيڪي گذريل انسانن جي حادثن جي  باري ۾ هجن ۾ ۽ اهڙي نموني سان بيان ٿيل هجن جو ٻڌڻ واري جي ذهن ۾ نقش ٿي وڃن پوءِ اهو حادثو تفصيل سان بيان ٿيل هجي يا مختصر، زمان قريب جي باري ۾ هجي يا بعيد جي باري ۾ ان کي قرآني قصو چوندا آهن.

قرآني قصن جا اهداف

1ـ عبرت حاصل ڪرڻ

الله سائين ان جي ڪري قصا بيان ڪيا آهن ته جيئن سڀ مسلمان گذريل قومن جي اٿڻي ويهڻي،ڪاميابي جي رازن،تباه ٿيڻ جي سببنکان آگاهه ٿين، ۽ کين خبر پئي ته اهي ڪهڙي نموني سان زندگي گذاريندا هئا،ڇا جي ڪري ڪجهه قومون ڪامياب ٿيون،ڪجهه ناڪام ٿيونته جيئن گذريل قومن جي قصن کي ٻڌي مسلمان به پنهجي زندگي کي سنڀالي گذارن ۽ گذريل قومن جي ڪاميابي ۽ نابودي مان سبق سکن، البته هڪ ڳالهه اسان سڀني کي ياد هجڻ کپي ته عبرت اهو حاصل ڪري سگهي ٿو جنهن جي دل واري اک کليل هجي. جيئن هن آيت شريفه ۾ الله سائين جو ارشاد گرامي آهي ته

)إِنَّ فِي ذَلِكَ لَعِبْرَةً لِّأُوْلِي الْأَبْصَارِ(

بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.

عبرت اهو ئي حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪو بصيرت رکندڙ هجي:

) فِي قَصَصِهِمْ عِبْرَةٌ لِّأُوْلِي الأَلْبَابِ(

انهن  جي قصي ۾ عقل رکڻ وارن جي لاءِ عبرت موجود آهي.

2 ـ  انسانن جي فڪري قوت وڌائڻ

سورت اعراف ۾ بلعم باعور جي قصي بيان ڪرڻ کان بعد الله سائين رسول پاڪ4 کي ارشاد فرمائي ٿو ته:

)فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ(

(اي رسول!) اهي ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌاءِ ته من اهي پاڻ به سوچين.

بلعم باعور بني اسرئيل جو هڪ مشهور عالم هئو ڪڏهن ڪڏهن حضرت موسي عليه السلام به ان کان مبلغ جي طور تي ڪم وٺندا هئا پر پنهنجي غرور ۽ تڪبر جي ڪري ۽ فرعون جي طرف مائل هجڻ جي ڪري الله سائين جي موڪليل نمائيندي جي مقابلي ۾ اٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي اصلي مقام ۽ منزلت کان هيٺ پستي ۽ ذلت جي کڏ ۾ ڪري پيو.

اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليهما السلام جن به پنهنجي آخري وصيت ۾ پنهنجي پٽن امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام کي فرمائن ٿا ته

)اني و ان لم اکن عمرت عمر من کان من قبلي فقد نظرت في اعمالهم وفکرتفي اخبار هم وسرتفي آثارهم حتي عدت کاحدهم بلانيلما  انتهياليمن امورهم عمرتمعا و لهما ليآخرهم(

مولا علي عليه السلام جي ان فرمان مان به خبر پوي ٿي ته اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان گذريل قومن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪريون ۽ سوچيون ته ڪئين گذريل قومون آباد ٿيون ۽ وري ڪئين  جلد ئي بربادي جي ڪنڌي تي پهتيون ته جيئن اسان جي فڪر ۾ واڌارو ٿئي ۽ ڀلي کان ڀلو سبق حاصل ڪري سگهون.

3ـالله سائين جي نه تبديل ٿيندڙ قانونن کان آگاهي

هن جهان ۾ ڪجهه تڪويني قانون جاري آهن جن کي ”سنة الله“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جيڪي ڪڏهن به ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن به نبي جي دور ۾ تبديل ناهن ٿيندا،جڏهن کان وٺي دنيا موجود آهي تڏهن کان وٺي اهي قانون جاري آهن،هن دنيا ۾ موجود شيون تبديل ٿي سگهن ٿيون پر اهي قانون ڪڏهن به تبديل نه ٿيندا. جيئن سورت احزاب جي آيت 62 ۾ ذڪر آهي ته

 )سُنَّةَ اللَّهِ فِي الَّذِينَ خَلَوْا مِن قَبْلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبْدِيلًا(

جيئن اڳين ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي ۽ تون الله جي دستور ۾ڪا (به) مٽ سٽ نه ڏسندين.

انهن سنتن کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِاسان ڪجهه مثال ذڪرڪريونٿا:

1ـ آخرت هميشه متقي انسانن لاءِ آهي.

2ـ زمين جا وارث الله سائين جا نيڪ ٻانها هوندا.

3ـ ان وقت تائين الله سائين ڪنهن قوم جي حالات ۾ تبديلي ناهي آڻيندو، جيسيتائين اها قوم پاڻ ۾ ڪجهه تبديلي نه آڻي.

لهذا الله سائين جا اهي اهڙا قانون آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ناهي ايندي .

4ـ رسول پاڪ (ص) ۽ مومنن جي دلين کي ڍارس ڏيڻ

سورت هود جي آيت 120 ۾ الله سائين جو ارشاد پاڪ آهي ته

 )وَكُـلاًّ نَّقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنبَاء الرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِهِ فُؤَادَكَ وَجَاءكَ فِي هَـذِهِ الْحَقُّ وَمَوْعِظَةٌ وَذِكْرَى لِلْمُؤْمِنِينَ(

۽ (اي رسول) اڳين نبين جي ڳالهين مان اسين انهن سڀني ڳالهين کي تو سان ذڪر ڪريون ٿا جن سان اسين تنهنجيءَ دل کي مضبوط ڪري ڇڏينداسون. ۽ انهن ئي ڳالهين ۾ تو وٽ حق (قرآن) ۽ مومنن جي لاءِ نصيحت ۽ ياداشت به آئي.

سورت هود جي اها آيت ان وقت نازل ٿي جڏهن مڪي جا مشرڪ رسول مڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ مسلمانن کي اذيتون ڏيندا هئا. انهن اذيتن ۽ آزارن جو واضح مثال پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ۽ کيس مڃڻ وارن جو شعب ابي طالب ۾ اقتصادي محاصري ۾ رهڻآهي. مومن آل قريش ابوطالب عليه السلام ۽ بيبي خديجة الڪبري سلام الله عليها جي وفات کان بعدمشرڪ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم کي اذيتون ڏيڻ ۾ حد کان به وڌي ويا ۽ ان  کان بعد  الله سائين ڪجهه گذريل نبين جا قصا رسول مڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي لاءِ بيان ڪيا، جهڙي طرح حضرت نوح عليه السلام، حضرت لوط عليه السلام، حضرت هود عليه السلام، حضرت موسي عليه السلام جي زندگي کي بيان ڪيو ته ڪهڙي نموني سان مشرڪن جي تڪليفن،آزارن، مصيبتن ۽ بد زباني جي باوجود انهن تمام گهڻو صبر ڪيو ۽ الله سائين آخر ۾ انهن کي ڪاميابي عطا فرمائي.

اسان وڌيڪ وضاحت جي لاءِ حضرت موسي عليه السلام جو قصو جيڪو سورت شعراء ۾ بيان ڪيو ويو آهي ذڪر ڪريون ٿا. الله سائين ارشاد فرمايو ته: اي منهنجا رسول،حضرت موسي عليه السلام ڏانهن مجنون هجڻ جي نسبت ڏني وئي. سورت شعراء آيت 27

 )قَالَ إِنَّ رَسُولَكُمُ الَّذِي أُرْسِلَ إِلَيْكُمْ لَمَجْنُونٌ(

فرعون چيو ته (ٻڌو ٿا!) هي رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي سو پڪ چريو آهي. کيس قيد ۾ رکڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. سورت شعراء آيت29

)لَأَجْعَلَنَّكَ مِنَ الْمَسْجُونِينَ(

آءُ تو کي ضرور پنهنجو قيدي ڪندس.

الله سائين حضرت موسي عليه السلام کي چيو ته هجرت ڪر.سورت شعراء آيت 52

)وَأَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ(

۽ اسان موسى ڏي وحي موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا. الله سائين رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي لاءِ حضرت موسي عليه السلام جو قصو بيان ڪندي اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اي منهنجا رسول اهي فقط تو کي اذيتون نٿا ڏين بلڪه تو کان پهريان آيل نبين کي به اذيتون ڏيندا هئا. اهي فقط تو کي قيد ۾ رکڻ جي ڌمڪي نٿا ڏين بلڪه تو کان پهريان آيل رسولن کي به قيد ۾ رکڻ جي ڌمڪي ڏيندا هئا،اهي فقط تو کي قتل ڪرڻ جي سازش نٿا ڪن بلڪه تو کان پهريان آيل رسولن جي قتل ڪرڻ لاءِ به سازشون ڪندا هئا،پر پوءِ به الله سائين انهن سڀني کي صبر ڪرڻ جو حڪم فرمايو

 )فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ أُوْلُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ(

ته (اي رسول) پيغمبرن مان جيئن اولو العزم (عالي همت) صبر ڪندا رهيا تون به صبر ڪندو رھ!

۽ انهن کي وعدو ڏنائين ته الله ۽ ان جا رسول ئي  ڪامياب هوندا

 )کتب الله لاغلبن انا و رسلي(

خدا ناطق حڪم ڪري ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿينداسون. بيشڪ خدا زور آور زبردست آهي.

اهو ئي سبب هئو جو رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دل مبارڪ تي قرآن بتدريج (آهستي آهستي)نازل ٿيندو هئو جنهن جي ڪري رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دل مطمئن ٿي پوندي هئي.

5ـ قرآن الله جو ڪتاب ۽ رسول اڪرم سندس موڪليل نبي

وڌيڪ وضاحت هن نموني سان ڪري سگهجي ٿي ته اهڙو انسان جنهن نه ڪڏهن لکيو ۽ نه پڙهيو ۽ نه ڪنهن استاد کان سبق سکيائين ڪئين ٿو ٿي سگهي جو گذريل قومن جا قصا وڏي وضاحت سان بيان ڪري. اهڙا قصا جن جو مثال آسماني ڪتابن ۾ به ذڪر ٿيل نه آهي. اهو هڪ مضبوط دليل آهي ته هي انسان ڪو عام انسان نه آهي ۽ نه ئيمٿس نازل ٿيڻ وارو ڪتاب ڪو معمولي ڪتاب آهي.

6ـ گذريل نبين جي سيرت کان آگاهي

هن عنوان هيٺ ٽن شين کي  بيان ڪري سگجهي ٿو

1ـ سڀني نبين جو هدف هڪڙو ئي هيو

قران مجيد ۾ ذڪر ٿيل قصن جي مطالعي ڪرڻ سان اسان کي خبر پوي ٿي ته ڀلي کڻي گذريل نبين ۾ زمان،مڪان ۽ معاشري جو فرق هيو پر پوءِ به انهن جي تبليغ جو مرڪزي نڪتو اهو هيو ته انسانيت کي توحيد ۽ خدا پرستي جي دعوت ڏجي ڪفر،شرڪ ۽ نفاق کان پري رکجي. سورت انبياء جي آيت 25 ۾ ذڪر آهي ته

)وَمَا أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍ إِلَّا نُوحِي إِلَيْهِ أَنَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدُونِ(

۽ اي رسول جڏهن به اسان تو کان اڳ ڪو به رسول موڪليو ته تنهن ڏي اسان اهو ئي وحي موڪليندا رهيا سون ته بس اسان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، سو منهنجي عبادت ڪريو.

سڀئي نبي انسانيت جي لاءِ هڪ ئي دعوت کڻي آيا اها توحيد واري دعوت هئي ايستائين جو ان دعوت پهچائڻ لاءِ جيڪي الفاظ استعمال ڪيا ويا اهي به تقريبا پاڻ ۾ هڪجهڙائي هئا،

اهو ئي ته سبب آهي جوجنهن هڪ نبي جي نافرماني ڪئي ڄڻ ته سڀني نبين جي نافرماني ڪيائين. جيئن قوم عاد جي لاءِ سوره هود ۾ بيان ٿيل آهي ته

)وَتِلْكَ عَادٌ جَحَدُواْ بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْاْ رُسُلَهُ وَاتَّبَعُواْ أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ(

 (اي رسول!) ۽ اها عاد (جي قوم) آهي جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪئي پڻ هر سرڪش (خدا جي) دشمن جي حڪم تي هلندا رهيا.

قوم عاد فقط هڪ ئي نبي جي نافرماني ڪئي ليڪن قرآن مجيد ائين بيان ڪيو ته هڪ نبي جي نافرماني ائين آهي ڄڻ سڀني نبين جي نافرماني ڪيائون.

يا جهڙي نموني سان سورت شعراء آيت 123 ۾ ذڪر آهي ته

)كَذَّبَتْ عَادٌ الْمُرْسَلِينَإِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ تَتَّقُونَ(

(اهڙيءَ طرح) عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين (خدا جي غضب کان) نه ٿا ڊڄو. اهو ئي ته سبب آهي جو الله سائين ڪجهه نبين تي ايمان آڻڻ ۽ ڪجهه تي ايمان نه آڻڻ کي ڪفر چيو آهي.

2 ـ سڀني نبين جي تبليغ جي روش ۽ طريقيڪار هڪ جهڙو ئي هئو

سڀئي نبي هڪ ئي روش سان تبليغ ڪندا هئا ۽ تبليغ جي روش ۾ هڪ ٻئي جي پيروي ڪندا هئا،ڀلي کڻي پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم سڀني نبين کان افضل هئا پر پوءِ به انهن کي الله سائين حڪم فرمايو ته حضرت ابرايم عليه السلام جي فڪري روش جي پيروي ڪن.جيئن سورت نحل آيت 2 ۾ الله سائين ارشاد فرمايو آهي ته

)ثم اوحينا اليک ان اتبع ملة حنيفا وما کان من المشرکين(

(اي رسول) وري اسان تو ڏي وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.

اهڙي نموني سان الله سائين وري حضرت ابراهيم عليه السلام کي دستور ڏنو ته (نسل انسانيت جيٻئين بابي) حضرت نوح عليه السلام جي فڪري روش جي پيروي ڪن. جيئن سورت صافات جي آيت 73 ۾ ذڪر آهي ته

)و ان من شيعته لابراهيم(

۽ بيشڪ سندس شيعن مان ابراهيم هو.

3ـ الله سائين جي دشمنن جو سڀني نبين سان الجهڻ جو انداز هڪڙو ئي هيو

قرآني قصن جي مطالعي ڪرڻ سان اسان سڀني جي لاءِ ظاهر ٿئي ٿو ته نبين سان گهڻو ڪري ان دور جا بادشاه ئي الجهندا هئا ۽ اهي بادشاه پهريائين ته فقط بحث ۽ مباحثي تائين محدود هوندا هئا پر آهستي آهستي ڳالهه بحث ۽ مناظري کان وڌي ويندي هئي ۽ پوءِ بادشاه ڪوشش ڪندا هئا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نبين کي پنهنجي تبليغ تان هٿ کڻائن پوءِ ڀلي کڻي پئسي يا منصب جي لالچ ڏيڻي پئي. پر ڇو جو انبياء عليهم السلام جو هدف انسانيت کي هر قسم جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ هيو. پاڻ کي هر قسم جي زحمت ۾ وجهندا هئا پر تبليغ تان هٿ نه کڻندا هئا. ۽ بعد واري مرحلي ۾ انبياء عليهم السلام ۽ انهن جي پيروڪارن کي مختلف قسمن جو اذيتون ۽ تڪليفون ڏيندا هئا. ايستائين جو انهن مان ڪجهه شهادت تائين به پهچي ويندا هئا ۽ ڪجهه کي اذيتون ڏئي شهر بدر ڪري ڇڏيندا هئا پوءِ به الله سائين جا اهي پسنديده ٻانها تبليغ تان هٿ نه کڻندا هئا.

7ـ قيامت کي سمجهڻ ۾ آساني

قصا ان لاءِ بيان ڪيا ويندا هئا ته جيئن قيامت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. ان دور جي مشرڪن لاءِ اها ڳالهه دل سان قبول ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي ته اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته هڪڙو انسان مري وڃڻ کان بعد ۾ ٻيهر زنده ٿئي.

8ـ زندگي گذارڻ لاءِ نموني عمل ڏيکارڻ

الله سائين ان جي ڪري قصا بيان ڪيا آهن ته جيئن سڀني انسانن کي زندگي گذارڻ جي لاءِ نمونو( اسوه ڪامل)ڏيکاري.

وضاحت:

قرآن مجيد ۾ الله سائين اهڙن انسانن جا به قصا بيان ڪيا آهن جيڪي ڀلا ڪم ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي هئا (جيئن الله سائين جا پاڪ نبي) ۽ ڪجهه اهڙن انسانن جا به قصا بيان ڪيا آهن جيڪي گندا ڪم ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي هئا مطلب ته الله سائين ٻنهي قسمن جا نمونا انسانن لاءِ بيان ڪيا آهن.نيڪ ڪم ڪرڻ وارا به جيئن نبي ۽ امام ۽ برا ڪم ڪرڻ وارا به جيئن فرعون،قارون هامان ۽ قابيل جا قصا به الله سائين بيان ڪيا آهن ته جيئن انسان ٻنهي نمونن کي ڏسي زندگي گذارن ۽ پنهجو پاڻ کي سعادت واري رستي تي هلائن.

9ـ حجت تمام ڪرڻ

الله سائين قصا انجي ڪري بيان ڪيا آهن ته جيئن سڀني انسانن جي لاءِ حجت تمام ٿي وڃي ۽ قيامت جي ڏينهن انهن کي بهانو ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ان لاءِ ئي الله سائين مختلف قومن جا قصا بيان ڪيا. مثال اصحاب رس جو قصو،اصحاب  اخدود جو قصو،فرعون، هامان۽  قارون جو قصو بيان ڪيو ۽انهن جي نابود ٿيڻ جا سبب به ذڪر ڪيا. هاڻي ان کان پوءِ به اگر اسان الله سائين جي نافرماني ڪريون ته پوءِ قيامت جي ڏينهن الله سائين جي سامهون ڪو به بهانو نه ٿا آڻي سگهون.

حوالا

سوره يوسف 3

سوره قصص، آيت 11

سورت يوسف، آيت 111

قصه هاي قرآني ص 16

سورت نور، آيت 44

سورت اعراف، آيت 176

سورت احقاف، آيت 35

سورت هود، آيت 59

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found