اربع, 24 جولاءِ 2019 - Wed 07 24 2019

منو

حضرت زينب سلام الله عليها جي تربيتي سيرت

تحرير: افتخار علي سولنگي

مهاڳ:

حضرت زينب سلام الله عليها جي ولادت هجرت جي پنجين سال مدينة النبي ۾ ٿي. سندن والد حضرت علي عليه السلام ۽ والده حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها  آهن. اسلام جي هن عظيم مخدره ڇهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ناني محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي جدائي جو غم ڏٺو. 45 سالن جي عمر ۾ ڀاءُ حسن مجتبي عليه السلام جي جنازي تي تير وسندا ڏٺا. 55 سالن جي عمر ۾ ڪربلا جي ڌرتي تي ڀاءُ حسين عليه السلام کي شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ 56 سالن جي ڄمار ۾ پاڻ هن فاني جهان کي وداع چئي.(1)

حضرت زينب سلام الله عليها ستن معصومن عليهم السلام  کي درڪ ڪيو: 1.نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، 2. امام علي عليه السلام 3. حضرت فاطمه سلام الله عليها ، 4. امام حسن عليه السلام ، 5. امام حسين عليه السلام ، 6. امام سجاد عليه السلام ، 7. امام باقر عليه السلام.

مشهور لقب

سندن لقبن منجهان مشهور لقب هي آهن:

1: باڪيه، گريو ڪندڙ خاتون

2: عقيله، عقلمند خاتون

3: معصومه صغري، ننڍي پاڪ ۽ پاڪيزه خاتون

4: فاضله، فضيلت واري خاتون

5: ڪامله، هر لحاظ کان ڪامل خاتون

6: موثقه، قابل اطمينان ۽ اعتماد واري خاتون

7: بليغه، ڀلوڙ خطيبه

8: ام المصائب، غمن ۽ ڏکن جي ماءُ

9: امينة الله، الهي امانتدار

10: قرة عين المرتضي، علي عليه السلام جي اکين جي ٺار

11: رضيعة الوحي، جنهن وحي جي سيني مان پنهنجي غذا حاصل ڪئي هجي

12: سليلة الزهره، زهرا سلام الله عليها جو خلاصو

13: سِر ابيها، پنهنجي بابي جو راز

14: رضيعه ثدي الولايه، جنهن ولايت جي سيني مان پنهنجي غذا حاصل ڪئي هجي

15: سيدة العقائل، عقلمند عورتن جي سردار

16: شريڪة الحسين، حسين عليه السلام جي غمخوار

17: شمسه قلادة الجلاله، عظمتن جي محور

18: شريڪة الشهيد، شهيد جي شريڪه

19: بطله ڪربلا، ڪربلا جي بهادر خاتون (قهرمان)

20: فصيحه، فصاحت ۽ بلاغت واري خطيبه

21: صابره محتسبه، الله سائين جي حساب تي صبر ۽ پائيداري ڪندڙ

22: صديقة الصغري، ننڍي سچار خاتون

23: عابده آل علي، خاندان علي عليه السلام جي پارسا ( پرهيزگار ۽ عبادت گذار) خاتون

24: عالمه غير معلمه، بغير استاد ڏٺي عالمه

25: عديله الخامس من اهل الڪساء، چادر تطهير وارن جي هم پلو

26: عقيله قريش، قريش جي عقلمند خاتون

27: عقيله بني هاشم، بني هاشم جي عقلمند خاتون

28: ڪعبة الرزايا، ڏکن ۽ غمن جو قبلو

29: مظلومه وحيده، بيڪس مظلومه

30: نائبة الزهرا، زهرا سلام الله عليها جي جانشين

31: مليڪة الدنيا، دنيا جي شهزادي

32: ڪفيلة السجاد عليه السلام، امام سجاد عليه السلام جي سرپرست

33: نائبة الحسين عليه السلام، امام حسين عليه السلام جي جانشين (2)

سيرت لغت ۾

سيرت عربي زبان ۾ سِر لفظ مان ورتو ويو آهي. سير يعني حرڪت ڪرڻ، وڃڻ، هلڻ. سيرت يعني هلڻ جي قسم (هلڻ جو طريقو ۽ روش) کي چئبو آهي.(3)  سيرت يعني طريقو، روش، انسان جو ڪردار، انسان جو ٻين ماڻهن سان برتاءُ ۽ سلوڪ.(4) سيره، فعله جي وزن تي (مصدر نوعي) آهي. جلسه يعني ويهڻ ۽ جلسه يعني خاص قسم جو ويهڻ. بس سيرت يعني پنهنجي اعمال افعال (ڪردار) کي ڪنهن خاص طريقي ۽ ڪنهن خاص نموني سان انجام ڏيڻ کي چئبو آهي.(5)

تربيت لغت ۾ پرورش ڪرڻ ۽ ڪنهن کي اخلاق (اسلامي) سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جي معنى ۾ آهي.(6)

تربيت هڪ عام معنى ۽ مفهوم رکندڙ لفظ آهي. جيڪو هڪ نظر سان انسانن سان گڏوگڏ غير انسانن کي جهڙوڪ جمادات ۽ حيوانن کي به شامل آهي ته وري ٻي نظر سان انسان جي تربيت خود مختلف پهلوئن کي شامل آهي جيئن جسماني، روحاني، عقلاني، معاشرتي، عاطفي، اخلاقي ۽ ديني تربيت. انهن منجهان هر هڪ پهلو پنهنجي اهميت جو حامل آهي. اسان جو هن لکڻي ۾ محور انسان آهي.

انسان جي ابتدائي تربيت سندس ننڍپڻ کان (اگرچه بزرگ علماء ۽ عرفاء انسان جي نطفي جي صورت  ۾ اچڻ وقت کان ترتيب جي مرحلن کي ڳڻائين ٿا) شروع ٿئي ٿي جيڪا سندس والدين جي ذميداري آهي. ان انسان جي زندگي مختلف مرحلن ۾ مختلف پهلوئن کان فردي يا معاشرتي تربيت جي ضرورت رکندڙ آهي اهڙي طرح جو اگر اها تربيت، صحيح نموني سان انجام نه ڏني وڃي يا تربيت مطلوب حالت ۾ حاصل نه ٿئي ته مستقبل ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. تربيت والدين جي ذميداري سان گڏ، انسان جي تربيت ڪندڙ ادارن جهڙوڪ اسڪولن، ڪاليج، يونيورسٽين وغيره ۾ استادن جي ذميداري آهي.

تربيت جي تعريف اسلام جي نگاه ۾

تربيت، انسان جي ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ وسائل ۽ مقدما فراهم ڪرڻ ۽ سندس وجود ڪامل جي طرف هدايت ڪرڻ يا هڪ منظم پروگرام جيڪو اصولن ۽ قانونن تي جڙيل هجي، سندس زندگي جي هر موڙ تي پيش ڪرڻ جو نالو آهي.(7) ته جيئن انهن قاعدن ۽ اصولن  تي عمل ڪندي حقيقي سعادت ۽ ابدي ڪمال حاصل ڪري سگهي.

سائڻ  جي زندگي جا مختلف پهلو

حضرت زينب سلام الله عليها جنهن رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم، حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي آگوش ۾ هر ديني ۽ اخلاقي اعلي درجو حاصل ڪيو. سندس زندگي انهن مختلف تربيتي پهلوئن سان سرشار آهي. انهن منجهان ڪجھ پهلوئن کي هتي ذڪر ڪجي ٿو:

1: جود ۽ سخاوت

حضرت زينب سلام الله عليها، حضرت علي عليه السلام ۽ بيبي فاطمه سلام الله عليها جي پليل آهي. جيڪي سخاوت ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهن. ڪڏهن رڪوع جي حالت ۾ فقير جي حاجت روائي ڪندا هئا ته وري ڪڏهن پاڻ بک تي رهي ٻين کي سير ڪندا هئا. هن عظيم مخدره جي سخاوت واري پهلو کي سڃاڻن لاءِ تاريخ جي هن بيان تي توجھ ڪرڻ فائدي کان خالي نه آهي. هڪ رات امير المومنين علي عليه السلام وٽ مهمان آيو امام عليه السلام گهر آيا ۽ بيبي زهرا سلام الله عليها کي فرمايائون: اي فاطمه! ڇا مهمان جي لاءِ گهر ۾ ڪو طعام آهي؟ بيبي جواب ڏنو: اي علي(عليه السلام)! گهر ۾ فقط هڪ ماني آهي جيڪا زينب (سلام الله عليها) جو حصو آهي. ان مهل حضرت زينب سلام الله عليها جاڳي رهيون هيون ٻڌي عرض ڪيائون: اي منهنجي امڙ! منهنجي ماني مهمان لاءِ موڪليو ۽ آئون صبر ڪريان ٿي. اها ٻارڙي جيڪا ان وقت 4 يا 5 سال جي هئي. جو سندس جود ۽ سخاوت اهڙي نموني آهي ۽ سخاوت جي وڌيڪ ڪهڙي مثال ٿي سگهي ٿي ته ان عظيم مخدره پنهنجو سڀ ڪجھ مال، متاع الله سائين جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ايتري تائين جو پنهنجي اولاد به الله جي راھ ۾ ڏئي ڇڏي.(8)

حضرت زينب سلام الله عليها اسان کي اهيو درس ڏين ٿيون ته اگر دين اسلام کي مشڪل پيش اچي ته پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ (اولاد) کي قربان ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ نه گهرجي.

2: زهد

حضرت زينب سلام الله عليها رضا ۽ تسليم جي اعلي درجي تي فائز هئي. اهڙي عورت جنهن جي شوهر عبدالله بن جعفر جي سخاوت جا چرچا هوندا هئا انهي جي ڪري عرب ۾ ان کي بحرالجود (سخاوت جو دريا) سڏيو ويندو هو. سندس گهر حاڪمن ۽ وزيرن جي گهرن کان پوءِ عظمت جي مثال پاڻ هو. حاجتمند هميشه ان دروازي تي دق الباب ڪندا هئا. حضرت زينب سلام الله عليها ان مقام ۽ منزلت جي باوجود الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ان مال ۽ ملڪيت کان منهن موڙيندي پنهنجي شوهر جي اجازت سان پنهنجي ڀاءُ حسين عليه السلام سان گڏ الله جي دين جي نصرت لاءِ نڪتي ۽ قيد ٿي.(9) ۽ ايتريون ته مشڪلاتون، ڏک ۽ غم ڏٺا جو ام المصائب چيو ويندو هو.

3: ادب ۽ احترام

حضرت زينب سلام الله عليها خاندان وحي ۽ نبوت جي گهراڻي جي عظيم مخدره آهي. حضرت زينب سلام الله عليها جو ادب پنهنجي ڀاءُ حسين عليه السلام سان ڪجھ اهڙي نموني هو جو جڏهن عبد الله بن عباس، امام حسين عليه السلام کي چيو ته جيڪڏهن اوهان اهڙي خطرناڪ سفر (ڪربلا) تي وڃي رهيا آهيو ته پوءِ انهن مستورات کي پاڻ سان گڏ ڇو ٿا وٺي وڃو؟ حضرت زينب سلام الله عليها اهو ٻڌڻ سان ئي پنهنجي محمل مان فرمايو: اي ابن عباس! ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي وچ ۾ جدائي وجهين. آئون ڪڏهن به پنهنجي ڀاءُ کان جدا نه ٿيندس.(10)

عاشورا جي تلخ واقعي کان پوءِ به ايترين مصيبتن جي باوجود ادب ۽ عبوديت کان ٻاهر نه نڪتيون ۽ ڪو به اهڙو لفظ يا گفتو جيڪو سندن نارضايتي، اعتراض، شڪايت ۽ تنگ نظري جي حڪايت ڪندڙ هجي نه ڳالهايو. هميشه الله جي رضا ۽ تقدير الهي تي راضي بلڪ ان کان به اعلي درجي جي ادب جو اظهار ابن زياد کي جواب ڏيندي ڪيائون: مارايت الا جميلا(11) يعني آئون سواءِ حسن (الاهي) جي ڪا به ٻي شي نه ڏٺي. حضرت زينب سلام الله عليها جو هي فرمان توحيد جي اعلي مرتبي، عرفان، قرب الهي، رسم بندگي ۽ سندس پالڻهار جي عبوديت ۽ بندگي کي بيان ڪندڙ آهي.

4: ايثار

ايثار يعني ٻين کي پاڻ تي مقدم سمجهڻ. امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

الايثار اعلي الايمان(12)

يعني ايثار اعلي درجي جو ايمان آهي. امام علي عليه السلام جي نياڻي جي ايثار جو اوج ۽ ڪمال عاشور جي ڏينهن ڏسڻ وٽان آهي. عاشور جي صبح پنهنجي ٻنهي فرزندن عون ۽ محمد کي وٺي امام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري فرمايائون: اسان جي ڏاڏي حضرت ابراهيم خليل الله، الله جي موڪليل قرباني (دنبي) کي پنهنجي اسماعيل عليه السلام تي قربان ڪيو. اي منهنجا ڀاءُ! توهان به اڄ منهنجي انهن ٻنهي فرزندن جي قرباني قبول ڪيو. جيڪڏهن عورتن مٿان جهاد جو حڪم کنيل نه هجي ها ته هزار مرتبه خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان فدا ڪريان ها ۽ هر لحظي هزار مرتبه شهادت جي آرزو ڪيان ها ۽ فرمايائون: آئون چاهيان ٿي ته منهنجا فرزند منهنجي ڀاءُ جي فرزندن کان پهريان ميدان وڃن. حضرت زينب سلام الله عليها جا اهي ٻئي گل، دشمنن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا. جڏهن امام حسين عليه السلام انهن جا جنازا خيمن ڏانهن کڻي آيا ته ڪيتريون ئي مستورات خيمن کان ٻاهر آيون پر حضرت زينب سلام الله عليها خيمي کان ٻاهر نه آئي.(13)

حضرت زينب سلام الله عليها ايثار ۾ ٻين کان اڳڀريون هونديو هيون ۽ عاشور جي ڏينهن پنهنجي جان خطري ۾ وجھي ٻين جي جان بچائينديون رهيون. پاڻ سڙندڙ خيمن ۾ وڃي امام سجاد عليه السلام ۽ سادات جي ٻين ٻارن کي بچايو. حضرت زينب سلام الله عليها ڪربلا ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي ٻارن ۾ تقسيم ڪيو ۽ پاڻ اڃايل رهيون. امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا:

انها کانت تقسم ما يصيبها من الطعام على الاطفال لان القوم کانوا يدفعون لکل واحد منا رغيفا من الخبز في اليوم و الليلة؛ (14)

ڦڦي زينب سلام الله عليها (جڏهن قيد ۾ رهيون) پنهنجي حصي جو طعام ٻارن ۾ تقسيم ڪنديون هيون ڇاڪاڻ ته اسان منجهان هر هڪ کي ڏينهن رات ۾ فقط هڪ ڀيرو کاڌو (ماني) ملندو هو.

5: شجاعت ۽ شهامت

الهي بندن جي صفتن منجهان هڪ مشهور صفت هي آهي ته انهن جي نگاھ ۾ خدا عظيم ۽ خدا کان علاوه هر شيءِ (سندن نگاھ ۾) حقير هوندي آهي. امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

عظم الخالق في انفسهم فصغر ما دونه في اعينهم؛(15)

يعني (اهڙن الهي انسان جي نگاھ ۾) خالق عظيم هوندو آهي ۽ خالق کان علاوه هر شيءِ حقير هوندي آهي.

اولياء الهي جي عظمت جو راز ان ڳالھ ۾ آهي جو الله کانسواءِ ٻين کان ڊڄندا ناهن.

معصومين عليهم السلام جي فرمانن منجھان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو الله سائين کان ڊڄندو آهي دنيا ان کان ڊڄندي آهي.

حضرت زينب سلام الله عليها شجاع خاندان جي تربيت يافته ۽ علي عليه السلام جي دامن ۾ پرورش پاتي آهي. حضرت زينب سلام الله عليها جو هڪ مشهور لقب لبوه الهاشميه (دلير ۽ بهادر هاشمي خاتون) آهي.

ابن زياد جي دربار سندس ظاهري قدرت جي طرف توجھ ڪرڻ کان بغير ان کي رسوا ۽ خوار ڪندڙ ۽ ان کي فاسق ۽ فاجر چوندڙ علي عليه السلام جي نياڻي فرمائي ٿي: تعريف ان خدا جي لاءِ جنهن اسان محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت سان عزت بخشي ۽ اسان کي هر نجاست کان پاڪ رکيو بيشڪ فاسق رسوا ۽ خوار ٿيندو آهي ۽ فاسق ۽ بدڪار ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ اهو ( فاسق ۽ بدڪار) اسان مان ناهي.(16)

حضرت زينب سلام الله عليها شام جي دربار يزيد جي سامهون اهڙو خطبو ڏنو جو ان غاصب ۽ ظالم جي محل کي لرزائي ڇڏيائين. يزيد ۽ يزيدين کي خوار ۽ ذليل ڪيائون.(17)

حضرت زينب سلام الله عليها قهرمان ڪربلا يعني ڪربلا جي بهادر خاتون ۽ خون شهداء جو پيغام پهچائيندڙ آهي.(18)

6: حجاب ۽ پاڪدامني

دين اسلام، عورتن جي اهم ذميدارين منجهان حجاب ۽ پاڪدامني کي هڪ اهم فريضو ۽ ذميداري قرار ڏنو آهي. قرآن مجيد ۾ 14 آيتون حجاب ۽ پاڪدامني جي باري ۾ صراحت رکندڙ آهن.(19)

امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

احسن ملابس الدين الحياء

يعني دين جو بهترين لباس حياء آهي.(20)

حضرت زينب سلام الله عليها، حجاب ۽ پاڪدامني جي حوالي کان پنهنجي ماءُ زهرا سلام الله عليها وانگر بي مثال هيون. حضرت زينب سلام الله عليها نه فقط عام حالتن ۾ بلڪه زندگي جي ڏکين موڙن ۽ حالتن ۾ به  حجاب ۽ پاڪدامني جو تمام گهڻو خيال رکيو.

راوي چوي ٿو: جڏهن ڪربلا جا اسير ڪوفي ۾ داخل ٿيا ته مون ڏٺو ته امام سجاد عليه السلام بغير پلاڻ واري اٺ تي سوار هئا... ۽ هڪ خاتون کي ڏٺم جيڪا بغير محمل جي اٺ تي سوار هئي مون سوال ڪيو اها خاتون ڪير آهي؟ جواب ڏنائون زينب بنت علي. اها مخدره ڪوفين کي چئي رهي هئي ته اي ڪوفيو! پنهنجون اکيون بند ڪريو ڇا الله ۽ سندس رسول کان شرم نٿا ڪريو جو پنهنجي نبي جي حرم کي ڏسي رهيا آهيو.(21)

7: ذميداري جو احساس

احساس ذميداري حقيقت ۾ عظيم ۽ اعلي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جو پنهنجي پاڻ سان پڪو پھ ڪرڻ آهي. حضرت زينب سلام الله عليها جي ٻين ذميدارين جي ادا ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪربلا جي شهداء جي گهر وارين جي سار سنڀال لهڻ به هڪ ذميداري هئي. انهن جي حفاظت ۽ بچاءُ جي لاءِ پاڻ ڪيترا ئي ڀيرا دشمنن جي هٿان تازيانا سهيا. امام حسين عليه السلام جي نياڻي فرمائي ٿي ته ڦڦي جو جسم مبارڪ دشمنن جي تازيانن ڪري سياھ ٿي ويو هو. (22)

۽ ٻئي طرف امام سجاد عليه السلام جي جان جي حفاظت پڻ حضرت زينب سلام الله عليها جي ذميداري هئي. پوءِ چاهي ڪربلا هجي يا ڪوفو يا شام.

ڪربلا کانپوءِ عاشورا جو پيغام پهچائيندڙ زينب سلام الله عليها نه هجي ها ته ڪربلا جو مقصد دفن ٿي وڃي ها. ٻين اکرن ۾ حضرت زينب سلام الله عليها جي عظيم ذميداري ڪربلا جو پيغام پهچائڻ هو.

ڪربلا اڄ به موجود آهي پر ڪنهن ٻئي صورت ۾، ان جي ڪري اڄ به زينبي ڪردار جي ضرورت آهي. اسين پنهنجو پاڻ کي ڏسون ۽ پنهنجي ذميداري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون!

8: عبادت ۽ بندگي

عبادت ۽ بندگي جي حقيقت اها آهي ته انسان جي نگاھ ۾ فقط خدا هجي ۽ سواءِ خدا جي ڪنهن جو به مطيع ۽ فرمانبردار نه هجي البت انبياء، اهلبيت عليهم السلام ۽ والدين جي فرمانبرداري خدا جي حڪم سان آهي.

حضرت زينب سلام الله عليها خلقت جي فلسفي کي عبادت ۾ ڏسنديون هيون. ۽ زندگي جي تمام موڙن تي پڻ الله جي عبادت کان غافل نه رهيون.

امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا: (ڦڦي امان) يارهين محرم جي رات به نماز شب ترڪ نه ڪئي ۽ ويهي نماز پڙهي.(23)

حضرت زينب سلام الله عليها پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۽ اطاعت ۾ اهڙي عظيم مقام ۽ مرتبي تي پهتيون جو امام عليه السلام عاشورا واري ڏينهن وداع وقت حضرت زينب I کي هن ريت فرمايو:

يا اختاه لا تنسيني في نافله الليل؛(24)

يعني اي منهنجي همشيره! پنهنجي نماز تهجد ۾ مونکي نه وسارجان. اهڙي نموني حضرت زينب سلام الله عليها کي عابده آل علي جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

9: دعا

دعا يعني هڪ ٻانهي جو خشوع ۽ خضوع سان گڏ پاڻ کان مٿانهي کان گهرڻ.

امام علي عليه السلام هن ريت دعا گهرن ٿا: اي پالڻهار! توکان گهرون ٿا ۽ اسان کي نا اميد ڪري واپس نه ڪر ۽ غمگين نه موٽائي ۽ اسان کي اسان جي گناهن ۾ مبتلا نه ڪر ۽ اسان جي ڪردار جو مقائسو نه ڪر. اي پالڻهار! رحمت، برڪت، لطف ۽ ڪرم جو مينهن اسان جي مٿان وڌيڪ وساءِ.

10: ولايت جي پاسداري

قرآن مجيد بغير ڪنهن قيد ۽ شرط جي الله تعالي جي اطاعت سان گڏ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ صاحبان امر (ائمه اهلبيت عليهم السلام) جي اطاعت جو حڪم ڏنو آهي.

يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا أَطيعُوا اللَّهَ وَ أَطيعُوا الرَّسُولَ وَ أُولِي الْأَمْرِ مِنْكُم‏‏(25)

حضرت زينب سلام الله عليها ولايت جي سڀني پهلوئن جي پاسداري ڪئي جهڙوڪ امام وقت جي معرفت امام جي سامهون بغير ڪنهن چون چرا جي تسليم هئڻ، ولايت کي سڃاڻن، فداڪاري ڪرڻ....

حضرت زينب سلام الله عليها، ابن زياد جي دربار ۾ ولايت کي بهترين طريقي سان بيان ڪيو ۽ اها عظيم بيبي چاهي امام حسين عليه السلام جي زندگي ۾ يا امام سجاد عليه السلام جي زندگي ۾ ولايت جي مطيع ۽ فرمانبردار هئي. ايتري قدر جو جڏهن خيمن کي باھ لڳائي وئي ته حضرت زينب سلام الله عليها، امام سجاد عليه السلام کي فرمايو: دشمنن خيمن کي باھ لڳائي آهي هن وقت اسان جي ڪهڙي ذميداري آهي؟ (ڇا باھ ۾ سڙي مري وڃون يا خيمن مان نڪري جان بچايون؟) امام سجاد عليه السلام فرمايو:

عليکن الفرار(26)

يعني خيمن مان ٻاهر نڪري جان بچايو. اسان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسون ته اسين پنهنجي وقت جي امام جا ڪيترا مطيع ۽ فرمانبردار آهيون؟

آخري ڳالهه:

هڪ عالم دين بيان ڪيو آهي ته هڪ شيعه امام زمانه عليه السلام کي خواب ۾ ڏٺو. امام زمانه عليه السلام جي چهري مبارڪ تي نگاھ ڪيائين ته امام عليه السلام جا رخسار سياھ هئا. عرض ڪيائين: مولا اسان ته ٻڌو آهي ته اوهين تمام گهڻو نوراني ۽ سفيد ڳل وارا آهيو پوءِ هي رخسار سياھ ڇو؟

امام زمانه عليه السلام فرمايو: جڏهن اسان جا شيعا گناھ ڪندا آهن ته منهنجي رخسارن تي سياھ نشان ٿيڻ لڳندا آهن.

يا صاحب الزمان.......

حوالا

1. ياران شيداي حسين بن علي، ص347

2. عقيله بني هاشم زينب ڪبري، ص44.

3. معجم افعال المتداوله، ج1، ص356

4. فرهنگ ابجدي، ص507.

5. مجموعه آثار شهيد مرتضي، ج16، ص50

6. فرهنگ معين فارسي، لفظ تربيت

7. فلسفه تربيت، ص35

8. رياحين الشريعه، ج3، ص64

9. رياحين الشريعه، ج3، ص63

10. رياحين الشريعه، ج3، ص41

11. بحار الانوار، ج45، ص116

12. ميزان الحکمة، ج1، ص4

13. منتخب التواريخ، ص275

14. رياحين الشريعه، ج3، ص62

15. خاتون دو سرا، ج2، ص182.

16. بحار الانوار، ج45، ص154

17. مرقد العقيله زينب، ص21.

18. سوگنامه آل محمد، ص81.

19. سوره نور، آيت 2، 32، 27، 28، 31، وغيره

20. ميزان الحکمه، ج2، ص716

21. مقتل الحسين، ص371

22. بحار الانوار، ج45، ص160.

23. زينب ڪبري عقيله بني هاشم، ص90.

24. بحار الانوار، ج45، ص158.

25. سوره نساءَ، آيت59.

26. معالي السبطين، ج2، 88.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found