اربع, 24 جولاءِ 2019 - Wed 07 24 2019

منو

حضرت زينب سلام الله عليها جو ڪربلا جي تحريڪ ۾ ڪردار

 

تحرير: محمد حيات مفڪري

مهاڳ:

حضرت زينب سلام الله عليها رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خاندان مان، مرتبي ۾ عورتن ۾ ٻئي نمبر تي شمار ڪئي وڃي ٿي. سندن زندگي فضائل ۽ ڪرامات سان ڀريل آهي. جنهن جي زندگي ۾ جلالت، بزرگي، قداست ۽ روحانيت جون موجون نظر اچن ٿيون ۽ سندن زندگي توانائي، قابليت، ترقي ۽ اسباب هدايت سان ڀريل آهي. انهي ڪري سندن زندگي جي نوراني صفحات جي تحقيق جي ضرورت آهي. سندن سڄي زندگي دين جي خدمت ۽ تبليغ ۾ گذري وئي. خصوصا ڪربلا جي تحريڪ ۾ سندن خلوص جون موجون ائين نظر اچن ٿيون جيئن سمنڊ ۽ دريا سانوڻ جي موسم ۾ موجون هڻندا آهن. هي اها خاتون آهي جنهن پنهنجي زندگي دين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندن زندگي جي ڪاوش کي ڏسي عابد پنهنجي عبادت تي شرمسار آهن ۽ عارف پنهنجي عرفان تي شرمسار ۽ زاهد پنهنجي زهد ۽ مخلصين پنهنجي خلوص تي شرمسار آهن. واقعا اهڙي خاتون جو مثال ملڻ مشڪل آهي جنهن پنهنجو سڀ ڪجھ اسلام جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ ائين فرمايو: ما رايت الا جميلا مان واقعه ڪربلا ۾ خدا جي طرف  کان سواءِ حسن جي ڪجھ به نه ڏٺو. هي اهو جملو آهي جتي عرفان جون حدون ختم ٿي وڃن ٿيون. قلم پنهنجو چهنب مڏي ڪري لکڻ کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو. مس خشڪ ٿي ڪري لکڻ کان شرمسار ٿئي ٿي.

بيبي هڪ خاتون ٿي ڪري مردن کي للڪاري رهي آهي ڇاڪاڻ ته اهڙين مصيبتن کان پوءِ مرد جو به صبر ختم ٿي وڃي ٿو ليڪن سائڻ جي صبر جا ابتدائي مرحلا شروع ٿين ٿا. تمام دنيا جون عورتون عاجز آهن جو اهڙي خاتون کي جنم ڏين. دل چاهي ٿي ڪربلا جي تحريڪ ۾ سندن ڪردار کي بيان ڪيو وڃي. هن ناچيز ۾ اها طاقت نه آهي ليڪن اگر خدا توقيق ڏئي ته سندن ڪردار جا ڪجھ پهلو بيان ڪندم.

حضرت زينب سلام الله عليها جو تعارف

سندن ولادت 5 جمادي الاول سن 6 هجري ۾ حضرت علي عليه السلام ۽ بيبي زهرا سلام الله عليها جي پاڪ گهر ۾ ٿي. سندن سرپرستي ٽن شخصيتن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ، حضرت امير المومنين علي عليه السلام ۽ حضرت فاطمه الزهرا سلام الله عليها پنهنجي عهدي تي کنئي. جڏهن سندن ولادت ٿي ته بيبي کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ کڻي آيا ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم  وڏي آواز سان روئڻ لڳا. حضرت زهرا سلام الله عليها پڇيو ته بابا ڇو ٿا روئو؟ ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اي ڌي فاطمه! هي نياڻي عنقريب مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندي ۽ هن تي مختلف مصيبتون ۽ بلائون نازل ٿينديون. (1)

سندن نالو زينب جنهن ۾ ٻه احتمال آهن:

مرڪب آهي: زين ۽ اب جو يعني پيءَ جي زينت.

بسيط آهي. زينب: هڪ درخت کي چيو وڃي ٿو جيڪو خوبصورت ۽ خوشبودار آهي. گهڻو احتمال اهيو آهي ته زينب اسم بسيط آهي ڇاڪاڻ ته هي عربي نالو آهي.(2)

سندن ڪنيت ام الحسن ۽ ام الڪلثوم آهي.(3)

ام الڪلثوم ۾ ٻه احتمال آهن. مشهور اهو آهي حضرت علي عليه السلام جي ٻن ڌيئرن جي ڪنيت ام الڪلثوم آهي.

ڪجھ ڪتابن ۾ حضرت زينب سلام الله عليها جي تعبير عقيله سان ٿيل آهي جنهن جي معني آهي بزرگوار بيبي، محترم ۽ پردي دار خاتون آهي. (4)

امام حسين عليه السلام ۽ حضرت زينب سلام الله عليها جي محنت بي مثال هئي ۽ هڪ ٻئي جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا. اهو فقط نسبي رشتي جي ڪري نه هيو ليڪن اهي ٻئي بزرگوار هڪ ٻئي جي فضائل ۽ حقيقت کان واقف هئا.

واقعه ڪربلا جي ابتدا

جڏهن معاويه جي وفات ٿي ته يزيد جي بيعت ڪئي وئي ۽ امام حسين عليه السلام کان به بيعت جو سوال ڪيو ويو ليڪن امام حسين عليه السلام بيعت کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي اهل ۽ عيال کي وٺي مڪي ڏانهن روانو ٿيا جنهن ۾ حضرت زينب سلام الله عليها به شامل هئي.

شايد ڪجھ ماڻهو اهو خيال ڪن ته امام حسين عليه السلام جو ڪربلا جي طرف پنهنجي اهل بيت کي وٺي وڃڻ حڪمت جي خلاف هو ڇاڪاڻ ته اهل بيت کي وٺي وڃڻ برابر آهي مصيبتن ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ بي حرمتي جي. ليڪن انهن ماڻهن کي خبر ناهي ته امام حسين عليه السلام جو پنهنجي اهل بيت کي وٺي وڃڻ جنهن جي سالاري حضرت زينب سلام الله عليها ڪري رهي هئي. حسيني تحريڪ جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب هيو.

هڪ فارسي شاعر جي مطابق: اگر زينب نبود کربلا مي مرد، اگر زينب نبود شيعه پز مي مرد

 يعني اگر حضرت زينب سلام الله عليها نه هجي ها ڪربلا مري وڃي ها ۽ اگر حضرت زينب سلام الله عليها نه هجي ها شيعا ڪوماڻجي وڃن ها ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حضرت زينب سلام الله عليها ڪربلا ۾ نه هجي ها ته ڪربلا جي تحريڪ ناقص رهجي وڃي ها.

شب عاشورا ۾ حضرت زينب سلام الله عليها جو ڪردار

ممڪن آهي هڪ ننڍي پريشاني انسان جو سک ڦٽايو ڇڏي پر توهان پاڻ اندازو لڳايو ته ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ هزارن دشمنن جي وچ ۾ رسول جي نياڻين جي ڇا ڪيفيت هوندي ۽ عاشورا جي رات ڪيئن گذاري هوندي!!!

نافع بن هلال روايت ٿو ڪري ته امام حسين عليه السلام سان عاشورا جي رات ٻاهر گشت تي نڪتم. واپسي تي امام حسين عليه السلام فرمايو: اي نافع! ڇا هنن ٻن جبلن کي نٿو ڏسي؟ هينئر ئي تون نڪري وڃ ۽ پنهنجي جان بچاءِ. نافع چوي ٿو ته مان پنهنجو پاڻ کي امام عليه السلام جي قدمن تي ڪيرايو ۽ چيو انهي صورت ۾ نافع جي ماءُ عزا ۾ ويهي ۽ پوءِ فرمايائين ته مولا جيسيتائين هي شمشير ۽ هي گهوڙو آهي توکان جدا نه ٿيندم. پوءِ امام عليه السلام مون کان جدا ٿيو ۽ سندس خيمي ۾ ويا ۽ مان ان اميد ۾ ته امام عليه السلام جلدي خيمي کان ٻاهر ايندا خيمي جي ڀر ۾ انتظار ۾ بيٺس. حضرت زينب سلام الله عليها امام عليه السلام جي استقبال جي لاءِ آئي ۽ امام عليه السلام ان جي ڀر ۾ ويٺا ۽ آهسته آهسته ڳالهائڻ شروع ٿيا. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺم ته حضرت زينب سلام الله عليها جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿيا ۽ فرمايائين ڇا مان توهان کي قتل ٿيندي ڏسان؟ ڇا مان هن خوفزده عورتن جي ذميواري ڪلهي تي کڻان؟ ۽ توکي خبر آهي ته ان قوم جي اسان سان ڪيتري پراڻي دشمني آهي. هي ذميداري تمام گهڻي سنگين آهي. بني هاشم جي جوانن جي چند جهڙي چهرن جي موت جو ڏک منهنجي لاءِ تمام وزني آهي. پوءِ فرمايائين: ڀاءُ ڇا پنهنجي اصحابن جي خلوص نيت ۽ وفاداري جو اطمينان حاصل ڪيو اٿئي؟ ڇاڪاڻ ته ڊڄان ٿي ته توکي جنگ جي درميان اڪيلو نه ڇڏي وڃن. امام حسين عليه السلام اهي ڳالهيون ٻڌڻ سان ئي روئي پيا ۽ فرمايائون: آگاھ رھ خدا جو قسم انهن کي سٺي نموني آزمايو اٿم انهن ثابت قدم رهڻ وارن مردن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه آهي. اهي منهنجي راھ ۾ موت سان اهڙي نموني محبت رکن ٿا جهڙي نموني ٻار پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان محبت رکي ٿو. نافع جيئن ئي اها ڳالھ ٻڌي حبيب بن مظاهر وٽ ويو ۽ سڀ ڪجھ ان کي ٻڌايائين. حبيب چيو: خدا جو قسم! جيڪڏهن مولا جي حڪم جا منتظر نه هجون ها اڄ رات سپاھ يزيد تي حملو ڪيون ها. حبيب ۽ نافع اصحاب کي گڏ ڪري عماما زمين تي اڇلائي تلوارن کي غلاف کان ٻاهر ڪڍي ڇيائون: اي اهل بيت نبوت! اي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جون ڌيئرون! انهن تلوارن قسم کنيو آهي ته جيسيتائين توهان جي دشمنن کي قتل نه ڪنديون ايسيتائين غلاف ۾ نه وينديون. هي نيزا آهن جن قسم کنيو آهي ته جيسيتائين توهان کي منتشر ڪرڻ وارن جي سينن ۾ داخل نه ٿيندا ايسيتائين صبر نه ڪندا. حضرت امام حسين عليه السلام بيبين کي اجازت ڏني ته خيمن کان ٻاهر اچن. بيبيون جلدي جلدي خيمن کان ٻاهر آيون ۽ اصحاب کي مخاطب ٿي فرمايائون: اي پاڪ انسانو! فاطمي عورتن جو دفاع ڪيو اگر نه ڪيو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ ڪهڙو جواب پيش ڪندو؟ حبيب ۽ سندس ساٿي بيهي ڪري اهي ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. خدا جو قسم! اصحاب جي مجمعي مان ايترو گريي جو آواز آيو جو ڪربلا جي زمين کي لرزو آيو ۽ گهوڙا هڻڪارون ڪرڻ لڳا ڄڻ ته گهوڙا به اصحاب سان هڪ آواز ٿي چڪا هئا.(5)

پاڻي جي کوٽ

حضرت زينب سلام الله عليها تمام مهربان طبيعت جي مالڪ هئي ۽ احساس مسئوليت جي ڪري بني هاشم جي مهم افراد مان شمار ٿيندي هئي. هي بيبي وڏي توڙي ننڍي جي پناھ گاھ هئي. بيبي سڪينه سلام الله عليها جيئن ئي پاڻي جي کوٽ ٿي انهي اميد ۾ ته حضرت زينب سلام الله عليها وٽ پاڻي ذخيرو ٿيل هوندو حضرت زينب سلام الله عليها وٽ آئي ۽ نقل ڪري ٿي ته: نائين محرم جي رات اسان وٽ پاڻي اڻ لڀ بڻيل هو ٿانو خالي ۽ لب خشڪ ٿي ويا هئا ايتري قدر جو هڪ قطري پاڻي جي اميد به نه هئي. مان دل ۾ سوچيو ته: ڦڦِي حضرت زينب سلام الله عليها وٽ وڃان شايد هن اسان جي لاءِ ڪجھ پاڻي رکيو هجي. هن جي خيمي ۾ ويم ڏٺم ته  سندس جهولي ۾ علي اصغر کير پياڪ کي رکيو ويٺي آهي ليڪن علي اصغر اڃ جي شدت جي ڪري زبان کي ٻاراڻي ٿو ۽ ڦڦي تمام غمگين ويٺي آهي. مان خاموش ٿي ويس متان منهنجي پياس جو ٻڌي وڌيڪ غمگين ٿي وڃي. انهي حالت ۾ ڦڦي منهنجي طرف متوجھ ٿي ۽ فرمايائين: سڪينه گريو ڇو ٿي ڪرين. جواب ڏنم پنهنجي کير پياڪ ڀاءُ خاطر گريو ٿي ڪريان. پوءِ چيم ته ڦڦي اٿي ته خيمن ۾ پاڻي تلاش ڪريون. ڦڦي وراڻيو ته : اميد نه ٿي رکان ته ڪو پاڻي موجود هجي. پوءِ ٻئي خيمن ۾ ويون سين ليڪن ڪنهن وٽ به پاڻي موجود نه هيو. جڏهن ڦڦي خيمن مان موٽي پنهنجي خيمي ڏانهن اچي رهي هئي ته ويھ پٽ ۽ ڌيئرون روئندا ان جي پٺيان اچي رهيا هئا ۽ فرياد پئي ڪيائون: العطش العطش. (6)

عاشورا جي ڏينهن حضرت زينب سلام الله عليها جو ڪردار

حضرت زينب سلام الله عليها اها بيبي آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڪربلا ۾ خرچ ٿيو آهي. هڪ طرف کان ڀائر ۽ ڀائٽيا ٻئي طرف کان ٻه فرزند عون ۽ محمد ليڪن پنهنجي فرزندن تي گريو ڪونه ڪيائين. هتي سوال اهو آهي ته بيبي پنهنجي فرزندن تي گريو ڇو نه ڪيو؟ شايد ان ڪري ته بيبي پنهنجي فرزندن تي روئڻ کي پنهنجي لاءِ شرمساري ٿي سمجهيو ۽ ٻيو شايد ان ڪري ته بيبي پٽن کي امام حسين عليه السلام جي راھ ۾ قربان ڪيو ۽ ٻڌائڻ چاهي پئي ته: اي ڀاءُ! تنهنجي راھ ۾ پٽن کي قربان ڪري پشيمان نه آهيان.

حضرت امام حسين عليه السلام عاشور جي ڏينهن حضرت زينب سلام الله عليها کان وداع ڪري ٿو ۽ ميدان ۾ اچي ٿو ۽ امام عليه السلام جي شهادت کانپوءِ مولا حسين عليه السلام جو گهوڙو جڏهن خيمن ڏانهن موٽي ٿو ۽ اچي زمين تي پنهنجو مٿو هڻڻ لڳو ته سڀ بيبيون خيمن کان ٻاهر اچي روئڻ لڳيون. جڏهن مولا حسين عليه السلام زمين تي آيا ته حضرت زينب سلام الله عليها ميدان ڏانهن آئي ۽ فرياد ٿي ڪيائين. وائي منهنجا ڀاءُ! وائي منهنجا سرور! اي ڪاش! آسمان زمين تي ڪري پوي ها. اي ڪاش! جبل بيابانن ۾ گهري وڃن ها. پوءِ عمر ابن سعد کي مخاطب ٿي ۽ چوڻ لڳي: اي سعد جا پٽ! تون بيٺو آهين ۽ حسين(عليه السلام) کي قتل ٿيندي ڏسي رهيو آهين. پوءِ لشڪر ڏانهن روانو  ٿي ۽ چوڻ لڳي ته : ڇا توهان ۾ ڪو مسلمان نه آهي؟ اهو چئي ميدان طرف هلڻ لڳي جتي هڪ جڳھ تي اچي بيٺي ڏٺائين ته سندس ڀاءٌ خون ۾ غلطان ٿيل هو. امام عليه السلام جي ڀر ۾ ويٺي ۽ گريو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ چوڻ لڳي ته ڇا تون منهنجو ڀاءُ حسين آهين؟ هتي مقام فڪر آهي. جو بيبي سوال ٿي ڪيو چوڻ لڳي ڇا تون منهنجو حسين آهين؟ ڇا تون منهنجو ڀاءُ آهين؟ هتي فڪر جو مقام آهي جو بيبي سوال ٿي ڪري ڇا تون منهنجو ڀاءُ آهين؟ ڇا بيبي ڪونه پئي سڃاڻي جو سوال ڪيائين؟

سوال جا ٻه قسم هوندا آهن. هڪ سوال حقيقي هوندو آهي جيڪو جهل جي ڪري ڪيو ويندو آهي ٻيو سوال غير حقيقي هوندو آهي جيڪو يقين ڪرڻ جي لاءِ هوندو آهي. هتي بيبي جو سوال يقين ڪرڻ لاءِ هو. ڇاڪاڻ ته حضرت زينب سلام الله عليها، امام حسين عليه السلام کي انهي حالت ۾ ڏسڻ جي عادي نه هئي ڇو جو سائڻ، مولا حسين عليه السلام کي يا ته ماءُ زهرا سلام الله عليها جي جهولي ۾ ڏٺو هو يا ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪلهن تي سوار ڏٺو هو يا جبرائيل عليه السلام جي پرن تي سوار ڏٺو هو ليڪن اڄ حسين عليه السلام کي خاڪ ۽ خون ۾ غلطان ڏسي رهي آهي.

شام غريبان ۽ حضرت زينب سلام الله عليها

حقيقت ۾ حضرت زينب سلام الله عليها جي سالاري شام غريبان کان شروع ٿئي ٿي. جڏهن ڏٺائين ته هاڻي ڪو محافظ ناهي بچيو ته پاڻ محافظ بڻجي وئي. آفرين آهي شير دل خاتون تي جنهن پنهنجي ذميداري کي اهڙي حالات ۾ پورو ڪيو جو هڪ بهادر مرد به پنهنجي ذميداري پوري نٿو ڪري سگهي.

توهان پاڻ اندازو لڳايو جنهن بيبي جا ڀائر ماريا ويا هجن ڀائٽا قتل ڪيا ويا هجن پٽن جو داغ سيني ۾ هجي بيوھ ڀاڄاين جو بار ڪلهن تي هجي يتيمن ٻارن جي سنڀال انهن جي ڪلهن تي هجي ان بيبي جي ڇا ڪيفيت هوندي. ليڪن ان جي باوجود بيبي ايتري ثابت قدم رهي جو دنيا ۾ بي مثال بڻجي وئي.

حميد بن مسلم روايت ڪري ٿو ته سجاد عليه السلام جي نزديڪ ويس ته ايتري ۾ شمر ملعون اچي ويو ان جا سپاهي ان کي چئي رهيا هئا ته ڇا هن بيمار کي قتل نه ٿو ڪرين؟ هن ملعون ارادو ڪيو ته امام عليه السلام کي قتل ڪري. حضرت زينب سلام الله عليها پنهنجي پاڻ کي پنهنجي ڀائٽي تي ڪرائي ڇڏيو ۽ چيائين ته جيسيتائين مان زندھ آهيان هي قتل نه ڪيو ويندو.

خيمن کي باهيون لڳايون ويون سڀ بيبيون خيمن کان ٻاهر آيون ليڪن سڙندڙ خيمي مان سجاد عليه السلام کي بچائڻ واري حضرت زينب سلام الله عليها هئي. اها ئي شير دل خاتون هئي جيڪا فرزند رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رڪاب ۾ ثابت قدم رهي. جيئن سندس پي علي عليه السلام  رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي رڪاب ۽ حمايت ۾ اسلام جي دفاع خاطر ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي جان جي حفاظت خاطر موت جي تلاءُ ۾ ٽٻيون هڻي رهيو هو.

حضرت زينب سلام الله عليها ٻچن کي گڏ ٿي ڪري ۽ يارهين جي رات عباس عليه السلام ٿي ڪري پهرو ٿي ڏئي اها رات ڇا ته رات هئي ڇاڪاڻ ته بيابان ۾ زهرا جي گهراڻي جا جنازا پکڙيل هئا، ٻچا اڃايل هئا، بيبيون غمگين هيون، ڏينهن جي واقعات سڀني جي اکين جي اڳيان گهمي رهيا هئا. اها پهرئين رات هئي جنهن ۾ قرآن جنهن کي اهل بيت چيو هو يعني گهر وارسي بي گهر هئا. انهي دوران امام سجاد عليه السلام فرمائن ٿا: يارهين جي رات منهنجي اک کلي ته ڏسان ڦڦي زينب سلام الله عليها نفل نماز ويهي پڙهي رهي آهي. مان پڇو ڦڦي توهان نماز ويهي پڙهي رهيون آهيو؟ ڦڦي وراڻيو ته منهنجي پيرن ۾ بيهڻ جي سگھ ناهي.

حضرت زينب سلام الله عليها جا خطبا

حضرت زينب سلام الله عليها خطبن جي ذريعي ڪربلا جي تحريڪ کي ڪامياب ڪيو. ڇاڪاڻ يزيد مشهور اهيو ڪيو هو ته اسان باغين تي فتح حاصل ڪئي آهي پر بيبي خطبن جي ذريعي ثابت ڪيو ته اسان باغي نه آهيون پر آل رسول آهيون. جڏهن ابن زياد جي دربار ۾ پهتا ته ابن زياد بيبي کي مخاطب ٿي ڪري چيو ته (نعوذ بالله ) خدا جو شڪر جو خدا توهان کي خوار ڪيو ۽ قتل ڪيائين ۽ توهان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪيائين.

حضرت زينب سلام الله عليها فرمايو: خدا جو شڪر جو خدا اسان کي پنهنجي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي ذريعي عزت وارو بڻايو ۽ اسان کي هر پليدي کان پاڪ ڪيائين. فقط فاسق شخص خوار ٿيندو ۽ فقط فاجر ماڻهون ڪوڙا ٿيندا آهن ۽ الحمد لله اسان اهي نه آهيون.

ابن زياد چيو: ڏٺئي ته خدا توهان جي خاندان سان ڇا ڪيو آهي؟ ان وقت حضرت زينب سلام الله عليها فرمايو:

مارايت الا جميلا

يعني مان سواءِ نيڪي ۽ خوبصورتي جي ڪجھ نه ڏٺو آهي.

جڏهن بيبي يزيد جي دربار ۾ پهتي ته اتي خطبو ڏيڻ پنهنجو شرعي فريضو سمجهائين ڇاڪاڻ ته اتي مختلف ملڪن جا سفير ويٺل هئا جيڪي پنهنجي ملڪن ۾ وڃي هتان جي قصن کي بيان ڪن ها ان ڪري بيبي حقيقت کان پردو کنيو ۽ حسين عليه السلام جي خون کي رائگان نه ڪيائين. بيبي مخاطب ٿي ڪري فرمايو: اي يزيد! هي سڀ ڪم تنهنجا ان ڪري آهن جو خدا جي فرماني ڪئي اٿئي ۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو انڪار ڪيو اٿئي ۽ تون چاهين ٿو ته جنهن دين آندو آهي ان کي تباھ ڪرين. ليڪن هي حيرت جي ڳالھ نه آهي. ڪهڙي نموني ان ماڻهو جي فرزند مان نيڪي جي اميد رکجي جنهن شهيدن جي جگر کي چٻاڙيو هجي ۽ ان جو گوشت ان خون مان ڦٽو هجي، اهو جيڪو جنگ جو باھ کي رسول جي خلاف ڀڙڪائي ۽ انهي جي ڪري مختلف احزاب کي گڏ ڪيائين ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي چهري جي سامهون تلوار ڇڪيائين، اهو جيڪو عربن ۾ سڀ کان وڌيڪ خدا جو منڪر آهي ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم سان ڪينو ۽ بغض رکندڙ آهي ۽ خدا جي نزديڪ ان کان وڌيڪ ڪو سرڪش ۽ ڪافر ڪونهي ... اسان خدا جي سامهون شڪايت ڪريون ٿا ۽ ان تي اعتماد ۽ ڀروسو رکون ٿا.

بيبي اهڙو خطبو پڙهيو جو مجمعي مان روئڻ جو آواز بلند ٿيو ۽ حالات يزيد جي نقصان ۾ وڃڻ لڳا. (7)

نتيجو

حضرت زينب سلام الله عليها اها بيبي آهي جنهن ڪربلا جي تحريڪ کي مڪمل ڪيو ۽ ماڻهن جي مٿان خاندان رسالت ۽ امامت جي شرافت ۽ ڪرامت کي روشن ڪيو ۽ ماڻهن کي جهالت جي دلدل مان ڪڍي علم معرفت ۽ حقيقت جي آسمان تي پهچايو ۽ يزيد جي خاندان کي تخت تان لاهي گمراهي ۽ خواري جي دلدل ۾ اڇلايائين ۽ انهن جي مڪر ۽ فريب ۽ حقيقي ڪفر ، شرڪ ۽ نفاق جي چهري کي ماڻهن جي مٿان واضح ڪيائين. اها ئي بيبي آهي جنهن پنهنجي خطبن جي ذريعي دمشق جي سرڪاري محلن کي ۽ انهن جي بنيادن کي هميشه جي لاءِ لوڏائي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيائين ۽ اها هڪ رسم قائم ڪيائين  ته ڪو به مظلوم وڏي کان وڏي ظالم اڳيان ڳالهائڻ کان نه ڪيٻائي ۽ حقيقت جي چوڻ کان ڪڏهن به نه شرمائي. اڄ جيڪي قومون ظالمن جي سامهون مهاڏو اٽڪائين ٿيون اصل ۾ حضرت زينب سلام الله عليها جي سيرت تي هلي ڪري انهن جي سامهون مقابلو ڪن ٿيون. آخر ۾ دعا آهي الله سائين سڀني مومنن کي حضرت زينب سلام الله عليها جي سيرت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

……………………………………..

حوالا

1. ناسخ التواريخ، جلد مخصوص حضرت زينب سلام الله عليها.

2. لسان العرب

3. تحفه العالم في شرح خطبه المعالم. سيد جعفر بحر العلوم

4. لسان العرب

5. دمعة الساڪبه ج 4 ص 237

6. معالي سبطين، المجلس الثامن في عطش اهل بيت.

7. احتجاج، جلد2،صفحه 308

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found