جمع, 22 فيبروري 2019 - Fri 02 22 2019

Menu

واقعي ڪربلا اندر عورتن جو ڪردار

تحرير: محمد علي جواد

مقدمو:

الله تعالى مختلف رنگ روپن ۾ موجودات کي وجود ڏنو آهي ۽ هر موجود کي پنهنجي جاءِ تي ڪا نه ڪا خاص صفت ۽ خوبي عطا ڪئي آهي. انهن مڙني منجهان حضرت انسان کي اشرف المخلوقات جي صفت ۽ خوبي نصيب ٿي. انسان هن دنيا ۾ خليفه الاهي بڻجي آيو آهي، جنهن کي ڪمال تائين پهچڻ ۽ پنهنجي اشرف المخلوقات جي درجي ۽ رتبي کي برقرار رکڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. انهيءَ ڪمال جي درجي کي حاصل ڪرڻ ۾ مرد ۽ عورت جي ڪا به شرط ناهي ته مرد رڳو ڪمال جون راهون طئي ڪري ۽ عورت کي ڪمال تائين رسائيءَ جي ڪابه ضرورت ناهي، نه دوستو ڪمالات کي حاصل ڪرڻ ۽ اشرف المخلوقات جي صفت ۽ خوبيءَ کي برقرار رکڻ ۾ مرد ۽ عورت ٻئي برابر جا شريڪ ۽ حصي دار آهن. پر افسوس جو جڏهن تاريخ جا ورقَ اٿلائجن ٿا ته معلوم ٿئي ٿو اها عورت معاشري ۾ هميشه مظلومه رهي آهي، انهيءَ کي حقير ۽ پست نگاهن سان ڏٺو ويو آهي، ايتري قدر جو اسلام کان پهريان جاهليت واري دور ۾ نياڻيءَ جي پيدائش کي هڪ عيب، شرمساري ۽ خواري شمار ڪيو ويندو هو.

ليڪن اگر تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ته کوڙ سارا اهڙا ڪارناما آهن، جن منجهه عورتن جو وڏو ڪردار رهيو آهي جهڙوڪ علم جي ميدان ۾، عمل جي ميدان ۾ اهڙيون با اخلاق ۽ پاڪ دامن عورتون گذريون آهن جن جو ڪو مَٽُ ناهي، ايستائين جو ائمه معصومين عليه السلام کان حديثون نقل ڪرڻ پڻ انهن جو پيشو رهيو آهي، اهيا هڪ عورت ئي آهي جنهن جي جهوليءَ منجهان عظيم فلاسفر، فقهاء، علماء، ادباء وغيره معاشري کي نعمت طور مليا آهن، جنهن جي جهولي ۾ شيخ طوسي، سيد مرتضى، شيخ مفيد وغيره جهڙن عظيم عالمن تربيت حاصل ڪئي آهي. اسان هن مختصر مقالي اندر عظيم عورتن جا ڪجهه نمونا پيش ڪندا سين، ان موضوع تي اسان جي برک عالمن اخلاص ۽ سچائيءَ سان انمول ڪتابَ لکيا آهن، جن منجهان فاطمه رجبي جو ڪتاب زن در حماسه کربلا، هاشم معروف الحسني جو ڪتاب جنبش هاي  شيعي در تاريخ اسلام، علي نظری منفرد جو ڪتاب قصه کربلا ۽ محدث عباس قمي جو ڪتاب منتهي الآمال قابل ذڪر آهن.

ڪربلا وارو واقعو پڻ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو آهي جنهن منجهه عورتن جو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، انهيءَ عظيم حادثي ۾ عورتن جون پڻ وڏيون قربانيون شامل آهن. اچو ته ملي ڪري انهن باوقار عورتن جي ڪردار کي دنيا وارن تائين پهچائي ثابت ڪريون ته عورت هڪ حقير ۽ پست مخلوق نه پر معاشري جو هڪ اهم رُڪن آهي، جيڪا معاشري کي ٺاهي ۽ سنواري سگهي ٿي.

 ڪربلا ۾ عورت جي ڪردار کي  هيٺين طريقن سان پرکي سگهجي ٿو:

الف: مولا حسين عليه السلام جي حمايت:

حسيني قافلي ۾ عورتن، مختلف طريقن سان مولا جي حمايت ڪئي ڪِن  ڪربلا جي واقعي کان پهرين ته وري ڪِن ڪربلا جي واقعي کان پوء،ِ ڪِن مردن کي جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ته ڪِن پنهنجا فرزند ڏئي ڪري مولا جي حمايت ڪئي.

ب : صبر ۽ استقامت :

ڪربلا اندر اگر ڏٺو وڃي ته عورتن صبر ۽ استقامت جو پڻ بي مثال منظر پيش ڪيو آهي. سيده زينب عليها السلام جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي رشتيدارن، گهروارن ۽ ڀائرن ايسيتائين جو پٽن کي خون ۾ رنگين ڏسي ڪري صبر ۽ استقامت کان ڪم ورتو ۽ پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽيون، ايستائين جو انهن منجهان ڪجهه پنهنجي پاڪ شهيدن جي لاشن کي وٺڻ لاءِ خيمن کان به ٻاهر نه آيون ۽ پنهنجي احساسن کي لڪائي ڪري خاموشي سان روئينديون رهيون تاڪه مولا حسين عليه السلام جي سامهون شرمندو نه ٿيڻو پوي، جڏهن امام عليه السلام حضرت علي اصغر عليه السلام جي لاش مبارڪ کي خيمن پٺيان دفنائڻ لاءِ کڻي آيو ته ان جي ماءُ  دفنائڻ وقت حاضر نه ٿي. ساڳئي نموني حضرت علي اڪبر ۽ حضرت شهزاده قاسم عليه السلام جي لاشن کي آندو ويو ته انهن جون مائرون به خيمن کان ٻاهر نه آيون. سائڻ زينب عليه السلام پڻ پنهنجن ٻن شهزادن جي شهادت کان پوءِ ٻاهر نه آئي تاڪه مولا جي سامهون شرمسار نه ٿيڻو پوي(1)

ج : جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ :

ڪافي جنگين ۾ عورتن جي شرڪت رهي آهي پر 10 محرم جي ڏينهن عورتن جي شرڪت ڪجهه الڳ منظرَ پيش ڪري رهي هئي، جتي عورتون پنهنجي امام جي حمايت لاءِ خيمن مان ٻاهر آيون ۽ دشمنن مٿان حملي آور ٿيون. ڪفر ۽ نفاقَ جي ڪجهه سپاهين کي واصلِ جهنم ڪيائون، بحريه ۽ ام وهب به انهن عورتن منجهان هيون.(2)

د: امام عليه السلام جي اطاعت:

حضرت امام حسين عليه السلام جي قيام ۾ سچائي ۽ اخلاص سان ڀريل عورتون شامل هيون جيڪي الله(جل جلاله) ۽ امامن عليهم السلام جي حڪمن سامهون پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڪري عظيم امتحان ۾ ڪامياب ٿيون. جڏهن دشمنن مٿان حملو پئي ڪيائون ته ڪا به اهڙي هستي ڪا نه هئي جيڪا هنن کي جنگ کان روڪي سگهي، پر جڏهن امام عليه السلام واپس موٽڻ جو حڪم ٿي ڪيو ته بغير ڪنهن گفتگو جي خيمن ڏانهن موٽي ٿي آيون؛ ڇو جو انهن کي احساس هو ته امام عليه السلام جي فضيلت ۽ مقام ڇا آهي، تنهن ڪري ڪڏهن به امام عليه السلام جي مرضيءَ خلاف ڪو قدم نه کنيائون.

ه : ٻارن کي تسلي ڏيڻ:

ڪربلا ۾ عورتن جي وڏي ڳري ذميواري هئي، پنهنجن مردن جي شهادت کي اکين سان ڏسڻ کان علاوه انهن تي لازمي هو ته اڃايل ۽ ستايل ٻارن کي تسلي ڏين تاڪه انهن جي روئڻ سان جنگ ۾ رُڌل سپاهين جا حوصله پست نه ٿين. جڏهن خيمن کي باهيون ڏنيون ويون ته ٻارَ خوف کان بيابان ڏانهن وڃڻ لڳا، انهيءَ مهل اهي بيبيون ئي هيون جن آلِ رسول عليهم السلام جي اولاد کي گڏ ڪري خاموش ڪرايو.

و: قيام امام حسين عليه السلام جون ڪجهه حمايتي عورتون:

1 . بيبي زينب عليها السلام

ڪنهن به انقلاب کي باقي رکڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ، انهيءَ کي انجام ڏيڻ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي. حضرت زينب عليها السلام اها عظيم بيبي آهي جنهن ڪربلا جهڙي ڏکوئيندڙ حادثي کان پوءِ جگهه جگهه مسلمانن تائين انهيءَ عظيم واقعي کي پهچائي ڪري هميشه لاءِ  زنده بڻايو.

سائڻ جو اهو ڪردار ۽ جذبو رڳو ڪربلا جي واقعي کان پوءِ جو ناهي، پرَ شروع کان وٺي پنهنجي ڀاءُ حضرت حسين عليه السلام جي قيام لاءِ ان بيبيءَ جي جدوجهد ۽ ڪوشش ڏسڻ جوڳي آهي، جنهن جو ڪو مثال پيش نٿو ڪري سگهجي. ان پاڪ بيبيءَ  پنهنجي ڀاءُ جو وڏو ساٿ ڏنو، ڪربلا ۾ امام جي طرفان امين ٿي ڪري قافلي جي ذميوارين کي سنڀاليو، پنهنجن فرزندن جي قرباني پيش ڪئي، سيده جي وڏي ۾ وڏي ذميواري ۽ قرباني ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿي ايسيتائين جو قلم کي لکڻو ٿو پئي ته اگر ڪربلا ۾ اها عالمه غير معلمه بيبي نه هجي ها ته نه رڳو حضرت امام حسين عليه السلام جي قيام جي منافقن جي هٿان غلط تفسير ٿئي ها بلڪه اسلام هڪ وڏي خطري ۾ پئجي وڃي ها.

شهادت جي خبر رسائڻ، اسيرن ۽ قيدين جي قافلي جي اڳواڻي ڪرڻ، حضرت امام سجاد عليه السلام ۽ ٻارڙن جي حفاظت ڪرڻ سيده جون اهم ذميواريون هيون، جن کي بيبي نهايت ئي دليريءَ سان نڀايو. ابن زياد ۽ يزيد جي دربارن ۾ حيدر ڪرار جي لهجن سان اموي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو، جتي سائڻ حسيني انقلاب جي هدفن کي بيان ڪندي، ٿيل ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مرده ضمير عوام هوش ۾ اچي وئي ۽ اموي حڪومت جي خلاف احتجاج شروع ٿي ويا.(3)

سائڻ جا اهي پر زور خطبا، بني اميه جي دلين تي خوف پيدا ڪرڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ سيده کي مصر نڪالي ڏني وئي، پر دشمنن کي ڪهڙي خبر جو فصاحت ۽ بلاغت جي اها عظيم شهنشاه بيبي مصر ۾ پڻ شهادت جو پيغام پهچائيندي.(4)

سائڻ زينب عليها السلام جيڪا صبر ۽ ايثار جي پيڪر هئي، 15 رجب سال 62 هجري ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملاقات  ڪري محبان اهلبيت عليهم السلام کي غمگين بڻائي وئي.(5)

2 . بيبي رباب عليها السلام:

بيبي رباب عليها السلام حضرت مولا حسين عليه السلام  جي گهرواري، ”امرء القيس بن عدي بن اوس“ جي نياڻي هئي، ان بيبي سڳوري پڻ ڪربلا واري واقعي ۾ پنهنجي قرباني پيش ڪئي ۽  پنهنجي ٿڃ پيڻ واري معصوم ٻچڙي حضرت علي اصغر عليه السلام جي شهادت جو نذرانو پيش ڪري سرخرو ٿي، ڪربلا ۽ اسيري جي واقعي کان پوءِ مديني ۾ اچي پنهنجي زندگيءَ جا باقي رهيل ڏهاڙا پورا ڪيائين. (6)

3 . حضرت ام ڪلثوم عليها السلام:

حضرت امام علي عليه السلام جي اها نياڻي به ٻين نياڻين وانگر فصاحت ۽ بلاغت جي ميدان ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هئي، ڪربلا جي تمام واقعن کي پنهنجي اکين سان ڏسندي رهي ۽ جڏهن شام ۽ ڪوفي جي دربارن ۾ قيدڻ بڻجي آئي ته اتي پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جو اظهار ڪيائين، حڪمرانن پاران ٿيل ظلمن ۽ ڏاڍاين کي پنهجي بهترين بيان سان بي نقاب ڪيائين، جڏهن اسيرن جو قافلو ڪوفي پهتو ته ان عظيم بيبي وڏي ميڙ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪوفين جي سستي ۽ بي وفائي کي بيان ڪيو ۽ جنهن وقت ڪوفي جا ماڻهو تماشائي بڻجي آيا ته بيبي ام ڪلثوم عليها السلام انهن کي خطاب ڪري فرمايو:

(یا اهلَ الکوفه !اَما تستحیُونَ مِنَ الله ورَسولهِ اَن تَنظُروا الی حرم النبی؟! )(7) 

اي ڪوفيو! الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم کان شرم نٿا ڪريو جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي حرم پاڪ کي ڏسي رهيا آهيو؟

هڪ ٻئي جاءِ تي هن ريت نقل ٿيل آهي ته جڏهن اهلبيت عليهم السلام شام ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته بيبي ام ڪلثوم عليها السلام شمر لعنتي کي گهرايو ۽ چيائين ته اسان کي ان دروازي مان داخل ڪيو وڃي جتي ماڻهن جي رش گهٽ هجي ۽ شهيدن جي مبارڪ سرن کي اسان کان پري ڪيو وڃي تاڪه ماڻهن جو ڌيان انهن ڏانهن هجي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي حرمن جا چهرا نگاهن کان بچي وڃن. تنهن تي شمر پنهنجي ذاتي خباثت ۽ بي ديني جو اظهار ڪندي بيبي پاڪ جي فرمائش جي بلڪل ابتڙ ڪم انجام ڏنو ۽ قيدين کي انهن دروازن منجهان داخل ڪيو ويو جتي ماڻهن جو هجوم هيو.(8) ‌

4 . حضرت بيبي ام البنين:

حزام بن خالد جي ڌيءَ، جناب بيبي ام البنين عليها السلام حضرت علي عليه السلام جي نهايت ئي ڪمال ۽ فضيلت واري گهرواري آهي، سندس تعلق بهادر خاندان بني کلاب سان هو، سندس نالو مبارڪ فاطمه هو پرَ جڏهن مولا علي عليه السلام منجهان بيبي کي چار فرزند ٿيا ته کيس ام البنين (پٽن جي ماءُ) جي نالي سان سڏيو ويو، انهيءَ عظيم بيبي،  عباس علمدار عليه السلام جهڙي هستي معاشري جي حوالي ڪئي، سندس چار ئي پٽ ڪربلا ۾ شهيد ٿيا. جڏهن بشير مديني جي مسجد ۾ ڪربلا جو حال ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ته اها بيبي اڳتي وڌي سڀ کان پهرين بشير کان مولا حسين عليه السلام جو پڇي ٿي ۽ فرمائي ٿي:  ”مون کي امام حسين عليه السلام جي خبر ڏي؟ منهنجا پٽ ۽ جيڪو ڪجهه آسمان هيٺ آهي، منهنجي مولا مٿان قربان ٿين“

جڏهن مولا جي شهادت جي خبر ٻڌي ٿي ته روئيندي فرمائي ٿي: ”منهنجي دل جون رڳون  ٽٽي ويون“ (9) 

 حضرت امام حسين عليه السلام سان ايڏي محبت ۽ چاهت ٻڌائي رهي آهي ته اها بيبي معنويت جي ڪهڙي درجي تي فائز آهي جيڪا پنهنجي پٽن جي شهادت کي وساري پنهنجي رهبر ۽ اڳواڻ کي ياد ڪري رهي آهي ۽ اهڙن عظيم پٽن جي تربيت ڪري مولا جي حمايت ۽ مدد لاءِ موڪلي ولايت جو دفاع ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ان عمل سان حق ۽ باطل جي جنگ ۾ حق کي سرخرو ڪرڻ لاءِ پنهنجيون قربانيون پيش ڪري رهي آهي.

5 . طوعه:

حضرت امام حسين عليه السلام جي قيام کي اگر سياسي نقطي نظر سان ڏٺو وڃي ته سڀ کان پهرين جنهن عورت ان عظيم واقعي ۽ حادثي ۾ شرڪت ڪئي، اها طوعه هئي. ظاهري طور تي هوءَ ڪربلا ڪا نه هئي پر ڪردار ۽ عمل جي لحاظ سان پنهنجي پاڻ کي حسيني لشڪر ۾ شامل ڪيائين. طوعه اشعث بن قيس جي ڪنيز ۽ نوڪرياڻي هئي، عمر جو گهڻو حصو ان ملعون جي خدمت ڪندي گذاريائين، سندس نياڻي جعده، امام حسن عليه السلام جي قاتل جڏهن ته پٽ محمد بن اشعث، ابن زياد ملعون جي لشڪر جو سپهه سالار هو، انهن مشڪلاتن جي هوندي به طوعه پنهنجي ايمان کي سلامت رکي ٿي ۽ جڏهن ڪوفي ۾ امام حسين عليه السلام جو نمائندو جناب مسلم بن عقيل پهچي ٿو ته ڪوفِي بيعت ڪن ٿا، پر آخر ۾ جڏهن ڪوفَي جي گهٽين ۾ مسلم بن عقيل اڪيلو ۽ بي يار و مددگار رهجي وڃي ٿو ته انهيءَ مهلَ ان واحد خاتون طوعه مردن جيان ولايت جو دفاع ڪندي، امام حسين عليه السلام جي حمايت ۽ طرفداري ڪئي. بغير ڪنهن خوف هراس جي مولا جي نمائندي جناب مسلم بن عقيل کي پنهنجي گهر پناه ڏني ۽ جڏهن مولا جي نمائندي کي سخت اڃ لڳي ته طوعه کيس سيراب ڪيو.(10)

6 . ماريه:

عبدالقيس قبيلي سان تعلق رکندڙ ماريه، سعيد جي نياڻي هئي، جنهن پنهنجي گهر کي ڪوفي اندر رهندڙ اهلبيت عليهم السلام جي محبن لاءِ گڏجاڻي جو مرڪز ٺاهي ڇڏيو هو. جتان مولا حسين عليه السلام جي عظيم قيام جون خبرون ٻين تائين پهچنديون هيون ۽ مختلف ماڻهن کي مولا جي مدد لاءِ تيار ڪيو ويندو هو تاڪه ڪربلا ۾ مولا جي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪاميابي ماڻين، نبيط جي پٽ يزيد کي، سندس ٻن پٽن ۽ غلام کي، مالڪ جي پٽ سيف کي ۽ اميه جي پٽ ادهم کي ان عظيم عورت ڪربلا ڏانهن موڪليو.(11)  

7 .  دلهم يا ديلم:

دلهم يا ديلم عمرو جي ڌيءَ ۽ زهير بن القين جي گهرواري هئي، جڏهن مولا حسين عليه السلام جي آيل سفير کي زهير واپس موٽايو ته سندس گهرواري ملامت ڪئي ۽ چيائين:

(اَیبعثُ الیکَ ابنُ رسولِ اللّهِ ثُمَّ لا تأتِیه؟ سبحانَ اللّه! لو اَتیتَهُ فَسمعتَ مِن کلامِه ثُمَّ انصرفتَ)

فرزند رسول صلي الله عليه وآله وسلم توهان وٽ سفير ٿو موڪلي ۽ توهان ان وٽ نه ٿا وڃو؟ سبحان الله! اٿو مولا ڏانهن وڃو مولا جي ڳالهه ٻڌو ۽ واپس اچو. (12)

 مولا حسين عليه السلام سان ملاقات ڪري خوشي سان زهير پنهنجي گهرواري دلهم ڏانهن واپس اچن ٿا ۽ ان کي دشمنن کان پري رکڻ خاطر طلاق ڏئي ڪري پنهنجي غلام سان واپس موڪلين ٿا ۽ پاڻ امام عليه السلام جي خدمت ۾ شرفياب ٿين ٿا.

8 . ام وهب:

عبدالله بن عمير جي گهرواري ام وهب جڏهن ڏٺو ته سندس گهروارو عبدالله، امام عليه السلام جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو فورن پاڻ به امام جي لشڪر سان شامل ٿيڻ جو ارادو ڪن ٿيون ۽ ٻئي مولا جي لشڪر سان وڃي ملن ٿا. 10 محرم جي ڏينهن جڏهن پنهنجي گهرواري جي لاش مٿان پهتي ته دشمنن مٿن حملو کيس ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، ڪربلا ۾ اها اڪيلي عورت آهي، جيڪا شهيد ٿي.(13)

  1. بحريه:

اها عظيم عورت، عمرو بن جناده جي ماءُ آهي، ان نڊر ۽ بهادر عورت جڏهن ڏٺو ته سندس گهر وارو 10 محرم تي شهيد ٿي ويو ته پنهنجي فرزند کي مولا جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ وڃڻ جو حڪم ڪيائين، سندس فرزند پڻ شهادت جي عظيم درجي کي ماڻيو، دشمن ان جي سرَ مبارڪ کي تنَ مان ڌار ڪري ماءُ ڏانهن اڇلايو پرَ  ان بهادر عورت فخر ڪندي پنهنجي پٽ جي وڍيل سرَ کي واپس دشمن جي لشڪر ڏانهن اڇلائي فرمايو: اسان جيڪا شيءِ الله جي راه ۾ ڏيندا آهيون واپس ناهيون وٺندا.(14)   

10 . قمر :

اها مولا حسين عليه السلام جي صحابي  عبدالله بن عمير، جي گهرواري آهي. جڏهن پنهنجي گهرواري کي خون ۾ رنگين ڏٺائين ان جي جسم کي بغير هٿن پيرن جي ڏسي ڪري فرمايائين ته: توکي جنت جي مبارڪ هجي، خداوند متعال کان دعا آهي ته مان به توهان سان گڏ جنت ۾ هجان! بس اڃا ان جي دعا پوري ئي مس ٿي ته شمر ملعون جي نوڪر شمر جي حڪم سان کيس شهيد ڪري ڇڏيو.(15)

11 . ڪبشه:

جنهن جي ڪنيت، ام سليمان آهي. اها مولا حسين عليه السلام جي ڪنيز هئي جنهن کي مولا هڪ هزار درهم تي ورتو هو، عالمه، فاضله  ۽ نهايت نيڪ عورت هئي، جنهن کي مولا پنهنجي گهرواري ام اسحق (فاطمه صغرى جي ماءُ) جي گهر خدمت لاءِ رکيو هو، ابو رزين سان  انهيءَ جي شادي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ سليمان دنيا ۾ آيو، سليمان مولا جو غلام هو. ڪبشه، پنهنجي مولا سان ڪربلا آئي ۽ جيڪي مصيبتون، سختيون اهل بيت عليه السلام تي آيون انهن کي پنهنجي اکين سان ڏٺائين ۽ انهن سڀني کي الله تعالى جي راه ۾ برداشت ڪيائين، ڪبشه ۽ سندس فرزند  لاءِ سڀ کان وڏي فخر واري ڳالهه هيءَ هئي ته مولا جي خدمت ڪندا هئا ۽ مولا حسين عليه السلام سليمان کي بصري جي رئيسن ڏانهن پنهنجو قاصد بڻائي موڪليو جتي عبدالله بن زياد جي حڪم سان انهيءَ کي قتل ڪيو ويو.(16)

نتيجو:

هي ته ڪربلا ۽ مولا حسين عليه السلام جي عظيم قيام ۾ عورتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي جتي عورتن، دنيا وارن لاءِ ثابت ڪري ڏيکاريو ته زندگي ڪيئن گذارجي ۽ ولايت جو دفاع ڪيئن ڪجي ۽ الله پاڪ جي راه ۾ قرباني ڪيئن ڏجي، هڪ معاشري ۾ پنهنجو مقام ڪيئن بڻائجي. اڄ اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي جيڪي پاڻ کي سيده زينب عليها السلام جون عزادار سڏرائين ٿيون، ان بيبيءَ عليها السلام جي سيرت کي اپنائڻ گهرجي ته جيئن معاشري ۾ عورت جو مقام ۽ عزت باقي رهي ۽ معاشري کي سٺا ۽ تربيت يافته انسان ملي سگهن.

منابع :

(1). ساده حمزه، نقش زنان مسلمان در صدر اسلام، ص 26.

(2). عبدالله مامقاني، تنقيح المقال في علم الرجال، ج 3، ص 83 

(3). حسين عماد زاده، حضرت زينب کبری، ص : 150

(4) . ساڳيو ، ص : 522

(5). ساڳيو .

(6).  حضرت زينب کبری، ص : 307 .

(7). مقرم ، مقتل الحسين، ص : 402 .

(8). جواد محدثي، پيامهاي عاشورا، ص : 210 .

(9). ذبيح الله محلاتي، رياحين الشريعه، ج :3 ، ص : 292 .

(10) . محمد بن جرير طبری ، تاريخ طبري ، ج : 5 ، ص : 379  -  373   .

(11) . مقتل الحسين ، ص : 18 .   

(12) . ساڳيو ، ص : 74 .

(13). احمد بن يحيى بلاذري، انساب الاشراف، ج 3، ص 193.

(14). تنقيح المقال في علم الرجال، ج 3، ص 83 .

(15). انساب الاشراف، ج :3 ص : 193 .

(16). زهرى يزدان پناه، زنان عاشورايي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found