اربع, 24 اپريل 2019 - Wed 04 24 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 39: پنهنجي اصحابن کي روڪي منع ڪرڻ

منهنجو اهڙن ماڻهن سان واسطو پيو آهي، جن کي حڪم ڪريان ٿو، ته نٿا مڃن، جي سڏيان ٿو، ته سڏ تي لبيڪ نٿا چون،

اي ڪم بختو! هاڻي پنهنجي رب جي مدد ڪرڻ ۾ توهان کي ڪهڙي ڳالھ جو انتظار آهي؟ ڇا ! دين توهان کي هڪ هنڌ نٿو ڪٺو ڪري،  ۽ غيرت ۽ ننگ توهان کي جوش ۾ نٿو آڻي؟ آءُ توهان جي وچ ۾ بيهي توهان کي سڏيان پيو، ۽ مدد لاءِ پڻ دانهون پيو ڪريان  پر نه توهان منهنجي ڪا ڳالھ ٻڌو ٿا ۽ نه منهنجو ڪو حڪم مڃو ٿا. ايستائين، جو انهن نافرمانين جا برا نتيجا ظاهر ٿي سامهون اچن. مون ته توهان کي توهان جي ڀائرن جي مدد لاءِ سڏيو هو، مگر توهان ان اٺ وانگر چيچلائڻ لڳا، جنهن جي دن ۾ سور ٿي رهيو هجي،  بلڪه ان لاغر ۽ ڪمزور اٺ وانگر ڍرا ٿي ويو، جنهن جي پٺي زخمي ٿيل هجي، پوءِ مون وٽ توهان جي هڪ ننڍي ڏڪندڙ ۽ ڪمزور فوج آئي، اهڙي حالت ۾، جو ڄڻ ته انهن کي سندن نظرن جي سامهون موت جي طرف ڌڪيو پيو وڃي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found