اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 36: خوارج کي خطاب

نهروان وارن کي سندن بري قدم کڻڻ جي نتيجي کان ڊيڄاريندي فرمايائين ته:

آءُ توهان کي تنبيهه ٿو ڪريان، ته توهان ماڻهو ان نهر جي وروڪڙن ۽ ان هيٺاهين واري هموار زمينن  تي قتل ٿي ٿي ڪري، ڪريا پيا هوندو، اهڙي حالت ۾ جو نه توهان وٽ الله جي سامهون (عذر ڪرڻ لاءِ) ڪو واضح دليل هوندو، نه ڪو روشن ثبوت، اهڙيءَ طرح، جو توهان پنهنجي گھرن کان بي گھر ٿي ويا هجو، ۽ پوءِ قضاءِ الاهي توهان کي پنهنجي ڄار ۾ ڇڪي ٻڌي ڇڏيو. مون شروع ۾ ئي توهان کي ان ”تحڪيم“ کان منع ڪئي، پر توهان منهنجي حڪم مڃڻ کان مخالف انجام شڪن ماڻهن وانگر انڪار ڪري ڇڏيو، تانجو (لاچار) مون کي پنهنجي راءِ کي هوڏانهن موڙڻو پيو، جيڏانهن توهان جي مرضي هئي، توهان هڪ اهڙي جماعت آهيو  جن جي فردن جا سر عقلن کان خالي ۽ فهم ۽ دانش کان عاري آهن . خدا توهان جو خانو خراب ڪري، مون نه توهان کي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسايو آهي، ۽ نه توهان جو نقصان ڪرڻ ٿي چاهيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found