آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 34: غفلت شعار ساٿين جي ملامت....

غفلت شعار ساٿين جي ملامت لاءِ ماڻهن کي اهل شام سان جنگ ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي فرمايائين ته:

حيف آهي توهان تي، آءُ ته توهان کي ملامت ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ڇا ! توهان کي آخرت جي بدران دنيوي زندگي ۽ عزت جي بدران ذلت گوارا آهي؟ جڏهن به توهان کي دشمنن سان وڙهڻ لاءِ سڏيان ٿو، تڏهن توهان کيون ائين ٿا ڦيراي ، جو ڄڻ  ته توهان موت جي ڪُنَ ۾ آهيو، ۽ سڪرات واري غفلت ۽ مدهوشي توهان تي طاري آهي، ڄڻ ته منهنجون ڳالهيون توهان جي سمجھ ۾ ئي نٿيون اچن، جو توهان ششدر ٿي وڃوٿا. معلوم ٿئي ٿو، ته ڄڻ توهان جي دل ۽ دماغ تي ديوانگي جو اثر آهي، جو توهان عقل کان ڪم وٺي نٿا سگھو. توهان هميشه لاءِ مون وٽ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا آهيو. نه توهان قوي سهاري وارا آهيو، جو توهان تي ڀروسو ڪري دشمنن جي طرف رخ ڪيو وڃي، ۽ نه توهان عزت ۽ ڪامراني جا وسيلا آهيو، جو توهان جي ڪا ضرورت محسوس ٿئي، توهان جو مثال ته انهن اٺن جهڙو آهي  جن جا جت گم ٿي ويا هجن. جيڪڏهن انهن کي هڪ طرف کان گڏ ڪيو وڃي، ته ٻئي طرف وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن.

خدا جو قسم! توهان جنگ جي شعلن ڀڙڪائڻ لاءِ نهايت برا ثابت ٿيا آهيو. توهان جي خلاف هر طرح جون تدبيرون پيون ٿين، ۽ توهان دشمنن لاءِ ڪا به تدبير نٿا ڪريو. توهان جي (شهرن جون) حدون (روز بروز) گھٽبيون وڃن ٿيون ۽ توهان کي ڪاوڙ ئي نٿي ٿئي.! هو توهان جي طرف کان ڪڏهن به غافل نٿا ٿين، ۽ توهان آهيو  جو غافل ٿي، سڀ ڪجھ وساري ويٺا آهيو. خدا جو قسم! ته هڪ ٻئي تي ٽارن وارا ئي هارائيندا آهن. خدا جو قسم! ته هاڻي آءُ توهان جي باري ۾ اهو ئي گمان ڪريان ٿو، ته جيڪڏهن جنگ زور ٿي وئي، ۽ موت جي گرم بازاري ٿئي ته، توهان ابنِ ابيطالب کان اهڙي طرح جدا ٿي ويندو جيئن بدن کان سر،  جيڪو شخص پنهنجي دشمن کي اهڙي طرح پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏي، جو اهي ان جي هڏن تان گوشت به لاهي وٺن، ۽ هڏن کي ڀڃي ڇڏين ۽ کل کي به ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، ته پوءِ چئبو ته ان شخص جي هيڻائي ۽ منٿ ميڙ انتها تي پهتل آهي، ۽ سيني جي پاسيرين ۾ گھيريل (دل) ڪمزور ۽ هيڻي آهي. جيڪڏهن توهان اهڙا ٿيڻ چاهيو ٿا ته ڀلي ٿيو، مگر آءُ ته اهڙو ان وقت تائين ٿيڻ نه ڏيندس، جيستائين ”مقام مشارف“ جون (تيز ڌار) تلوارون نه هلايان، جن سان سر جي هڏين جون چٿڙيون اڏامن، ۽ ٻانهون ۽ ٽنگون وڍجي ڪٽجي ڪرڻ لڳن. ان بعد جيڪي الله تعالي چاهيندو سو ئي ٿيندو.

اي انسانو! هڪ ته منهنجو توهان تي حق آهي، ۽ هڪ توهان جو به مون تي حق آهي، ته آءُ توهان جي به خير خواهي پيش نظر رکان ۽ بيت المال مان توهان کي پورو پورو حصو ڏيان، ۽ توهان کي تعليم ڏيان، ته جيئن توهان جاهل نه رهو، ۽ اهڙي طرح توهان کي تهذيب پڻ سيکاريان، جنهن تي توهان عمل ڪريو ۽ منهنجوتوهان تي اهو به حق آهي ، ته توهان بيعت جي ذميدارين کي پورو ڪريو۽ روبرو توڙي پرپٺ خير خواهي ڪريو، جڏهن سڏيان ته منهنجي سڏ تي لبيڪ چئو، ۽ جڏهن ڪو حڪم ڪريان  ته ان جي تعميل ڪريو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found