سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 32: ماحول

اي انسانؤ! اسين هڪ اهڙي ڪج رفتار زماني ۽ ناشڪر گذار دنيا ۾ پيدا ٿيا آهيون، جنهن ۾ نيڪي ڪرڻ واري کي خطا ڪار سمجهو وڃي ٿو ۽ ظالم پنهنجي سرڪشيءَ ۾ وڌندو ئي رهي ٿو. جن ڳالهين کي اسين ڄاڻون ٿا، تن مان فائدو ته نٿا وٺن ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن بابت ڄاڻڻ وارن کان به نٿا پڇن، ۽ جيستائين اسان تي مصيبت نٿي اچي، تيسين نٿا ڊڄن. (هن زماني ۾)  چئن قسمن جا ماڻهو آهن:

1ـ انهن مان ڪي اهي آهن، جنکي فقط پنهنجي نفسن جي پستي ۽ بيوسي ۽ تلوار جي مڏائپ ۽ مال دولت جي ڪمي، فساد کان باز رکي ٿي.

2ـ ڪي اهي آهن، جن پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي، پنهنجي شرارت جو اعلان ڪيو آهي، ۽ پنهنجي سوارن ۽ پيادن کي ڪٺي ڪيو آهي ۽ هنن پنهنجي نفسن کي شرارت تي آماده ڪيو آهي، بلڪه پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ڪيو اٿن فقط هن دنيا جي لاءِ، جنهن کي هو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي لشڪر لاءِ جنهن جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن، ۽ هن منبر لاءِ جنهن تي چڙهيو ويٺا آهن (وعظ ڪرڻ لاءِ) ۽ اهو ئي نهايت بڇڙو سودو آهي، جو توهان دنيا کي پنهنجي نفس جي قيمت ۽ الله تعالى وارين نعمتن جو بدلو سمجھو آهي.

3ـ ڪي وري اهي آهن، جيڪي آخرت جي عملن جي عيوض، دنيا جي طلب ڪن ٿا، ليڪن دنيا ۾ نيڪ عمل ڪري آخرت جا طلبگار نٿا ٿين، انهن پنهنجي جسمن کي باوقار بڻائي رکيو آهي، آهستي آهستي قدم کڻي دامن کي مٿي ويڙهين ٿا ۽ پنهنجوپاڻ کي اهڙو ته سجائي سينگارين ٿا، جو ماڻهو هنن کي امين سمجھن ٿا، پر هو الله جي پرده پوشي جو فائدو وٺي گناه ڪن ٿا.

4ـ انهن ۾ اهي به آهن، جن کي نفس جو مقابلو ۽ ساز و سامان جي غير موجودگي، ملڪ ۽ دولت جي طلب کان پري رکيو آهي، ۽ اهڙين حالتن کين ترقي ۽ بلندي حاصل ڪرڻ کان عاجز ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هنن پاڻ کي قناعت جي نالي سان سجايو آهي ۽ زاهدن جي لباس سان پاڻ کي آراسته ڪيو آهي، حالانڪه هنن جو نه زهد سان صبح وارو تعلق رهيو آهي نه شام وارو .

ان بعد اهي ماڻهو باقي رهن ٿا، جن جون اکيون  آخرت جي ياد ۽ محشر جي خوف کان جھڪيل آهن ۽ انهن مان ڳوڙها وهندڙ آهن، وري انهن مان ڪي ته اهڙا به آهن جيڪي مردود آهن ۽ دنيا وارن کان الڳ آهن، ڪي وري خوفزد ، ذلت ۽ خواري ۾ مبتلا آهن ۽ ڪي روي اهڙا ته صبر ۾ آهن جو ڄڻ ته هنن جي واتن تي پٽيون ٻڌل آهن، ۽ ڪي وري دل جي سچائي سان دعائون گھري رهيا آهن  ڪي غم ۽ درد ۾ مبتلا آهن، ظالمن جي خوف ۽ ڊپ هنن کي گوشه نشين ڪيو آهي ۽ ذلت ۽ خواري ۾ هي هر طرف کان گھيريل آهن.

گويا اهي کاري درياءُ ۾ پيل آهن، هنن جا وات بند ۽ دليون زخمي ٿيل آهن. هو ماڻهن کي سمجھائي سمجھائي ٿڪجي پيا، ۽ انهن تي ايترو ته ظلم ڪيو ويو  جو هو دٻجي ويا، ۽ انهن مان ايترا ته قتل ڪيا ويا جو انهن ۾ نمايان ڪمي اچي وئي.

هيءَ دنيا، توهان جي نظرن ۾ ٻٻر جي ڇوڏن ۽ ان جي رهيل ڪيل ذرڙن کان به وڌيڪ حقير ۽ گھٽ اهميت واري هئڻ گھرجي.

۽ انهن کان عبرت حاصل ڪريو، جيڪي توهان کان پهرين گذري ويا آهن  تنهن کان پهرين، جيڪي توهان کان پوءِ اچڻ وارا، توهان کان عبرت حاصل ڪن  هن دنيا کي، اڻ وڻندڙ، نقصانڪار، ۽ منحوس سمجھي ڇڏيو. ان ڪري جو، هن دنيا آخر ۾ انهن کي به ڇڏي ڏنو، جيڪي توهان کان به زياده ان جا عاشق ۽ شيدائي هئا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found