جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 31: زبير ڏانهن پيغام

جنگ جمل شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ جناب امير عليه السلام حضرت عبد الله ابن عباس کي زبير ڏانهن ان مقصد لاءِ موڪليو، ته هو کيس دائره اطاعت ۾ واپس آڻي، تڏهن اُن موقعي تي پاڻ فرمايائين:.

طلحه سان ملاقات نه ڪجئين، جيڪڏهن تون اُن سان ملندين، ته اُن کي اهڙو ڏسندين، جهڙو سرڪش ۽ ويڙهو ڍڳو، جنهن جا سنڱ ڪنن طرف لڙيل هوندا. هو سرڪش جانور تي سوار هوندو آهي، ۽ چوندو آهي، ته هيءَ سهوليت واري سواري آهي، ليڪن تون فقط زبير سان ملاقات ڪجاءِ، ان ڪري جو هو نرم طبيعت وارو آهي، ۽ کيس ائين چئجانءِ ته تنهنجي ماروٽ چيو آهي، ته تون حجاز ۾ ته مون کي سڃاڻندو هئين، مگر هتي عراق ۾ اچڻ کان پوءِ بلڪل اجنبي ٿي ويو آهين، آخر انهيءَ تبديليءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found