آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 29: تنبيه

اي اُهي انسانؤ! جن جا جسم ته يڪجا هجن ۽ خواهشون جدا جدا آهن. توهان جون ڳالهيون ته سخت پٿرن کي به نرم ڪري ڇڏين ٿيون، ۽ توهان جو عمل اهڙو آهي، جيڪو دشمنن کي لالچ ۾ مبتلا ڪري ٿو. پنهنجي ڪچهرين ۾ ته چوندا وَتو ٿا، ته اسين هينئن به ڪنداسين ۽ هُونئن به ڪنداسون، پر جڏهن جنگ ٿئي ٿي، تڏهن توهان ان کان پناھ گهرو ٿا، جيڪو توهان کي مدد لاءِ سڏي، تنهن جو سڏڻ بيڪار ۽ جنهن شخص جو توهان جهڙن سان واسطو پيو هجي، تنهن جي دل سدائين بي قرار. اهي غلط سلط حيلا بهانا آهن، توهان جنگ ۾ دير ڪرڻ لاءِ ائين خواهشون ڪريون ٿا، جيئن قرض نه ڏيڻ وارو پنهنجي قرضدار کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ذليل ماڻهو ظلم کي نٿو روڪي سگهي ۽ حق به سواءِ ڪوشش جي نه ملندو آهي. هن گهر کان پوءِ ٻيو ڪهڙو گهر آهي، جنهن جي حفاظت ڪندؤ؟ ۽ مون کان پوءِ ٻئي ڪهڙي امام سان گڏجي جهاد ڪندؤ؟

خدا جو قسم! جنهن کي توهان ڌوڪو ڏنو هجي، تنهن جي فريب خورده ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ جنهن کي توهان جهڙا ماڻهو مليا هجن، تنهن کي ڄڻ اهڙو تير مليو، جيڪو خالي هوندو آهي، ۽ جنهن توهان کي (تيرن وانگر) دشمنن تي اُڇلايو هجي، تنهن گويا اهڙو تير اُڇلايو، جنهن جي چهنب ڀڳل هجي ۽ ڪمان به ٽٽل هجي.

خدا جو قسم! منهنجي ته حالت هاڻي اها رهي آهي، جو نه آءٌ توهان جي ڪنهن ڳالھ کي سچو سمجهي سگهان ٿو، ۽ نه توهان جي مدد جي ڪا مون کي اُميد باقي رهي آهي، ۽ نه توهان جي آسري دشمن کي جنگ جي ڌمڪي ڏئي سگهان ٿو، توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ توهان کي ڪهڙي بيماري آهي ۽ اُن جو علاج ڪهڙو آهي؟ هن (دشمن واري) قوم جا ماڻهو (اهل شام) به ته توهان جي ئي شڪل ۽ صورت وارا مرد آهن. ڇا (اڃا به رڳو) ڳالهيون ئي ڳالهيون رهنديون؟ ڄاڻڻ سمجهڻ کان سواءِ فقط بي پرواهي ۽ بيهوشي آهي، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ کان سواءِ (بلندي جو) حرص ئي حرص آهي، جنهن ۾ حق ناهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found