اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 27: جهاد

جهاد، جنت جي دروازن مان هڪ دروازو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي خاص دوستن لاءِ کوليو آهي. اها پرهيزگاري جي پوشاڪ، الله تعاليٰ جي محڪم زره ۽ مضبوط ڍال آهي. جيڪو هن کان پاسو ڪري ان کي ڇڏي ٿو ڏي، الله تنهن کي ذلت ۽ خواري جو لباس ڍڪائي ۽ مصيبت ۽ آزمائش جي چادر پارائي ٿو ۽ ذلتن ۽ خوارين سان پامال ٿئي ٿو. پڻ مدهوشي ۽ غفلت جو پردو هن جي دل تي ڇانئجي وڃي ٿو ۽ جهاد کي ضايع ۽ برباد ڪرڻ سبب حق ان جي هٿن مان کسيو ويندو آهي. ان کي ذلت سهڻي پوندي آهي ۽ هن کان انصاف کي روڪيو وڃي ٿو. مون ان قوم سان وڙهڻ لاءِ رات جو به ۽ ڏينهن جو به، ظاهر به ۽ لڪ ۾ به توهان کي هڪل سان پڪاري سڏيو. پوءِ توهان کي چيم، ته هو جو جنگ لاءِ وڌي اچن، تنهن کان اڳ ۾ ئي توهان انهن تي چڙهائي ڪري حملو ڪريو.

خدا جو قسم! ته جنهن قوم جي فردن تي سندس گهرن جي حدن اندر حملا ٿيندا آهن، سي ذليل ۽ خوار ٿيندا آهن. پر توهان ته جهاد کي ٻين تي ٽاري ڇڏيو، ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ کان پاڻ بچائيندا رهيا! تانجو توهان تي تباهي ۽ بربادي نازل ٿي ۽ توهان جي شهرن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو. ان بني غامد جي ماڻهو (سفيان ابن عوف) کي ئي ڏسو، ته ان جي فوج جا سوار (شهر) انبار ۾ پهچي ويا، ۽ حسان ابن حسان بڪري کي قتل ڪيائون، ۽ توهان جي محافظ سوارن کي سرحدن تان هٽائي ڇڏيائون، ۽ مون کي ته اهي به اطلاع مليا آهن ته: انهي جماعت جو هڪ مسلمان، غير مسلم عورتن جي گهرن ۾ گهڙي ويندو هو ۽ پوءِ انهن جي پيرن مان ڪڙيون، هٿن مان ڪنگڻ، ڳچي جو هس ۽ ايرينگ به لاهي پئي آيو، ۽ اُنهن عورتن وٽ اُن کان پاڻ بچائڻ جو ڪوبه ذريعو نظر نٿي آيو، سواءِ ان جي ته”اِنا لله و انا اليه راجعون“ پڙهي صبر کان ڪم وٺن يا خوشامد ڪري، ان کي رحم جي التجا ڪن. هو ته بار سان ڀريل کنيل مال کڻي مري کپي هليا ويا، انهن مان نه ڪنهن کي زخم رسيو ۽ نه ڪنهن جو خون وهيو. هاڻي جيڪڏهن ڪو مسلمان اهڙن واقعن ۽ حادثن کانپوءِ ڏک درد ۾ مري وڃي، ته ان کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا ڦٽڪار نٿي ڪري سگهجي، بلڪ منهنجي نظر ۾ ته ائين ئي ٿيڻ گهرجي.

تعجب جي ڳالھ آهي! خدا جو قسم ته اُنهن ماڻهن جو باطل تي اتحاد ۽ ايڪو ڪرڻ ۽ توهان جي لشڪر جو حق کان هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ، دل کي ڪمزور ۽ هيڻو ڪري ٿو، بلڪ درد ۽ غم کي وڌائي ٿو. توهان جا شل بڇڙا حال ٿين! شل رنج ۽ غم ۾ مبتلا رهو، توهان ته از خود تيرن جا نشانا ٿيل آهيو، توهان کي ڦري لٽي ماريو پيو وڃي، پر (اهڙي حالت ۾) به توهان جا قدم حملي ڪرڻ لاءِ نٿا اڳتي وڌن. هو توهان سان خواه مخواه پيا وڙهن ۽ توهان پيا جنگ کان نٽايو. الله جون نافرمانيون ٿي رهيون آهن ۽ توهان ان تي خوش ٿي رهيا آهيو. جيڪڏهن اونهاري ۾ توهان کي اُنهي جي طرف حملي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو، ته پوءِ توهان چئو ٿا، ته هي سخت گرمي جي موسم آهي، سو فقط ايتري مهلت ڏيو، ته گرمي گهٽ ٿئي، ڀلا جيڪڏهن سياري ۾ هلڻ لاءِ چوان ٿو، ته به چئو ٿا ته ڏڪائيندڙ سيءُ پيو پئي، تنهن ڪري ٿورو ترسو ته هي سردي جي موسم ته گذري وڃي. اهي سڀ سردي ۽ گرمي کان پاڻ بچائڻ لاءِ بهانا آهن. جڏهن توهان سردي ۽ گرمي کان ايتري قدر ڀڄو ٿا، ته پوءِ خدا جو قسم! توهان تلوارن کي ڏسي ان کان وڌيڪ تکا ٿي ڀڄي ويندؤ.

اي مردن جي شڪل و صورت وارا نامردؤ! توهان جا عقل ٻارن جهڙا آهن ۽ توهان جي سمجھ سيج تي ويٺل ڪنوار جهڙي آهي. آءٌ ته اهو ئي چاهيندو هوس، ته نه توهان کي ڏسان ۽ نه توهان سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ ٿئي ها. اهڙي ڄاڻ سڃاڻ، جيڪا پڇتائڻ ۽ شرمندگي جو سبب ۽ رنج و غم جو باعث ٿئي.

الله تعاليٰ توهان کي نابود ڪري، توهان منهنجي دل کي (زخم جي گند) پونءِ سان ڀريو آهي، ۽ منهنجي سيني کي غيظ و غضب سان پُر ڪيو آهي. توهان مون کي ڏکن ۽ غمن جا لڳاتار ڍُڪ پياريا آهن. نافرماني ڪري توهان منهنجي سوچ ۽ فڪر ۽ راءِ کي تباھ ڪيو آهي. ايتري قدر جو قريش چون ٿا ته: ” علي“ بيشڪ مرد شجاع ۽ بهادر آهي، ليڪن جنگ جي طريقن کان واقف نه آهي.

الله تعاليٰ اُنهن جو ڀلو ڪري، ڇا اُنهن ۾ ڪو آهي، جيڪو مون کان وڌيڪ جنگي فن ۾ مهارت رکندو هجي! ۽ جنگ جي ميدان ۾ مون کان پهرين نمايان ڪارناما ڏيکاريا هجن. آءٌ ته اڃا ويهن ورهن جو مس هوس، ته جنگ لاءِ بار بار اٿي کڙو ٿيس، ۽ هاڻي ته سٺ سالن کان به مٿي آهيان، ليڪن اُن جي راءِ ڪهڙي، جنهن جي ڳالھ نه مڃي وڃي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found