اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 26: نهروان واري جنگ کان پهرين

الله تبارڪ و تعاليٰ، محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن کي سڀني جهانن جي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارا ۽ پنهنجي وحي جا، امين ڪري موڪليائون.

اي عرب جا باشندؤ! ان وقت توهان بدترين مذهب تي ۽ بدترين گهرن ۾ هئا! کهرن پٿرن ۽ زهريلن نانگن جي وچ ۾ رهندا ۽ گذاريندا هئا، توهان جي وچ ۾ بت کتل هوندا هئا ۽ گناھ توهان سان چنبڙيل هئا.

هن خطبي جو هڪ هيءُ به حصو آهي ته:

مون نظر کڻي ڏٺو ته، مون کي پنهنجي اهلبيت کان سواءِ ڪوبه پنهنجو معاون ۽ مددگار نظر نه آيو، مون انهن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ کان بخل ڪيو. اکين ۾ (ننڍڙا) ڪک ڪانا هئا. تڏهن به مون چشم پوشي ڪئي. نڙي ۾ ڄڻ ته گرها ڦاٿل هئا. ليڪن مون غم ۽ غصي جا ڍڪ ڀريا، ۽ نڙي جي گهٽجڻ جي باوجود به ” ٽوه“ کان وڌيڪ تلخ حالتن تي صبر ڪيم.

هن خطبي جو هڪ هيءُ به ڀاڱو آهي ته:

هن اُن وقت تائين معاويه جي بيعت نه ڪئي، جيستائين ان کان اهو شرط نه مڃرايائين، ته هو ان بيعت جي قيمت ادا ڪري، شل انهن بيعت ڪرڻ وارن هٿن کي فتح ۽ ڪاميابي نصيب نه ٿئي ۽ خريد ڪرڻ واري جي انجامن، قولن کي ذلت ۽ خواري نصيب ٿئي. (هاڻي! اُهو وقت اچي ويو ته) توهان جنگ لاءِ تيار ٿي وڃو ۽ ان جي لاءِ سازو سامان گڏ ڪريو، جنهن جا شعلا ڀڙڪو کائي اٿيا آهن ۽ جنهن جا ور وڪڙ بلند ٿي چڪا آهن ۽ صبر جي پوشاڪ پايو، ته ان کان فتح ۽ نصرت حاصل ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found