اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 25: ڀڄڻ وارا رفيق

جڏهن جناب امير عليه السلام کي مسلسل خبرون مليون، ته معاويه جا ماڻهو (توهان جي) مقبوضه شهرن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ يمن جي گورنر عبيد الله ابن عباس ۽ لشڪر جي سپھ سالار سعيد بن نمران، اهي ٻئي بسر ابن ابي ارطات جي هٿان شڪست کائي، حضرت جي خدمت ۾ موٽي آيا، تڏهن پاڻ پنهنجي صحابن جي جهاد ڪرڻ کان سستي ۽ چوڻ نه مڃڻ ڪري ناراض ٿي، منبر تي تشريف ٿي فرمايو:

اهو آهي حال ڪوفه جو، جنهن جو بندوبست منهنجي هٿ ۾ آهي. (اي ڪوفه جا شهر)! جيڪڏهن تنهنجو اهو حال رهيو، ته تو ۾ ڌوڙ وارا طوفان لڳندا رهن، ته پوءِ خدا توکي ويران ڪري.  پوءِ پاڻ شاعر جو هي شعر مثال طور پڙهيائين: اي عمرو! تنهنجي نيڪ پيءُ جو قسم! مون کي ته هن برتن مان بلڪل ٿورڙو، سڻڀ مليو آهي. (جيڪو برتن جي خالي ٿيڻ کانپوءِ اُن تي لڳل رهجي ويندو آهي)

مونکي اها خبر ملي آهي، ته ”بسر“ يمن تي قبضو ڪيو آهي. خدا جو قسم! هاڻي آءٌ ته اُنهن ماڻهن بابت اهو خيال ڪري رهيو آهيان، ته هو عنقريب توهان کان مال دولت ۽ حڪومت کسي وٺندا، ان ڪري جو اُهي ڪوڙ جي(مرڪز) تي هڪ هنڌ متحد آهن ۽ توهان پنهنجي حق (مرڪز) تي به پريشان ۽ ٽڙيل پکڙيل آهيو. توهان حق جي حڪم ۽ فعل تي به پنهنجي امام جا نافرمان آهيو ۽ هو ڪوڙ ۽ ناحق تي هوندي به، پنهنجي امام جا مطيع ۽ فرمانبردار آهن. هو پنهنجي ساٿي (معاويه) سان امانتداري جا فرض پورا ٿا ڪن ۽ توهان خيانت ڪرڻ کان به باز نٿا اچو. هو پنهنجن شهرن ۾ امن کي بحال ٿا رکن ۽ توهان هنگاما ۽ فساد پيا برپا ڪريو. آءٌ جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي ڪاٺ جي هڪ پيالي جو امين ٿو ڪريان، ته پوءِ اِهو ٿو ڊپ ٿئيم، ته اُهو متان ان جي ڪنڍي کي ڀڃي کڻي وڃي“.

”اي منهنجا الله! هيءُ مون کان تنگدل ٿي چڪا آهن ۽ آءٌ هنن کان. هو مون کان ڪڪ ٿي چڪا آهن ۽ آءٌ هنن کان. مون کي هنن جي بدران نيڪ ماڻهو عطا ڪر ۽ منهنجي بدران هنن کي ڪو ٻيو نقصانڪار ڪميڻو حاڪم ڏي. خدايا! هنن جي دلين کي (پنهنجي غضب سان) اهڙي طرح پگهاري ڳاري نرم ڪر، جهڙي طرح پاڻي ۾ لوڻ ڳرندو آهي. خدا جو قسم، ته  آءٌ ان ڳالھ کي پسند ٿو ڪريان، ته توهان جي بجاءِ مون وٽ بني فراس ابن غنم جا هڪ هزار سوار ئي هجن، (اهڙا جن جي وصف ۾ ڪنهن شاعر چيو آهي ته) جيڪڏهن توهان ڪنهن به موقعي تي اُنهن کي سڏيندؤ، ته توهان وٽ اهڙا سوار پهچندا، جيڪي تيز رفتاريءَ ۾ سانوڻ جي ڪڪرن مثل آهن. ان کانپوءِ حضرت منبر تان لهي هيٺ آيو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found