اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 24: بد ڪردار کان بيزاري

مون کي پنهنجي زندگيءَ جو قسم! آءٌ حق جي خلاف هلڻ وارن ۽ گمراهي ۾ رلڻ ۽ در بدر ٿيڻ وارن سان جنگ ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي طرفداري ۽ سستي نه ڪندس.

الله جا بندؤ! الله کان ڊڄو ۽ اُن جي غضب کان ڀڄي، اُن جي رحمت واري دامن ۾ پناھ حاصل ڪريو. الله جي ڏيکاريل رستي تي هلو ۽ اُن جي سونپيل حڪمن کي بجا آڻيو. (جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته)  علي (عليه السلام) توهان جي آخرت واري نجات جو ضامن آهي. پوءِ کڻي دنيوي خوش نصيبي توهان کي حاصل نه به هجي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found