آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 23: دولت جي تقسيم

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. قابليت جي مطابق نعمتن جو ملڻ

پروردگار عالم جا حڪم آسمان تان زمين تي اهڙي طرح اچن ٿا، جيئن مينهن جون ڦُڙيون. بهرنوع ڪو شخص پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي اولاد، دولت ۽ طاقت ۾ گهڻائي ۽ ڪشادگي ڏسي، ته پوءِ اُهي ڳالهيون ان لاءِ رنجيدگي جو سبب نه ٿين. جيستائين ڪو مرد مسلمان ڪنهن اهڙي ذليل اجائي ڪم ڪرڻ جو ڏوهاري نٿو ٿئي، ۽ پوءِ ظاهر ٿئي، ته ان جي ذڪر ٿيڻ سان هن کي اکيون هيٺ ڪرڻيون پون، ۽ جنهن کان ذليل ماڻهن جي همت وڌي، سو ان ڪامياب جوئاري وانگر آهي، جيڪو جُوئا جي تيرن جو ڍارو اڇلائي شروع ۾ ئي اهڙي جوئا کٽڻ جي اميد رکندو آهي، جنهن کان هن کي فائدو به حاصل ٿئي ۽ جيڪڏهن پهرين نقصان ٿيو اٿس، ته اهو به دور ٿي ويندو آهي.

اهڙي طرح اهو مسلمان، جيڪو ٺڳي ۽ فريبي کان پاڪ دامن هجي، سو ٻن نيڪين مان هڪ جو انتظار ڪري ٿو، يا ته الله جي طرفان (موت جي) دعوت اچي، ته پوءِ ان حالت ۾ الله تعاليٰ وٽ هن لاءِ جيڪي ڪجھ نعمتون آهن، سي ئي هن لاءِ بهتر آهن، يا وري الله تعاليٰ جي طرفان دنيوي نعمتون حاصل ٿين، ته اُن صورت ۾ هو مال، دولت ،اولاد وارو به ٿيندو ۽ هن جو دين ۽ عزت برقرار رهندي. بيشڪ! مال ۽ اولاد دنيوي زراعت آهي ۽ نيڪ عمل، آخرت جي ٻني آهن، ۽ ڪن ماڻهن لاءِ ته الله تعاليٰ انهن ٻنهي ڳالهين کي هڪ ئي هنڌ موجود ڪيو آهي. جيترو الله تعاليٰ ڊيڄاريو آهي، اوترو ئي الله کان ڊڄندا رهو ۽ اوترا ئي خوف ۾ رهو، جو پوءِ توهان کي عذر ۽ بهانو نه ڪرڻو پوي. بي ريا ٿي عمل ڪريو. ان ڪري ته جيڪو شخص ٻئي کي ڏيکارڻ لاءِ عمل ڪري ٿو، ته الله تعاليٰ اُهو عمل ٻئي جي حوالي ڪري ٿو. اسين ته الله تعاليٰ کان شهيدن وارو درجو، نيڪ انسانن سان دوستي ۽ نبين سان رفاقت بابت دعا گهرون ٿا.

2. خاندان وارن سان تعاون جي ضرورت

اي انسانؤ! ڪوبه شخص جيتوڻيڪ اُهو مالدار هجي، سو پنهنجي قبيلي وارن کان بي طمع رهي نٿو سگهي. ان ڪري ته اُهي پنهنجي هٿن ۽ زبانن سان سندس حمايت ڪن. هو بي پرواھ نٿو ٿي سگهي، ڇو ته اهي ئي سڀني کان زياده سندس پشت پناھ ۽ اُن جي پريشانين کي دور ڪرڻ وارا ۽ مصيبت نازل ٿيڻ جي صورت ۾ مٿس شفيق ۽ مهربان ٿين ٿا. الله تعاليٰ جنهن شخص جو سچو ۽ نيڪ ذڪر ماڻهن ۾ قائم ڪري ٿو، ته پوءِ اُهو ان دولت کان ڪيئي مرتبا زياده بهتر آهي، جنهن جو هو ٻين کي وارث بڻائي وڃي ٿو.

هن خطبي جو ٻيو حصو هيءُ به آهي:

خبردار! توهان مان جيڪڏهن ڪوبه شخص پنهنجي عزيزن کي، اڻ هوند ۽ غربت ۾ ڏسي، ته انهن جي ضرورتن کي مدد ڪرڻ ۾ پوئتي نه پوي، جنهن جي (مال دولت) روڪڻ سان ڪو (مال) وڌي نه ويندو، ۽ نه وري خرچ ڪرڻ سان ڪا اُن ۾ ڪمي ٿيندي. جيڪو شخص پنهنجي قبيلي جي مدد ڪرڻ کان، هٿ کي روڪي ٿو، ته پوءِ ان جو ته هڪ هٿ رڪجي ٿو، ليڪن وقت پوڻ تي ٻيا ڪيترائي هٿ سندس مدد ڪرڻ کان روڪجي وڃن ٿا. جيڪو شخص رحم دل ۽ نرم طبيعت وارو هوندو، سو ئي پنهنجي قوم جي سدائين باقي محبت رکي سگهي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found