اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 22: حضرت عثمان جو قتل

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

امام عليه السلام ۽ ناڪثين (اصحاب جمل) جي سڃاڻپ ڪرائڻ

معلوم هئڻ گهرجي، ته شيطان پنهنجي گروھ کي هُشي ڏئي ۽ برغلائڻ شروع ڪيو آهي ۽ پنهنجون فوجون گڏ ڪيون اٿس، ته جيئن ظلم پنهنجي انتهائي حد تائين ۽ ڪوڙو پنهنجي اصلي جاءِ تي واپس پهچي.

خدا جو قسم! هن مون تي سچو الزام نه لڳايو ۽ نه وري هن منهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ ڪو انصاف ڪيو.

هُو مون کان اُن حق جو مطالبو پيا ڪن، جنهن کي هنن پاڻ خود ڇڏي ڏنو آهي ۽ اُن خون جو عيوضو گهرن ٿا، جنهن کي هنن خود وهايو آهي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ ان ۾ ساڻن شامل ٿيو هوس، ته پوءِ اُن ۾ هنن جو به حصو ٿئي ٿو، ۽ جيڪڏهن اُهي ئي ان فعل جا ڪرڻ وارا آهن ۽ آءٌ نه، ته پوءِ اُن جي سزا به صرف اُنهن کي ئي ڀوڳڻ گهرجي. پوءِ سڀ کان وڏو دليل هو منهنجي خلاف پيش ڪندا، جيڪو انهن جي ئي خلاف ٿيندو. هُو اُن ماءُ جي ٿڃ پيئڻ چاهين ٿا، جنهن جي ٿڃ سُڪي بند ٿي چڪي آهي ۽ (مئل) ختم ٿيل رخني کي وري جيئرو ڪرڻ چاهين ٿا. افسوس! جنگ جي لاءِ سڏڻ وارو ڪهڙو نه نا مراد آهي، پر هي آهي ڪير، جيڪو پڪاري رهيو آهي، ۽ ڪهڙي مقصد جي لاءِ هن جي ڳالھ کي ٻڌو پيو وڃي؟ ۽ آءٌ ته پاڻ هن کان خوش آهيان، جو هن تي الله جي حجت ختم ٿي چڪي آهي، ۽ هر ڪا ڳالھ هن جي علم ۾ آهي. سو جيڪڏهن اُنهن ماڻهن ( تابعداري) اطاعت کان انڪار ڪيو، ته پوءِ آءٌ تلوار جي ڌار هنن جي سامهون رکندس، جيڪا باطل کان شفا ڏيارڻ ۽ حق جي نصرت لاءِ ڪافي آهي. حيرت آهي، جو هو مون ڏانهن اهو پيغام موڪلين ٿا، ته آءٌ نيزي هڻڻ لاءِ ميدان ۾ لهي اچان ۽ تلوار جي جنگ ۾ ڄمي بيهڻ لاءِ تيار رهان. روئڻ واريون ته هنن جي غم ۾ رئنديون. آءٌ ته هميشه اهڙو رهيو آهيان، جو جنگ کان مون کي ڌمڪائي نه سگهيا ۽ نه وري شمشير زني سان مون کي ڊيڄاري سگهيا، ۽ آءٌ پنهنجي پروردگار جي طرفان يقين جي منزل تي فائز آهيان، ۽ پنهنجي دين جي سچائيءَ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found