آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 20: (خدا جي نافرماني ڪرڻ وارو) موت کانپوءِ

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

موت کان پوءِ رازن جي پوشيده هجڻ جا اسباب

جن ڳالهين کي توهان جي مرڻ وارن ڏٺو آهي، جيڪڏهن توهان به اُنهن کي ڏسو ها، ته خوفزده ٿي حيران پريشان ۽ بي آرام ٿيو ها ۽ ( حق جي ڳالھ) ٻڌو ها ۽ اُن تي عمل ڪريو ها، ليڪن جيڪي اُنهن ڏٺو آهي، سو اڃا توهان کان لڪل آهي ۽ اهو قريب آهي، ته اهو پردو کنيو وڃي. جيڪڏهن توهان کي اصلي اکيون ۽ ٻڌڻ وارا ڪن آهن ته پوءِ توهان کي ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ويو آهي، ۽ جي هدايت جي طلب اٿوَ، ته توهان کي هدايت به ٿي چڪي آهي. آءٌ سچ ٿو چوان، ته عبرتون توهان کي بلند آواز سان پڪاري چڪيون آهن ۽ ڌمڪائڻ وارين ڳالهين کان توهان ڌمڪجي به چُڪا آهيو. آسماني رسولن ( فرشتن) کانپوءِ بشر ئي هوندا آهن، جيڪي توهان تائين الله تعاليٰ جو پيغام پهچائن ٿا

اهڙي طرح منهنجي زبان مان به جيڪا هدايت ٿي رهي آهي، ( سا به در اصل) الله جو پيغام آهي، جيڪو توهان تائين پهچي رهيو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found