اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 18: اختلاف فتويٰ جي باري ۾ علماءَ جي مذمت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. اهل راي جي مذمت

اسلام جي مفتين ۾، اختلاف راءِ

جڏهن اُنهن مان ڪنهن هڪ جي اڳيان ڪو فيصلي لاءِ معاملو پيش ٿئي ٿو، ته پوءِ هُو پنهنجي راءِ سان اُن تي حڪم ڪري ٿو. وري اهو ئي مسئلو ساڳي صورت ۾ ٻئي جي سامهون پيش ٿئي ٿو، ته اُهو وري هن اڳئين جي ابتڙ حڪم ڪري ٿو. پوءِ اُهي سمورا قاضي پنهنجي اُن خليفي وٽ اچي گڏ ٿين ٿا، جنهن اُنهن کي قاضي ڪري رکيو، ته پوءِ اُهو انهن سڀني جي فيصلن کي پنهنجي راءِ مطابق صحيح ٿو ڪري مڃي. حالانڪ هنن جو الله هڪ، نبي هڪ ۽ ڪتاب هڪ آهي. (کين غور ڪرڻ گهرجي) ڇا! الله تعاليٰ هنن کي اختلاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو؟ جو اُهي اختلاف ڪري اُن جو حڪم مڃن ٿا، يا هُن ته حقيقت ڪري اختلاف ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، پر هي ڄاڻي ٻجھي اختلاف ڪري، اُن جي نافرماني ڪرڻ چاهين ٿا.

2. امت اسلامي جي بنياد وحدت

يا الله تعاليٰ دين کي اڌورو ڇڏيو هو؟ ۽ اُنهن کان دين جي مڪمل ڪرائڻ جو خواهشمند ٿيو؟ يا ائين آهي، ته اُهي الله تعاليٰ جا شريڪ هئا ۽ اُنهن کي الله تعاليٰ جي حڪمن ۾ دخل ڏيڻ جو حق هجي، ۽ جيئن الله تي لازم هجي، ته هو هنن تي راضي رهي يا ائين هجي، ته الله تعاليٰ ته دين کي مڪمل ڪري لاٿو هو، مگر اُن جي رسول، دين کي پهچائڻ ۽ ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي؟.

الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي ته: ” اسان ڪتاب ۾ ڪنهن شيءِ جي بيان ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي آهي. اُن ۾ هر شيءِ بابت واضح بيان ڪيل آهي، ۽ هيئن به فرمائي ٿو ته قرآن جا ڪي حصا ٻين حصن جي تصديق ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪوبه اختلاف نه آهي. جيتوڻيڪ الله تعاليٰ جو اهو به ارشاد آهي، ته جيڪڏهن هي قرآن، الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو موڪليل هجي ها، ته پوءِ توهان اُن ۾ ڪافي اختلاف ڏسو ها. ازانسواءِ پڻ اها به ڳالھ آهي، ته اُن جو ظاهر نهايت عمدو ۽ سهڻو ۽ باطن اونهو آهي. نه اُن جا عجائبات ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ نه ان جا لطائف ختم ٿيڻ وارا آهن. اونداهيءَ جو پردو انهي سان ئي ڦاڙيو وڃي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found