خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 16: مديني ۾ بيعت ٿيڻ بابت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. حڪومتي حڪمت عملي بابت ڄاڻ

جناب امير عليه السلام جي جڏهن مديني ۾ بيعت ٿي چڪي، تڏهن فرمايائين ته:

آءٌ پنهنجي قول جو ذميدار ۽ اُن جي صحت جو ضامن آهيان. جنهن شخص کي سندس عبرت جي نگاهن گذريل عذاب، واضح طور ڏيکاريا هجن، تنهن کي پرهيزگاري، شڪ شبهن ۾ سوچ ويچار کان سواءِ ٽپي پوڻ کان روڪي ٿي. توهان کي ڄاڻڻ گهرجي، ته توهان جي لاءِ اُهي امتحانات ۽ مصيبتون وري موٽي آيون آهن، جيڪي رسول جي مبعوث ٿيڻ وقت ٿيون هيون. ان ذات جو قسم، جنهن رسول کي حق ۽ صداقت سان موڪليو.

توهين بُري طرح تھ و بالا ڪيا ويندؤ! ۽ اهڙي طرح ته ڇنڊجي ڌار ڪيا ويندؤ، جهڙي طرح ڇاڻي مان ڪنهن شيءَ کي ڇاڻبو آهي، ۽ وري اهڙي طرح ته درهم برهم منجهيل ڪيا ويندؤ جهڙي طرح چمچو هنڊيءَ ۾ هلائبو آهي، تانجو توهان جا ادنيٰ اعليٰ ۽ اعليٰ وري ادنيٰ ٿي ويندا. جيڪي پوئتي هوندا سي اڳتي وڌندا، ۽ جيڪي هميشه اڳيان اڳيان هوندا هئا، سي پٺتي ٿي ويندا.

2. امام عليه السلام جا اخلاقي فضائل

خدا جو قسم! مون ڪابه ڳالھ لڪائي نه آهي، نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو اٿم. مون کي اُن جاءِ جي، اُن ڏينهن جي، اڳي ئي خبر پئجي چُڪي آهي. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي، ته گناھ اُن سرڪش گهوڙن وانگر آهن، جن تي سوارن کي سوار ڪيو ويو هجي ۽ لغام به اُنهن جا لاٿا ويا هجن، ۽ پوءِ اُهي اُنهن کي کڻي وڃي هڪ ئي ٻرانگھ سان دوزخ ۾ پون، ۽ پرهيزگاري، اُنهن سوارن جي مثل آهي، جن تي اُنهن جي سوارن کي سوار ڪيو ويو هجي. اهڙيءَ طرح، جو واڳون اُنهن جي هٿن ۾ جهليل هجن ۽ پوءِ هُو انهن کي اطمينان سان کڻي وڃي، جنت ۾ لاهين. هڪڙو حق هوندو آهي ۽ ٻيو ڪفر. ڪي حق وارا به ٿين ٿا ۽ ڪي ناحق وارا به. هاڻي جيڪڏهن باطل ( ڪوڙ) زياده ٿي ويو، ته ائين اڳ ۾ به ٿيندو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن حق ( سچ) گهٽ ٿي ويو آهي، ته بارها اڪثر ائين ٿيو آهي ۽ نهايت ممڪن آهي، ته اهو هن باطل تي غالب اچي، توڙي جو ائين ورلي ٿيندو آهي، جو ڪا شيءَ پٺتي هٽي وري اڳتي وڌي.

ساڳئي خطبي جو هي به حصو آهي ( اسرار ۽ حڪم) :

3. ماڻهن جي سرگرداني ۽ تقوا جي ضرورت

جنهن جي پيشِ نظر جنت ۽ دوزخ هجن؛ تنهن جي نظر ڪنهن ٻي پاسي ٿي نٿي سگهي. جيڪو تيز قدم ڊوڙڻ وارو آهي، سو نجات يافته آهي ۽ جيڪو سست رفتار طلبگار هوندو، تنهن کي به اميد ٿي سگهي ٿي، مگر جيڪو ( ارادةً ) ڪوتاهي ڪرڻ وارو هوندو، تنهن کي ته دوزخ ۾ ئي ڪِرڻو آهي. سڄي کاٻي گمراهي جا رستا آهن ۽ وچون رستو ئي ( صراط مستقيم) سڌو رستو آهي. ان رستي تي الله جو هميشه رهڻ وارو ڪتاب ۽ نبوت جون نشانيون آهن. اُنهن کان ئي شريعت جا حڪم جاري ٿيا ۽ انهي طرف آخرڪار واپس ٿيڻو آهي. جنهن غلط دعويٰ ڪئي، سو تباھ ۽ برباد ٿيو ۽ جنهن ڪوڙ تي سندرو ٻڌو، سو ناڪام ۽ نامراد رهيو. جيڪو حق جي مقابلي ۾ اُٿي ٿو، سو تباھ ٿئي ٿو، ۽ انسان جي جهالت اُن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿيندي، جو هُو پنهنجي عزت ۽ درجي کي نه سڃاڻي. اُها جڙ ۽ بنياد، جيڪا تقويٰ تي هجي، سا برباد نٿي ٿئي ۽ اُن جي هوندي ڪنهن قوم جو فصل يا پوک ( نيڪي ۽ عمل ) بي آب ۽ خشڪ نٿي ٿئي. توهان پنهنجن گهرن جي ڪنڊن ۾ لڪي ويهو، پنهنجن جهڳڙن جي اصلاح ڪريو، توبھ توهان جي پٺيان آهي. حمد ڪرڻ وارو فقط پنهنجي پروردگار جي حمد ڪري ۽ برو ڀلو چوڻ وارو فقط پنهنجي نفس کي ملامت ڪري.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found