خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 13: بصري وارن جي هجو ۾

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

امتن جي زوال جا اسباب

”توهان هڪ عورت جا سپاهي ۽ هڪ چوپائي جي فرمانبرداريءَ ۾ هئا. هُو چيچلائي بيقرار ٿيو، توهان لبيڪ چوندا وڌيا ۽ جڏهن هو زخمي ٿيو، تڏهن توهان ڀڄي ويا. توهان نيچ اخلاق ۽ انجام ٽوڙڻ وارا آهيو. توهان جي دين جو ظاهر هڪ آهي، ته اندر ۾ لڪل ٻيو آهي. توهان جي سر زمين جو پاڻي به کارو آهي. توهان سان گڏ رهڻ وارو گناهن جي ڄار ۾ جڪڙيل آهي ۽ توهان مان نڪري وڃڻ وارو، پنهنجي پروردگار جي رحمت کي حاصل ڪرڻ وارو آهي.

اهو ( اچڻ وارو) منظر منهنجي اکين اڳيان پيو ڦري، جڏهن ته توهان جي مسجد ائين ڏسڻ ۾ ايندي، جهڙي طرح ٻيڙي جو سينو. اُن صورت ۾ الله تعاليٰ توهان جي شهر جي مٿان ۽ اُن جي هيٺان عذاب نازل ڪري چڪو هوندو ۽ هُو پنهنجي رهڻ وارن سميت غرق ٿي چڪو هوندو.

( هڪ روايت ۾ هيئن آهي ته) خدا جو قسم، توهان جو شهر غرق ٿي رهندو، ايستائين جو اُن جي مسجد، ٻيڙي جي اڳئين حصي يا سيني ڀَر ويٺل شتر مرغ وانگر، ڄڻ ته مون کي ڏسڻ ۾ پئي اچي.

( ٻئيءَ روايت ۾ هيئن آهي ته) جيئن پاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ پکيءَ جو سينو.

( هڪ ٻي روايت ۾ هن طرح آهي ته) توهان وارو شهر ( بصرو) الله تعاليٰ جي سمورن شهرن کان مٽي جي لحاظ کان گندو ۽ بدبودار آهي.

هيءُ ( شهر سمنڊ جي) پاڻي کان ويجهو ۽ آسمان کان پري آهي. برائين ۽ بڇڙاين جي ڏهن حصن مان نَوَ حصا هن (شهر) ۾ ٿا ڏسجن. جيڪو هن ۾ اچي پهتو، سو پنهنجن گناهن ۾ ڦاٿو ۽ جيڪو هتان هليو ويو، تنهن سان الله تعاليٰ جي معافي شامل حال رهي. ڄڻ ته آءٌ پنهنجي اکين سان هن وسندي آباديءَ کي ڏسي رهيو آهيان، ته سيلاب هن کي اهڙو ته ڍڪي ڇڏيو آهي، جو مسجد جي ڪنگرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ اهي ائين پيا معلوم ٿين، جيئن سمنڊ جي گهرائي ۾ پکي جو سينو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found