اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 12: جنگ جمل ۾ دشمنن تي غلبي حاصل ڪرڻ وقت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

جڏهن الله تعالي، جناب امير عليه السلام کي، جمل واري جنگ ۾ دشمن تي غلبو عطا فرمايو، تڏهن ان موقعي تي سندس ڪنهن صحابي کيس عرض ڪيو ته آقا، هتي جيڪر منهنجو فلاڻو ڀاءُ به هجي ها، ته اهو به ڏسي ها، ته الله تعالي توهان کي ڪيڏي نه دشمنن تي فتح ۽ ڪامراني عطا فرمائي آهي، تڏهن حضرت فرمايو ته:

ايندڙن جو گذري ويلن جي ثواب ۾ شريڪ هجڻ

ڇا، تنهنجو ڀاءُ اسان کي دوست سمجهي ٿو؟ هن چيو ته هائو!

تڏهن وري پاڻ فرمايائين ته ”هو، اسان وٽ موجود هو! بلڪ اسان جي هن لشڪر ۾ اهي به شخص موجود هئا، جيڪي اڃا مردن جي پشتن ۾ ۽ عورتن جي پيٽن ۾ آهن. عنقريب زمانو انهن کي ظاهر ڪندو، ۽ انهن کان ايمان کي سهارو ۽ تسلي پهچندي“.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found