آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 6: طلحه ۽ زبير سان جنگ نه ڪرڻ جي مشوري بابت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

جڏهن حضرت امير عليه السلام کي مشورو ڏنو ويو، ته پاڻ نه طلحه ۽ زبير جو پيڇو ڪري ۽ نه انهن سان جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪري، تڏهن پاڻ فرمايائين ته:

امام عليه السلام جو علم ۽  مظلوميت

خدا جو قسم! آءُ ان جانور وانگر نه ٿيندس، جيڪو لڳاتار ٺڪ ٺڪ ڪرڻ يا (دروازي) کڙڪائڻ سان به سمهي رهندو آهي، تانجو ان جو طلبگار (شڪاري) اچي مٿس ڪڙڪندو آهي ۽ وجھ ڳولي تاڙ ۾ لڳي ويهڻ وارو، اوچتو مٿس حملو ڪري، پهچي قابو ۾ ڪندو آهي.

ليڪن آءُ ته حق جي طرف وڌڻ وارن ۽ ڪن تي آواز پوڻ سان اطاعت ڪندڙن کي ساڻ ڪري، انهن گناهن ڪندڙن ۽ شڪن ۾ پوڻ وارن تي پنهنجي تلوار هلائيندو رهندس، تانجو منهنجي موت جو ڏينهن اچي وڃي.

خدا جو قسم، جڏهن کان الله تعالي پنهنجي رسول کي دنيا مان کڻي ورتو! تڏهن کان ٻين کي مون تي مقدم ڪيو ويو، بلڪ مون کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو ويو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found