اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو  5: رسولِ  خدا جي رحلت بعد عباس ۽ ابوسفيان جو بيعت ڪرڻ

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

جڏهن رسول الله صلي الله عليه و آله و سلم جن هن دنيا مان رحلت فرمائي، تڏهن عباس ۽ ابو سفيان ولد حرب ٻنهي اچي عرض ڪيو، ته اسين توهان جي بيعت ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن تي حضرت امير المومنين عليه السلام جن فرمايو ته:

1. فتنن کان پرهيز ڪرڻ جون راهون

اي انسانو! نجات جي ٻيڙين جي ذريعي، فتنن ۽ فسادن جي لهرن کي چيري پار ٿي پلئه ڪڍي وڃو. تفرقن ۽ انتشار وارين راهن کان پنهنجا رخ موڙي، فخر ۽ وڏائي جا تاج مٿن تان لاهي. زمين تي اڇلائي ڇڏيو. صحيح عمل جي طريقن اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب اهو آهي. جيڪو اٿي ته پنهنجي طاقت سان اٿي، ورنه اقتدار جي ڪرسي ٻين لاءِ ڇڏي، ويهي رهي. ۽ اهڙي طرح بدامني کان ڪناره ڪشي ڪري جو، خدا جي خلق کي راحت ۾ رکي. (هن وقت خلاقت جي طلب ۾ اٿڻ) اهو هڪ گندو پاڻي ۽ اهڙو گرھ آهي، جيڪو کائڻ واري جي نڙي ۾ ڦاسي پوندو. جيئن ته، پچڻ کان اڳ ميوي پٽڻ وارو ائين آهي، جهڙو پرائي زمين کي پوکڻ وارو.

2. امام عليه السلام جي سڪوت جو فلسفو

جيڪڏهن ڪڇان ٿو ته ماڻهون چوندا، ته هي دنيوي حڪومت ڏانهن راغب آهي، ۽ جي ماٺ ٿو ڪريان، ته چوندا ته موت کان ڊنو آهي.

افسوس! جو اها ڳالھ هينئر ٿا چئو، جيڪڏهن آءُ دنيا جا هر طرح جا لاها چاڙها ڏسي چڪو آهيان. خدا جو قسم! ابوطالب جو پٽ موت سان ايترو ته گهائل مائل آهي“ جيترو ٿڃ پيئاڪ ٻار به پنهنجي ماءُ جي ٿڻن سان پيار نٿو ڪري، البته هڪ پوشيده علم منهنجي سيني جي تهن ۾ اهڙو ته لڪل آهي، جو جيڪڏهن ان کي ظاهر ٿو ڪريان، ته پوءِ توهان بيقرار ۽ اهڙي ته لوچ پوچ ۾ پوندوء. جهڙي طرح اونهن ڊگهن کوهن ۾ رسيون ڏڪنديون ۽ ڪنبنديون آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found