اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 4: آل رسول (ص) جا احسان ۽ قريشن جي حالت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. اهل بيت عليهم السلام جون خصلتون

اسان (اهلبيت) جي سببان، توهان (گمراهين) جي اونداهين ۾ هدايت جي روشني حاصل ڪئي. ازانسواءِ عظمت ۽ شان ۽ بلندين جي چوٽين تي قدم رکيو ۽ اسان جي ئي سهاري، توهان (ظلم ۽ بي ايماني جي) اونداهي راتين مان صبح (هدايت ۽ امن) جي روشنين ۾ آيئو.

اهي ڪن شل ٻوڙا ٿين، جيڪي رڙين ڪرڻ واري جي دانهن کي نٿا ٻڌن. ڀلا اهي ڇو منهنجي ڪمزور ۽ جهيڻي آواز کي ٻڌندا، جيڪي الله ۽ رسول جي بلند آواز صدائن جي ٻڌڻ کان به ٻوڙا رهجي چڪا هجن.

تن دلين کي شل سڪون ۽ قرار نصيب ٿئي، جن کان خدا جي خوف ۾ ڪنبڻ ۽ ڏڪڻ، جدا نٿو ٿئي.

آءُ هميشه توهان کان بهانن ۽ بيوفائين جي نتيجن جو منتظر رهيو آهيان، ۽ ڌوڪي کاڌل ماڻهن واري هلت چلت کان توهان کي به سڃاڻي ڇڏيم. جيتوڻيڪ دين جي نقاب مون کي توهان کان لڪائي رکيو، ليڪن منهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي مون کي توهان جون صورتون ڏيکاري ڇڏيون.

2. حضرت امام علي عليه السلام جون خصلتون

۽ دربدر ٿيڻ وارن رستن تي آءُ توهان لاءِ صدق ۽ سچائي وارن پيچرن تي بيٺو هوس، جتي توهان ملندا جلندا هئا؛ مگر ڪو به توهان کي راھ ڏيکارڻ وارو نه هو. توهان کوھ پيا کوٽيندا هئا، مگر پاڻي نٿي ڪڍي سگهيا. اڄ مون هن پنهنجي خاموش زبان کي کوليو آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جي وڏي طاقت آهي. ان شخص جي راءِ کان پري رهو، جنهن مون سان قطع تعلقات ڪيا، جڏهن کان مون حق کي (سچ) ڏٺو آهي، تڏهن کان مون ڪڏهن به ان ۾ شڪ شبهو نه ڪيو. حضرت موسي ع پنهنجي جان خاطر ڪڏهن به خوف نه ڪيو، پر کيس جاهلن جي غلبي ۽ گمراهي جي حڪومت جو ڊپ هو. (ساڳي طرح اڄ تائين منهنجي خاموشي کي به ائين ئي سمجهو.) اڄ اسين ۽ توهين حق ۽ باطل جي ”ٻه واٽي“ تي بيٺل آهيون، جنهن کي پاڻي هجڻ بابت تسلي آهي، تنهن کي پياس نٿي محسوس ٿئي، تهڙي طرح منهنجي موجودگي ۾ توهان وٽ منهنجو قدر نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found