جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو  3: هي خطبو شقشقيه جي نالي سان مشهور آهي

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. ابو بڪر ۽ خلافت جي غصب ٿيڻ کان شڪوه

خدا جو قسم! ابو قحافه جي فرزند خلافت جو پهراڻ پائي ورتو، حالانڪ منهنجي متعلق هن کي چڱيءَ طرح خبر هئي، ته خلافت ۾ منهنجو اهو مقام آهي، جيڪو جنڊ ۾ ڪير جو هوندو آهي. آءُ اهو (بلند ۽ بالا پهاڙ) آهيان، جنهن تان علم جي سيلاب جو پاڻي وهي هيٺ ڪرندو آهي ۽ مون تائين (منهنجي منزلت تائين) ڪو به پکي پر نٿو هڻي سگهي. (تنهن هوندي به) مون خلافت جي اڳيان پردو لٽڪائي ڇڏيو ۽ ان کان پاسو ڪيم ۽ سوچڻ شروع ڪيم ته پنهنجن وڍيل هٿن سان حملو ڪريان يا هن خوفناڪ اونداهي تي صبر ڪريان، جنهن ۾ ٻار، پوڙهو ۽ پوڙهو بلڪل ضعيف ٿئي ٿو، ۽ مومن ان ۾ جدوجهد ڪندو، پنهنجي پالڻهار وٽ پهچي ٿو. مون کي اوندھ تي صبر ڪرڻ ئي عقل واري ڳالھ نظر آئي، تنهن ڪري مون صبر ڪيو. حالانڪ اکين ۾ (غم ۽ فڪر ڏک جي) چڀڪار هئي ۽ نڙي ۾ (رنج ۽ ڏک جا) گرھ ڦاٿل هئا. آءُ پنهنجي ميراث کي تلف ۽ تاراج ٿيندو ڏسي رهيو هوس، تانجو پهرئين پنهنجي اصلي راه ورتي ۽ پاڻ کان پوءِ خلافت خطاب جي فرزند جي حوالي ڪري ويو.

2. ابوبڪر جي خلافت سان راند

(پوءِ جناب امير عليه السلام مثال طور اعشي جو هي شعر پڙهيو) :

”ڪٿي هي ڏينهن، جيڪي ڏاچي جي پاکڙي تي گذرن ٿا ۽ ڪٿي اهي ڏينهن، جيڪي جابر جي ڀاءُ حيان جي دوستيءَ ۾ گذرندا هئا“.

تعجب آهي ته هو پنهنجي جيئري، خلافت تان سبڪدوش ٿيڻ چاهيندو هو، پر پنهنجي مرڻ کانپوءِ ان جو بنياد ٻين لاءِ مضبوط ڪري ويو. بيشڪ، مذڪور ٻنهي سختي سان خلافت جي ٿڻن کي پاڻ ۾ ورهايو.

3. عمر ۽ خلافت جي ڪيفيت کان شڪوه

انهن خلافت کي هڪ سخت ۽ نا هموار محل ۾ رکي ڇڏيو، جنهن جي غلاظت خطرناڪ هئي، جنهن کي ڇهڻ سان بد خلقي محسوس ٿيندي هئي، جتي هر ڳالھ تي ٿاٻو کائڻ ۽ وري بهانو ڳولڻ هو، جنهن جو ان سان واسطو پيو، سو اهڙو آهي، جهڙو ڪنهن سرڪش ڏاچي جو سوار. سو جيڪڏهن واڳ کي ڍرو ڪري ٿو، ته پوءِ هو سوار ڏاچي سان گڏ خوفناڪ کڏن ۾ وڃي ٿو پوي. جنهن ڪري خدائي لايزال جو قسم! ته ماڻهو ابتي چال وارا سرڪش وسواسي ۽ بد چلن ٿي ويا. مون اهڙي ماحول جي ڊگهي مدت ۽ سخت مصيبت تي صبر ڪيو، تانجو ”ٻيو“ به پنهنجي راھ لڳو

4. عمر جي ٺاهيل شورا کان شڪوه

۽ خلافت کي هڪ جماعت ۾ روڪي ويو ۽ مون کي پڻ ان جماعت جو هڪ فرد ڄاتائين.

بار الها! منهنجو ان ”شوري“ سان ڪهڙو واسطو؟ سڀ کان پهرئين جي مقابلي ۾ منهنجي حقدار ٿيڻ جو ۽ فضيلت جو ڀلا ڪنهن کي شڪ هو، جو هاڻي مون کي به انهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي! مگر مون اهو طريقو اختيار ڪيو، ته جڏهن هو زمين جي ويجها ٿي اڏامڻ لڳن، ته آءُ به ائين ڪريان ۽ جڏهن هو مٿي بلندين تي اڏامن، ته پوءِ آءُ به اهڙي طرح پرواز ڪريان (يعني جيترو ٿي سگهي ته ڪنهن صورت ۾ نڀائيندو رهان).

انهن مان هڪ شخص بغض ۽ دشمني سبب مون کان باغي ٿي ڦري ويو ۽ ٻيو دامادي ۽ ڪن ته ٻڌائڻ جهڙين ڳالهين سبب هوڏانهن جهڪي پيو.

5. عثمان جي خلافت کان شڪوه

تانجو ان قوم جو ٽيون ماڻهو پيٽ کي ڦنڊائي حيواني گوبر ۽ ڏاري جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ ان سان گڏ سندس ساٿي به اٿي کڙا ٿيا، جيڪي خدا جي مال کي اهڙي طرح ڳهندا هئا، جيئن بهار (ربيع) جي فصل ۾ اٺ چرندو آهي. نيٺ اهو به وقت اچي ويو، جو سندس وٽيل رسي جا ور کلي پيا ۽ سندس ئي بد افعالن سندس ڪم تمام ڪيو ۽ سندس شڪم پري کيس منهن ڀر ڪيرايو

6. ماڻهن جي امير المومنين عليه السلام سان بيعت

ان وقت ماڻهن جي انبوھ مون کي پريشان ڪري ڇڏيو، جو مون ڏي ”ڳورپٽ“ جي ڪنڌ جي وارن وانگر هر طرف کان (بيعت ڪرڻ لاءِ) سانده ايترا ته ماڻهو آيا، جو حسنين پيھ ۽ چپ ۾ ويڙهجي ويا ۽ منهنجي چادر جا ٻئي پلاند ڦاٽي پيا، اهي سڀئي مون کي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر چوڌاري گهيرو ڪري بيٺا، پر ان هوندي به جڏهن آءُ خلافت جو امر حاصل ڪري اٿيس، ته هڪ ٽولي (اهل جمل) بيعت ٽوڙي ڇڏي، ٻيا دين مان (خارجي اهل نهروان) نڪري ويا ۽ ٽئين گروھ (اهل صفين) حڪم جي عدولي اختيار ڪئي؛ ڄڻ ته انهن الله جو هي ارشاد ٻڌو ئي نه هو ته : ”هي آخرت جو گهر اسان انهن ماڻهن لاءِ مقرر ڪيو آهي، جيڪي نه دنيا ۾ بلندي چاهين ٿا ۽ نه وري فساد پکيڙين ٿا ۽ نيڪ اجر پرهيزگارن لاءِ ئي آهي“. هائو! هائو! خدا جو قسم! بيشڪ، انهن ماڻهن مذڪور آيت کي ٻڌو هو ۽ ياد به ڪيو هو، پر سندن نگاهن ۾ دنيا جو جمال کپي ويو ۽ ان جي سونهن ۽ سينگار کين موهي ڇڏيو.

7. اجتماعي ذميواريون

ڏسو! انهي ذات جو قسم، جنهن داڻي کي چيريو ۽ جاندار پيدا ڪيائين. جيڪڏهن بيعت ڪرڻ وارن جي موجودگي ۽ مدد ڪرڻ وارن جي وجود کان مون تي حجت پوري نه ٿي ها ۽ اهو عهد نه هجي ها، جيڪو الله تعالي علمائن کان وٺي ڇڏيو آهي، ته هو ظالم جي پيٽ ڀرائي ۽ مظلوم جي بک تي سڪون سان نه ويهن، ته پوءِ آءُ خلافت جي واڳ ان جي ڪلهن تي رکان ها ۽ ان جي آخر کي انهي پيالي مان سيراب ڪريان ها، جنهن پيالي مان ان کي اول سيراب ڪيو هوم، ۽ توهان پنهنجي دنيا کي منهنجي نظرن ۾ ٻڪري جي نڇ کان به وڌيڪ حقير ڏسو ها.

ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن جناب امير عليه السلام خطبو پڙهندي ان هنڌ پهتو، ته هڪ عراقي شخص اڳتي وڌي کيس هڪ خط ڏنو. حضرت ان خط کي پڙهڻ لڳو. جڏهن پڙهي بس ڪيائين، ته حضرت عبد الله ابن عباس عرض ڪيو، ته يا امير المومنين! اوهان جتي خطبو ڇڏيو هو، اتان وري ان سلسلي کي اڳتي وڌائي بيان فرمايو! پاڻ فرمايائين ته: اي ابن عباس افسوس!! اها ته ڄڻ اٺ جي مستي واري ”دلي“ هئي، جيڪا ٻاهر نڪتي ۽ واپس وڃي پنهنجي جاءِ تي پهتي. ابن عباس چوي ٿو، ته مون کي ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ڪلام متعلق ايترو افسوس نه ٿيو، جيترو مٿين ڪلام متعلق، انهي ڪري ته، حضرت امير عليه السلام اوستائين پهچي نه سگهيو، جيستائين کيس پهچڻ گهربو هو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found