آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 2: جنگ صفين کان واپس اچڻ بعد ارشاد فرمايائين

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. پالڻهار جي حمد و ثنا

الله تعالي جو حمد ۽ ثنا ڪريان ٿو، سندس نعمتن جي تڪميل گهرڻ، ان جي عزت ۽ جلال جي اڳيان سر جهڪائڻ ۽ سندس نافرماني ڪرڻ کان حفاظت حاصل ڪرڻ لاءِ، هن کان مدد گهران ٿو. هن جي ڪفايت ۽ دستگيري جي محتاج هئڻ سبب، جنهن جي به هو هدايت ڪري، سو گمراھ نٿو ٿئي، جنهن کي هو دشمن ڪري تنهن کي ڪٿي به امان نٿي ملي. جنهن جو هو سنڀاليندڙ هجي، سو ڪنهن جو به محتاج نٿو ٿئي. هي (حمد ۽ امداد جي طلب) اها (نعمت) آهي، جنهن جو پڙ هر وزن ۾ اچڻ واري شيءَ کان ڳرو آهي ۽ هر گنج قيمتي کان قيمتي بهتر ۽ برتر آهي. آءُ شاهدي ڏيان ٿو، ته الله کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، جيڪو يڪتا ۽ لاشريڪ آهي. اهڙي شاهدي جنهن جو خلوص پرکيل آهي ۽ جنهن جو نچوڙ سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي دل جو عقيدو بڻجي چڪو آهي. اسين سموري زندگي هن سان ئي وابسته رهنداسين ۽ ان عقيدي کي پيش اچڻ وارن خطرن لاءِ ذخيرو بنائي رکنداسون. اها ئي شاهدي ايمان جو مضبوط بنياد ۽ صالح عملن جو پهريون قدم آهي، جيڪو خدا جي خوشنودي جو ذريعو ۽ شيطان کي دور ڪرڻ جو سبب آهي.

2. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جون خصلتون

۽ آءُ اها به شاهدي ڏيان ٿو ته: ”محمد صلي الله عليه و آله و سلم) ان الله تعالي جا عبد ۽ رسول آهن“ ، جن کي، شهرت يافته دين، ٻڌايل نشان، لکيل ڪتاب، روشن نور، (معجزات) چمڪندڙ روشني ۽ مضبوط حڪم سان موڪليو ويو، ته جيئن شڪ شبهات واري نجاست دور ٿئي ۽ واضح طور دليلن (۽ مثالن) سان حجت پوري ڪئي وڃي، آيتن جي ذريعي ڊيڄاريو وڃي، گويا انهن عذابن کان پڻ خوفزده ڪيو وڃي.

3. جاهليت واري زماني جي سڃاڻپ

ان وقت اها حالت هئي، جو ماڻهو اهڙن فتنن ۽ فسادن ۾ مبتلا هئا، جو دين جي رسي شڪسته، يقينن جا ٿنڀا لڏندڙ، جدا جدا اصول ۽ پريشان حالتون هيون، نڪرڻ جون راهون تنگ ۽ نظر نٿي آيون.

هدايت گمنام ۽ ضلالت عام هئي، بي ڌڙڪ الله جي نافرماني ٿيندي هئي ۽ شيطان جي مدد ڪئي پئي وئي. ايمان بي يار و مددگار هو، جو ان جا ٿنڀا ڪريل هئا، جنهن جا نشان به سڃاڻپ ۾ نٿي آيا. ان جا رستا مٽجي چڪا هئا، بلڪ شاهراهون ” برباد، نيست ۽ نابود ٿيل هيون. هو شيطان جي پيروي ڪري، ان جي رستن تي هلڻ لڳا ۽ ان جي پتڻ تي لهي پيا، جنهن جي سببان شيطاني جهنڊا هر طرف کان ڦڙڪڻ لڳا. اهڙن فتنن ۾ کين پنهنجي سنبن سان پامال ڪري ۽ پنهنجي کرن سان چيڀاٽيندو هو ۽ پنهنجن  چنبن ڀر مضبوطي سان بيٺو هو، ۽ اهي ماڻهو، ان جي وچ ۾ حيران ۽ پريشان، جاهل ۽ فريب خورده بيٺل هئا. (ڄڻ ته) هڪ اهڙي گهر ۾ بيٺل هئا، جيڪو پاڻ ته ڏاڍو سهڻو هو، پر ان ۾ رهڻ وارا بڇڙا هئا، جتي ننڊ ۽ آرام جي بجاءِ بي آرامي ۽ بي قراري هئي ۽ سرمي جي بجاءِ هنن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هي سڀڪجھ ان سر زمين تي ٿي رهيو هو، جتي عالم جي زبان تي لغام چڙهيل هو ۽ جاهل با عزت ۽ سرفراز هو.

4. اهل بيت عليهم السلام جا فضائل

اهي الله جي رازن جا امانت دار ۽ ان جي دين جي پناھ واري جاءِ آهن. خدائي علم جا خزانا ۽ حڪمتن جا آستان آهن. (آسماني) ڪتابن جون راهون ۽ رستا ۽ دين جا پهاڙ آهن. انهن جي ئي طفيل، الله تعالي دين جي پشت جو (خم) ور سڌو ڪيو ۽ ان جي  پاسن کان ضعف واري ڏڪڻي دور ڪئي.

5. منحرفين جا ڪرتوت

انهن نافرماني ۽ بد ڪاري جي پوک پوکي، غفلت ۽ فريب جو ريج ڏئي ۽ ان مان تباهي ۽ هلاڪت جي جنس حاصل ڪيائون.

6. آل محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جي منزلت

هن امت ۾ ڪنهن کي به محمد جي آل تي قياس نٿو ڪري سگهجي. جن ماڻهن تي آل محمد جا احسان هميشه جاري رهيا هجن، سي انهن جي برابر ٿي نٿا سگهن. اهي (اهلبيت) دين مبين جو بنياد ۽ يقين جا ٿنڀا آهن. (ياد رکو) اڳتي وڌي وڃڻ وارن کي انهن ڏانهن واپس اچڻو آهي ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن کي اڳتي هلي، انهن سان ملڻو آهي. سرپرستي جي مرتبي واريون خصوصيتون انهن لاءِ ئي آهن ۽ انهن جي حق ۾ پيغمبر جي وصيت آهي، اهي نبي جا وارث آهن. هاڻي هي اهو وقت آهي، جو حق پنهنجي اهل جي طرف موٽي آيو ۽ پنهنجي صحيح جڳھ تي منتقل ٿي ويو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found