جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

حضرت امام رضا عليه السلام جن جو اخلاق

تحرير: شوڪت علي اميني

مهاڳ

سڀئي تعريفون مخصوص آهن ان پالڻهار لاءِ جيڪو تمام عزتن ۽ فضيلتن جو مالڪ، هن جهان جو چرخو هلائيندڙ ۽ جهان جي هدايت جو سبب آهي. جنهن انسان جي خلقت کان پهريان سندس هدايت جو انتظام ڪيو ۽ هر زماني ۾ پنهنجي طرفان ڏانهس هادي ۽ زندگيءَ جو آئين موڪليندو رهيو آهي ۽ انسان، زماني گذرڻ سان ڪمال ڏانهن وک وڌائيندو رهيو آهي.

انسان عقلي اعتبار سان جڏهن عروج تي پهتو ته خداوند متعال سندس هدايت جي لاءِ هڪ اهڙي هاديءَ جو انتظام ڪيو جنهن جو آئين قيامت تائين رهندو ۽ انهيءَ جا معصوم جانشين انهيءَ آئين جي، الله جي لطف ۽ ڪرم سان ترويج ۽ حفاطت ڪندا رهندا. جن ما هر هڪ، انساني ڪمالات جو بيمثال نمونو آهي، جن جي زندگيءَ جو هر رخ ڀٽڪيل ۽ گمراهه انسانيت کي علم ۽ هدايت جي نوراني چشمي کان سيراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هدايت جي انهن چٽن مينارن مان امام علي رضا عليه السلام به هڪ آهي، اسان هن مختصر لکڻيءَ ۾ رسول الله (ص) جي ان اٺين جانشين جي اخلاقي پهلوءَ کي مختصر طور بيان ڪندا سين.

امام علي رضا عليه السلام جن جي علمي، معنوي، سياسي ۽ اجتماعي زندگيءَ، سڀني مسلمانن جي لاءِ مخصوصا تشيع جي لاءِ هڪ بهترين نموني عمل آهي، خصوصا امام رضا عليه السلام جن جي زندگيءَ جو اهو حصو جيڪو عباسي خليفي مامون رشيد جي طرفان ولي عهدي ۾ گذريو ۽ اجتماعي ، ثقافتي ۽ سياسي لحاظ سان عوام جي لاءِ چٽي ڏينهن وانگر روشن ۽ واضح آهي. وري خاص طور تي امام رضا عليه السلام جن جو اخلاق، چاهي فردي زندگيءَ ۾ هجي يا اجتماعي زندگيءَ ۾ تمام مسلمانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. اسان هتي امام عليه السلام جي  اخلاقي پهلوئن منجهان ڪجهه نمونا، توهان پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.

1: سعادت جو راز، عمل ۽ اطاعت

انسان جي سعادت خاندان، مقام ۽ منزلت سان نه بلڪه آخرت لاءِ ڪيل صالح عملن سان وابسته آهي. ممڪن آهي ته ڪجھ انسان هن دنيا ۾ مال، مقام، حسب ۽ نسب کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو ذريعو سمجھندا هجن، ليڪن امام رضا عليه السلام جي سيرت ۾ سعادت، آخرت لاءِ ڪيل صالح عملن ۾ منحصر آهي.

امام رضا عليه السلام پنهنجي خادمن ۽ نوڪرن سان گڏ ويهي طعام تناول فرمائيندا هئا پر ڪجھ جاهل ۽ غافل انسان امام عليه السلام جي انهيءَ عمل تي اعتراض ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته: مولا توهان جو ايترو مان ۽ مرتبو آهي توهان رسول الله (ص) جا جانشين ۽ هن امت جا امام آهيو ۽ هي غريب بي سهارا، انهن جي معاشري ۾ نه ڪا حيثيت  آهي  ۽  نه ڪو بلند حسب ۽ نسب؟

امام عليه السلام انهن جي جواب ۾ فرمائيندا هئا ته:

إِنَ‏ الرَّبَ‏ تَبَارَكَ‏ وَ تَعَالَى‏ وَاحِدٌ وَ الْأُمَّ وَاحِدَةٌ وَ الْأَبَ وَاحِدٌ وَ الْجَزَاءَ بِالْأَعْمَال‏ يقينَا

اسان جو پروردگار هڪ آهي اسان جا پيءُ  ماءُ (حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا) به هڪ آهن ۽ جزا ۽ سزا جو دارو مدار به اعمال تي آهي (1)

امام رضا عليه السلام هنن جملن ۾ عزت، ڪرامت، مان ۽ مرتبي جي حقيقت کي بيان ڪيو آهي. انسان جي حيثيت، مان، مرتبو، شان، عزت ۽ مقام عملن جي ڪري آهي نه ڪي حسب ۽ نسب جي ڪري. ان جي ڪري هن دنيا ۾ ڪو مقام ۽ منصب ماڻڻ ان شيءِ جو سبب نه بڻجي جو اسان يتيمن ۽ مسڪينن جي همنشينيءَ کي ڇڏي ڏيون.

2: ظاهر سازي ۽ باطن سازي

پنهنجو پاڻ کي ظاهري طور تي سينگارڻ، سجائڻ، سهڻو ۽ خوبصورت بڻائڻ هميشه ان ڳالهه تي دلالت نٿو ڪري ته انسان معنوي لحاظ کان به پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. ظاهري طور تي ڪجھ انسان پنهنجي شڪل ۽ صورت کي بهترين، دلربا ۽ جذاب قرار ڏيندا آهن ليڪن معنوي اعتبار کان پاڪ نه هوندا آهن، بلڪه گناهن ۾ غلطان يا انهن ڏانهن مائل هوندا آهن. ڪجھ اهڙا انسان به آهن جيڪي معنوي اعتبار سان پاڪ ۽ پاڪيزه هوندا آهن، ليڪن انهن ۾ ظاهر سازي نه هوندي آهي، اهي انسان نه ڀلو لباس پائيندا آهن ۽ نه وري ڪا خوشبو استعمال ڪندا آهن. ليڪن امام رضا عليه السلام جي سيرت جيڪا اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي اها واضح طور تي ٻڌائي ٿي ته امام عليه السلام اگرچه دنيا سان عشق نه رکندا هئا پر ان جي باوجود به امام عليه السلام ظاهري زندگي پاڪ، صاف ۽ معطر گذاريندا هئا.

ابي عباد روايت نقل ڪري ٿو ته حضرت امام رضا عليه السلام جڏهن ماڻهن سان ملاقات جي لاءِ ٻاهر ايندا هئا ته پنهنجو پاڻ کي زينت ڏيندا هئا ۽ خوشبو لڳائيندا هئا ليڪن خلوت ۽ تنهائيءَ ۾ امام عليه السلام سخت ۽ ٿلهو لباس پائيندا هئا.

3: مهمان نوازي

مهمان نوازي جيڪا اسان جي سنڌ ۾ رائج ۽ هڪ تمام سٺي صفت آهي ۽ جيڪا انساني رابطن جي مضبوطيءَ جو پڻ سبب آهي الله ۽ ان جي رسول (ص) جي پسنديده صفت آهي جنهن جا ڪجھ اصول ۽ طريقا بيان ڪيا ويا آهن، جن جي خيال رکڻ سان انسان پنهنجي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي طرف انهن اصولن جو خيال نه ڪرڻ سان منفي اثر پيدا ٿيندا آهن ان ڪري سڀ کان پهريان مهمان کي دعوت ڏيڻ، ان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ ان جو احترام ۽ عزت ڪرڻ سڀ کان مهم اصولن منجهان آهن.

قَالَ‏ فَخَطَر بِبَالِي‏ أَنْ‏ لَيْسَ‏ فِي‏ الدُّنْيَا مَنْ هُوَ أَحْسَنُ حَالًا مِنِّي بَعَثَ الْإِمَامُ بِمَرْكُوبِهِ إِلَيَّ وَ قَعَدَ إِلَيَّ ثُمَّ أَمَرَ لِي بِهَذَا الْإِكْرَام‏(2)

امام رضا عليه السلام جڏهن پنهنجي دوستن منجھان بزنطيءَ کي دعوت ڏني ته مولا عليه السلام پنهنجي مخصوص سواري پنهنجي خادم سان گڏ موڪلي ۽ بزنطي چوي ٿو ته جڏهن آءُ امام رضا عليه السلام وٽ پهتس ته مولا منهنجو ايترو ته احترام ڪيو جو آءُ سوچڻ لڳس ته هن وقت مون کان وڌيڪ بهتر ڪو به ناهي.

 امام رضا عليه السلام جن جي اهڙي روش جي ڪري   بزنطي خوشبختيءَ جو احساس ڪرڻ لڳو.

4: بهترين ۽ بدترين زندگي

هر انسان جي دلي تمنا هوندي آهي ته منهنجي زندگي تمام ڀلي گذري ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ مشڪلاتون تمام گھٽ هجن ۽ هو ڪوشش ڪندو آهي ته بهترين زندگي گذاري، حقيقت ۾ بهترين زندگي اها آهي  جنهن ۾ خلق خدا کي نفعو پهچائي سگهجي

قَالَ عَلِيُّ بْنُ شُعَيْبٍ‏ دَخَلْتُ عَلَى أَبِي الْحَسَنِ الرِّضَا ع فَقَالَ لِي يَا عَلِيُّ مَنْ أَحْسَنُ النَّاسِ مَعَاشاً قُلْتُ أَنْتَ يَا سَيِّدِي أَعْلَمُ بِهِ مِنِّي فَقَالَ ع يَا عَلِيُّ مَنْ‏ حَسَّنَ‏ مَعَاشَ‏ غَيْرِهِ‏ فِي مَعَاشِه‏ (3)

علي بن شعيب چوي ٿو ته آءُ امام رضا عليه السلام جن جي خدمت ۾ پهتس مولا فرمايو: اي علي! ڪنهن جي زندگي بهتر آهي؟ علي بن شعيب چوي ٿو ته مون عرض ڪيو ته اي منهنجا مولا توهان مون کان بهتر ڄاڻيو ٿا. انهيءَ وقت مولا فرمايو: بهترين ۽ ڀلي زندگي ان جي آهي جنهن جي زندگيءَ جي سائي ۾ ٻيا ڀلي زندگي گذارين، يعني انسان ٻين لاءِ خرچ ڪري ته جيئن ٻيا انسان، دوست، احباب ۽ عزيز و اقارب ڀلي زندگي گذاري سگھن.

يَا عَلِيُّ مَنْ أَسْوَأُ النَّاسِ مَعَاشاً قُلْتُ أَنْتَ أَعْلَمُ قَالَ مَنْ لَمْ يُعِشْ غَيْرَهُ فِي مَعَاشِهِ (4)

مولا وري مون کان سوال ڪيو ته اي علي بن شعيب! (ڀلا) ٻڌاءِ ته بدترين زندگي ڪنهن جي آهي. مون عرض ڪيو ته اي منهنجا آقا توهان مون کان بهتر ڄاڻيو ٿا، ان محل مولا فرمايو بدترين زندگي انهيءَ جي آهي جنهن جي زندگيءَ مان ٻيا فائدو حاصل ڪري نه سگھن. يعني انسان پاڻ ڀلي زندگي گذاري پر ٻين تي خرچ نه ڪري.

امام رضا عليه السلام هنن مختصر ڪلمات ۾ بهترين ۽ بدترين زندگي جي حقيقت کي بيان ڪيو آهي انهيءَ جي ڪري جڏهن مولا کان پڇيو ويو ته اي آقا! الله سائين جا ڀلا ٻانها ڪهڙا آهن؟ ته مولا فرمايو:

وَ سُئِلَ عَنْ خِيَارِ الْعِبَادِ فَقَالَ الَّذِينَ إِذَا أَحْسَنُوا اسْتَبْشَرُوا وَ إِذَا أَسَاءُوا اسْتَغْفَرُوا وَ إِذَا أُعْطُوا شَكَرُوا وَ إِذَا ابْتُلُوا صَبَرُوا وَ إِذَا غَضِبُوا عَفَوا(5)

ڀلا ٻانها اهي آهن جڏهن نيڪي ڪندا آهن ته خوش ٿيندا آهن ۽ جڏهن بدي ڪندا آهن ته استغفار ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن کي ڪا به نعمت ڏني ويندي آهي ته شڪر ڪندا آهن ۽ اگر مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ته صبر ڪندا آهن ۽ جڏهن غصي ۾ ايندا آهن ته معاف ڪري ڇڏيندا آهن.

5: آئينِ محبت

انسان فطري طور  محبت، الفت ۽ رفاقت جو شيدائي آهي، انسان جي دلي خواهش هوندي آهي ته مهر ۽ محبت جي ذريعي ٻين کي پاڻ ڏانهن جذب ۽ متوجھ ڪري، امام رضا عليه السلام جن کان ٻه روايتون نقل ڪريون ٿا جيڪي محبت ۽ الفت جي طرف توجھ ڏيارين ٿيون.

التَّوَدُّدُ إِلَى‏ النَّاسِ‏ نِصْفُ الْعَقْلِ (6)

ماڻهن سان مهر ۽ محبت سان پيش اچڻ اڌ عقل آهي.

رَأْسُ‏ الْعَقْلِ‏ بَعْدَ الْإِيمَانِ‏ التَّوَدُّدُ إِلَى‏ النَّاسِ

ذات خدا تي ايمان کانپوءِ عقلمندي هيءَ آهي ته ماڻهن جي مهر ۽ محبت کي پاڻ لاءِ جلب ڪري.

اگر اسان امام عليه السلام جي سيرت ۽ اخلاق تي نگاهه ڪندا سين ته معلوم ٿيندو مولا سراپا آئينِ محبت ۽ الفت آهن ماڻهن جي دلين ۾ امام عليه السلام جي محبت ۽ الفت جو نفوذ سندن الفت ۽ محبت جو واضح دليل آهي.

ابراهيم بن عباس چوي ٿو ته امام عليه السلام جو اخلاق هي هيو ته پاڻ ڪنهن سان به جفا نه ڪندا هئا ۽ هر اها حاجت جنهن کي پورو ڪري سگھندا هئا ان کي انجام ڏيندا هئا ۽ هميشه مسڪرائيندا رهندا هئا (7)

6: اول وقت ۾ نماز پڙهڻ

ابراهيم بن قزاز چوي ٿو ته خراسان ۾ امام رضا عليه السلام آل ابي طالب جي بعض افراد جي استقبال جي لاءِ ٻاهر آيا ۽ انهيءَ وقت نماز جو وقت پڻ ٿي ويو هيو امام عليه السلام هڪ وڻ جي هيٺان ويا ۽ آءُ پڻ امام عليه السلام سان گڏ هيس ٻيو ڪير به نه هيو امام عليه السلام مون کي فرمايو ته اذان ڏي مون امام عليه السلام کي چيو ته مولا ڪجھ صبر ڪريو ته جيئن ڪجھ اصحاب ۽ دوست پهچن مولا فرمايو:

غَفَرَ اللَّهُ‏ لَكَ‏ لَا تُؤَخِّرَنَّ صَلَاةً عَنْ أَوَّلِ وَقْتِهَا إِلَى آخِرِ وَقْتِهَا مِنْ غَيْرِ عِلَّةٍ عَلَيْكَ أَبَداً بِأَوَّلِ الْوَقْت (8)

خداوند متعال تنهنجا گناهه معاف ڪري نماز کي بغير ڪنهن عذر جي اول وقت ۾ ترڪ نه ڪر، تنهنجي لاءِ ضروري آهي ته نماز کي اول وقت ۾ پڙهه.

امام عليه السلام ڪنهن جو به انتظار نه ڪيو ۽  اول وقت ۾ نماز پڙهيائون، اهڙي نموني سان امام عليه السلام مامون عباسيءَ جي درخواست ۽ اصرار تي ڪيترا ئي مناظرا ڪيا. انهن مناظرن مان مولا جو هڪ مناظرو عمران صابئي سان ٿيو جيڪو صابئي ٽولي جو اڳواڻ هيو، مناظرو تمام گھڻو ڊگهو ٿي ويو ۽ بحث هڪ حساس موڙ تي پهتو ۽ نتيجو پڻ نڪرڻ وارو هيو ته انهيءَ مهل نماز جو وقت به ٿي ويو، مولا نماز پڙهڻ جي لاءِ اٿيا عمران صابئي تمام گھڻو اصرار ڪيو ته نتيجو نڪرڻ وارو آهي ٿورڙو انتظار ڪريو، ليڪن امام عليه السلام فرمايو: نُصَلِي و نَعُود نماز پڙهون ٿا ۽ وري واپس اينداسين.

مولا پهريان نماز پڙهي ۽ ٻيهر عمران صابئيءَ سان مناظرو شروع ڪيو ۽ مولا اول وقت ۾ نماز پڙهڻ کي مناظري تي ترجيح ڏني. مولا اول وقت ۾ نماز پڙهڻ جي تاڪيد جي راز کي هن نموني سان بيان ڪن ٿا ته ماڻهو نماز کي ٽن حالتن ۾ پڙهن ٿا ڪجھ ماڻهو اول وقت ۾، ڪجھ ماڻهو آخرِ وقت ۾ ۽ ڪجھ ماڻهو وري وچ (وسط) ۾ پڙهن ٿا، بس جيڪي اول وقت ۾ نماز پڙهن ٿا اهڙن انسانن کي الله جي رضا نصيب ٿئي ٿي، جيڪي وسط ۾ نماز پڙهن ٿا اهڙن ماڻهن  کي الله جي بخشش نصيب ٿئي ٿي ۽ جيڪي آخرِ وقت ۾ نماز پڙهن ٿا اهڙن انسانن کي الله جي مغفرت نصيب ٿئي ٿي (9)

مولا جي ان روايت مان صاف ظاهر آهي ته نماز جا خاص اثر آهن ۽ اهي اثر وقت جي لحاظ کان فرق ٿا ڪن بس اثر ڪڏهن الله جي رضا آهي ته ڪڏهن عفو ۽ بخشش ۽ وري ڪڏهن مغفرت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.

7: قرآن جي تلاوت ڪرڻ وقت غور ۽ فڪر ڪرڻ

قرآن هڪ الاهي ڪتاب آهي جيڪو سڀني انسانن جي هدايت جي لاءِ آهي جنهن ۾ هر خشڪ ۽ تَر جو ذڪر آهي ۽ هي اها شيءِ آهي جنهن جي طرف انسان محتاج آهي، اسان جڏهن مولا رضا عليه السلام جن جي زندگيءَ تي نگاهه ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو مولا قرآن جي تلاوت سان وڏو انس ۽ محبت رکندا هئا ۽ هر روز قرآن جي تلاوت ڪندا هئا ۽ جيڪا مدت خراسان ۾ هئا نماز صبح کانپوءِ طلوع فجر تائين قرآن جي تلاوت ڪندا هئا.

إِذَا صَلَّى‏ الْفَجْرَ جَلَسَ‏ فِي‏ مُصَلَّاهُ‏ إِلَى أَنْ تَطْلُعَ الشَّمْسُ.................. فَيُؤْتَى بِالْمُصْحَفِ فَيَقْرَأُ فِيهِ (10)

 امام عليه السلام جي سيرت مان هي هيو ته جڏهن تلاوت ڪندا هئا ته غور ۽ فڪر ڪندا هئا ۽ بغير غور ۽ فڪر جي ان آيت کان اڳتي نه گذرندا هئا انهيءَ سلسلي ۾ مولا عليه السلام پاڻ فرمائن ٿا ته: آءُ قرآن جي تلات ڪرڻ وقت هڪ آيت کان ٻي آيت جي طرف نه ويندو آهيان سواءِ ان جي ته پهرين آيت ۾ غور ۽ فڪر ڪريان ته ڪهڙي موضوع جي متعلق آهي ۽ ڪهڙي زماني ۾ نازل ٿي آهي ۽ نازل ٿيڻ جو سبب ڪهڙو اٿس، مولا هر ٽن ڏينهن ۾ قرآن جو ختم مڪمل ڪندا هئا.

مَا مَرَرْتُ‏ بِآيَةٍ قَطُّ إِلَّا فَكَّرْتُ فِيهَا وَ فِي أَيِّ شَيْ‏ءٍ نَزَلَتْ وَ فِي أَيِّ وَقْتٍ فَلِذَلِكَ صِرْتُ أَخْتِمُ فِي ثَلَاثَةِ أَيَّامٍ (11)

8: پنهنجي خاندان سان سهڻو سلوڪ:

هر انسان جو اهو فرض هوندو آهي ته پنهنجي گهروارن جي هر ممڪنه ضرورت کي پورو ڪري، ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي اهل و عيال جي سار سنڀال نه لهندا آهن، انهن جون ضرورتون پوريون نه ڪندا آهن نتيجي ۾ اهو خاندان ۽ ان جا افراد معاشري لاءِ ناسور بڻجي ويندا آهن ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڦر لٽ ڪري چوريون ڪري معاشري جي امن کي برباد ڪري ڇڏيندا آهن. اسان ان ضمن ۾ امام رضا عليه السلام جو فرمان نقل ڪري رهيا آهيون، جنهن تي توجهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي

امام رضا عليه السلام فرمايو

اقرَبُکُم مِنِي مَجلِساَ يَومَ القِيامَة اَحسَنُکُم خُلقاَ و خَيرکم لِاَهلِه (12)

قيامت جي ڏينهن هر اهو انسان منهجي وڌيڪ ويجهو هوندو جيڪو دنيا ۾ سٺي اخلاق وارو ۽ پنهنجي خاندان سان وڌيڪ نيڪو ڪار هوندو.

ٻئي جڳهه تي پاڻ فرمائن ٿا: هر اهو شخص جيڪو طاقت رکي ٿو ان لاءِ پنهنجي اهل و عيال کي آسائش ۾ رکڻ ۽ انهن کي خدا جي نعمتن کان استفادو ڪرائڻ ضروري آهي (13)

امام عليه السلام پنهنجي خاندان ۽ اهل و عيال سان سهڻي سلوڪ (صله رحمي) جي تاڪيد ڪندي فرمائن ٿا ته: پنهنجي خاندان ۽ اهل و عيال سان محبت سان پيش اچو، چاهي پاڻي جي هڪ ڍڪ پيارڻ جي ذريعي ۽ فرمائن ٿا ته: بهترين صله رحمي اها آهي ته توهان پنهنجي مٽن مائٽن کي آزار نه ڏيو (14)

9: الله سائين جي ڏنل نعمتن جو شڪريو:

الله سائين جي ولين ۽ خاص ٻانهن جي صفتن منجهان هڪ صفت سندس ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ آهي. لقمان حڪيم پاڻ الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي پڻ دستور ڏنو ته الله سائين جي نعمتن جو شڪر ادا ڪر، ان ڪري جو الله سائين فرمائي ٿو: اَن اَشکُر لِي (15)

۽ الله سائين حضرت لقمان کي عطا ڪيل حڪمت جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو

وَلَقَد آتَينَا لُقمَان الحِکمَةَ اَن اشکُر لله ومن يشکر فَاِنَهَا يَشکُرُ لِنَفسِهِ و مَن کَفَرَ فَاِنَ اللهَ عَلِي حَمِيد(16)

اسان لقمان کي حڪمت ڏني سين (۽ کيس چيو سين) الله جو شڪريو ادا ڪر، جيڪو شڪريو ادا ڪندو فائدو به انهيءَ کي ملندو ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو نقصان به اهو ئي کڻندو ان ڪري جو الله سائين بي نياز ۽ تعريف جي لائق آهي.

امام رضا عليه السلام فرمايو: الله سائين جي نعمتن جو قدر ڪريو، ائين نه ٿئي جو سندس معصيت، نافرماني ۽ گناهه سبب خدا توهان کان نعمتون کسي وٺي، بلڪه توهان سندس بندگيءَ ۽ اطاعت وسيلي ۽ شڪر جي وسيلي سندس ڏنل نعمتن جي هميشه جاري رهڻ جي کانئس دعا گهرو (17)

شڪر ادا ڪرڻ جا ڪجهه فائدا:

هاڻي اسان شڪر ادا ڪرڻ جا ڪجهه فائدا ذڪر ڪريون ٿا.

1_ شڪر وسيلي انسان پنهنجي ڪمزوري ۽ ضعيفي جو اقرار ڪري ٿو ته مان پنهنجي طرفان ڪجهه به نه ٿو رکان ۽ سڀ ڪجهه الله سائين جو فضل ۽ ڪرم آهي تنهن ڪري انسان سندس الوهيت جو اقرار ٿو ڪري ته حقيقي مالڪ صرف خدا آهي ان ڪري مان ٻين تي برتري ۽ وڏائي جو حق نه ٿو رکان.

2_ انهن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جيڪي الله سائين جي فضل جا وسيلا بڻيا آهن ۽ اهي پاڻ ڪريم (ص) ۽ سندس آل اطهار  عليهم السلام آهن.

3_ نعمتن جو شڪر  ڪرڻ نعمتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ شڪر جو فائدو به شڪر ڪندڙ کي ئي رسي ٿو. الله سائين قرآن ۾ فرمائي ٿو: اگر توهان منهنجي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪندو مان انهن نعمتن ۾ اضافو ڪندس. سورت ابراهيم، آيت 7

حوالا

(1) اصول ڪافي، ج 8، ص 230، بحار الانوار، ج 49، ص 101

(2) الخرائج و الجرائح، جلد ‏2، ص 663

(3) تحف العقول، صفحو 448، بحار الانوار، جلد 75، ص 341

(4) ساڳيو

(5) تحف العقول ص 445، بحار الانوار ج 75، ص 338

(6) اصول ڪافي، ج ‏4، ص697، تحف العقول ص 443

(7) ڪشف الغمه ج 2 ص 316

(8) الخرائج و الجرائح ج‏1 ص 337، بحار الانوار ج‏49 ص 29

(9) توحيد صدوق ص 435، الفقه الرضا ص 67

(10) من لا يحضره الفقيه، ج ‏1، ص 501

(11) امالي صدوق 660 ، بحار الانوار ج‏49ص 89

(12) وسائل الشيعه، جلد12، صفحو 153

(13) وسائل الشيعه، جلد15، صفحو 249

(14) تحف العقول، صفحو 445

(15) سورت لقمان، آيت 14

(16) سورت لقمان، آيت 12

(17) بحار الانوار، جلد 49، صفحو 182

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found