جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

قم شهر ۽ حضرت فاطمة معصومة عليها السلام

تحرير: صابر حسين چانڊيو (قم ايران)

درود ۽ سلام ان ذات اقدس تي جنهن جي ڪري خداوند عالم هن ڪائنات کي خلق ڪيو ۽ کيس هڪ گھٽ هڪ لک چوويهه هزار انبياءَ جو سردار بڻايائين ۽ اسان کي ان جي امت مان شمار ٿيڻ جو شرف نصيب ڪيائين، اسان جي لاءِ خداوند عالم جي طرفان وڏي ۾ وڏي نعمت اها ئي آهي ته اسان ان بي انتها ڪمال رکندڙ پيغمبر صه جا امتي ۽ ان جي آل عليهم السلام سان محبت ۽ مودت رکندڙ آهيون. انهيءَ آل عليهم السلام منجھان ئي سائڻ فاطمة معصومه عليها السلام به آهي اسان هتي بيبي عليها السلام ۽ قم المقدسه شهر  جي باري ۾ نهايت عاجزانه ۽  مختصر طور ڪجھ روايتون بيان ڪندا هلون.

1- ڪجھ ماڻهو شهر ري مان جمعي جي ڏينهن مديني ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن پنهنجو تعارف ڪرايو ته اسان ري شهر جا رهڻ وارا آهيون. امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو ته: آفرين (شاباش) هجي منهنجي ڀائرن ۽  قم جي سرزمين تي رهڻ وارن کي، انهن ساڳيو جملو دهرايو ته اسان ري شهر جا رهڻ وارا آهيون، امام عليه السلام به انهن جي ڳالهه ٻڌي وري پنهنجا ساڳيا جملا ورجايا ۽ بار بار اهي جملا دهرائي فرمايو:

 ان لله حرما وهو مکة، وان للرسول حرما وهو المدينة، و ان لاميرالمومنين حرما وهو الکوفة، وان لنا حرما وهو بلدة قم... (1)

خدا جي لاءِ هڪ حرم آهي اهو مڪو آهي ۽ رسول خدا 4 جي لاءِ به هڪ حرم آهي اهو مدينو آهي ۽ اميرالمومنين عليه السلام جي لاءِ به حرم آهي اهو ڪوفو آهي ۽ اسان اهل بيت لاءِ به هڪ حرم آهي اهو شهر قم آهي.

2_ هڪ ٻي روايت ۾ شهيد ثالث قاضي نور الله شوستري نقل ڪري ٿو ته: امام صادق عليه السلام جڏهن فرمايو: مڪو الله جو حرم آهي ۽ مدينو نبيءَ صلي الله عليه وآله وسلم جو حرم آهي ۽ ڪوفو علي عليه السلام جو حرم آهي ان کان پوءِ فرمايو: توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته قم ننڍو ڪوفو آهي ۽ توهان کي خبر هجي ته جنت جا اٺ دروازا آهن انهن مان ٽي قم جي طرف کلندا آهن ۽ منهنجي فرزندن مان هڪ فرزند (نياڻي) فاطمة عليها السلام بنت موسي بن جعفر اتي وفات پائيندي ۽ اسان جي شيعن جي شفاعت ڪري انهن کي جنت ڏانهن وٺي ويندي. (2)

3. امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا: قم اسان جو ۽ اسان جي شيعن جو شهر آهي، هي پاڪ شهر آهي، هن شهر جا ماڻهو اسان جي دوستي ۽ ولايت کي قبول ڪرڻ وارا آهن. ايسيتائين جو هو خيانت نه ڪن. جنهن به شخص بري نيت سان انهن ماڻهن ڏي ڏٺو اهو جلدي پنهنجي انجام تائين پهچندو، اگر اهي ماڻهو خيانت ڪار هوندا ته خداوند متعال ظالمن کي انهن تي مسلط ڪري ڇڏيندو، پر اهي ماڻهو امام مهدي عليه السلام جا مددگار هوندا ۽ حق جا طلبگار هوندا. ان وقت امام عليه السلام پنهنجو سر آسمان ڏي کنيو ۽ دعا گھري:

 اللهم اَعصِمهُم مِن کُلِ فِتنَةِ

يا الله قم جي ماڻهن کي هر فتني کان محفوظ رک. (3)

بيبي جو تعارف.

سندن نالو فاطمة ۽ مشهور لقب معصومة ۽ ڪريمة اهل بيت آهنَ.

والد محترم. حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام

والده محترمه. حضرت نجمة خاتون I آهي امام رضا عليه السلام پڻ سائڻ نجمه خاتون عليها السلام جا پٽ آهن ان لحاظ سان امام رضا عليه السلام ۽ بيبي فاطمه معصومه عليها السلام سڳا ڀاءُ ڀيڻ آهن.

ولادت با سعادت.

 مشهور قول مطابق سندن ولادت پهرين ذي القعد 173 (ه_ق) ۾ مديني منوره ۾ ٿي. (4)

تعليم ۽ تربيت

حضرت بيبي فاطمة معصومة عليها السلام جي فضيلتن بابت اگر اسان هڪ جملي ۾ چئون ته هي چئي سگھون ٿا ته بيبي فاطمه معصومه عليها السلام به ان پهرين بيبي فاطمة الزهرا عليها السلام جيان آهي جيئن فاطمة الزهرا عليها السلام علي عليها السلام جي حق جي حمايت جي ڪري شهادت پاتي هن بيبي عليها السلام به ڪجھ ايئن ڪيو هو ڇو ته مديني کان جڏهن امام رضا عليه السلام کي خراسان گھرايو ويو هو ته بيبي عليها السلام به ولايت ۽ امامت جي مظلوميت جي حمايت لاءِ قيام ڪيو هو ۽ مديني کان خراسان جو سفر ڪيو، اتي هڪ غلط فهمي کي پري ڪندا هلون ته بعض اسان جا دوست ائين چوندا آهن ته بيبي عليها السلام جو خراسان ڏانهن اهو سفر  ڀاءُ جي ذاتي محبت جي ڪري هو. اها ڳالهه پنهنجي ذاتي ذهن جي جوڙ آهي نه ڪي اها حقيقت آهي، حقيقت هي هئي ته جڏهن امام عليه السلام کي ظالم زبردستي مديني کان خراسان وٺي آيا ته امامت جي مظلوميت لاءِ آواز اٿارڻ وارو ڪير به نه هو ته بيبي عليها السلام امامت جي حمايت لاءِ قيام ڪيو ۽ ان جو انجام هي ٿيو ته پاڻ قم تائين پنهنجي سفر کي جاري رکي سگھيون.

حضرت فاطمه معصومه عليها السلام جي ننڍپڻ ۾ ان وقت جي ظالم حڪمران هارون رشيد سندن والد گرامي امام موسي ڪاظم عليه السلام کي بغداد جي زندان ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بيبي عليها السلام پنهنجي ولادت کان بعد گھڻي عرصي تائين پنهنجي والد جي شفقت ڀرئي وجود کان محروم رهي. بيبي عليها السلام مٿان ان وقت غمن ۽ مصيبتن جا پهاڙ ٽٽي پيا، جڏهن 183 ه ق ۾ کين سندن مظلوم بابا ۽ وقت جي امام حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي بغداد جي زندان ۾ مظلومانه شهادت جي خبر پئي. (5)

اهڙي موقعي تي امام رضا عليه السلام جن جو با برڪت وجود ئي هيو جنهن بيبي عليها السلام کي سنڀاليو ۽ کيس حوصلو ڏئو، سندس تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيو، سائڻ معصومه I ننڍپڻ ۾ ئي ڀاءُ سان مانوس ٿي وئي. ان بنياد تي بيبي جي فضيلتن منجھان هڪ وڏي فضيلت هي آهي ته بيبي جي تعليم ۽ تربيت امامت ۽ ولايت جي آغوش ۾ ٿي.

حضرت معصومه عليها السلام جي زيارت نامي ۾ جيڪو امام کان رضا عليه السلام کان نقل ٿيل آهي، هي جملا موجود آهن: اي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي ڌيءُ، اي خديجة الکبري عليها السلام جي ڌي، اي فاطمة عليها السلام جي ڌي، اي علي عليه السلام جي ڌي،  اي حسن عليه السلام جي ڌي، اي حسين عليه السلام جي ڌي، اي ولي خدا حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ڌي، اي ولي خدا امام رضا عليه السلام جي ڀيڻ، اي ولي خدا امام محمد تقي عليه السلام جي پڦي تو تي سلام هجي اهي سڀ اعزاز کيس امام رضا عليه السلام جا ڏنل آهن. يعني هڪ معصوم جا پر ان ڪري نه جو بيبي عليها السلام امام جي ڀيڻ هئي، اهڙو سوچڻ به غلط آهي ۽ امامت مٿان شڪ ڪرڻ جي برابر  آهي؛ ان ڪري جو امام عليه السلام اهي القاب بيبي عليها السلام کي سندس ذاتي منزلت جي ڪري ڏنا جيڪا منزلت فقط امام ڄاتي پئي.

امام رضا عليه السلام فرمايو آهي ته

من زارها فله الجنة

جنهن به بيبي عليه السلام جي زيارت ڪئي ته ان جو انعام جنت آهي. (6)

امام رضا عليه السلام هڪ شخص کي پنهنجي ڀيڻ جو زيارت نامو ٻڌائيندي فرمايو: ان من زارها بهذه الزيارة واستغفر الله غفر الله له وادخله الجنة

جنهن به هي زيارت نامو پڙهي سندس زيارت ڪئي، الله کان پنهنجي گناهن جي معافي گھري ته الله کيس معاف ڪندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو. (7)

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته: جنت جا اٺ دروازا آهن جن مان ٽي دروازا قم ڏي کلن ٿا عنقريب منهنجي نسل مان هڪ نياڻي اتي دفن ٿيندي جنهن جو نالو فاطمه عليها السلام بنت موسى ڪاظم عليه السلام هوندو اسان جا سڀ شيعا سندس شفاعت سان جنت ۾ ويندا. (8)

حضرت معصومه عليها السلام جون برڪتون ۽ ڪرامتون

بيبي عليها السلام جي قم شهر ۾ اچڻ جي ڪري قم شهر تي خداوند عالم جي طرفان ڪيتريون ئي نعمتون ۽ رحمتون نازل ٿيون ۽ ڪيتريون بلائون بيبي عليها السلام جي بابرڪت وجود جي ڪري هن شهر تان ٽري ويون. هن شهر بيبي عليها السلام جي ڪري هڪ وڏي منزلت ماڻي ۽ زيات جو مرڪز بڻجي ويو. دنيا جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ مان اهل بيت عليهم السلام سان محبت رکندڙ بيبي عليها السلام جي زيارت لاءِ ايندا آهن. ان کان علاوه بيبي جي بابرڪت وجود جي ڪري حوزه علميه قم وجود ۾ آيو جيڪو سموري جهان لاءِ هدايت جو رستو بڻيل آهي.

تهران کان بيبي جي زيارت لاءِ پنڌ آيل جوان جو واقعو

ڪامران اعتصامي نالي هڪ جوان تهران ۾ بيمار ٿي پيو. گھڻي علاج کان پوءِ جڏهن ڊاڪٽرن کان نا اميد ٿي چڪو ۽ پنهنجي بيماري مان به گھڻو تنگ ٿيو ته ان حضرت معصومه عليها السلام سان توسل ڪيو ۽ بيبي عليها السلام جي بارگاه ۾ نذر ڪئي ته اگر خداوند عالم بيبي عليها السلام جي صدقي هن کي شفاءِ ڪامله عطا ڪئي ته هو تهران کان پنڌ اچي ڪري بيبي عليها السلام جي چانئٺ چمندو. خداوند عالم جلد ئي بيبي عليها السلام جي صدقي هن جوان کي شفا بخشي ته هن جوان به پنهنجي نذر تي عمل ڪندي تهران کان قم تائين پنڌ اچي ڪري بيبي عليها السلام جي زيارت ڪئي. (9)

حضرت معصومه سڀني شيعن جي شفاعت ڪندي

چوٽي جي خطيب محدث قمي  منبر تي تقرير ڪندي ٻڌايو ته مون خواب ۾ مرحوم آية الله ميرزاي قمي  کي ڏٺو ۽ کانئس سوال ڪيو ته اها ڳاله واقعي سچي آهي ته قم جي سڀني مومنن ۽ مومنياڻين جي شفاعت حضرت معصومه عليها السلام ڪندي؟ مان ڏٺو ميرزا  مون ڏي متوجه ٿيو ۽ ڪاوڙ واري لهجي ۾ پڇيائين ته تو ڇا چيو؟ مون پنهنجو سوال ورجايو. ان کان پوءِ مرزا  وري ان ساڳئي انداز ۾ چيو ته ڇا پڇئي ته مون سوال کي ٽئين دفعي تڪرار ڪيو ۽ چيم ته واقعي حضرت معصومه عليها السلام سڀني اهل قم جي شفاعت ڪندي؟ ميرزا  چيو: اي شيخ! تو هي ڪهڙو سوال ڪيو آهي؟ قم جي سڀني ماڻهن جي شفاعت جي ذميواري مون تي آهي. حضرت معصومه عليها السلام ته تمام جهان جي شيعن جي شفاعت ڪندي. (10)

نصراني مرد کي شفا ۽ بيبي عليها السلام جي ڪرامت

مرحوم محدث نوري  نقل ٿو ڪري ته بغداد ۾ يعقوب نالي هڪ نصراني شخص کي استسقاءَ (اڃ پوري نه ٿيڻ جي) جي بيماري لڳي وئي. گھڻوئي علاج ڪرايائين پر ڪو فائدو نه پيس، نا اميد ٿي ويو ۽ ايترو ته ڪمزور ٿي ويو جو هلڻ جي سگھ به وڃائي ويٺو ۽ بار بار خدا کان مرڻ جي دعا گھرندو رهيو، ايستائين جو سال 1280 هجري ۾ خواب ڏٺائين ته هڪ جليل القدر ۽ نوراني چهري وارو سيد سندس ڀر سان اچي بيٺو ۽ کيس چيائين ته اگر شفا چاهين ٿو ته ڪاظمين جي زيارت لاءِ وڃ، ننڊ مان اٿيو ۽ خواب واري ڳالهه پنهنجي ماءُ کي ٻڌايائين ڇو ته ان جي ماءُ مسيحي هئي، هن کيس چيو اهو شيطاني خواب آهي. اهو خواب ٻه چڪر وري تڪرار ٿيو. ٽئين دفعي ڏٺائين ته هڪ بيبي آهي جيڪا چوي پئي ته اٿي صبح سوير وڃي منهنجي بابا جي زيارت ڪر ته توکي شفا ملندي. هن کانئس پڇيو ته توهان جو بابا ڪير آهي؟ ته بيبي عليها السلام کيس فرمايو: موسى بن جعفر  عليه السلام هن پڇيو توهان ڪير آهيو؟ ته بيبي عليها السلام فرمايو ته مان امام رضا عليه السلام جي ڀيڻ فاطمه معصومه آهيان.

اهو شخص چئي ٿو مان صبح جو اٿيس ۽ سوچڻ لڳس ته آخر ڪنهن سان ملاقات ڪريان ته منهنجي ذهن ۾ آيو ته سيد راضي بغدادي سان ملجي، جڏهن مان سائين جي گھر جي در تي پهتس ۽ مون سڏ ڪيو ته سائين پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي چيو ته ڌيءَ در کول هڪ مسيحي مسلمان ٿيڻ آيو آهي. جڏهن مون اها ڳالهه ٻڌي ته مون هن عالم کان سوال ڪيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان مسلمان ٿيڻ آيو آهيان، ته هن عالم چيو مونکي خواب ۾ تنهنجي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي. ان کان پوءِ  سيد راضي مون کي پاڻ سان گڏ ڪاظمين شيخ عبدالحسين تهراني وٽ وٺي ويو اسان هن کي سڄي قصي کان آگاه ڪيو ته هن عالم دين پنهنجي ماڻهن کي چيو ته هن کي امام موسى ڪاظم عليه السلام جي حرم ۾ وٺي وڃو. هنن مونکي حرم جو طواف ڪرايو پر مان ٺيڪ نه ٿيس ۽ ٻاهر صحن ۾ آيس ۽ مونکي اڃ لڳي ته مان اتان پاڻي پيتو ۽ مان زمين تي ڪري پيس ائين محسوس پي ٿيو ڄڻ منهنجي مٿان ڪو جبل جيترو وزن رکيو هو ۽ هاڻي ان کي منهنجي مٿان هٽايو ويو هجي اتي جو اتي منهنجو جسم جيڪو بيماري جي ڪري سڄي ويو هو سو صحيح ٿي ويو ان کان پوءِ ان مرض جي نشاني به منهنجي جسم تي باقي نه رهي ۽ ان کان پوءِ مان شيخ بزرگوار  عبد الحسين وٽ وڃي اسلام قبول ڪيو. (11)

حوالا

(1) بحار الانوار،ج60ص216

(2) بحار ج 60، ص228

(3) انوا المشعشِعين ج1، ص112

(4) محمد محمدي اشتهاردي فاطمة معصومة فاطمة ص 140، نشر اخلاق قم 1380

(5) رسول جعفريان حيات سياسي و فڪري امامان شيعه، ص، 376

(6) بحارالانوار 48، ص،290

(7) مستدرڪ الوسائل، ج10، ص 210

(8) بحارالانوار ج،57،ص،228

(9) بشارت المومن ص 53

(10) مردان علم در ميدان عمل، ج 3، ص،36

(11) دارالسلام ج2، ص169

Leave your comments

0
terms and condition.

People in this conversation