جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

امامت اهل سنت ۽ تشيع جي نظر ۾

تحرير: محسن علي محسني 

مهاڳ:                    

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ مسئلو امت جي اڳواڻي جو مسئلو هو. انهيءَ مسئلي جي ڪري مسلمانن ۾ اختلاف شروع ٿي ويا. انهيءِ عهدي جي حقيقت کان ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري يا ڄاڻ هوندي به انهيءَ منصب ۽ مقام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ عهدي کي پنهنجي حق سمجهڻ وارن جي حقدارن سان ڇڪتاڻ شروع ٿي. اهو اختلاف جو ٻج جيڪو مديني جي هڪ ماڳ تي ڇٽيو ويو انهيءَ فصل کي پوري امت اڄ تائين لڻندي ٿي اچي.

هن موضوع جي اهميت جي ڪري انهيءَ کي لکيو پيو وڃي ته جئين اسان هن موضوع جي حقيقت تي چڱي نموني سوچ ويچار ڪري سگهون.

امامت جي لفظي معنا

امام عربي ٻولي ۾ اڳواڻ کي چوندا آهن جڏهن ته امامت اڳواڻي جو نالو آهي.(1)

اصطلاحي معنا

اهل سنت ۽ شيعن، امامت جي هڪڙي ئي اصطلاحي معنا بيان ڪئي آهي. اسان هڪ سني ۽ هڪ شيعه عالم طرفان امامت لاءِ بيان ڪيل معنا کي ذڪر ڪنداسين:

تفتازاني جيڪو اهل سنت جو علم ڪلام ۾ برک عالم آهي، امامت جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:

 هي رياسه عامه في امر الدين والدنيا خلافه عن النبي (2)

امامت، نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشيني ۽ خلافت طور دين ۽ دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ سڀني تي حڪومت ۽ اڳواڻي آهي.

نائين صدي هجري جو شيعه برک عالم فاضل مقداد حلي امامت بابت هي بيان لکيو آهي:

هي رياسه عامه في الدين والدنيا لشخص انساني خلافه عن النبي (3)

امامت ڪنهن شخص لاءِ نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشيني ۽ خلافت طور دين ۽ دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ اڳواڻي آهي.

جيتوڻيڪ ٻنهي مذهبن جي عالمن جي ظاهري تعريف ۾ ڪنهن قسم جو ڪو فرق نظر نٿو اچي پر جڏهن امام جي اختيارن ۽ ذميوارين جي ڳالھ اچي ٿي ته شيعن ۽ اهل سنت ۾ اختلاف نظر اچي ٿو.

اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته جيڪو به ڪنهن جي جاءِ سنڀاليندو آهي ۽ خليفو ٿيندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته جنهن جي جاءِ تي اچي ٿو انهيءَ ماڻهو واريون خوبيون ۽ صفتون ان ۾ هجن.

مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ڪو انسان نبي جي جاءِ تي اچي ٿو ته ان لاءِ ضروري آهي ته نبوت ۽ وحي کانسواءِ (ڇو ته انسان جو نبي سڀني کان آخري نبي آهي جنهن کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو) نبي واريون ٻيون سڀ خاصيتون رکندو هجي. جڏهن اسان رسول اڪرم جي عهدن ڏانهن ڏسون ٿا ته ٽي اهم عهدا ۽ اختيارات پاڻ ڪريم جي هٿ ۾ هئا.

1. نبي خدا جي حڪمن کي بيان ڪندا هئا.

2. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم قرآن ۾ ذڪر نه ٿيل شين بابت سوالن جو جواب ڏيندا هئا.

3. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ماڻهن مٿان حڪومت ڪندا هئا ۽ سندن دين ۽ دنيا ۾ رهنمائي ڪندا هئا.

شيعن جو چوڻ آهي ته جيڪو به انسان نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي جاءِ تي اچي ان لاءِ ضروري آهي ته انهنن ٽنهي عهدن جي صلاحيت رکندو هجي(4) جڏهن ته اهل سنت نبي جي جانشين لاءِ رڳو هڪ عهدو لازمي قرار ڏين ٿا جيڪو امت جي اڳواڻي ۽ حڪومت آهي.

امامت جي بحث ۾ ڪجھ بنيادي سوال آهن جن جو جواب هن مقالي ۾ ڏيڻ جي ڪاوش ڪئي وئي آهي.

1.امامت اصول دين مان آهي يا فروع دين مان؟

2. امام جو هميشه هجڻ ضروري آهي يا ڪڏهن ڪڏهن؟

3. امامت جي گهرج ئي ڇا جي ڪري آهي ۽ ان جو راز ڪهڙو آهي؟

4. امام کي ڪئين هجڻ گهرجي مطلب ته امام جون صفتون ۽ شرطون ڪهڙيون آهن؟(5)

هاڻي هلون ٿا انهن سوالن جي جواب ڏانهن. پر اهل سنت ۽ شيعن وٽ انهن سوالن جا جواب مختلف آهن اسان نهايت اختصار سان انهن جو ذڪر ڪنداسين.

پهرين سوال بابت اهل سنت جو چوڻ آهي ته امامت فروع دين منجهان آهي.(6) جڏهن ته شيعن جو نظريو آهي ته امامت اصول  دين منجهان آهي دين ۽ شريعت جي بقا، امام جي وجود سان آهي؛ ڇو جو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي:

من مات و لم ييعرف امام زمانه مات ميتت جاهليه

 جيڪو به مري وڃي ان حال ۾ جو پنهنجي وقت جي امام کي نه سڃاڻيندو هجي اهو جاهليت جو موت مئو. هن حديث کي شيعه ۽ سني برک عالمن ۽ محدثن نقل ڪيو آهي. ان حديث مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته امامت اصول دين منجهان آهي.(7)

ان جو راز هي آهي ته امامت کي سڃاڻڻ ۽ امام جي ڏسل واٽ تي هلڻ سان ئي انساني معاشرو ڇوٽڪارو ماڻي سگهي ٿو. جڏهن ته امام جي سڃاڻپ ۽ سندن چوڻ تي نه هلڻ کانسواءِ انسان فردي ۽ اجتماعي زندگي ۾ گمراهي جي ور چڙهي حق ۽ حقيقت کان پري ٿي ويندو.

امام جي گهرج

خارجين جو هڪ فرقو آهي، انهن جو چوڻ آهي ته امامت کي نه عقل ضروري سمجهي ٿو ۽ نه ئي شريعت ان کي لازمي قرار ڏنو آهي.

اصم، اهل سنت جي هڪ اعتقادي فرقي معتزله جو مجتهد ۽ مفسر آهي، لکي ٿو ته فتني ۽ اختلاف جي صورت ۾ امام جو هجڻ لازمي آهي جڏهن ته انصاف ۽ عدل جي زماني ۾ امام جو هجڻ ضروري نه آهي.

ڪجھ خارجي ۽ قوطي جيڪو هڪ معتزلي عالم آهي، جو نظريو آهي ته فتني ۽ اختلاف جي صورت ۾ امام جو هجڻ ضروري نه آهي پر عدل ۽ انصاف جي دور ۾ امام جو هجڻ لازمي آهي.

البته اڪثر مسلمانن وٽ امام جو هجڻ ضروري ۽ واجب آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته جن وٽ امام جو هجڻ لازمي آهي انهن جا وري ٻه ٽولا آهن.

1.اڪثر اهل سنت ڀلي اهي اشعري هجن يا معتزلي (اشعري ۽ معتزله اهل سنت جا ٻه اعتقادي  فرقه آهن) انهن جو چوڻ آهي ته امام جو لازمي هجڻ شريعت جي حڪم ڪري آهي. ٻين لفظن ائين کڻي چئجي ته اهو هڪ شرعي حڪم آهي.

2. سڀ شيعه ۽ ڪجھ معتزله جو چوڻ آهي ته عقل جو فيصلو آهي ته امام جو هجڻ لازمي آهي. جيتوڻيڪ شريعت پڻ ان عقلي فيصلي جي تائيد ڪئي آهي. البته ان نظرئي وارن ۾ وري ان ڳالھ ۾ اختلاف آهي ته امام کي چونڊڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ابوالحسين بلخي، جاحظ، ڪعبي ۽ بغدادي جيڪي معتزلي عالم آهن، چون ٿا ته ماڻهن جي مٿان واجب آهي ته پنهنجي امام کي چونڊين.

شيعه اثناعشري ۽ اسماعليه جو چوڻ آهي ته امام کي معين ڪرڻ الله سائين جي ذميواري آهي (8) الله سائين جي مٿان لازمي آهي مطلب ته خود خدا جي ذات جي ڪمالات جي گُهر اها آهي ته ماڻهن لاءِ امام کي معين ڪري جيڪو انهن جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي. ان مان اها مقصد هرگز نه آهي ته نعوذبالله الله سائين ان ڪم ۾ مجبور هجي. بلڪه امام بڻائڻ الله سائين جي هادي معين ڪرڻ جو هڪ نمونو آهي ۽ اها ڳالھ ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هدايت جي ذميواري الله سائين پاڻ تي رکي آهي.

امامت جي واجب هجڻ جو راز

جن به امامت کي لازمي قرار ڏنو آهي انهن عام طور تي عقلي دليل ئي ذڪر ڪيو آهي. البته خياط، جاحظ، ابوالحسين معتزلي وغيره جو چوڻ آهي ته پاڻ کي هاڃي ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ امام جو هجڻ لازمي آهي.(9)

پر شيعن جو نظريو آهي ته امام جي لازمي هجڻ جو راز، الله سائين جو فضل ۽ احسان آهي. جنهن کي علم ڪلام جي اصطلاح ۾ قاعده لطف چئبو آهي. ان جو مطلب هي آهي ته جيڪا به شي انسان کي جنت جي ويجهو ڪري ۽ دوزخ کان پري ڪري يا نيڪين جي ويجهو ڪري ۽ بڇڙاين کان بچائي، الله سائين لاءِ لازمي آهي ته اهي بيان ڪري. ۽ هر اهڙي شي خدا جي حڪمت جي ڪري خدا طرفان ضروري آهي(10) ۽ پاڪ پالڻهار ان لاءِ امامت کي قرار ڏنو آهي. 

امام جون صفتون ۽ شرط

اهل سنت جو امام جي شرطن ۽ صفتن بابت نظريو

ابن خلدون، امام لاءِ هيٺيون شرطون بيان ڪيون آهن:

1.مڪلف هجي (شرعي حڪم ان مٿان لاڳو ٿي چڪا هجن)

2.آزاد هجي ڪنهن انسان جو عبد ۽ غلام نه هجي.

3.مرد هجي (عورت امام نٿي ٿي سگهي جهڙي ريت نبي به نٿي ٿي سگهي).

4.جنگ جي مسئلن کان آگاھ هجي.

5.عالم هجي.

6.مجتهد هجي

7.قريش منجهام هجي.(111)

سيف الدين آمدي چئي ٿو: امام جو علم هڪڙي جج جيترو هجي تڏهن به ڪافي آهي مطلب ته هو مجتهد هجڻ جي شرط جو قائل نه آهي. ان جي نظر ۾ امام جو گناهن کان پاڪ هجڻ يا  علم غيب رکڻ به ضروري نه آهي.(12)

عضد الله ايجي امام لاءِ بهادر هجڻ جي شرط جو به واڌارو ڪيو آهي.(13)

اهل سنت جي برک عالمن امام بابت جيڪي شرط بيان ڪيا آهن، انهن ۾ هيڪڙئي نٿي پاتي وڃي بلڪه امامت بابت انهن طرفان بيان ٿيل شرطن وڏو فرق ۽ اختلاف پاتو ٿو وڃي. تنهن کان سواءِ انهن شرطن ۾ ڪجھ اهڙا به شرط پاتا وڃن ٿا جيڪي هر انهيءَ انسان لاءِ لازمي آهن جنهن مٿان الله تعالى جا حڪم لاڳو ٿين. يا وري اهي شرط هڪڙي قاضي، مجتهد يا حاڪم جا آهن، امام لاءِ ته ڪا به خاص شرط نه ٿئي جيڪو دين ۽ دنيا جي ڪمن ۾ الله تعالى جي طرفان اڳواڻ هجي. ٻيو ته انهن جي نظر ۾ امام گناھ به ڪري سگهي ٿو. اسان جو عرض هي آهي ته جيڪو پاڻ گناهن کان بچيل نه هجي اهو امت کي ڪهڙي نموني ڇوٽڪارو ڏيندو ۽ امت جي ڪهڙي نموني اڳواڻي ڪندو.

شيعه اماميه وٽ امام جون صفتون

شيعن امام جي لاءِ ٻه اهم صفتون بيان ڪيون آهن جيڪي ٻئي به مذهب جي عالمن جي بيانن ۾ نظر نٿيون اچن ۽ اهو ئي شيعه مذهب جو امتياز آهي.

1.عصمت: امام جي لاءِ ضروري آهي ته هو معصوم هجي يعني ظاهري ۽ لڪيل گناهن کان پاڪ هجي. سندن چوڻ آهي ته امام هوندو ئي اطاعت ڪرن لاءِ آهي. امام جي اطاعت واجب هوندي آهي. (14) هاڻ هو پاڻ ئي جيڪڏهن گناھ ڪري ته ٻين جي ڪهڙي هدايت ڪندو. اهڙي امام بڻائڻ جو ڪو جواز ۽ مقصد نٿو رهي.

2.امام جي لاءِ ضروري آهي ته ڪمالات، فضيلتن ۽ خوبين ۾ پنهنجي زماني جي سڀني ماڻهن کان افضل هجي. بلڪه وحي کانسواءِ نبي جي سڀني صفتن جو به مالڪ هجي. (15)

امام جي معين ٿيڻ جو طريقي ڪار

الف) بيعت

اهل سنت جو چوڻ آهي ته بيعت وسيلي امام بڻبو آهي. فخرالدين رازي ان باري م چئي ٿو: اسان جا عالم ۽ معتزلي چون ٿا ته امامت حاصل ٿصڻ جو طريقو بيعت آهي.(16)

ب) الله طرفان مقرري

جئين ته امام جي صفتن ۾ بيان ٿيو ته شيعن جي نظر ۾ امام جو گناهن کان پاڪ ۽ ٻين کان افضل هجڻ لازمي آهي. هاڻ اسان مان ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪير گناهن کان پاڪ آهي؛ ڇا ڪاڻ ته گناهن کان پاڪ هجڻ هڪ لڪيل شي آهي جنهن کي خدا کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي سگهي. اهڙي ريت سڀني کان وڌيڪ فضيلت رکڻ به هڪ اونهي ڳالھ آهي جنهن کي به رڳو خدا ئي ڄاڻي سگهي ٿو. تنهنڪري امام کي صرف خدا ئي معين ڪري سگهي ٿو.

آخر ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت جي روشني جي ۾ امامت جي اهميت ڏاهن اشارو ڪرڻ بهتر ٿو ڄاڻيان. پاڻ ڪرين جهڙي نموني هڪ ڪامل شريعت پهچائي جنهن ۾ ننڊڙي کان ننڊڙي مسئلا به نهايت تفصيل سان ٻيان ٿيل آهن، هان ڪئين ٿي سگهي ٿو ته جيڪو نبي هڪ معمولي کان معمولي مسئلي بابت ايتري گهري نظر کرندو هجي اهو امامت ۽ امت جي اڳواڻي جهڙي مسئلي کي بغير بيان جي ڇڏي ڏئي. پاڻ ڪريم ته جيڪڏهن ٻن يا چئن ڏينهن لاءِ به مديني کان باهر نڪرندا هئا ته ڪنهن کي خليفو مقرر ڪري ويندا هئا.(17)

شيعن به پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت جي روشني ۾ اهو نظريو اختيار ڪيو آهي ته امام کي الله ئي بنائيندو البته انهن جو تعارف رسول الله ڪرائيندو ۽ ڪيترين ئي آيتن ۽ حديثن مان واضح طور تي پروڙ پئي ٿي الله سائين ۽ سندس پاڪ رسول، اهل بيت منجهان ٻارنهن فردن کي امام طور چونڊيو آهي. جن مان هينئر آخري غيبت ۾ آهي جنهن کي پوري ڪائنات کي انتظار آهي جيڪو ظهور ڪرڻ کان پوءِ رب جي ڌرتي کي ائين عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جئين هو ظلم سان ڀرجي وئي آهي. ڌڻي در دعا آهي ته پنهنجي آخري حجت جي ظهور ۾ تعجيل فرمائي ۽ اسان کي سندس سچو ساٿي بنائي. آمين!

_____________________________

حوالا

  • المنجد، اردو ترجمو، ص62
  • شرح مقاصد، تفتازاني، ص469
  • اللوامع الالهيه، فاضل مقداد، 219
  • مجموعه آثار، شهيد مطهري، ج4، ص843
  • اللوامع الالهيه، ص220
  • ڪتاب الارشاد، امام الحرمين جويني، ص345
  • گوهر مراد، عبدالرزاق لاهيجي، ص467
  • شرح المقاصد، ص471
  • ڪتاب الاربعين، فخر الدين رازي، ص414
  • المسڪ في اصول الدين، محقق حلي، ص188
  • الفڪر الاسلامي عند ابن خلدون، احمد الوزيد، ص129
  • (غايه المرام في علم الڪلام، سيف الدين آمدي، ص350
  • الموافق في علم الڪلام، عضدالله ايجي، ص398
  • مجموعه آثار، ج4، ص825
  • اللوامع الالهيه، ص323
  • ڪتاب الاربعين، فخر رازي، ص426
  • اللوامع الالهيه، ص323

 

 

Leave your comments

0
terms and condition.

People in this conversation