خميس, 15 نومبر 2018 - Thu 11 15 2018

Menu

اهلبيت اطهار عليهم السلام نهج البلاغه جي آئيني ۾

تحرير: نظير احمد بهشتي 

مهاڳ:

اهلبيت اطهار عليهم السلام (1) الله تعالى جي جلال ۽ جمال جا مظهر ۽ دين اسلام جي حقيقي تصوير آهن. اهي بدن ۽ روح  جي پاڪ ۽ صاف هجڻ، حقيقت کي تسليم ڪرڻ، دنيا کان بي رغبت ۽ زاهد هجڻ، شجاعت ۽ بهادري ۾ بيمثال شخصيتون آهن. اسان جا امام عليهم السلام سڀني انساني فضيلتن کي پنهنجي اندر گڏ ڪري عدالت ۽ انسانيت جا مجسما بڻيا آهن. ان ڪري ئي هر مذهب جا پاڪ فطرت ۽ آزاد انسان انهن سان محبت ڪن ٿا.

اهل بيت عليهم السلام جي شاندار خصوصيتن منجهان هڪ اها آهي ته نه فقط سندن پيروڪارن بلڪه ٻين فرقن جي پوئلڳن ۽ ٻين مذهبن جي مفڪرن به سندن واکاڻ ڪئي آهي.

اهل سنت جي گهڻن عالمن سان گڏ، صحيح ۽ سالم فطرت ۽ روح جي مالڪ غير مسلمن به اهل بيت عليهم السلام جي تعريف ۾ بهترين عبارتون چيون آهن ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن. (2)

علامه محمد تقي جعفري قدس سره انهي باري ۾ لکي ٿو: اسلام ۾ نبوت جي مسئلي کان پوءِ جيڪو مسئلو مسلمانن جي اڪثر فرقن ۽ ٽولن ۾ بيان ٿيو آهي اهل بيت عليهم السلام جو مسئلو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن کي به شڪ نه آهي ته عصمت ۽ طهارت وارو خاندان هر گناهه، نفساني خواهش ۽ پليدي کان دور رهيو آهي ۽ فضل، فضيلت، پرهيزگاري ۽ الله جي قرب حاصل ڪرڻ ۾ بيمثال مقام جو مالڪ رهيو آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڪلام، تاريخ، ادب، فقهه ۽ معاشرتي علم جو محقق _خود ائمه معصومين عليهم السلام جي زماني ۾ ۽ بعد وارن زمانن ۾ _ انهن جي معرفت تي اعتراض واري نه سگهيو آهي. اهو نظر نه ٿو اچي ته ڪنهن به امام عليه السلام سوال جي جواب ڏيڻ کان عاجزي جو اظهار ڪيو هجي. جڏهن ته اسان ڏسون ٿا ته بني اميه ۽ بني عباس جي دور ۾ ڪجهه حڪومتي سربراهن ۽ ڪارڪنن ائمه معصومين عليهم السلام ۾ ڪو ضعيف نڪتو ڳولهڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون آهن. (3)

اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام اهلبيت جي علمي ۽ معنوي مقام متعلق گهڻي بحث ڪئي آهي. جنهن جو ڪجهه حصو نهج البلاغه ۾ آيو آهي، جنهن کي شهيد مطهري جي مختصر وضاحت سان نقل ڪريون ٿا.

هتي جيڪي مسئلا ذڪر ڪيا ويندا انهن جي تفصيل هن ريت آهي.

(1) اهل بيت اطهار عليهم السلام جو رتبو معمول کان مٿانهون ۽ اعلى آهي ۽ انهن جي معرفت انسان کان مٿانهين ۽ برتر مرڪز کان ڦٽي ٿي، تنهن ڪري انهن جي ٻين انسانن سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي.

(2) اهل بيت اطهار عليهم السلام ۽ انهن مان به خاص طور حضرت علي عليه السلام خلافت لاءِ سڀني کان وڌيڪ مناسب ۽ حقدار هئا، وصيت جي اعتبار سان به، فضيلت جي اعتبار سان به، قرابت ۽ مائٽ هجڻ جي ڪري به.

(3) حضرت علي عليه السلام جو پنهنجي مسلم حق کان اکيون ٻوٽڻ ۽ ان ڏانهن توجهه نه ڪرڻ جو فلسفو ڇا آهي، ۽ ان جون حدون جن کان نه مولا تجاوز ڪيو آهي ۽ نه وري انهن ۾ رهي تنقيد ۽ اعتراض ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي.

مهم تذڪر 

ان کان پهريا جو مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي مسئلن تي تحقيق ڪريون، اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته اهل بيت اطهار عليهم السلام الله جا چونڊيل ٻانها آهن، جيڪي پنهنجي معنوي ۽ روحاني قابليت جي بنياد تي عصمت ۽ يقين جي مقام تي پهتا آهن ۽ الله جو لطف ۽ ڪرم انهن جي شامل حال ٿيو آهي. حقيقت ۾ انهن وٽ جيڪو ڪجهه آهي انهن جي پنهنجي طرفان نه بلڪه خدا جي طرفان آهي.

حضرت علي عليه السلام سڀني کي اهل بيت اطهار عليهم السلام جي باري ۾ افراط ۽ تفريط (سندن مقام بيان ڪرڻ ۾گهٽاءُ ۽ وڌاءُ) کان پرهيز ڪرڻ جي تاڪيد ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا:

وسيهلک فيّ صنفان: محبّ مفرط يذهب به الحبُّ الى غير الحقّ و مبغض مفرط يذهب به البغضُ الى غير الحقّ، و خير الناس فيّ حالا النّمط الاوسطُ فَاَلزموه، السّواد الاعظَمَ فَاِنَّ يَدَاللهِ مَعَ الجَمَاعَةِ، (4) منهنجي باري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو جلد تباهه ۽ برباد ٿيندا. هڪڙا حد کان وڌ چاهڻ وارا جن کي محبت جي ڪثرت غلط راهه تي آڻيندي ۽ ٻيا منهنجي مرتبي ۾ گهٽتائي آڻي مون سان عداوت رکڻ وارا، ان ڪري جو مون سان عداوت ڪرڻ انهن کي حق کان ڀٽڪائي گمراهه ڪري ڇڏيندي. منهنجي متعلق  وچولو رستو اختيار ڪرڻ وارا ئي سڀني کان بهتر حالت ۾ هوندا. توهان انهن جي راهه تي مضبوطي سان قائم رهو ۽ انهي وڏي ٽولي سان ملي وڃو، ان ڪري جو الله تعالى جو هٿ اتفاق ۽ اتحاد ڪرڻ وارن تي آهي.

اهلبيت اطهار عليهم السلام جو علمي ۽ معنوي مقام

حضرت علي عليه السلام پهرين مسئلي يعني اهل بيت اطهار عليهم السلام جي علمي ۽ معنوي مقام متعلق هن طرح فرمائن ٿا:

هم موضع سره، وَ لَجَاَ اَمرِه، و عيبة علمه، وموئل حکمه، و کهوف کتبه، و جبال دينه، بهم اقام انحناءَ ظهره و اذهب ارتعاد فرائضه...لا يقاس بِآلِ محمد صلّى الله عليه وآله من هذه الامة احد و لا يسوّى بهم من جرت نعمتهم عليه ابدا، هم اساس الدين، و عماد اليقين، اليهم يفيءُ الغالي، و بهم يلحق التّالي، ولهم خصائص حق الولاية، وفيهم الوصية والوراثة، الآن اذ رجع الحقّ الى اهله ونقل الى منتقله، (5) اهي الله جي رازن جا امانتدار ۽ ان جي دين جي پناهه واري جاءِ آهن. خدائي علم جا خزانا ۽ حڪمت جا آستانا آهن. (آسماني) ڪتابن جون راهون ۽ رستا ۽ دين جا پهاڙ آهن. انهن جي ئي طفيل، الله تعالى دين جي (چيلهه) پشت جو ور سڌو ڪيو ۽ ان جي پاسن کان ضعف واري ڏڪڻي دور ڪئي... هن امت مان ڪنهن کي به آل محمد عليهم السلام سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، جن ماڻهن تي هميشه آل محمد عليهم السلام جا احسان جاري رهيا هجن، سي انهن جي برابر نه ٿا ٿي سگهن، اهي (اهلبيت) دين مبين جو بنياد ۽ يقين جا ٿنڀا آهن. (ياد رکو) اڳتي وڌي وڃڻ وارن کي انهن ڏانهن واپس اچڻو آهي ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن کي اڳتي هلي انهن سان ملڻو آهي. سرپرستي جي مرتبي واريون خصوصيتون انهن لاءِ ئي آهن ۽ انهن جي حق ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي وصيت آهي اهي نبي جا وارث آهن. هاڻي اهو وقت آهي، جو حق پنهنجي اهل جي طرف موٽي آيو ۽ پنهنجي صحيح جڳهه تي منتقل ٿي ويو.

انهن جملن ۾ اسان کي جيڪا ڳالهه نظر اچي ٿي اها اهلبيت عليهم السلام جو اهڙي مٿانهين معنوي درجي تي فائز هجڻ آهي جنهن جو مثا ل ڏيڻ گهرجي، اهڙو درجو جنهن ۾ ڪو به انسان انهن هستين سان مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، جهڙي ريت مقام نبوت ۾ ڪنهن ماڻهو جي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان ڀيٽ ڪرڻ صحيح نه آهي، اهڙي ريت امامت ۽ خلافت ۾ به حقدار جي هوندي ان سان ٻين جي ڀيٽ ڪرڻ اجائي ۽ فضول آهي.

نحن شجرة النبوة و محط الرسالة، ومختلف الملائکة، ومعادن العلم، وينابيع الحکم. (6)

اسين نبوت جو شجرو، رسالت جي منزل، ملائڪن جي نازل ٿيڻ جي جاءِ، علم جي کاڻ ۽ حڪمت جا سرچشما آهيون.

اين الذين زعموا انهم الرّاسخون في العلم دوننا،  کّذبا و بغيا علينا ان رفعنا الله و وضعهم، واعطانا و حرمهم و ادخلنا و اخرجهم، بنا يستعطي الهدى، ويستجلى العمى، انّ الاَئِمّه من قريش غرسوا في هذا البطن من هاشم لا تصلح على سواهم، ولا تصلح الولاة من غيرهم. (7)

ڪٿي آهن اهي ماڻهو، جيڪي ڪوڙ ڳالهائيندي، اسان تي ستم روا رکندي، اها دعوى ڪن ٿا ته اُهي راسخون في العلم آهن اسين نه آهيون. جڏهن ته الله تعالى اسان کي بلند ڪيو آهي ۽ انهن کي ڪيرايو آهي، اسان کي امامت عطا ڪئي آهي، ۽ انهن کي محروم رکيو آهي. اسان کي علم جي منزل ۾ داخل ڪيو آهي انهن کي پري ڪيو آهي. اسان کان ئي هدايت جي طلب ۽ گمراهي جي اونداهين کي ڇاڻڻ ۽ ڇنڊڻ جي خواهش ڪري سگهجي ٿي. بيشڪ امام قريش مان ٿيندا. جيڪي ان قبيلي جي هڪ شاخ بني هاشم جي کيتي ۽ زراعت مان اڀرندا. نه امامت ڪنهن ٻئي کي زيب ڏئي ٿي ۽ نه انهن کان سواءِ ڪو انهن جو اهل ٿي سگهي ٿو.

نحن الشعار والاصحب، والخزنة والابواب، ولا توتي البيوت الا من ابوابها فمن اتاها من غير ابوابها سمّي سارقا (8)

اسين قريبي تعلق رکڻ وارا ۽ خزانچي ۽ دروازا آهيون ۽ گهرن ۾ دروازن کان ئي داخل ٿبو آهي ۽ جيڪو دروازن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي طرفان اچي تنهن کي چور سڏيو ويندو آهي. 

فيهم کرائم القران، وهم کنوزالرحمن، ان نطقوا صدقوا، وان صمتوا لم يسبقوا (9)

انهن (اهل بيت اطهار عليهم السلام) جي باري ۾ قرآن جون نفيس آيتون نازل ٿيون آهن. اهي الله تعالى جا خزانا آهن. جيڪڏهن ڳالهائن ٿا ته سچ ڳالهائن ٿا ۽ جيڪڏهن خاموش رهن ٿا ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي ڳالهائڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ جو حق نه آهي.

هم عيش العلم وموت الجهل، يخبرکم حلمهم عن علمهم ، وظاهرهم عن باطنهم، وصمتهم عن حکم منطقهم، لا يخالفون الحق ولايختلفون فيه  هم دعائم الاسلام و ولائج الاعتصام ، بهم عاد الحق الى نصابه، وانزاح الباطل عن مقامه وانقطع لسانه عن منبته، عقلوا الدين عقل وعايه ورعايه، لا عقل سماع و رعايه، فان رواه العلم کثيره و رعاته قليل (10)

اهي (اهل بيت عليهم السلام) علم جي لاءِ حيات جا سبب ۽ جهالت جي لاءِ موت جا ڪارڻ آهن، انهن جو حلم، سندن علم جو ۽ انهن جو ظاهر سندن باطن جو ۽ انهن جي خاموشي سندن ڪلام جي حڪمتن جي خبر ٻڌائي ٿي. اهي نه حق جي خلاف ورزي ڪن ٿا ۽ نه وري ان ۾ اختلاف پيدا ڪن ٿا. اهي اسلام جا ٿنڀا ۽ بچاءُ جا هنڌ آهن. هنن جي ئي سببان حق پنهنجي اصلي مقام تي موٽي آيو ۽ باطل پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو ۽ ان جي زبان پاڙئون پٽجي وئي. هنن دين کي سمجهي ان تي عمل ڪري ان کي سڃاتو. نه فقط نقل ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي سببان ان کي سمجهيو آهي ائين ته علم جا راوي گهڻا ئي آهن. مگر ان تي عمل ڪرڻ وارا ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ وارا گهٽ آهن.

نهج البلاغه جي مختصر حڪيمانه ڪلمن جي ضمن ۾ هڪ قصو بيان ٿيو آهي جنهن ۾ ڪميل بن زياد نخعي هن ريت چئي ٿو: اميرالمومنين علي عليه السلام (پنهنجي خلافت ۽ ڪوفي ۾ رهڻ واري زماني ۾) منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ اسان گڏجي شهر کان ٻاهر هڪ قبرستان ۾ ويا سين جيئن ئي صحرا جي هڪ سنسان جڳهه تي پهتاسين حضرت علي عليه السلام هڪ گهرو ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو پاڻ پنهنجي گفتگو جي مقدمي ۾ فرمايائون ته: اي ڪميل (بني آدم) انسانن جون دليون هڪ ٿانو جي مثل آهن ۽ سڀني کان ڀلو ٿانو اهو آهي جيڪو پنهنجي اندر رکيل شين جي سٺي حفاظت ڪري ان ڪري جيڪو آءُ چوان ٿو اهو ذهن نشين ڪر.

حضرت علي عليه السلام انهي گفتگو ۾ جيڪا ٿوري تفصيلي آهي _ حق جي پيروي جي لحاظ کان ماڻهن جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن ان سبب جي ڪري جو_ لائق انسانن کي نه ٿو ڏسي ته جيئن پنهنجا گهڻا راز_جيڪي سيني ۾ سانڍي رکيا هئائين انهن سان بيان ڪري مايوسي جو اظهار ٿو ڪري ليڪن آخر ۾ چئي ٿو: ائين نه آهي جو زمين مڪمل طور الله وارن کان خالي ٿي وڃي.

اللهم بلى لا تخلوا الارض من قائم لله نحجه، امّا ظاهرا مشهورا او خائفا مغمورا لئلّا تبطل حجج الله و بيّناته، وکم ذا؟ و اين اولائک؟ اولائک والله الاقلّون عددا والاعظمون عندالله قدرا، يحفظ الله بهم حججه وبيناته حتى يودعوها نظراءَهم و يزرعوها في قلوب اشباههم هجم بهم على حقيقته البصيرة، وباشرو روح اليقين، واستلانوا مااستعوره المترفون، و انسو بما استوحش منه الجاهلون، وصحبوا الدنيا بابدان ارواحها معلّقة باالمحلّ الاعلى، اولائک خلفاءُ الله في ارضه والدعاة الى دينه، آهِ آهِ شوقا الى رويتهم، (11)

ها! مگر زمين اهڙي ماڻهو کان خالي نه ٿي رهي، جيڪو خدا جي حجت کي برقرار رکي ٿو، پوءِ چاهي اهو ظاهر ۽ مشهور هجي يا ڊڄڻو ۽ پوشيدهه، ته جيئن الله تعالي جا نشان ۽ دليل مٽجي نه وڃن، ۽ اهي آهن ئي ڪيترا ۽ ڪٿي آهن؟ خدا جو قسم ! اهي ته ڳڻپ ۾ نهايت ٿورا هوندا آهن، ۽ الله تعالى جي نزديڪ قدر ۽ منزلت جي لحاظ کان نهايت بلند آهن. الله تعالى انهن جي ذريعي پنهنجي نشانين ۽ حجتن جي حفاظت ڪندو آهي، ايستائين جو اهي ان کي پاڻ جهڙن جي سپرد ڪري ڇڏين، ۽ پاڻ جهڙن جي دلين ۾ انهن کي پوکين. علم انهن کي هڪدم حقيقت ۽ بصيرت جي انڪشافات تائين پهچائي ڇڏيو آهي . هو يقين ۽ اعتماد جي روح سان ملي هڪ ٿي ويا آهن ۽ انهن ڳالهين کي، جن کي آرام پسند ماڻهن دشوار سمجهيو هو، تن کي پنهنجي لاءِ سهل ۽ آسان سمجهي ڇڏيو آهي، ۽ جن ڳالهين کان جاهل ڇرڪن ٿا، تن سان اهي دل لڳايو ويٺا آهن. هو اهڙن جسمن سان دنيا ۾ رهن ٿا، جن جا روح عالم بالا سان مليل جليل آهن. اهي ئي ماڻهو ته زمين تي الله تعالى جا نائب ۽ ان جي دين جي طرف دعوت ڏيڻ وارا آهن. هاءِ انهن جي ڏسڻ لاءِ منهن جي شوق جي ڪثرت.

ائمه عليهم السلام جي امامت ۽ رهبري

امامت جي مسئلي جا به نبوت جي مسئلي وانگر ٻه (رخ) پهلو آهن.

عام امامت ۽ رهبري

خاص امامت ۽ رهبري

عام امامت ۾ اسان جي ڪابه بحث ۽ گفتگو نه آهي، ان ڪري جو اهل سنت وارا به شيعن وانگر عام امامت ۽ رهبري کي قبول ڪن ٿا، ليڪن بحث خاص امامت ۾ آهي جنهن ۾ (شيعن  ۽ اهل سنت وارن ۾) اختلاف آهي، ۽ اختلاف جو بنيادي نقطو اهو آهي ته مسلمانن وٽ امام جي چونڊ جو ڪهڙو طريقو آهي ۽ امام ۾ ڪهڙا شرائط هجڻ گهرجن.

اهل سنت جو عقيدو آهي ته لازمي نه آهي ته امام ۽ رهبر کي الله معين ڪري بلڪه معيار ماڻهن جو نظريو ۽ سندن راءِ آهي، ان جي ابتڙ شيعن جو نظريو آهي ته اسلامي معاشري جي رهبر ۽ امام کي الله معين ڪيو آهي ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ذريعي ان کي ماڻهن وٽ متعارف ڪرايو آهي، ان ڪري بعد وارا امام عليهم السلام به انهي خدائي معيار مطابق چونڊيا وڃن.

ٻين لفظن ۾ شيعن ۽ اهل سنت حڪومت جي شرعي هجڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي يعني حاڪم ۽ رهبر ڪهڙي بنياد تي هجڻ گهرجي.

ان ڪري شيعا حڪومت جي جائز هجڻ جي بنياد کي خدائي ٿا ڄاڻن، يعني الله کان علاوهه ٻئي ڪنهن کي انسان تي مسلط ٿيڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي، ايستائين جو نبين ۽ امامن جي حڪومت به الله جي حڪم سان جائز ۽ شرعي بڻجي ٿي.

ليڪن اهل سنت جا حڪومت جي جائز ۽ شرعي هجڻ لاءِ چار 4 نظريا آهن.

(1) خدائي.

(2) ماڻهن جو ۽ انساني.

(3) استخلاف ۽ جانشين چونڊڻ.

(4) ڏاڍ ۽ زور (قهر ۽ غلبو).

حقيقت ۾ اهو سياسي نظريو، شروعاتي اسلام جي سياسي تاريخ ۽ خلفاءَ جي عمل جو نتيجو آهي، هن وضاحت سان ته حضرت عمر جي خلافت ۾ استخلاف ۽ جانشين بڻائڻ، ۽ معاوئي جي خلافت ۾ ڏاڍ ۽ زور کي جاري ڪيو ويو.

اهڙي طرح اهل تشيع جو عقيدو آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشين ۾ ٻن صفتن جو هجڻ ضروري آهي هڪ عصمت ۽ ٻيو خدائي علم، ته جيئن اهي ذميواريون ادا ڪري سگهي جيڪي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تي رکيل هيون، ليڪن اهل سنت وارا امام لاءِ انهن ٻن شرطن کي ضروري نه ٿا سمجهن.

سڀني کان وڌيڪ حقدار (اولى) ۽ مقدم هجڻ.

نهج البلاغه ۾ خلافت لاءِ ائمه معصومين عليهم السلام جي سڀ کان وڌيڪ حقدار (اولى) ۽ سڀني کان مقدم هجڻ لاءِ ٽن اصلن ۽ دليلن سان استدلال ٿيو آهي.

(1) رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي وصيت ۽ نص.

(2) امير المومنين علي عليه السلام جي قابليت ۽ اهو ته خلافت جو لباس فقط مولا عليه السلام جي جسم اطهر تي سٺو ٿو لڳي. 

(3) حضرت علي عليه السلام جا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان ويجها نسبي ۽ روحاني تعلقات.

(1) نص ۽ وصيت

ڪجهه ماڻهو اهو گمان ڪن ٿا ته نص واري مسئلي ڏانهن ڪنهن به قسم جو اشارو موجود نه آهي، بلڪه فقط قابليت ۽ لياقت واري مسئلي تي بحث ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ائين نه آهي؛ ڇو ته

اولا: نهج البلاغه جي ٻئي نمبر خطبي ۾ واضح طور اهل بيت عليهم السلام لاءِ آيو آهي ته:

و فيهم الوصية والوراثة،

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي وصيت ۽ وراثت اهل بيت عليهم السلام لاءِ آهي.

ثانيا: اهو ته، گهڻين جاين تي حضرت علي عليه السلام پنهنجي حق لاءِ اهڙي نموني گفتگو ڪئي آهي جنهن جي ڪا به تفسير ۽ توجيهه نه ٿي ڪري سگهجي سواءِ ان جي جو اسان ان ڳالهه جا قائل ٿيون ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ذريعي حضرت علي عليه السلام لاءِ خلافت جو حقدار هجڻ جي نص آئي آهي.

انهن جاين تي حضرت علي عليه السلام اهو نه ٿا بيان ڪن ته منهنجي اندر خلافت جون سڀ صفتون ۽ شرطون هوندي ٻين کي ڇاڪاڻ خليفو چونڊيائون، بلڪه اهو بيان ڪرڻ ٿا چاهن ته منهنجو يقيني ۽ مڃيل حق مون کان کسجي ويو آهي ۽ اهو واضح آهي ته حضرت علي عليه السلام قطعي حق جي ڳالهه ان وقت ڪري سگهي ٿو جڏهن پهريان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نص جي ذريعي کيس خليفو معين ڪيو هجي.

حقيقت ۾ قابل ۽ لائق هجڻ، خلافت جي حقدار هجڻ جي بالقوه صلاحيت کي وجود ۾ آڻي ٿو، نه بالفعل ڪنهن جي خليفي ٿي وڃڻ کي ۽ جيڪو حق بالقوه هجي ان لاءِ اهو چوڻ صحيح نه آهي ته مڃيل ۽ يقيني حق کسجي ويو.

هاڻ اهي جايون ذڪر ڪريون ٿا جتي حضرت علي عليه السلام خلافت کي پنهنجو حق ٿو ڄاڻي. (12)

انهن جاين منجهان هڪ نهج البلاغه جو خطبو نمبر 6 آهي جيڪو حضرت علي عليه السلام خلافت جي ابتدائي ڏينهن ۾ ان وقت ڏنو جنهن وقت طلحه ۽ زبير جي سرڪشي ۽ بغاوت کان آگاهه ٿيو ۽ انهن کي سڌارڻ جو پڪو پهه ڪيائين. حضرت علي عليه السلام انهن ڏينهن جي حالات تي بحث ڪرڻ کان پوءِ فرمايو:

فوالله مازلت مدفوعا عن حقّي، مستاثرا عَلَيَّ، منذ قبض الله نبيّه حتّى يوم النّاسِ هذا، (13)

خدا جو قسم، جڏهن کان الله تعالى پنهنجي رسول صلي الله عليه وآله وسلم کي دنيا مان کڻي ورتو! تڏهن کان اڄ تائين مسلسل مون کي پنهنجي (مسلم) مڃيل حق کان محروم ڪيو ويو آهي.

ڀري ڪچهري ۾ هڪ شخص حضرت علي عليه السلام کي چيو: اي ابوطالب (عليه السلام) جا پٽ! تون خلافت واري منصب لاءِ حريص آهين. حضرت علي عليه السلام جواب ڏنو:

بل انتم والله...ما يجيبني به (14)

خدا جو قسم! تون انهي تي مون کان وڌيڪ حريص آهين، ۽ هن منصب (جي اهليت) کان پري آهين، ۽ آءُ ان جو اهل ۽ (پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کي) گهڻو ويجهو آهيان. مون ته پنهنجو حق طلب ڪيو آهي ۽ تون منهنجي ۽ پنهنجي حق جي وچ ۾ اٽڪاءُ ٿي وڃين ٿو ۽ جڏهن به آءُ ان کي حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ته تون منهجو رخ موڙي ڇڏين ٿو. سو جيڪو پنهنجو حق گهري ٿو وڌيڪ حريص آهي يا جيڪو ٻين جي حق ۾ اکيون وجهي ٿو؟ (حضرت اهو مناظرو نقل ڪرڻ کان پوءِ فرمائي ٿو) مون انهي دليل سان سندس (ڪنن جي پردن) کي کڙڪايو، تڏهن سجاڳ ٿيو، ۽ اهڙي طرح وائڙو ٿي ويو، جو کيس ڪو به جواب ڏيڻ نه سجهو.

معلوم نه آهي ته اهو اعتراض ڪندڙ ڪير هئو ۽ ڪهڙي موقعي تي اهو اعتراض ڪيائين؟ ابن ابي الحديد چئي ٿو: اعتراض ڪرڻ وارو سعد وقاص هئو، اهو به شورى جي (موقعي ) ڏينهن، ليڪن پوءِ چئي ٿو: ليڪن شيعن جو عقيدو اهو آهي ته اعتراض ڪرڻ وارو ابو عبيدهه جراح هئو، سقيفي واري ڏينهن. (15)

انهن جملن جي پويان هيئن آيو آهي:

اللهم اني استعديک...امر هو لي. (16)

ترجمو: خدايا! آءُ قريش ۽ انهن جي مددگارن جي خلاف تو کان مدد گهران ٿو، ڇو ته انهن عزازت وارو تعلق ختم ڪري ۽ منهنجي مرتبي جي بلندي کي پست سمجهيو، ۽ (هن امر) خلافت تي جيڪا مهنجي لاءِ مخصوص هئي مون سان وڙهڻ لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ڪيائون.

ابن ابي الحديد انهن جملن کي نقل ڪرڻ کان پوءِ چئي ٿو علي عليه السلام کان مٿين جملن وانگر ڪجهه جملن جو نقل ٿيڻ حد تواتر تائين پهتو آهي، جيڪي ٻين جي شڪايت ۽ ان ڳالهه تي مشتمل آهن ته علي عليه السلام کان زوري انهن جو حق کسيو ويو ۽ اماميه (شيعن) ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي ۽ چيو اٿن: علي عليه السلام يقيني نص سان معين ٿيو آهي، ۽ ٻئي ڪنهن کي به ڪنهن به عنوان سان خلافت جي مسند تي ويهڻ جو حق حاصل نه هئو، ليڪن ان ڳالهه جي طرف نگاهه ڪندي_ ته اگر انهن جملن کي انهن جي ظاهر تي حمل ڪجي ته ٻين جو( جن امر خلافت ۾ دلچسپي ورتي ۽ علي عليه السلام کان ان جو حق کسيائون) فاسق يا ڪافر هجڻ لازم ايندو_لازمي آهي ته انهن جملن جي ظاهر جي ڪا تاويل ڪريون ته اهي جملا قران جي آيتن وانگر متشابهه آهن جن جي ظاهر کي اختيار نه ٿو ڪري سگهجي. (17)

ابن ابي الحديد خود علي عليه السلام جي افضل (سڀني کان وڌيڪ فضيلت وارو) ۽ اصلح (خلافت جي سڀني کان وڌيڪ صلاحيت رکڻ وارو) هجڻ جو قائل آهي، سندس نظر ۾ نهج البلاغه جا جملا ان ڪري تاويل جا محتاج نه آهن جو علي عليه السلام جي سڀني کان وڌيڪ حقدار هجڻ کي بيان ڪن ٿا، ليڪن (ٻئي لحاظ کان) سندس ئي نگاهه ۾ اهي جملا ان ڪري تاويل جا محتاج آهن جو انهن ۾ وضاحت سان چيو ويو آهي ته خلافت خاص علي عليه السلام جو حق آهي ۽ اهو ان وقت تائين تصور نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ کيس الله جي طرفان معين نه ڪيو هجي ۽ ان مسئلي تي نص موجود نه هجي.

(2) لياقت ۽ فضيلت

هن باري ۾ نهج البلاغه ۾ تمام گهڻي گفتگو ڪئي وئي آهي حضرت علي عليه السلام خطبه شقشقيه ۾ فرمائي ٿو:

اَماوالله...اِلَيّ الطّيرِ.(18)

ترجمو: خدا جو قسم! ابو قحافه جي پٽ خلافت جو پهراڻ پائي ورتو، حالانڪه منهنجي متعلق هن کي چڱي طرح خبر هئي، ته خلافت ۾ منهنجو اهو مقام آهي جيڪو جنڊ ۾ ڪير جو هوندو آهي، آءُ اهو (بلند ۽ بالا پهاڙ) آهيان، جنهن تان علم جي سيلاب جو پاڻي وهي هيٺ ڪرندو آهي. ۽ مون تائين (منهنجي منزلت تائين) ڪو به پکي پر نه ٿو هڻي سگهي.

حضرت علي عليه السلام 197 خطبي ۾ پنهنجا فضائل ۽ پنهنجو مقام (جيئن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو مطيع هجڻ ۽ ان تي ايمان رکڻ جو مقام) ۽ پنهنجيون فداڪاريون بيان ڪرڻ کان پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت وقت سندن سر مبارڪ پنهنجي جهولي ۾ هجڻ ۽ پنهنجي هٿن سان کيس غسل ڏيڻ جو احوال نقل ٿو ڪري. جڏهن ته ان ڪم ۾ فرشتن به سندن مدد پئي ڪئي ۽ پاڻ انهن جو زمزمو ٻڌائون ۽ محسوس پئي ڪيائون ته ڪهڙي طرح (فرشتن جو) هڪ ٽولو آيو پئي ۽ هڪ ويو پئي ۽ انهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تي درود پئي موڪليو. مولا ان وقت هن طرح نتيجو ٿا ڪڍن ته: فَمَن ذا اَحَقُّ به منّي حيّا وَ ميّتا، ته پوءِ هاڻي سندن زندگي ۾ ۽ سندن رحلت کان پوءِ مون کان وڌيڪ ڪير سندن حقدار ٿي سگهي ٿو؟

(3) نسبي ويجهڙائپ

انصار  جي مقابلي ۾ قريش جو اهو دليل هئو ته اهي ان وڻ جي (لام) ٽاري آهن، جنهن جي ٻي ٽاري رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آهي تنهن ڪري خلافت قريش جو حق آهي انصار جو نه. حضرت علي عليه السلام ان باري ۾ فرمائن ٿا:

احتجّوا بالشجره وَ اَضاعوا الثمرة (19)

ترجمو: انهن شجري جي هڪ هجڻ جو دليل ته پيش ڪيو پر ان جي ميون کي ضايع ۽ برباد ڪيو

هن فرمان مان مراد اها آهي ته اگر نسب ۽ نسبت لاءِ شجرو معتبر آهي ته ٻيا ان وڻ جي ٽار آهن جنهن جي هڪ ٽار پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آهي، ليڪن سندن اهل بيت عليهم السلام ته ان ٽار جو ميوو آهن.

ٻي جاءِ تي به فرمايائون ته:

امّا الاستبداد علينا بهذا المقام ونحن الاعلون نسبا، والاشدّون  برسول الله صلّى الله عليه وآله نوطا. (20)

(هنن ماڻهن جو) انهي منصب (خلافت) تي خود اختياري سان ڄمي وڃڻ ، باوجود ان ڳالهه جي، ته اسين نسب جي اعتبار کان نهايت بلند هئاسون ۽ اسان جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان قرابت جو رشتو به قوي هئو، اها هنن جي خود غرضي هئي.

حضرت علي عليه السلام جو نسب جي ذريعي استدلال ڪرڻ هڪ قسم جو منطقي جدل آهي، ان ڳالهه جي طرف نظر ڪندي ته ٻين نسبي مٽي مائٽي ۽ قرابت کي معيار قرار پئي ڏنو، علي عليه السلام پئي فرمايو: اگر ٻين سڀني شين جيئن نص، قابليت ۽ افضليت کي ڇڏي به ڏجي ۽ فقط ان قرابت ۽ نسب کي جنهن کي ٻين دليل طور پيش ڪيو آهي معيار قرار ڏجي تڏهن به خلافت جي دعويدارن کان وڌيڪ حقدار آءُ آهيان.

حضرت علي عليه السلام جي خاموش رهڻ ۽ حڪومتي مشينري جي مدد ڪرڻ جا دليل.

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ وارن واقعن ۾ حضرت علي عليه السلام پنهنجي خاموشي جا ڪجهه دليل بيان ڪيا آهن جن تي مختصر طور نگاهه ٿا وجهون.

(1) اسلامي وحدت ۽ ايڪي جي حفاظت.

حضرت علي عليه السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ واري حڪومتي دور ۾ پنهنجي مخالفن سان ڀيٽ ٿو ڪري ۽ چئي ٿو آءُ مسلمانن جي درميان اختلاف پيدا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجي مسلم ۽ قطعي حق تان هٿ کڻان ٿو ۽ ان جي باوجود جو انهن (غاصبن) وڏي شوق سان منهنجي بيعت ڪئي ليڪن مسمانن جي درميان اختلاف پيدا ٿيڻ جي پرواهه ڪرڻ بغير پنهنجي بيعت ٽوڙي ڇڏيائون.

وَ ايم الله لو لا مخافة الفرقة بين المسلمين و ان يعود الکفر و يبور الدين لکنا على غير ما کنّا لهم عليه. خدا جو قسم! اگر مسلمانن جي درميان تفرقي ۽ ڪفر جي طرف موٽي وڃڻ ۽ دين جي تباهي جو خوف نه هجي ها ته اسان جو انهن سان رويو ۽ طريقو مٽيل هجي ها.

حضرت علي عليه السلام ان وقت طلحه ۽ زبير جي باري ۾ گفتگو جاري رکي ۽ فرمايو: هنن ٻن ڄڻن منهنجي بيعت ڪئي ليڪن بعد ۾ پنهنجي بيعت جي مخالفت ڪيائون، اهي بيبي عائشه کي پاڻ سان گڏ بصري وٺي ويا تا ڪه توهان مسلمانن جي جماعت کي ٽولن ٽولن ۾ ورهائين. (21)

(2) اسلام جي حفاظت.

حضرت علي عليه السلام اسلام جي حفاظت لاءِ جيڪو ٻيو دليل ذڪر ڪري ٿو اهو آهي مرتدن ۽ مشرڪن جي مقابلي ۾ اسلام جي حفاظت.

فرايت ان الصبر على ذالک افضل من تفريق کلمة المسلمين و سفک دمائهم والناس حديثو عهد بالاسلام والدين يمخض مخض الوطب يفسده ادنى وطن و يعکسه اقل خلف.

مون ڏٺو ته مسلمانن جي درميان اختلاف پيدا ٿيڻ ۽ انهن جي خون وهڻ کان صبر ڪرڻ بهتر آهي ماڻهو تازا مسلمان آهن ۽ دين ٽيڪ ڏنل (مشڪ ۽) گلي وانگر آهي ننڍڙي سستي به ان کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ ننڍڙي خطا ۽ غلطي ان کي خراب ڪري ڇڏيندي.

ان وقت حضرت علي عليه السلام فرمايو: طلحه ۽ زبير کي ڇا ٿيو آهي؟ سٺو ٿئي ها جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال يا چند مهينا صبر ڪن ها منهنجي حڪومت کي ڏسن ها، ان وقت پروگرام ٺاهن ها، ليڪن اهي برداشت نه ڪري سگهيا ۽ منهنجي خلاف بغاوت ڪيائون، ۽ جنهن امر (خلافت) جو الله تعالى انهن کي حقدار نه بڻايو هئو ان امر ۾ مون سان ڇڪتاڻ ڪيائون. (22)

ابن ابي الحديد خطبه شقشقيه جي شرح ۾ نقل ڪري ٿو ته: ان ڪري جو عباس شورى واري واقعي جي شرح کان واقف هئو، تنهن ڪري حضرت علي عليه السلام کي عرض ڪيائين ته جلسي ۾ شرڪت نه ڪريو. حضرت علي عليه السلام ان جي باوجود جو نتيجي جي لحاظ کان عباس جي نظرئي جي تائيد پئي ڪيائون، ان جي مشوري کي قبول نه ڪيائون ۽ فرمايائون:

انّي اکره الخلاف:

آءُ اختلاف کي پسند نه ٿو ڪريان.

عباس به چيو:

اّن تَرى ما تکره“

ان بناءَ تي ان شي جي سامهون ٿيندو جنهن کي پسند نه ٿا ڪريو. (23)

مرحوم مجلسي بحار الانوار ۾ فرمائن ٿا: ابو لهب جي پٽن منجهان هڪ حضرت علي عليه السلام جي حق تي هجڻ ۽ سندن فضيلت تي مشتمل شعر پڙهيا _جيڪي حقيقت ۾ هڪ قسم جو شعار ۽ تحريڪ ڏياريندڙ هئا. حضرت علي عليه السلام ان کي روڪيو ۽ فرمايو:

سلامة الدين احب الينا من غيره (24)

اسان لاءِ اسلام جي سلامتي (۽ اهو ته اسلام جي بنياد باقي رهي) هر ٻئي شي کان وڌيڪ (اهم ۽) محبوب آهي.

پنهنجي آزمائش (پاڻ کي آزمائڻ)

(1) نهج البلاغه ۾ جيڪي مسئلا اهل بيت عليهم السلام جي باري ۾ موجود آهن ڪيترن حصن ۾ تقسيم ٿين ٿا؟ بيان ڪريو.

(2) اهل بيت عليهم السلام جي علمي ۽ معنوي مقام کي نهج البلاغه جي روشني ۾ واضح ڪريو؟

(3) ائمه عليهم السلام جي امامت ۽ رهبري کي نهج البلاغه منجهان بيان ڪريو؟

(4) حضرت علي عليه السلام پنهنجي سڀني کان وڌيڪ حقدار هجڻ لاءِ ڪهڙا دليل بيان ڪيا آهن؟

...............................................

حوالا

  1. جڏهن ”اهل بيت“ عليهم السلام جي تعبير مطلق ۽ بغير ڪنهن قيد جي استعمال ٿئي ته چوڏهن معصومن عليهم السلام کي شامل هوندي ۽ جڏهن چيو وڃي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جا اهل بيت ته مراد بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها ۽ امام آهن. اها عبارت قرآن ۽ سنت نبوي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ورجائي وئي آهي ۽ انهن لاءِ ڪجهه خصوصيتون ۽ صفتون بيان ڪيون ويون آهن ۽ انهن متعلق امت تي تمام اهم ۽ گهڻيون ذميواريون بيان ڪيون ويون آهن. وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو: ڪتاب عاملي، جعفر مرتضى، اهل البيت عليهم السلام في آية التطهير.
  2. استاد سيد عبدالعزيز طباطبائي پنهنجي ڪتاب اهل البيت في المڪتبة العربية ۾ مختلف فرقن جي مفڪرن ۽ عالمن طرفان اهل بيت عليهم السلام جي باري ۾ لکيل سوين ڪتابن جي معرفي ڪئي آهي.
  3. جعفري محمد تقي، خلاصه ترجمه و تفسير نهج البلاغه، ص69، 1379 ش
  4. نهج البلاغه، خطبو 127
  5. نهج البلاغه، خطبه2

6. نهج البلاغه خطبه9

7. نهج البلاغه، خطبه144

8. نهج البلاغه، ص152.

9. ساڳيو

10. نهج البلاغه خطبه236

11. نهج البلاغه حڪمت 147.

12. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ اسلامي خلافت سان لاڳاپيل جيڪي ڳالهيون نهج البلاغه ۾ذڪر ٿيون آهن انهن منجهان اڪثر (خاص حالات جي ڪري) حضرت علي عليه السلام سان منسلڪ آهن، ليڪن وصي ۽ خليفو هجڻ جو مسئلو حضرت علي عليه السلام جي ذات سان مخصوص نه آهي، آخري پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي جانشينن جي نالن جي وضاحت ڪئي آهي. ان باري ۾ ڏسو: شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمة،ص168، قندوزي حنفي، ينابيع الموده لذوي القربى، ص494_495.

13. نهج البلاغه خطبو 6.

14. نهج البلاغه خطبو 172

15. ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه،ج9،ص305.

16. نهج البلاغه خطبه 170

17. ابن ابي الحديد شرح نهج البلاغه، ص 307

18. نهج البلاغه خطبو 3

19. نهج البلاغه خطبو 65.

20. نهج البلاغه خطبو 162

21. ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه،ج1،ص307

22. ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه، ج1 ،ص 308

23. ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه ،ج1، ص191

24. علامه مجلسي، بحارالانوار، ج28،ص352_353

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found