جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

رهبر معظم خامنه اي ، امام خميني رحمة الله عليه جي نظر ۾

آقاي خامنه اي اها نعمت آهي جيڪا پالڻهار اسان کي عطا ڪئي آهي جيڪو اسلام ۽ اسلامي احڪامن جي پابند ماڻهن ۽ سڄڻن منجھان، اهڙا ناياب ماڻهو آهي جيڪو چٽي سج وانگر روشن آهي. سندس دعوت جو آواز جهان ۾ اثرائتو آهي  مان پاڻ آقاي خامنه اي کي وڏو ڪيو آهي.[1]

(هو اهڙو انسان آهي) جنهن جي دعوت جو آواز نيڪي ۽ ڀلائي سان مسلمانن جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي.[2]

هو پابند، اسلام جي سڌي واٽ لاءِ مقابلو ڪندڙ ۽ دين ۽ سياست کان آگاه آهي.[3]

هو سج وانگر روشني ڏيندڙ آهي، مان ساڻس انقلاب کان ڪيترائي سال پهريان ويجھڙائي وارو رابطو رکان ٿو  ۽ خدا جو شڪر جو اهو رابطو اڃان برقرار آهي ، مان  کيس جھموري اسلامي ايران جي بازوئن جي طاقت ٿو سمجھان ۽ توهان کي پنهنجي اهڙي ڀاءُ وانگر جيڪو فقهي مسئلن کان آگاھ ۽ ان جو پابند آهي  ۽ فقهي نظرئي ۾ به ولايت مطلقه فقيه جي طرفداري ڪندڙ آهي، ڄاڻان ٿو . اسلام جي پابند ۽ ان تي عمل ڪندڙ دوستن ۽ اسلامي نظريات کي بيان ڪرڻ ۾ توهان انهن ٿورڙن ماڻهن منجھان آهيو جيڪي سج وانگر روشني ڏيندڙ آهيو.[4]

انشاءَ الله تعالى پالڻهار اوهان کي ۽ اوهان جهڙن انسانن کي جيڪي اسلام جي خدمت کان علاوه ڪا به سوچ نٿا رکو پنهنجي پناھ ۾ رکي.[5]

هو پالڻهار جي طرفان مليل نعمت آهي اگر توهان تلاش ڪريو ته سڄي دنيا جي صدرن ۽ سربراهن يا انهن جهڙن انسان ۾  هڪ ماڻهو به آقاي خامنه اي جهڙو ڳولهيو جيڪو اسلام جو پابند  ۽ خدمتگذار هجي ۽ سندس دلي خواهش اها هجي ته هن قوم جي خدمت ڪري، تڏهن به پيدا نه ڪري سگھندو ، مان کيس وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو،  انقلاب جي شروعات  زماني کان وٺي هو وارد هيو  ۽ پيغام پهچائڻ لاءِ اطراف ۾ ويندو هيو ، ۽ انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ به هو سڀني جائن تي حاضر ۽ موجود هوندو هيو ۽ آخر تائين ۽ هاڻي به موجود آهي هو هڪ نعمت آهي جيڪا پالڻهار اسان کي عطا ڪئي آهي.[6]

اي پيارا خامنه اي! مان توهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جو جنگ جي ميدان ۾ جنگي لباس سان  ۽ ان کان بعد عالمن جي لباس ۾ هن مظلوم ملت جي خدمت ڪري رهيا آهيو، پالڻهار کان توهان جي سلامتي  کي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ طلبگار آهيان.[7]

پالڻهار توهان کي پنهنجي پناھ ۾ حفاظت فرمائي، اسان پنهنجي رب جي بارگاھ ۽ سندس بر حق ولي حضرت بقية الله ارواحنا فداه جي بارگاھ ۾ فخر ٿا ڪريون اهڙن مجاهدن تي  جيڪي جنگي ميدانن ۾ رات جو عبادت جي محراب ۾  الله جي راھ ۾ جهاد ڪندي مصروف ٿا رهن.

اي پيارا خامنه اي! مان توهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جو جنگ جي ميدان ۾ جنگي لباس سان  ۽ ان کان بعد عالمن جي لباس ۾ هن مظلوم ملت جي خدمت ڪري رهيا آهيو، پالڻهار کان توهان جي سلامتي  کي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ طلبگار آهيان.[8]

 

[1] : صحيفه نور ، جلد 15 صفحو 139

[2] : صحيفه نور ، جلد 15 صفحو 41

[3] : صحيفه نور ، جلد 15 صفحو 179

[4] : صحيفه نور ، جلد 15 صفحو 173

[5] : صحيفه نور ، جلد 20 صفحو 171

[6] : صحيفه نور ، جلد 17 صفحو 170

[7] : صحيفه نور ، جلد 14 صفحو 504

[8] : صحيفه نور ، جلد 15 صفحو 41

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found