جمع, 16 نومبر 2018 - Fri 11 16 2018

Menu

رهبر معظم جو درس اخلاق

سنڌيڪار: مولانا غلام قاسم تسنيمي 

نئين تعليمي سال جي شروعات ۾، طالب علمن کي نصيحتون

بسم الله الرحمن الرحيم 

والصّلاة والسّلام على سيّدنا محمّد و آله الطاّهرين و لعنةاللَّه على اعدائهم اجمعين.

شروع ۾ پنهنجي عادت ۽ معمول مطابق هڪ حديث پڙهون ٿا، ته جيئن اهل بيت عليهم السلام جي تعليمات وسيلي بابرڪت ٿي سگهون.

يا علي إن من اليقين أن ... لا تحمد أحدا بما آتاك الله ولا تذم أحدا على ما لم يؤتك الله، فإن الرزق لا يجره حرص حريص ولا تصرفه كراهة كاره، إن الله بحكمه وفضله جعل الروح والفرح في اليقين والرضا، وجعل الهم والحزن في الشك والسخط.(1)

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم، امير المومنين عليه السلام کي نصيحت ڪندي فرمائن ٿا ته: اي علي! يقين جي درجن مان هڪ درجو هي آهي ته جيڪا نعمت تو کي خدا عطا ڪئي آهي، ان ۾ ڪنهن ٻئي کي منعم (نعمت ڏيڻ وارو) نه سمجھ، ۽ ڪنهن ٻئي جي ساراھ نه ڪر! ۽ جيڪا شي خدا تو کان روڪي ڇڏي آهي ۽ تو کي نه ڏني آهي، ان جي ڪوتاهي ڪنهن ٻئي جي مٿي تي نه اڇل، جيڪا شي خدا تو کي عطا نه ڪئي آهيان ۾ ڪنهن ٻئي جي مذمت (ملامت) نه ڪر! ڪنهن به حريص ۽ لالچي جو حرص ۽ لالچ روزيءَ کي ان ڏانهن نٿي آڻي سگهي. جهڙي نموني ڪنهن ناپسند ڪرڻ واري جي نفرت ڪنهن جي روزيءَ کي نٿي روڪي سگهي. بيشڪ الله سائين زندگيءَ جو سڪون، خوشحالي ۽ چين، يقين ۽ پنهنجي رضا ۾ رکيو آهي.  جيڪڏهن انسان پنهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ سڀني مشڪلاتن، اڻ وڻندڙ واقعن بابت شڪ، معنوي ٻڏتر ۽ اعتراض کان ٻاهر نڪري ڪري، رضا جي مقام تي پهتو ته الله سائين کيس سڪون ۽ اطمينان عطا ڪري ٿو. ان جي مقابلي ۾ الله سائين غم، ڏک ملال ۽ افسوس يا اهڙيون صفتون شڪ (يعني يقين جي ضد، ٻڏتري واري حالت) ۽ زندگيءَ جي حادثن بابت ناراضپي ۾ قرار ڏنيون آهن. اهڙي انسان کي جيڪڏهن الله سائين ڪا نيڪي به عطا ڪري تڏهن به ارهو ٿئي ٿو ته ان کان وڌيڪ ڇو نه ڏنائين. جيڪڏهن ڪا مدائي سندس نصيب ۾ آئي ته ناراض ٿئي ٿو ته اها ڇو سندس حصي ۾ آئي. سڪون ۽ چين لاءِ انسان کي يقين ۽ رضا جي ڳولا ڪرڻ گهرجي. ان بازار ۾ جيڪڏهن ڪو فائدي ۾ آهي ته خوشحال درويش آهي. پالڻهار اسان کي درويشي جي نعمت عطا فرما، البت اصطلاح واري درويشي مراد نه آهي.

اڄ پنهنجي فقهي بحث کي پيش ڪرڻ کان اڳ؛ ان مناسبت کي نظر ۾ رکندي ته اسان جي حوزه،  قم جي حوزن بلڪ سڄي ملڪ جي حوزن جي نئين سال جو پهريون ڏينهن آهي، ڀلو لڳي ٿو ته حوزه ۽ اسان طالب علمن کي پيش ايندڙ ڪجھ اهم مسئلن بابت چند جملا عرض ڪريان.

ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته دنيا ۾ دين جي جيتري اهميت وڌي ٿي، ان سان حوزن جي اهميت به وڌي ٿي. اڄڪلھ دين، عالمي توجهات جو مرڪز آهي. اڄڪلھ ڪيترن ئي سياستدانن، مفڪرن، اجتماعي علم جي ماهرن، ۽ عام ماڻهن خاص طور تي دنيا جي هر علائقي ۽ بالاخص اسلامي ملڪن مان نوجوانن جي توجهات جو مرڪز جيڪو دين آهي، اهو دين مقدس اسلام ۽ سندس پاڪ حڪم آهن. بيشڪ دنيا جي اميدن ۽ معمول جي برخلاف آخري هڪ ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪو اهم حادثو وجود ۾ آيو آهي، اهو هِن ملڪ ۾ دين ۽ اسلام جي ڪاميابي ۽ اسلامي نظام جو وجود ۾ اچڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلھ سموري دنيا ۾ دين تي ڪيل تحقيقات دين جي سياسي رخ کان جدا نه آهن. دين کي سندس سياسي تاثير کان الڳ ڪري نٿا ڏسن. دين سان مقابلو (يا ان جي مخالفت) به ان ئي بنياد تي آهي. جهڙي نموني دين ڏانهن متوجھ ٿيندڙ دليون، خاص طور تي اسلامي دنيا جي نئين نسل ۽ ٻين علائقن جا نوجوان اهڙي دين جي پويان نه آهن جيڪو سياسي ۽ اجتماعي تاثير نه رکندو هجي. 

اسان اڄڪلھ تقريبا سڄي دنيا جي  توجهات جو مرڪز آهيون، ائين به چئي سگهجي ٿو ته اسلام ۽ خاص طور تي اسلامي جمهوريه ايران انهن توجهات جو مرڪز آهن. شايد اوهان ٻڌو هوندو يا ڄاڻو ٿا ته سڄي دنيا ۽ خاص طور تي اهڙن ملڪن ۾ جيڪي اسلام ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان دوستانه تعلقات نه ٿا رکن، بين الاقوامي علمي ڪانفرنسون ان واقعي جي تحقيق لاءِ منعقد ٿين ٿيون. اهو عمل ان واقعي جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.

اسان اڄڪلھ ان عنوان سان ته علمي حوزن سان لاڳاپيل آهيون، اسان کي ان عالمي واقعي کي نظر ۾ رکندي اسلامي بحثن ۾ پنهنجي علمي طريقي ڪار بابت هڪ نئين فڪر، تحرڪ، جوش ۽ ولولي لاءِ سوچ ويچار ۽ رٿابندي جي ضرورت آهي. جڏهن اسان  مشاهدو ڪريون ٿا ته جنهن علم جي بنياد تي هي سياسي چرپر وجود ۾ آئي آهي، يعني اسلامي علم، اسلامي تعليمات، اسلامي فقھ، اسلامي ڪلام اڄڪلھ دنيا جي سياسي ۽ علمي محفلن ۾ توجهات جو مرڪز آهن ته اسان کي وڌيڪ سوچ ويچار ڪرڻو پوندو، وڌيڪ دقت ڪرڻي پوندي، پنهنجي ڪم جي اهميت جو هڪ عالم دين ۽ صاحب نظر جي عنوان سان نئين سر جائزو وٺڻو پوندو.

اڄڪلھ اهڙو دور نه آهي جو اسان دين جي نالي تي، يا دين جي زبان سان ڪا اهڙي ڳالھ ڪريون جيڪا پخته نه هجي، يا ڪو اهڙو مقصد نظر ۾ رکون جيڪو اسلامي تعليمات مان ثابت نه ڪري سگهون، يا ان جي مقابلي ۾ دين جي اهم مقصدن يا فقھ ۽ ڪلام جي اهم مسئلن کان لاپرواھ ٿي وڃون. ڪا ضرورت نه آهي ته هن نئين رستي لاءِ اسان علمي غيرت کي ڇڏي ڪري ڪنهن ٻئي شي جو سهارو وٺون. اسان جيڪڏهن ان مقدار جيتري، جيڪا هر عالم پنهنجي مطلوب ۽ پسنديدھ علم بابت مهارت (۽ عالمانه لاڙو) رکندو  آهي، اسلامي بحثن بابت (عقيدي، ايمان ۽ ديني ذميواري جي احساس کي ڇڏي ڪري رڳو) عالمانه غيرت، ۽ جنهن خاطر اهو علمي ڪم ڪري رهيا آهيون، ان سان لڳاءُ ۽ تعلق جو احساس ۽ مٿس يقيني عقيدو رکندا هجون ته اهو ڪافي آهي.

بغير ڪنهن شڪ جي ان توجهات ۽ علمي تحقيقات جو مرڪز علمي حوزه آهن، پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته جيڪي افراد حوزن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسلامي مسئلن بابت سوچ ويچار ڪرڻ جو حق نه آهي. بحث حق جو نه آهي، بحث هي آهي ته علمي حوزن کان ٻاهرين ماڻهن وٽ اهي وسائل ۽ اوزار  نه آهن. هر ڪنهن کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو حق آهي، پر ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخله وٺڻي پوندي، ائين نٿو ٿي سگهي ته اسان اهڙي جڳھ تي علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃون جتي نه استاد هجي، نه علم، نه ليبارٽري ۽ نه فن جا ڄاڻو هجن. دين کي سمجهڻ، دين تي سوچ ويچار ڪرڻ، ديني مسئلن تي علمي بحث ڪرڻ ۽ مهارت حاصل ڪرڻ جي جاءِ علمي حوزه آهن. علمي حوزن ۽ ماهر عالمن ڏانهن وڃڻو پوندو، انهن جي وسيلي ۽ سندن خدمت ۾ درخواست سان ئي علم حاصل ڪري سگهبو.

ان جي مقابلي ۾ علمي حوزن کي به جواب ڏيڻو پوندو، اڄڪلھ حوزن جي اهميت رڳو ان ۾ نه آهي ته دين جي تبليغ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪن ٿا، جيتوڻيڪ اهو به سندن اهم وظيفو ۽ ذميواري آهي، بلڪ ان کان وڌيڪ اهميت يا گهٽ ۾ گهٽ تبليغ جيتري اهميت، علمي، فني ۽ ديني تعليمات ۽ انهن جي بنيادن جي سکيا جي به آهي. ڀلي کڻي فقھ هجي يا ڪلام هجي، فلسفو هجي يا ٻيا اهي علم هجن، جن جي ضرورت آهي جيڪي ٻئي درجي جا علم آهن. تنهنڪري حوزن، ديني عالمن، ديني استادن، ديني علمن يا جن ڪمن لاءِ ديني طالب علم زحمت ۽ ڪاوش ڪن ٿا، انهن سڀني جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. البته ان حوالي سان ته ڪهڙن بحثن کي حوزه جي اصلي بحثن مان سمجهجي، اسان ڪيترائي ڀيرا مختلف مطالب عرض ڪيا آهن، هينئر وري عرض ڪريون ٿا: علمي حوزن جا اصلي موضوع ترتيب سان (هي آهن) پهريان فقھ آهي، پوءِ ڪلام آهي، ان کان پوءِ فلسفو آهي. فقھ، علمي حوزن جي پٺيءَ جو ڪنڊو يا ڪرنگهي جي هڏي آهي. علم ڪلام، حوزوي علمن جو پاوو آهي. فلسفو، حوزوي علمن جو لازمي جزءُ آهي. سٺن ۽ ڪارائتن استادن ۽ ڀلن ۽ صلاحيت وارن طالبعلمن کي اهي ٽئي علم حاصل ڪرڻ گهرجن. حوزن کي ان حوالي سان لڳاتار چستيءَ ۽  جوش جذبي سان حرڪت ڪرڻ گهرجي. پر وري به انهن کي ڪافي نٿو سمجهي سگهجي. اهي اصلي علم آهن، پر انهن سان گڏ ٻيا به ڪجھ علم آهن جن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. تفسير جي آشنائي هجڻ گهرجي. فقھ سان گڏ اصول جي جاءِ پنهنجي جڳھ تي محفوظ آهي جيڪو ان لاءِ لازمي مقدمو آهي. مختلف علمن کي جهڙوڪ حديث، رجال يا ٻيا اهڙا علم جيڪي ڪتاب ۽ سنت جي فهم سان لاڳاپيل آهن، حاصل ڪرڻو پوندو. انهن کان سواءِ دين جي تبليغ جي فن جي آگاهي به ضروري آهي.

اڄڪلھ تبليغ به هڪ علمي موضوع آهي، تعلقات ۽ رابطن جو علم، جنهن بابت اڄڪلھ دنيا جي يونيورسٽين ۾ گهڻو ڪم انجام ڏين ٿا، حقيقت ۾ تبليغي رابطن جي طريقي ڪار جو علم آهي. اسان وٽ مخاطبن سان رابطي جو هڪ رائج ۽ قديم طريقي ڪار آهي، جيڪو پنهنجي جڳھ تي ڀلو به آهي، پر ڪنهن به لحاظ کان ڪافي نه آهي. اها نصيحت ڪرڻ نٿو چاهيان ته طالب علمن کي رابطن جي علم (علمِ ارتباطات) جو دورو يا ڪورس ڪرڻ گهرجي، پر تاڪيد سان اها نصيحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته حوزه جي نصاب ٺاهڻ ۽ اصلي منصوبه بندي ڪرڻ وارن کي علم ارتباطات جي نتيجن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ڪمن لاءِ منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي. انهن علمن مان ايترو حصو، جنهن جي حوزه کي ضرورت آهي، انهن جي اختيار ۾ ڏيڻ گهرجي جيڪي تبليغ جي لاءِ منصوبه بندي ڪن ٿا يا نصاب جي جوڙ جڪ ڪن ٿا.

دنيا ۾ رائج فڪري نظرين بابت ڄاڻ به انهن شين منجهان آهي، جيڪي حوزه جي لاءِ لازمي ۽ ضروري آهن. ان کان سواءِ، اسان تبليغ لاءِ جيڪو به ارادو  ڪريون يا عمل ڪريون، اهو اطمينان نٿا ڪري سگهون ته صحيح انجام ڏنو آهي. جيڪڏهن پنهنجي مخاطبن جي چونڊ نه ڪريون، ۽ انهن بابت آگاهي نه هجي، مٿن غالب آيل فڪري نظرين جي ڄاڻ نه هجي ته ممڪن آهي ته ڪا اهڙي ڳالھ ڪريون جيڪا سندن دماغ ۾ هجي ئي نه، جنهن بابت هو سوال يا پڇا ڪرڻ ئي نٿا چاهن. مطلب ته بيڪار ڪم انجام ڏنوسين. مخاطبن کي سڃاڻڻ گهرجي، انهن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ڪجھ (مبلغ)، ڪجھ خاص ماڻهن سان رابطو برقرار ڪري سگهن، جڏهن ته ٻيا (مبلغ)، ڪجھ ٻين سان رابطو برقرار ڪري سگهن. مخاطبن جو انتخاب ڪرڻ گهرجي. حوزه علميه جي ذميوار افراد کي ان بابت سرگرمي ڪندي، چستي ڏيکاريندي منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي. مخاطبن، سندن سوالن ۽ مٿن غالب آيل فڪري نظرين کي ڄاڻڻ گهرجي. اڄڪلھ دنيا ۾ نوان اعتراض، نوان بحث ۽ نيون ڳالهيون ٻڌجن پيون ٿيون. جن مان ڪجھ علمي بنيادن يا علمي اعتراضن تي مشتمل آهن، هاڻ! جيڪو دين جي تبليغ ڪرڻ چاهي ٿو، دين جي نظرئي کي بيان ڪرڻ چاهي ٿو، يا دين جو دفاع ڪرڻ چاهي ٿو، جيتوڻيڪ هميشه دفاع ناهي هوندو بلڪ ڪڏهن وضاحت به هوندي آهي، ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا جون اهي نيون ڳالهيون يا نوان نظريه ڪهڙا آهن؟ حوزن لاءِ اها معلومات ضروري آهي.

البت طالب علمن کي دنيا جون زندھ ۽ رائج ٻوليون به سکڻ گهرجن، گهٽ ۾ گهٽ موجودھ دنيا جي هڪ زندھ زبان جي سکيا انهن شين منجهان آهي، جيڪي ديني طالب علمن لاءِ ضروري آهن. ۽ ڪم لاءِ ضروري وسيلو آهن. اها به حوزن ۾ رائج ٿيڻ گهرجي. خوشقسمتي سان عام طور تي طالب علم جوان آهن، انهن ۾ زبان سکڻ جي سگھ (صلاحيت) تمام گهڻي آهي، حوزه ۾ ان ڪم کي رائج ٿيڻ گهرجي.

معنويت ۽ پاڪائي جو بحث به هڪ اهم بحث آهي. ٻين دعويدارن سان اسان جو فرق به ان مقدس هدف ۾ آهي. اسان چاهيون ٿا ته خدا لاءِ، خدا جي دين جي لاءِ، خدا جي راضپي لاءِ، خدا جي دين جي سربلندي جي لاءِ ڪوشش ڪريون. جڏهن کان درس پڙهڻ شروع ڪريون ٿا، يا تبليغ ڪريون ٿا، يا تدريس ڪريون ٿا، يا حوزه ۾ ڪو عهدو وٺون ٿا يا ٻاهر ڪا ذميواري پنهنجي ذمي کڻون ٿا، ڪا سرگرمي انجام ڏيون ٿا، سياسي سرگرمي هجي يا اجتماعي، يا ڪا علمي سرگرميءَ هجي، اسان جو مقصد اهو ئي هجڻ گهرجي. اها ئي شي اسان کي ڪامياب ڪري سگهي ٿي، اسان جي ڳالهين کي موثر بڻائي سگهي ٿي، ان کي پنهنجي لاءِ ضروري ۽ لازمي سمجهڻ گهرجي.

البت اڄ جڏهن مان اوهان سان مخاطب آهيان، انهن سڀني ميدانن ۾ خاص طور تي مبارڪ حوزه قم المقدسه ۾ گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي، اڄ جو گذريل ڪجھ سالن کان فاصلو، قابل توجھ فاصلو آهي، اخلاق جو درس آهي، تفسير جو ڀلو درس آهي، فلسفي جو ڀلو درس آهي، تبليغ آهي، علمي تخصصي رسالا آهن، اسان جن ڳالهين جي نصيحت ڪندا هئاسين. هڪ آرزو ۽ اميد جي عنوان سان بيان ڪندا هئاسين. اهي مرحليوار ۽ درجه بدرجه پوريون ٿي رهيون آهن. اها دليل آهي ته اسان جن شين کي اڄ آروز ۽ اميد جي عنوان سان پيش ڪري رهيا آهيون، اهي به ڪي اجايون يا نا ممڪن شيون نه آهن. بغير ڪنهن گهڻي خرچ جي، بغير ڪنهن گهڻي زحمت جي، ڪجھ همٿ ڪرڻ وارن جي همٿ سان اهي شيون عملي ٿي سگهن ٿيون. جهڙي نموني اڄڪلھ الله جي فضل سان پهرئين مرحلي ۾ قم يا ٻين حوزن ۾ مشاهدو ڪري رهيا آهيو ته اهي شيون عملي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن. جيڪي به وڏا ڪم، حوزه لاءِ ضروري سمجهون ٿا، اهي سڀ عمل ڪرڻ جوڳا آهن. شرط هي آهي ته مان ۽ اوهان همٿ ڪريون.

والسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته

فقھ جي درس خارج کان اڳ، درس اخلاق بتاريخ 28، 6، 1378. هجري شمسي.

حوالو

1ـ المحاسن، ص17.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found